سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 4

باب: --

صفحو :2

 

يوسف حيدر ڪنڌڪوٽ

 

بخت جي بازي

 

بخت به هڪ عجيب شئي آهي. بخت ۽ ڀاڳ انسان کي تخت تي پهچائي ٿو. عزت ۽ ذلت جي زندگي  به بخت ڦيرائي گهيرائي سگهي ٿو. هونئن ته انسان اشرف المخلوق آهي، پر بخت جي اڳيان بيوس ۽ لاچار آهي.

گهڻي وقت جي ڳالهه آهي هڪڙي شهر ۾ پوپٽ نالي هڪ غريب ۽ سندس زال رهندا هئا. پوٽ هر روز صبح جو سوير ننڊ مان اٿي زمين  تي ڪم لاءِ ويندو هو، ۽ شام جو ٿڪو ٽٽو گهر موٽندو هو، زال ۽ مڙس کائي پي خوش رهندا هئا. منجهند جي ماني، سندس زال گهر جو ڪم ڪار لاهي ٻنيءَ تي کڻي ويندي هئي. هڪڙي ڏينهن پوپٽ حسب معمول ڪم تي هليو ويو، منجهند اچي ٿي. ڏينهن به پنهنجو سينو ٻاهر ڪڍيو. پر سندس زال ماني کڻي نه آئي. دل ۾ خيال ڪيائين ته وڃي ڏسان ته زال ڇا ٿي ڪري، سو چپ چاپ لڪي گهر جي وٿي مان ڏسي ته زال اڃا ٿانو پئي ڌوئي ۽ ڀت تي ڪانءُ ويٺو هو، تنهن کي پئه چئي ته اڏر ڪانگل ڪير ايندو؟ منهنجا مارو ايندا، ڏي خبر جي ڪاخبر، منهنجو ادل ايندو مٺو لولو ڏيندي مانءِ. ٿانو به آهستي آهستي پئي ملي ۽ ڪانگل سان ڪچهريون به پئي ڪري. پوپٽ اهو سڄو لڪاءُ پئي ڏٺو، سو سمجهائين اڃا ڪم ڪونه لاٿو اٿائين. سو جيئن آيو تيئن ئي هليو ويو.

جوڻس به واندي ٿي، تڏهن ماني ۽ لسي جو وٽو کڻي مڙس وٽ پهتي. اتي پوپٽ موج ۾ اچي چيس وڏيري ٻي ڳالهه ٻڌي اٿئي ته آءُ نجومي ٿي ويو آهيان. سندس زال اچرج ۾ پئجي پڇيس ته” سو وري ڪيئن؟“

”اڙي بختاور، تو اڄ ماني دير سان ڇو آندي ڀلا؟“ پوپٽ کلندي چيو.”دير سان ڇو آندم؟“ مڙيئي ڪم ڪار هو.“ سندس زال ٿانو رکندي چيو. ڪم ڪار ته سدائين هوندو آهي، مان اڄ ڏاڍو بکيو هوس سو ڍارو وڌم ڏسان ته منهن زال ڇا ٿي ڪري، ڏٺم ته تون نلڪي جي ڀرسان ويٺي ٿانو ملين ۽ ڪانءَ سان به ويٺي ڪچهرين ڪرين. ڇو ته ڪانو سان ٿيل گفتگو به ڪري ٻڌائين.

جوڻس وائڙي ٿي ويئي ۽ چيائينس”نه نه، تون گهر آيو هوندين.“

”گهر اچان ها ته توکي نه ٻڌايان ها. مان نجومي ٿي ويو آهيان. نجومي!ها مون کي سڀ خبر ڍاري وجهڻ سان پئجي ويئي آهي.“

