سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 10

باب: --

صفحو :9

 

سلام ۽ سنيها

 

 

جناب ايڊيٽر صاحب،

جيئي جيجل سنڌ پيارا ادا، هن رس ڀريل رسالي جي تعريف ته گهڻي وقت کان ٻڌندو هوس. پر هن ڀيري جولاءِ 1974ع وارو پرچو پڙهيم. ادا، رسالي جي پڙهڻ سان جيڪا روحاني ۽ دلي خوشي مون کي پهتي آهي،  ان کي ڪهڙن لفظن ۾ لِکان ۽ منهنجي دلي خوشيءَ مون کي ڪاغذ ۽ قلم هَٿ ۾ کڻڻ لاءِ مجبور ڪيو ۽ انشاء الله هاڻي مستقل طور تي هن رسالي جو ميمبر رهندس.

اهو ڏسي ڪري بيحد خوشي ٿي ته سنڌ جا ٻارڙا وڏي قرب ۽ پيار مان رسالي کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ڪوششمند آهن.

 

ادا،  ڪجهه تجويزون آهن، جيڪي پيش خدمت ڪريان ٿو.

1.رسالي ۾ هر مهيني ڪونه ڪو عنوان (Topic) ڏيئي ٻارن کان سندن خيالات ۽ نظريا معلوم ڪرڻ گهرجن. ”باقاعده چٽاڀيٽي“ ڪرائي وڃي، جنهن ڪري اسان ٻارڙن ۾ ننڍي عمر ۾ ئي مضمون نويسيءَ جو جذبو  پيدا ٿيندو ۽ اسان وڏا ٿي ملڪ ۽ قوم جا صحيح خادم بنجي سگهون.

2. ”عام معلومات“ جي موضوع تي، دنيا جي عجيب و غريب ڳالهين کان واقف ڪيو وڃي.

3. ادا، جيئن ته هي سائنسي دور آهي، تنهن ڪري سائنس جي ترقيءَ کان به اسان کي واقف ڪرڻ ضروري آهي.

4. ”قديم سنڌ“ جي عنوان هيٺ ڪالم شايع ڪرڻ به ضروري آهي. آخر ۾ اميد ڪريان ٿو ته منهنجي تجويزن تي غور ڪيو ويندو.

 

عزيز الرحمان سومرو

(ادڙا، رسالي کي پسند ڪرڻ لاءِ مهرباني. پهرئين تجويز تي اسان اڳ ۾ ئي  عمل ڪيو آهي ۽ گذريل مهيني ٻارن کي هڪ عنوان ڏنو هوسين، پر افسوس جو ٿورن ٻارن حصو ورتو. عام معلومات ۽ سائنسي مضمون ته شايع ڪندا رهندا آهيون.

 

-ايڊيٽر)

محترم ايڊيٽر صاحب!

”گل ڦل“ نظر کان گذريو. بيحد پسند آيو. هي رسالو پهريون ئي ڀيرو حاصل ٿيو آهي، جنهن خط لکڻ تي مجبور ڪيو.

رسالي خريد ڪرڻ کانپوءِ اهو معلوم ٿيو ته هي رسالو ڪافي عرصي کان هلندڙ آهي. پوءِ ته ڏاڍو پڇتايم ته ايترو وقت شايد ڪنهن اونداهي ۾ ڦاٿل هئس.

ادا، جيڪڏهن ڪا ڪهاڻي يا افسانو موڪلجي ته شايع ڪندا؟ رسالي لاءِ هڪ راءِ پيش نظر رکان ٿو. اميد ته عمل ۾ ايندي. راءِ اها آهي ته ٻارڙن جي تعارف سان گڏ سندن تصويرون به شايع ٿيڻ گهرجن.

 

مقبول احمد ميمڻ، پاٽ شريف.

(ادا، تون ڪهاڻي موڪل، جيڪڏهن سٺي هوندي ته ڇو نه شايع ٿيندي. تعارف سان گڏ تصويرون شايع ڪبيون ته گهڻا صفحا ولارجي ويندا ۽ ٻيو مواد نه اچي سگهندو.

 

-ايڊيٽر)

پيارا ادا شوڪت حسين.

دل ته نه پئي چاهيو ته توهان ڏي خط لِکان، ڇاڪاڻ ته توهان منهنجي هڪ به خط جو جواب نه ڏنو آهي ۽ مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو پر ننڍڙي رسالي ”گل ڦل“ خط لکڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي. هيءَ هڪ سٺو رسالو آهي. هن رسالي ۾ سڀ ڳالهيون پسند آيون. خاص ڪري ”سالگره جو تحفو“ ۽ ”صحبت جو اثر“ ڏاڍو وڻيو. جيڪڏهن مان توهان ڏي ڪهاڻي موڪليان ته اها شايع ڪندا؟ انهيءَ کانسواءِ آءُ اوهان ڏي قلمي دوستيءَ لاءِ ائڊريس ۽ هڪ لطيفو موڪليان پيو، اميد ته ايندڙ رسالي ۾ شايع ڪندا.

