سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 12

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل 12

غلام رباني

 

گذارش

پيارا ٻارو،

هن پرچي سان گل ڦل جي نئين دور جو پهريون سال پورو ٿي رهيو آهي. گل ڦل جي ٻيهر شايع ٿيڻ سان ٻارن جهڙي ريت خوشيءَ وچان ان جي آجيان ڪئي ۽ پنهنجين لکڻين ۽ راين سان ان کي سينگاريو، تنهن لاءِ آئون پنهنجن سڀني ننڍڙن ڀائرن ۽ ڀينرن جو ٿورائتو آهيان. مون شروع ۾ ئي چيو هو ته گل ڦل سڀني ٻارن جو پنهنجو رسالو آهي ۽ مون کي خوشي آهي ته ٻارن واقعي گل ڦل کي پنهنجو رسالو ڪري سمجهيو. ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن ٻار جي ڪا شي شايع ٿيڻ کان رهجي ويئي هجي. مون کي پڪ آهي ته اهي ٻار پنهنجي وڏي ڀاءُ تي ڪاوڙيا نه هوندا.

جنوري 1947ع جي پرچي ۾ اسان پنهنجن وڏن ۽ ناميارن اديبن کي گذارش ڪئي هئي ته ”هو ٻاراڻي ادب جي اهيمت ۽ قدر و قيمت کي نظر ۾ رکي، ٻارن جي لاءِ لکن. سنڌي زبان ۽ ان جي ادب جي پيڙهه اسان جا ٻار ئي آهن.....“ پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڪن ٿورن اديبن کانسواءِ باقي ٻئي ڪنهن ان ڳالهه تي ڌيان جي اهميت کان ضرور واقف هوندا، ان حالت ۾ اسان جي طرفان کين ڪجهه سمجهائڻ اجايو آهي. هڪ ڀيرو وري به اسان جي کين گذارش آهي ته هو ٻارن جي لاءِ، پنهنجي مستقبل جي رکوالن جي لاءِ ڪجهه وقت ڪڍن.

 

اوهان جو پنهنجو ڀاءُ

شوڪت حسين شورو

 

سُر سهڻي

 

شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه

 

(1)

ڪنڌيءَ اُڀيُون، ڪيتريُون، ”ساهَڙُ ساهَڙُ“ ڪَنِ.

ڪِنين سانگو ساهِ جو، ”ڪي گهو ريس“ ڪيو گِهڙن،

ساهَڙُ سَندو تَنِ، گها گهائي گِهڙَنِ جي.

(2)

چوڌاري چَڙا، ٻُرَنِ ٻيلاين جا،

سُتي سَنڀارَنِ جو، يِيِمُ ڪَنِ پَڙاءُ،

وِهَڻُ مون نه وَڙاءُ، سُڻيو جهانءِ جهڄي هَنئون.

(3)

گهڙيا سي چهڙيا، ائين اٿيئي،

مَئي مَتي مهراڻَ ۾، پوء ٽپو ڏيئي،

ته ميهار مليئي، سَنڀُوڙو ٻيڻاهَ سين.

(4)

کامان، پڇان، پَڄُران، لُڇان ۽ لوچان،

تَنَ ۾ تَوءس پِريُنِ جي، پِيان، نه ڍاپان،

جي سَمُنڊَ مُنهنِ ڪريان، توء سُرِ ڪيائي نه ٿئي.

(5)

سَڀَتِ پَچارَ پِريُنِ جي، سَڀَتِ هوتَ حُضوُرُ،

مُلِڪُ مِڙوئي مَنصُورُ، ڪُهِي ڪُهنَدين ڪيترا.

 

ساهڙ= محبوب. گهوريس = صدقو ٿيس. گهاگهائي= مشڪي. (2) ٻُرن= وڄن. سنڀارن= گهندن، چرن. پڙاءُ= پرلاءُ. وڙاءُ= جڳائي (3) مَئي = ڦوڪيل، ٺٽار. سنڀوڙو = تيار. (4) لوچان= ڳوليان. سُرڪيائي= هڪ سرڪي. (5) سڀت= هر هنڌ. حضور= موجودگي


 

 

ميمڻ عبدالغفور ”سنڌي“ 

 

(نظم)

 

سياري جي موسم

 

سياسي جي موسم آهي عجيب،

رهي خوش تونگر، مري ٿو غريب.

غريبن جون پاري ۾ ڏاڙهيون ڏڪن،

هجي کين ڪجهه، ته چمڙي ڍڪن،

غريبن جو هر وقت ٿيو آه اهڙو نصيب،

سياري جي موسم آهي عجيب.

فراشيون، پٿرڻيون ۽ وهاڻا نرم،

رهن پئسي وارا ٿا تن ۾ گرم،

اَچي ڇو سيءُ ڀلا تن کي قريب،

سياري جي موسم آهي عجيب.

هوا، سيءُ، پاري، اتر جي لُري،

ڪٿي بي اَجهن جي آه حالت جَري،

سيارو اُگهاڙن جو آهي رقيب،

سياري جي موسم آهي عجيب.

 

احمد خان ”احمد“

(نظم)

 

بلور

 

اچو ته ڪريون راند بلور، ٻارو کيڏيون راند بلور.

وقت شام جو آيو آهي، ڪم اسڪول جو اچو لاهي-

پوءِ لڳايون بازي زور، ٻارو کيڏيون راند بلور.

راند کيڏڻ جو وارو آيو، ڪريون تنهنجو ٻارو سايو-

لاهيون هينئين جي هور، ٻارو کيڏيون راند بلور.

رنگ جنهن جو سونو تيزابي، ڳاڙهو سائو ڪٻڙو گلابي-

ماند جنهن جي ناهي مور، ٻارو کيڏيون راند بلور.

بلور سهڻو منهنجو آهي، اهڙو ٻئي ڪنهن جو ناهي-

پيارا پيارا تنهنجا پور، ٻارو کيڏيون راند بلور.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com