ها، سچ پچ اهو ته ڏاڍو سٺو ٿيو.سندس زال اهو ٻڌي سچ سمجهي ويٺي ۽ پوءِ خالي ٿانو کڻي گهر ڏانهن رواني ٿي ويئي. سڄي واٽ خوش پئي ٿي. پوپٽ به دل ۾ زال جي سادگي ۽ پنهنجي مذاق تي خوش ٿيندو ڏسي، پنهنجي ڪم کي لڳي ويو. خدا جو شان ٻن ڏينهن کان پوءِ بادشاهه جي ڌيءُ جو” هيرن جو هار“ چورائجي ويو. بادشاهه پِڙهو ڏياريو ته جيڪو به شهزاديءَ جو هيرن جو هار لهي ڏيندو بادشاهه انهيءَ کي انعام ڏيندو، ۽ وزير مقرر ڪندو. سڄي شهر ۾ پئي پڙهو گهميو. پوپٽ جي زال جڏهن اهو اعلان ٻڌو ته کيس هڪدم خوشي ٿي ته منهنجو مڙس نجومي ٿي ويو آهي سو جهٽ ٻڌائيندو. انڪري هڪدم سپاهين کي در تي سڏڪيائين.”ترسو، منهنجو مڙس اوهان کي هار لهي ڏيندو.“ سپاهين جو هن غريب عورت کي ائين چوندو ٻڌ سو اعتبار نه ڪيائونس. پر پوپٽ جي زال سپاهين کي يقين ڏياريو. تنهن تي سپاهين ڪجهه سڪا ۽ اشرفيون کيس ڏنيون ته هي اڳواٽ وٺ، جي هفتي اندر هار پيدا نه ڪيو ته توهان ٻنهي کي قتل ڪرايو ويندو. پر هن کي يقين هو ته منهنجو مڙس نجومي آهي، سو بنا ڪڇڻ جي سڀ منظور ڪيائين.

سپاهي پتو وٺي هليا ويا. شام جو پوپٽ گهر آيوته زال سندس اڳيان سونا سڪا ۽ اشرفيون رکيو ۽ سڄي ڳالهه به ڪري ٻڌايائينس.

پوپٽ، جو اها ڳالهه ٻڌي سو لڳو منهن مٿو پٽڻ ته، ”اڙي هي ڪهڙو قهر ڪيئه؟“سندس زال پريشان ٿي چيو” ڇو، تون نجومي آهي، ڍارو هڻي شهزاديءَ جو هار لهي ٻڌائجان.“

”ڇاجو نجومي، مان نجومي وري ڪٿان  ٿيس. رن مان ته ان ڏينهن توسان چرچو ڪيو هو.“ پوءِ ته گهڻوئي رنا. روئي روئي ٿڪا تڏهن هڪٻئي کي اٿت ڏنائون ته جيڪو قسمت ۾ لکيل هو، سوڀوڳڻو پوندو. سو ڇو نه اهي زندگي جا ٻٽي ڏهاڙا عيش ۾ گذاريون۽ کائي وٺون. مرڻوته ائين آهي. سو پوپٽ ۽ سندس زال رات ڏينهن سٺا طعام کائڻ شروع ڪيا. هاڻي پوپٽ ڪم تي به نه ويندو هو، سٺا لٽا ڪپڙا پائي موج پئي ڪيائون. ۽ هڪ هڪ ڏينهن پي ڳڻيائون ته ڄاڻ موت جو فرشتو آيو. باقي روز رات جو سمهڻ کان اڳ جڏهن کائي پي موجون ڪري سمهندا هئا. تڏهن پوپٽ پيٽ تي هٿ گهمائي چوندو هو ته کائي وٺ ڀُلڙي! باقي ست ڏينهن. وري ٻئي رات ايندي هئي ته چوندو هو کائي وٺ بلڙي باقي ڇهه ڏينهن. مطلب ته هر روز ائين چوندو هو.