اوهان جو ڀاءُ

”پروانو“ محمد بچل قريشي، نصرپور.

 

(ڀائڙا، تون بيپرواهه مواد موڪلي ڏيندو ڪر، ان لاءِ پڇڻ جي ضرورت ڪانهي. سٺو هوندو ته ضرور شايع ڪنداسين. هاڻي ته توکي پنهنجي خط جو جواب مليو نه! بس ڪاوڙ ختم.

 

-ايڊيٽر)

جناب انچارج صاحب

السلام عليڪم:

عرض ته مان هڪ ڪهاڻي ”سٺوبال“ نالي سان موڪلي رهيو آهيان. هيءَ منهنجي پهرين ڪهاڻي آهي. اميد ته اوهان منهنجي ڪهاڻي ايندڙ رسالي ۾  شايع ڪندا.

 

محمد شعبان نوناري شڪارپور، روڊ ڪنڌڪوٽ سنڌ.

(ادا، جيڪڏهن ڪا ٻي ڪهاڻي لکي موڪلين ته سٺو.)

پيارا ڀاءُ شوڪت حسين

جيئي سنڌ:

گل ڦل هر مهيني پڙهندو رهندو آهيان. هن مهيني خنجر، چالاڪ سهو، بهادر ٻڪري ۽ ٻيون ڪهاڻيون پسند آيون.

آئون مسٽر محمد جمن چانڊئي جي ان راءِ سان متفق آهيان ته ادب چور ٻارن کي ڪا سزا ڏيو.

مون توهان جي رسالي لاءِ هڪ ڪهاڻي اڳيئي  موڪلي هئي. جيڪا ترجمو ٿيل هئي. ”عقل ۽ طاقت جو مقابلو“ پر افسوس جو اڃا تائين شايع نه ڪئي اٿو. ڇا انهيءَ ڪهاڻيءَ کي رديءَ جي ٽوڪريءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو اٿو.

انهيءَ کانسواءِ ڪجهه مواد موڪليان پيو. اميد آهي ته شايع ڪندا.

 

توهان جو ڀاءُ عبدالعزيز رنگريز، ميرپوربٺورو.

(ادا، تنهنجي ڪهاڻي پهتل آهي، پر اها اڳ ۾ شايع ٿيل آهي. ٻي ڪا سٺي ڪهاڻي موڪل.

 

-ايڊيٽر)

ادا ايڊيٽر شوڪت حسين

السلام عليڪم:

جولاءِ جو رسالو پڙهي بيحد خوشي محسوس ٿي. اوهان جي ڪيل محنت بيشڪ قابل داد آهي. اوهان اسان ٻارن جا ماڻڪ موتي، طليفا ڪهاڻيون شايع ڪريو. مون اوهان کي هڪ پنهنجي طرف کان ڪهاڻي موڪلي آهي. مهرباني ڪري منهنجي ڪهاڻي ضرور شايع ڪندا. آءُ خدا جي بارگاهه ۾ دعا ڪندس ته ماهوار گل ڦل ترقي ڪري آمين.

اوهان جي ڀيڻ،

زبيده خانم جوڻيجو بدين.

 

ادا، شوڪت حسين

السلام عليڪم:

آگسٽ جو پيارڙو پرچو پڙهيم، بيحد پسند آيو. ۽ هن جي پڙهڻ سان منهنجي دل ۾ لکڻ جو شوق پيدا ٿيو.

اوهان وڏو وڙ ڪيو آهي جو اسان جهڙن اٻوجهه سنڌين کي صحيح واٽ ڏيکاري اٿو. جنهن مان اوهان جي ڪريمانه اخلاق جي جهلڪ جهلڪي رهي آهي.

ادا،  اوهان ئي اسان کي ايڊيٽوريل ۾ هر وقت اها ئي تاڪيد ڪئي آهي ته پڙهو.... پڙهو..... پڙهو..... علم پرايو ۽ ٻيو ن ڪيتريون نصيحتون ڏيندا آهيو.

اڄ تائين ٻئي ڪنهن سنڌي ڀاءُ ايڊيٽوريل ۾ اسان (ننڍڙن) کي نصيحتون نه ڪيون آهن. اهي اوهان جا ٿورا جيڪي اسان لاهي نه سگهنداسين پر ڳائي ضرور سگهنداسين. اميد ته آئينده به اسان جهڙن اٻوجهه سنڌين جي رهبري ڪندا رهندا.

