سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 10

باب: --

صفحو :7

 

کل ته سهي

 

 

 

*شبير احمد شيخ، شڪارپور سنڌ.

مجيب: ادا، توهان جو والد ڪٿي آهي؟

نجيب: هو ڏهن مهينن کان جيل ۾ آهي.

مجيب: اهو وري ڪيئن؟

نجيب: هو جيلر آهي.

......   .......  ........

هڪ ٻار هڪ سپاهيءَ کان پڇيو ته ڇا تون ڊڄڻو آهين؟ سپاهي رعب مان چيو ته نه. ان تي ٻار چيو: ”پوءِ تون هر وقت پاڻ سان گڏ بندوق کڻي ڇو گهمندو آهين؟“

......   .......  ........

 

*گرمک داس ”ديوان“، ميرپوربٺورو.

جج: (جوابدار کي) تو هن کي پاڻيءَ ۾ زهر ملائي ڇو ڏنو هو؟

جوابدار:سائين، هن پاڻ چيو هو ته اهڙو پاڻي پيار جو ٿڌو ٿي وڃان.

......   .......  ........

 

*مير شمن سائين، محرابپور.

ڪنهن واڻئي جي گهر ۾ چور آيا. چورن جي آواز تي واڻيو جاڳي پيو ته چور وٺي ڀڳا. هڪ چور جيئن ڀِت ٽپي رهيو هو ته واڻئي جو هٿ سندس ڄنگهه ۾ پئجي ويو. چور سياڻپ ڪري واڻئي کي چيو ته ”ڇڏ ڇڏ ڦُرڙي ڏکائي ڇڏيئي.“ واڻئي چيس ته ”ڦُرڙيون اٿوَ ته پوءِ اچو ڇو ٿا؟“

......   .......  ........

 

*غلام حيدر هاشماڻي، شڪارپور سنڌ.

 پهريون شخص: ادا، توکي ڇا سڏيندا آهن؟

ٻيو شخص: ڀائو مون کي ڪمپائونڊر چوندا آهن.

پهريون شخص: ڪم پائونڊر؟

ٻيو شخص: ها، ڪمپائونڊر.

پهريون شخص: ڇو ڀلا؟ ادا تون ٿورو پائونڊر استعمال ڪندو آهين ڇا؟

......   .......  ........

 

*عبدالعزيز رنگريز، ميرپوربٺورو.

اختر: بابا، سج اوڀر کان اڀرندو آهي نه؟

پيءُ: ها پٽ، اها به ڪا پڇڻ جي ڳالهه آهي.

اختر: بابا، اسلم ٿو چوي ته اولهه کان اڀرندو آهي.

پيءُ: هن کي سياستدان ٿيڻو آهي.

......   .......  ........

 

*قادر بخش ”فياض“، ميرپوربٺورو.

مريض: ڊاڪٽر صاحب، منهنجو آپريشن خيال سان ڪجو، ڇاڪاڻ ته هي منهنجو پهريون آپريشن آهي.

ڊاڪٽر: اصل کُٽڪوئي نه ڪر، منهنجو به هي پهريون آپريشن آهي.

......   .......  ........

 

*ميمونه بنت شمس الدين عرساڻي.

دوست: ڇا هُن ڇوڪريءَ توسان شادي ڪانه ڪئي؟

نوجوان: نه!

دوست: ڇو، تو کيس اهو ڪونه ٻڌايو ته تنهنجو چاچو ڪروڙپتي آهي.

نوجوان: ها، اهو ٻاڌيومانس، نتيجو اهو نڪتو جو هاڻي هوءَ منهنجي چاچي آهي.

......   .......  ........

بشير: سائين مهرباني ڪري هيءَ حساب ته سمجهايو.

 استاد:هيءَ حساب ته اهڙو سٺو آهي جو ڪنهن گڏهه کان پڇين ها ته اهو به توکي ٻڌائي سگهي ها.

بشير: سائين، تڏهن ته آءُ توهان کان پڇي رهيو آهيان.

......   .......  ........

ماءُ: پنهنجي دشمن جو نالو ڪڏهن به وات سان نه وٺجي.

پُٽ: ها ته هاڻي مون کي خبر پيئي، ته تون بابا جو نالو ڇو نه وٺندي آهين!

......   .......  ........

 

*ممتاز علي ”قمر“

نوڪر: (مالڪ کي) سائين! ڪڪر اچي ويا آهن؟

مالڪ: چڱو ٻاهر بيهارين!

نوڪر: سائين! ڪڪر ٻاهر نه بيهندا آهن.

مالڪ: اگر وڏا ماڻهو آهن ته پوءِ ڪرسين تي ويهارين!

......   .......  ........

استاد: انصاف ڪڏهن ٿيندو.

شاگرد: سائين، قيامت جي پهرئين هفتي ۾!

......   .......  ........