اتفاق سان پوپٽ جي پاڙي ۾ هڪ عورت بلڙي نالي رهندي هئي. اها شهزاديءَ جي ٻانهي هئي، ان ئي هار کنيو هو. تنهن کي ان ڏينهن ئي اچي ڏڪڻي ورتي جنهن ڏينهن پوپٽ جي زال سپاهين کان سونا سڪا ورتا هئا، ۽ ائين به چوندا ٻڌو هئائين ته منهنجي مڙس کي نجوميت جو علم آهي، ۽ سو دل ۾ خيال ڪيائين ته وڃي هار بادشاهه کي ڏيان، وري دل ۾ سوچيائين ته پوءِ خبر ناهي ڪهڙي مڇيءَ پيٽ پوان! وري جو پوپٽ کي روز رات جو ائين چوندو ٻڌائين ته کائي وٺ بلڙي باقي اٿئي ٽي چار ڏينهن، سو اچي ڦاٿي ته بس پوپٽ کي خبر پئي آهي، هڪڙي ڏينهن پوپٽ وارن جي گهر لنگهي وئي ۽ اچي پوپٽ جي پيرن تي ڪري پئي ته ادا پوپٽ! بس هاڻي مون کي وڌيڪ بدنام نه ڪر، تون وڏو نجومي آهين، هي هار وٺ، پر الله جو نالو اٿئي، منهنجو نالو نه وٺجانءِ تون رحمدل آهين پاڙي جو لحاظ ڪجانءِ. پوپٽ ۽ سندس زال جو وات ڦاٽي ويو جڏهن هار پنهنجن پيرن ۾ پيل ڏٺائون ته پوپٽ بخت جي اهڙي بازي ڏسي صفا حيران ٿي ويو.اتي هن هوش کان ڪم وٺندي بلڙي کي ٻانهن کان وٺي اٿاريو، چيو ته ڀيڻ تون خيال نه ڪر، مان تنهنجو نالو قطعي نه وٺندس، چڱو ٿيو جو تو پاڻ ٻڌايو نه ته جي مان بادشاهه کي ٻڌايان ها ته تنهنجو خير نه هو بلڙي هنن جا احسان مڃيندي هلي وئي ۽ هيرن جو هار هنن کي ڏيئي ويئي.

هيرن جو هار ڏسي زال مڙ ذر روئن پيا ته ذر کلن پيا. پوپٽ سجدي ۾ ڪِري رب جا لک شڪرانا بجا آندا. جوڻس چوڻ لڳي ته تون سچ پچ نجومي ٿي ويو آهين، تون مون سان ڪوڙ پيو ڳالهائين؟ پوپٽ چيس آهستي ڳالهاءِ، هاڻي الله اسان کي نوازيو آهي، چپ ڪرڻ ئي بهتر آهي،پوءِ ته نيٺ هفتو  پورو ٿيو. شام جو سپاهين به دهل ۽ شرنايون وڄائي پوپٽ جي گهر تي اچي هل هنگامو ڪيو ۽ چيائونس ته بادشاهه کي هار هلي ڏيکار نه ته سسي ڌڙ کان ڌار ٿيڻ لاءِ تيار ٿي وڃ! پوپٽ به زور هو تنهن چيو ته زبان سنڀالي ڳالهايو، وڃي بادشاهه کي چئو ته منهنجي لاءِ عمده پوشاڪ ۽ سٺي سورايءَ جو انتطام ڪريو ته مان درٻار ۾ هلندس ۽ هلي درٻار ۾ بادشاهه ۽ سندس شهزاديءَ کي سندس دلپسند هار پيش ڪندس. سپاهي وائڙا ٿي ويا ۽ هنن سمجهو ته غريبن کي سونن سڪن جي سڪ کڻي لالچ ۾ وڌو آهي، باقي هار ڪيئن لهي ڏيندو، سو اعتبار ئي نه ڪن، پر جڏهن پوپٽ جو لهجو ۽ حجت ٻڌائون تڏهن سمجهائون ته ٻيلي ماڻهو سچو آهي، سو سپاهي وڃي بادشاهه کي احوال ڪيو. بادشاهه قول جو سچو هو. سو پوپٽ ڏي عمدي پوشاڪ ۽ عمدو گهوڙو سهڻن سنجن سان ۽ بئندن باجن سان ڏياري موڪليائين ۽ پاڻ استقبال لاءِ محل مان نڪري ٻاهر بيٺو. هوڏانهن پوپٽ سهي سنڀري گهوڙي تي ويٺو ۽ هيرن جو هار ريشمي رومال ۾ ڍڪي چيلهه ۾ ٻڌل ڪمربند سان قابو ڪيائين، پوءِ جڏهن سڄي شهر مان جلوس بئنڊ ۽ باجن سان پئي گذريو ته پوپٽ پيو ٽڙي. سندس زال لاءِ ڄڻ ته عيد هئي. در کان پئي اهو منظر ڏٺائين. سمجهي ڄڻ ته ڪوئي خواب ڏسي رهي آهي. نيٺ پوپٽ اچي دربار ۾ پهتو. ۽ ڪمربند مان ريشمي رومال چوڙي کڻي بادشاهه جي اڳيان رکيائين. بادشاهه جلد رومال کولي ڏٺو ته هار پنهنجي جرڪي سان بادشاهه جي سامهون پيو هو. بادشاهه هار ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ پوپٽ کي ڇڪي پنهنجي ڇاتي سان لاتائين ۽ هٿ وٺي چيائين” اي منهنجا محسن، تو هار آڻي منهنجي ٻچڙيءَ جي دل خوش ڪئي آهي. مان وعدي موجب توکي سڀ ڪجهه ڏيان ٿو.“