اوهان ڏانهن هڪ سچي ڪهاڻي موڪلي رهيو آهيان. جيڪو منهنجي اکين ڏٺو واقعو آهي ۽ ان کي مون هڪ سچي ڪهاڻيءَ جي روپ ۾ پيش ڪيو آهي. اميد ته شايع ڪري همت افزائي ڪندا ۽ شڪريي جو موقعو ڏيندا.

اوهان جو ڀاءُ، اسلم سنديلو

  لاڙڪاڻو.

 

(ادا، تنهنجي ڪهاڻي ملي، پر اها ٻارن جي ڏانءُ وٽان ناهي. ٻي ڪا سٺي ڪهاڻي لکي موڪل.

-ايڊيٽر)

 

وڏا ادا شوڪت

جيئي سنڌ:

”گل ڦل“ جو آگسٽ 1974ع وارو پرچو مون منڍ کان آخر تائين پڙهيو. رسالو ديده زيب ۽ پسند پوندڙ هو. جان جو رسالي جي پڙهڻين تي نظر وڌم ته گهڻي قدر رس ڀريو ۽ معلوماتي مواد ميسر ٿيو. هن هيٺ پنهنجي خيال موجب چند مشورا عرض رکان ٿو. اميد ته منهنجي هنن مشورن ڏانهن ضرور ڌيان ڏيندا.

(1) رسالي ۾ ٻارڙن جا فوٽو ڏيڻ گهرجن، جيڪو عام طرح هر هڪ رسالي ۽ اخبار ۾ ٻارڙن جو دلچسپ پهلو هوندو آهي، جنهن کي عام طرح ”ٻارڙن جو البم“ سڏيندا آهيون..

(1)  اسان جا ٻيا نونهال پڙهندڙ، وقت به وقت انهيءَ ڳالهه کي دهرائيندا آيا آهن ته هر مهيني مضمونن جو انعامي مقابلو رکيو وڃي، جيڪو وڌ ۾ وڌ ٻن صفحن جو هجي. اها ساڳي راءِ آءُ وري به دهرايان ٿو ته اهو سلسلو شروع ڪيو وڃي، جنهن جي ڪري اسان جي ذهني قوت ۾ چڱو اضافو ايندو ۽ اڳتي هلي اسان ننڍڙڻ اديبن مان وڌي وڏا ليکڪ ٿي وينداسين. اميد ته، هيءَ ڳالهه اسان جي ضرور ورڻائيندا.

(3) اسان جي پڙهندڙن اوهان کي اها هڪ بهترين صلاح ڏني آهي ته اسان کي ”سنڌ جو سير“ ڪرايو. انهيءَ ڏس ۾ سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن جا تعارفي مضمون شايع ڪريو.

 ميمڻ عبدالوحيد ”سنڌي“،

لاڙڪاڻو سنڌ.

 

(ادڙا، اهڙين سٺين تجويزون موڪلڻ لاءِ مهرباني. اسان کان جيتري قدر ٿي سگهندو، انهن تي عمل ڪنداسين. گل ڦل جي اڳئين دور ۾ هڪ سلسلو  ”اچو ته اوهان کي سنڌ گهمايان“ شروع ڪيو ويو هو، جنهن ۾ سنڌ جي سڀني وڏن شهرن جو سير ڪرايو ويو هو. ساڳئي سلسلي کي ٻيهر ورجائڻ ٺيڪ نٿو لڳي.

-ايڊيٽر)

 

ادا شوڪت حسين،

السلام عليڪم:

اسان ٻارن جا اوهان وڏن تي ڏک سور به ٿيندا آهن ۽ انگل به هوندا آهن! اهو ادا انهيءَ ڪري چئي رهيو آهيان ته هڪ ته اوهان اسان جي پياري رسالي گل ڦل جا ايڊيٽر ۽ ٻيو ته اسان جي ڪنهن وڏي ڀاءُ جيترا هوندا. انهيءَ ڪري مون کي ڏک سان چوڻو ٿو پوي ته منهنجو هن خط کان اڳ ۾ هڪ موڪليل خط شايع نه ڪيو ۽ اسان جي پياري رسالي جي سونهن گهٽ ڪري ڇڏي اٿو. آءُ هڪ معصوم شاگرد آهيان. پر اوهان به وڏن ڇوڪرن جا لطيفا وغيره شايع ڪندا ته پوءِ اسان معصوم ڪهڙو گناهه ڪيو.

عبدالمجيد قاضي بدين.