 

*شهزادو عبدالعزيز جتوئي، تلهار

هڪ ڪاٺين وارو گڏهه تي ڪاٺيون کڻي بازار ۾ وڪڻڻ لاءِ وڃي رهيو هو. شهر ويجهو گڏهه ٿڪجي بيهي رهيو، تنهن تي هو گڏهه کي مارڻ لڳو. اتي ڪجهه ماڻهو بيٺا هئا، انهن چيس: ”اڙي، توکي شرم ڪونه ٿو اچي تون هن ويچاري جانور کي ڇو ٿومارين؟“ اتي هن لٺ کڻي اڇلائي ۽ گڏهه جي پيرن تي ڪِري پيو ۽ هٿ ٻڌي عرض ڪرڻ لڳو ته ”مهرباني ڪري مون کي معاف ڪر. مون کي خبر ڪونه هئي ته تنهنجا مائٽ بيٺا آهن!“

......   .......  ........

 

*اعجاز علي ٽالپر، ٽنڊو جان محمد.

هڪڙا ٻه ڄٽ واٽ وٺيو پئي ويا. هڪڙي جي هٿ ۾ ريڊيو هو، جنهن ۾ ان وقت هڪ تمام سٺو گانو وڄي رهيو هو. هڪڙي چيو ”يار، ريڊيو بند ڪري ڇڏ. اجايو گانو ختم ٿي ويندو، گهر هلي ٻڌنداسين.“

......   .......  ........

 

*محمد انور ڪوٽائي ”ناز“ بٺورو.

ڊرائيور: (ڪراڙي کي) مون کي ڏاڍو افسوس آهي جو تنهنجي ٻِلي منهنجي موٽر جي هيٺان اچي مري ويئي. ڀلا ٻُڌاءِ آءُ تنهنجي ڪهڙي خدمت ڪري سگهان ٿو؟

ڪراڙو: خدمت لاءِ ته جلدي تيار ٿي بيٺين. ڀلا ٻُڌاءِ ته ڪُئا پڪڙي سگهندين.

......   .......  ........

هڪ ماڻهوءَ جي ڪپڙن کي اچي باهه لڳي ۽ هو تلاءُ ڏانهن ڊوڙڻ لڳو.

پٺيان هڪ ماڻهو سڏ ڪري چيو ته ”ادا، ٿورو ترس ته آءُ سگريٽ دکائي وٺان.“

 

* الطاف احمد ميمڻ لاکائي، دڙو

مڙس: هن ڊرائيور کي هاڻي نوڪريءَ ۾ نه رکبو.

زال: آخر ڏوهه ڪهڙو ڪيو اٿس؟

مڙس: ٽي دفعا ايڪسيڊنٽ ڪيو اٿس، مرندي مرندي بچيو آهيان.

زال: اڃا هڪ دفعو چانس ڏيوس.

......   .......  ........

جج: ٻن منٽن کانپوءِ توکي باهه ۾ ساڙيو ويندو، ڪا آخري خواهش هجئي ته ٻڌائي؟

چور: سائين منهنجي آخري خواهش آهي ته جلد از جلد فائر برگيڊ کي گهرايو وڃي.

......   .......  ........

 

*تراب علي سومرو ”تراب“، شڪارپور

هڪ ڇوڪرو: مون کي ڪئلينڊر گهرجي.

دڪاندار: ڪهڙو ڪئلينڊر وٺن گهرين ٿو؟

ڇوڪرو: جنهن ۾ اسڪول جون موڪلون گهڻيون هجن.

......   .......  ........

 

*اسحاق انصاري، لاڙڪاڻو

ماءُ؛ (ريل جي دٻي ۾) چپ ڪري ويهه نه ته مارينديسانءِ.

ٻار: جيڪڏهن تو ماريو ته مان ٽڪيٽ چيڪر کي پنهنجي صحيح عمر ٻڌائيندس.

......     .......    ........

 

*فريد احمد ڀٽي، سکر

هڪڙو شاگرد جڏهن ولايت مان پڙهي وطن واپس آيو ۽ جڏهن هوائي اڏي تي هن سان هن جو پيءُ مليو ته ان کان پڇيائين: ”هلو ڊيڊي، تنهنجي وائيف جو ڇا حال آهي؟“

......   .......  ........

پيءُ: حميد ڇا پيو ڪرين؟

حميد: بابا، دوست ڏي خط ٿو لکان.

پيءُ: اڙي توکي لکڻ ته ڪونه ايندو آهي؟

حميد: بابا، منهنجي دوست کي وري پڙهڻ به ڪونه ايندو آهي.

......   .......  ........

 

* محمد اسحاق کٽي، ميرپوربٺورو.

هڪ شخص کي رستي ۾ ڌاڙيلن گولي هنئي جا هن کي ڀِرن وٽ لڳي ۽ ويچارو مري ويو. جڏهن جنازو سندس گهر کڻي ويا، تڏهن ان جي ماءُ ڏسي خدا جو شڪرانو ادا ڪيو ۽ چيائين ته ”گولي ٿورو هيٺ اک ۾ لڳي ها ته منهنجو پٽ ڪاڻو ٿي پوي ها. اک سلامت رهي جان سلامت نه رهي ته فڪر نه آهي.“

 

*اعجاز احمد ميمڻ لاکائي، دڙو

صالح: آئون رات خواب ۾ چنڊ تي ويو هوس.

عمر: پوءِ اتي تو ڇا ڏٺو؟

صالح: مون کي ڏسڻ ۾ ڪجهه به نه آيوم، ڇو جو نظر جي عينڪ لاهي ستو هوس.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com