واهه واهه ٿي ويئي پوپٽ اهو سڀ ڄڻ خواب پئي ڏٺو ۽ محسوس ڪيو. بادشاهه کيس پنهنجو صلاحڪار مقرر ڪيو انعام اڪرامن سان کيس نوازيو ويو. اهڙيءَ طرح هڪ غريب پنهنجي بخت جي بازي کٽي سرفراز ٿيو.

 

عبدالرشيد ڪليري بلوچ

ڏاڙهون شهزادي

 

هاڻي کان هزار سال اڳ جو ذڪر آهي ته ڪنهن ملڪ تي هڪ بادشاهه حڪومت ڪندو هو. ان کي ست پٽ هئا، جن مان ڇهن شهزادن جون شاديون ٿي ويون هيون. مگر سڀ کان ننڍو شهزادو اڃا تائين ڪنوارو هو. ننڍو شهزادو جڏهن پڙهڻ ويندو هو. ته هن جي ننڍي ڀاڄائي هن کي اها دعا ڪندي هئي ته خدا ڪري تنهنجي شادي ڏاڙهون شهزاديءَ سان ٿئي.

ننڍو شهزادو روزانو پنهنجي ڀاڄائي جي زبان مان اها دعا ٻڌندو هو ۽ چپ چاپ هليو ويندو هو. هڪ ڏينهن ننڍي شهزادي پنهنجي ڀاڄائيءَ کان پچيو ته ”ڀاڄائي، هي ڏاڙهون شهزادي آهي ڪير ۽ ڪٿي رهندي آهي ۽ توهان ان جي شادي مون سان ڇو ٿا ڪرڻ چاهيو؟“ شهزادي جي ڳالهه ٻڌي ڀاڄائي کلي چيو:”هتان کان ست سمنڊ پار هڪ جهنگل آهي، ان جهنگل ۾ هڪ تلاءُ آهي، ان تلاءَ جي اندر ڏاڙهون شهزادي رهندي آهي. مان ٻڌو آهي ته هوءَ ڏاڍي خوبصورت آهي. انهي ڪري مان چاهيان ٿي ته تون ان سان شادي ڪر. منهنجي اها خوشي آهي“. ننڍي شهزادي اهي سڀ ڳالهيون غور سان ٻڌيون ۽ هن دل ۾ تمنا ڪئي ته ڏاڙهون شهزاديءَ کي پنهنجي ڪنوار بنائيندس. هڪ ڏينهن ننڍو شهزادو تمام سوير اُٿيو ۽ ڏاڙهون شهزاديءَ سان ملڻ جي ارادي سان نڪري پيو، هلندي هلندي ست سمنڊ پار ڪري هو هڪ خوفناڪ جهنگ ۾ پهچي ويو. هڪ هنڌ شهزادي ڏٺو ته هڪ جهوپڙي آهي ان جي اندر هڪ بزرگ ويٺو الله تعاليٰ جي عبادت ڪري. شهزادو ڊڄندي ڊڄندي  ان وٽ پهتو ۽ ادب سان ان کي سلام ڪيو. بزرگ اکيون مٿي ڪري چوڻ لڳو”ڇا ڳالهه آهي ۽ هن خوفناڪ جهنگ ۾ ڇو ڦري رهيو آهين؟“ شهزادي جواب ڏنس.”مان فلاڻي ملڪ جو شهزادو آهيان، ڏاڙهون شهزاديءَ جي تعريف ٻڌي هن طرف آيو آهيان. بزرگ وراڻيو،” هو سامهون وارو تلاءُ جيڪو نظر اچي رهيو آهي ان جي وچ ۾ هڪ جبل آهي، ۽ جبل جي چوٽيءَ تي هڪ وڻ آهي. ان وڻ ۾ صرف هڪ ئي ڏاڙهون لڳل آهي. شهزادي ان ۾ سمهندي آهي، مگر اتي وڃي ان کي وٺي اچڻ وڏي خطري جو ڪم آهي، ڇو ته اتي هر وقت ڪاري نانگ جو پهرو هوندو آهي. شهزادي پڇيو: ” ڇا ان ڪاري نانگ کان بچي ڏاڙهون شهزاديءَ کي وٺي اچڻ جي ڪا ترڪيب نه آهي؟“ بزرگ چيو، ”ترڪيب ته آهي پر تون ان تي عمل ڪندين؟“ شهزادي چيو”ها!“ بزرگ چيو. ”ڏس توکي هڪ ئي ساهي ۾ ان تلاءَ کي پار ڪرڻو آهي. جڏهن تون تلاءَ پار ڪندي ته توکي هڪ ٻڪر ٻڌل نظر ايندو، تون ان ٻڪر کي کولي پاڻ سان گڏ وٺي وڃجانءِ. جڏهن نانگ توتي حملو ڪري ته تون ٻڪر کي نانگ جي اڳيان ڪري ڇڏجان. نانگ ٻڪر کائڻ ۾ مشغول هوندو، تون جلدي وڻ تي چڙهي ڏاڙهون کي پٽي وٺجان ۽ جلدي پاڻي ۾ ٽپو ڏجانءِ، هي سڄو ڪم هڪ ساهي ۾ ٿيڻ کپي، جيڪڏهن تنهنجي ساهي ٽٽي پئي ته تون هميشه لاءِ انڌو ٿي پوندين.