 

(ڀائڙا، تون ڏاڍو ڪاوڙيل ٿو لڳين. منهنجي لاءِ سڀ ڀائر هڪ جهڙا آهن، جنهن جي شئي سٺي هوندي سا ضرور شايع ٿيندي. ٻي ڪا ڳالهه ناهي. اميد ته هاڻي تنهنجي ڪاوڙ لهي ويئي  هوندي.

-ايڊيٽر)

 

ادا، شوڪت صاحب.

جيئي سنڌ:

سيپيٽمبر جي پرچي سڀ کان گهڻو انتظار ڪرايو. پڙهڻ سان ۽ ڏسڻ سان دل باغ بهار ٿي ويئي، خاص طور تي نظم بيحد پسند آيا. ڪهاڻي چالاڪ سيهڙ منهنجي خيال موجب ڪهاڻي چالاڪ سهي تان ڪاپي ٿيل هئي. ان ڪري ايترو عرض ڪندس ته ترجمي واري ڪهاڻيءَ سان گڏ ان جو اصل ليکڪ جو نالو ۽ ان ڪتاب جو نالو ڏنو وڃي، جتان اها ترجمو ڪئي ويئي هئي. ائين ڪرڻ سان چور چوري ڪرڻ کان گهڻو ڪيٻائيندو، مان پنهنجي ڪهاڻي نه ڏني. جنهن لاءِ ڏک  ٿيو. هن ڀيري ٻي ڪهاڻي موڪليان پيو. اميد ته شايع ٿي ويندي. ٻيو ته صفحا اڳي کان گهٽ ٿيندا پيا وڃن. ڀوء ٿو ٿئي ته ڪنهن مهيني ۾ صفا ختم نه ٿي وڃن. سو ان طرف خيال ڏيندا، ڀاءُ، لطيفا شايع ڪرڻ لاءِ مهرباني اگر توهان اهي به شايع نه ڪيو ها ته ايندڙ رسالو هرگز نه پڙهان ها.

 

الهورايو ڄامڙو، شڪارپور.

(ڀاءُ، تنهنجو مواد پهتل آهي ۽ ان مان ڪجهه اڳئين پرچي ۾ شايع ڪيو ويو آهي ۽ ڪجهه هن ڀيري رسالي لاءِ مواد ايترو ٿو اچي جو سڀني ٻارن جون شيون هڪ ئي وقت شايع ڪرڻ مشڪل آهن. ان ڪري واري واري سان هر ڪنهن جو مواد شايع ڪيو ويندو آهي. ٻي ڳالهه ته گل ڦل جا صفحا شروع کان وٺي 50 آهن، ۽ اهي اوترائي رهندا اچن. ادا، خبر ناهي ته تو اهو ڪيئن سمجهيو ته اسان صفحا گهٽايا آهن! تنهنجو مواد ضرور شايع ٿيندو، هاڻي ته ڪا ڪاوڙ ناهي نه؟

-ايڊيٽر)

 

ادا،

”گل ڦل،“رسالو  پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي. ”گل ڦل“ رسالي جي نڪرڻ تي منهنجي طرفان مبارڪون قبول ڪندا. رسالي جي پڙهڻ تي اسان ائين ٿا محسوس ڪريون ته واقعي اسان جا سنڌي ڀائر اسان جي مستقبل لاءِ سوچي رهيا آهن. اوهان جي رسالي ۾ ايڏي ته ڪشش ۽ ڪرامت آهي، جيڪڏهن ڪنهن مرده جي سيني تي رکجي شايد زنده ٿي پوي. مون کي به اڄ ڄن نئين زندگي ملي و يئي آهي. اڄ ته پاڻ کي اهڙو خوش نصيب ٿو سمجهان جنهن جي بيان ڪرڻ جي جسم کي طاقت نه آهي.

اسان هر وقت خدا کان دعا گهرندا رهون ٿا ته شال اسان جو هيءُ رسالو ترقي ڪري ۽ اسان جي خدمت ڪري آمين!

اوهان جو ڀاءُ، پرويز آفتاب علي

 

سنڌي، هاڻي.

(ادڙا، رسالي کي پسند ڪرڻ لاءِ مهرباني. گل ڦل اوهان جو پنهنجو رسالو آهي ۽ اوهان کي وڻي ٿو، ته اهو ئي اسان جي محنت جو ڦل آهي. اسين پنهنجي ڪوششن ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ٿيا آهيون، تنهنجي خبر اسان کي اوهان جي پيارن خطن ۽ راين مان پئي ٿي. اميد آهي ته ٻارڙا گل ڦل ۾ ڇپيل مواد بابت پنهنجي پسند ۽ ناپسند لکي اسان کي پنهنجن راين کان واقف ڪندا رهندا.

-ايڊيٽر).

*پورو ٿيو*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com