شهزادو هڪ وڏو بهادر ۽ باهمت نوجوان هو. سو هڪ ساهي ۾ تري تلاءُ پار ڪيائين ۽ بزرگ جي ٻڌايل نصيحت تي عمل ڪري ڏاڙهون کي پٽي آيو ۽ بزرگ وٽ کڻي آيو. بزرگ شهزادي جي پٺي ٺپري ۽ چيائين، ”شاباس هن ڏاڙهونءَ کي گهر وڃي کولجان ته ان مان شهزادي نڪرندي مگر خبردار جو ان کي رستي ۾ کوليو اٿئي نه ته تمام گهڻو نقصان ٿيندءِ.“ شهزادي بزرگ کي سلام ڪيو ۽ ڏاڙهون کڻي پنهنجي گهر جي طرف هليو. جهنگ جبل پار ڪندي هڪ ڏينهن شام جو هڪ نديءَ جي ڪناري تي پهتو، هو ڏاڍو ٿڪل هو. گهڻي ٿڪ جي ڪري ان نديءَ جي ڪناري تي ويهي رهيو.نديءَ جو پاڻي ڏاڍو صاف ۽ شفاف هو. ميويدار وڻن تي خوبصورت ۽ سهڻا پکي ويٺل ڏاڍيون مٺيون مٺيون ٻوليون ٻولي رهيا هئا. شهزادي کي هي جڳهه ڏاڍي پسند آئي. هن سوچيو ته هاڻي ڏاڙهونءَ کي کولڻ کپي، ۽ ڏسان ته منجهس شهزادي آهي يا نه؟ خواهه مخواهه گهر وڃي شرمندو نه ٿجي. شهزادي ڏاڙهونءَ کي کوليو؟ ڇا ڏسي سبحان الله هڪ حسين ۽ خوبصورت شهزادي ڏاڙهون مان نڪتي. شهزادو شهزاديءَ کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. پر شهزادو ڏاڍو ٿڪل هو، تنهنڪري شهزاديءَ کي چيائين ته سٺي شهزادي آءُ ڏاڍو ٿڪل آهيان ڪجهه وقت آرام ڪرڻ ٿو چاهيان. ڏاڙهون شهزاديءَ چيو ته” پوءِ توهان سمهي پئو، ۽ مان توهان جي مٿي کي زور ڏيان ٿي.“ شهزاديءَ پنهنجي نازڪ هٿن سان شهزادي جي مٿي کي زور ڏيڻ لڳي ۽ شهزادي کي ننڊ کڄي ويئي.

ان نديءَ تي هڪ هاريءَ جي ڌيءَ پاڻي ڀرڻ ايندي هئي. ان ڏينهن جڏهن هوءَ ندي تي پاڻي ڀرڻ آئي، ته هن شهزادي ۽ شهزاديءَ کي ڏٺو. شهزادو ته سمهي رهيو هو. هاريءَ جي ڌيءَ شهزاديءَ کان پڇيو ته ادي تون ڪير آهين ۽ ڪٿي وڃي رهي آهين؟ ڏاڙهون شهزاديءَ چيو ته هي فلاڻي ملڪ جو شهزادو آهي منهنجي هن سان شادي ٿي آهي. ۽ اسان پنهنجي گهر وڃي رهيا آهيون. هاريءَ جي ڌيءُ دل ۾ سوچيو ته شهزادي ڪيتري نه خوش نصيب آهي. ۽ پوءِ سندس دل ۾ حسد پيدا ٿيو. هاريءَ جي ڌيءَ کي اکين ۾ پاڻي تري آيو ۽ سوچڻ لڳي آءُ ڪيتري نه بدنصيب آهيان، منهنجي ماءُ رڳو مون کان پاڻي ڀرائيندي آهي. پوءِ هن شهزاديءَ کي چيو”ادي، هي دلو ته ڀري منهنجي مٿي تي رک.“ ڏاڙهون شهزادي ڏاڍي رحمدل هئي. هن کي هاريءَ جي ڌيءُ تي ڏاڍو رحم آيو، ۽ اٿي هاري جي ڌيءُ جو دلو پاڻي ۾ ڀرڻ لاءِ جهڪي، تيئن هاريءَ جي ڌيءَ شهزاديءَ کي ڌڪو ڏنو ۽ هوءَ پاڻي ۾ وڃي ڪري ۽ ڏسندي ڏسندي ٻُڏي وئي. هاريءَ جي ڌيءَ شهزادي وٽ آئي ۽ شهزادي جو مٿو پنهنجي هنج ۾ رکي ويهي رهي. شهزادي جي جڏهن اک کلي ته هن ڏاڙهون شهزادي جي بجاءِ هڪ ٻي ڇوڪري ڏسي ڏاڍو حيران ٿي ويو. ۽ اها شڪل جي به ڪوجهي هئي، ۽ هو سوچڻ لڳو ڇا به هجي پر اها سڄي حقيقت بزرگ جي حڪم نه مڃڻ جي سزا آهي. افسوس مون ڏاڙهونءَ کي رستي ۾ ڇو کوليو؟ مون کي کولڻ جي سزا ملي.پر هاڻي ڇا ٿي سگهي ٿو! لاچار هو هاريءَ جي ڌيءَ کي وٺي پنهنجي گهر پهتو. ان ڳالهه کي ڪيترائي ڏينهن گذري ويا. هاڻي ته هاريءَ جي ڌيءُ شهزادين وانگر محل ۾ رهڻ لڳي، هڪ ڏينهن ست ئي شهزادا شڪار تي نڪتا. شڪار ڪندي ڪندي هو وڃي انهيءَ ندي تي پهتا جتي هاريءَ جي ڌيءَ ڏاڙهون شهزاديءَ کي ڌڪو ڏنو هو. خدا جو شان ان جڳهه تي ڪنول جو گُل لڏي رهيو هو. ننڍي شهزادي جي دل ان ڪنول جي گل تي هرکجي پيئي. شهزادي پنهنجي ڀائرن کي خوش ٿي چيو” ادا هي گل ڪيترو نه خوبصورت آهي. ڪهڙو رنگ اٿس ۽ ڪيتري نه ڀنل خوشبو اٿس ايترو وڏو گل ته مون ڪڏهن به نه ڏٺو آهي. ڇا به ٿي وڃي هي گل کڻڻ کان سواءِ هتان ڪونه  ويندس.“ وڏهن شهزادن هن کي چيو”ڏس ادا هي گل نه پٽ. اسان کي هي گل جادو جو ٿو لڳي ڇو جو ڪنول جو گل ايترو وڏو ٿيندو ئي نه آهي.“

ننڍو شهزادو پنهنجي ضد جو پڪو هو. هن ڀائرن جي هڪ به نه ٻڌي. ندي جي ڪناري تي وڃي تيرڪمان وڌائي هن گل کي جهلي ورتو ۽ ڏانڊي سميت ان کي پٽي آيو. پوءِ سڀ شهزادا گهر آيا. شهزادا ته طرح طرح جي جانورن جا شڪار ڪري آيا هئا، پر ننڍي شهزادي وٽ صرف ڪنول جو گل هو. ننڍي شهزادي ڪنول جي گل کي پنهنجي محل ۾ سينگاري رکيو. هڪ ڏينهن شهزادو سير ڪرڻ لاءِ ڪيڏانهن ويل هو. ته پويان هاريءَ جي ڌي موقعو ڏسي ڪنول جي گل کي پٽي دريءَ کان ٻاهر ڦٽي ڪري ڇڏيو. ننڍو شهزادو جڏهن گهر واپس آيو ته هن ڏٺو ته محل ۾ ڪنول جو گل هيو ئي ڪونه. هن نقلي شهزاديءَ کان پڇيو ته هن جواب ڏنو ته اهو گل سڪي رهيو هو. ان ڪري مون ان کي ٻاهر ڦٽي ڪري ڇڏيو. شهزادي چيو اف! ڏاڙهون شهزادي، تنهن جي دل ايتري ته سخت آهي، ڀلا ان گل توکي ڇا ڪيو هو؟

اهو گل جتي ڪريو هو، اتي هڪ ڏاڙهونءَ جو وڻ پيدا ٿيو. جڏهن وڻ وڏو ٿيو ته هن ۾ صرف هڪ ئي ڏاڙهونءَ ٿيو. شاهي مالهي ان ڏاڙهونءَ کي پٽيو ۽ گهر وڃي ان ڏاڙهونءَ کي وڍيائين ته ان مان اهائي ڏاڙهون شهزادي نڪتي. مالهي کي اولاد ڪونه هو. نه هن کي ڪا خبر هئي ته ڪا هيءَ اهائي شهزادي آهي جنهن کي ننڍو شهزادو ڏاڍو تڪليفن سان و‎ٺي آيو هو. ڇوڪريءَ کي حاصل ڪري ڏاڍو خوش ٿيو. ڇوڪريءَ کي پنهنجي ڌيءَ وانگر سمجهڻ لڳو. نقلي شهزاديءَ کي جڏهن اها خبر پئي ته مالهيءَ جي گهر ۾ هڪ سهڻي خوبصورت چنڊ جهڙي ڇوڪري پيدا ٿي آهي. ته هوءَ ڏاڍي گهٻرائجي وئي. ۽ پوءِ مڪر ڪري بيمار ٿي پئي. نقلي شهزاديءَ جو شاهي حڪيمن ڏاڍو علاج ڪيو پر ڪا بيماري هجي ته دوا به اثر ڪري.

هڪ ڏينهن هو شهزادي کي چوڻ لڳي ته رات مون خواب ۾ ڏٺو آهي ته مالهيءَ جي گهر هڪ ڇوڪري پيدا ٿي آهي. جيڪڏهن هن کي ماريو وڃي ته مان ٺيڪ ٿي سگهان ٿي. شهزاديءَ جو حڪم ٻڌي مالهي ڏاڍيون رڙيون ڪيون ۽ گهڻو ئي رُنو، پر هو ڪري به ڇا ٿي سگهيو. ويچاري مالهي مجبور ٿي ڇوڪريءَ کي جيئري باغ جي ڪنڊ ۾ دفن ڪري ڇڏيو. خدا جي قدرت سان ٿورن ڏينهن بعد ان جڳهه تي وري ڏاڙهونءَ جو هڪ وڻ پيدا ٿيو. وڌندو وڌندو اهو وڻ تمام وڏو ٿي ويو ۽ ان ۾ صرف هڪ ئي ڏاڙهون پيدا ٿيو.

نقلي شهزادي ڪونه ڪو بيماري جو بهانو ڪري شهزادي کي تنگ ڪندي رهندي هئي. ننڍو شهزادو به هن کان ڏاڍو بيزار ٿي ويو. هڪ ڏينهن هو وري شڪار تي ويو شڪار ڪندي ڪندي هن جي ملاقات انهيءَ ساڳئي بزرگ سان ٿي، بزرگ شهزادي کي سڃاڻي ورتو.

 شهزادي بزرگ کي سڀ ڳالهيون ٻڌايون. بزرگ شهزادي کي هڪ منڊي ڏني. ۽ چيائين ته تون هي منڊي پائيندي ته پکين جي ٻولي سمجهي سگهندين. خدا کي منظور هوندو ته تنهنجو مشڪل حل ٿي ويندو.ننڍي شهزادي هن مهربان بزرگ جو تمام گهڻو شڪريو ادا ڪيو. ۽ واپس گهر آيو. هڪ ڏينهن شاهي باغ جي هڪ وڻ تي ٻه ڪبوتر پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري رهيا هئا.

ڪبوتريءَ ڪبوتر کي چيو ته هن بدنصيب شهزادي کي ڏس ته هڪ هاريءَ جي ڌيءَ کيس ڪيترو بي وقوف بنايو آهي. ڪبوتر ڪبوتري کي چيو ته تون بلڪل صحيح ٿي چئين. ڪبوتر ڪبوتريءَ سان سڀ ڳالهيون ڪيون. جڏهن شهزادي اهي سڀ ڳالهيون ٻڌيون ته تمام سخت پڇتايائين. ڪبوتر وري ڪبوتريءَ کي چيو ته هي ويچارو تمام گهڻو پريشان آهي. ڪبوتري چيو: ها پر هي ڏاڙهون شهزادي هاڻي به حاصل ڪرڻ چاهي ته باغ جي ڪنڊ ۾ هڪ ڏاڙهونءَ جو وڻ آهي جنهن ۾ صرف هڪ ئي ڏاڙهون لڳل آهي. ان ڏاڙهونءَ ۾ ڏاڙهون شهزادي آهي. شهزادو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ جلدي وڃي ان کي پٽيائين. سچ پچ ان ڏاڙهونءَ مان ڏاڙهون شهزاديءَ کي ٻاهر حاصل ڪري تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ هو شهزادي کي وٺي محل ۾ آيو. هاريءَ جي ڌيءَ جڏهين ڏاڙهون شهزاديءَ کي شهزادي سان گڏ ڏٺو ته هوءَ ٽٻيءَ ۾ پئجي ويئي. پر هوءَ هاڻي ڇا ٿي ڪري سگهي،شهزاديءَ مياڻ مان تلوار ڪڍي. هاريءَ جي ڌيءَ رڙيون ڪيون ۽ شهزادي جو ڌڪ خالي ويو. پوءِ هو بدصورت ڇوڪري ڏاڙهون شهزاديءَ جي پيرن تي ڪري پئي ۽ روئي روئي معافي گهرڻ لڳي. ڏاڙهون شهزاديءَ شهزادي کي چيو ته هن کي ڪيل گناهن جي سزا ملي چڪي آهي، هن کي نه ماريو ۽ هن کي جهنگ ۾ ڇڏي اچو. ٻئي ڏينهن شهزادو هاريءَ جي ڌيءَ کي ڇڏي آيو۽ شهزادو ۽ شهزادي سک ۽آرام سان حياتي گهارڻ لڳا. اهڙيءَ طرح ٻئي کي سکيو ڏسي، حسد ڪرڻ جو نتيجو هاريءَ جي ڌيءَ کي مليو.

اوهان جا خط

اسان کي برابر پهچندا رهن ٿا، مگر خطن موڪلڻ مهل هن هدايتن تي ضرور ڌيان ڏيڻ کپي: 1. هرڪو مواد، جدا جدا پنن تي لکيل هجي. 2. پني جي ٻنهي پاسي ڀلي لکو. 3. سڀ موضوع مثلن: ليک، ڪهاڻي، قلمي دوستي وغير گڏ لکڻ ڪري ڪري انهن کي جدا ڪرڻ مسئلو بنجي پوي ٿو ۽ پوءِ ڪنهن جو ڪو مواد نٿو شايع ٿئي ته ٻار شڪايتن جا خط لکن ٿا. اميد آهي ته ٻار هن مسئلي ۾ اسان سان ساٿ ڏيندا. ادارو

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com