سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 4

باب: --

صفحو :4

 

عنايت علي ڀٽي حيدرآباد

ٻارن جا ليک

 

قلم

 

قلم اسان جو پيارو پيارو،

سونهري سهڻن رنگن وارو.

 

قلم سان اسان علم پرايو،

قلم سان اسان سمجهه وڌايون.

 

قلم اسان جي ساهه جو سهارو،

قلم اسان جو پيارو پيارو.

 

قلم آه علم جو ستارو،

قلم اسان جو پيارو پيارو.

 

ڳالهه ”عنايت“ جي ٻڌو هي ٻارو،

قلم سان محبت رکو اي يارو.

 

قلم سان دل کي هر وقت اجاريو،

قلم اسان جو پيارو پيارو.

 

منظور بلوچ

(روسي ڪهاڻي)

ننڍڙو گل

 

هڪ ننڍڙو نيرو گل باغ جي ڪنڊ ۾ ڪومائجي رهيو هو. پنڙا به خشڪ ٿي ويا هيس. ويچاري گل، هوا سان هوريان ڳالهايو”جيڪڏهن ڏينهن چڙهي، ۽ سج چمڪڻ لڳي ته مون کي نئين زندگي ملي سگهي ٿي.“ هڪڙي ڪاري ڀونر جڏهن اهو ٻڌو تڏهن چيائين”ڇا تنهنجو اهو خيال آهي ته جيڪڏهن تون سُڪي وڃين. يا سائو رهين ته سج تنهنجي بابت ڪجهه سوچيندو، يقين ڄاڻ ته ان کي تنهنجي لاءِ نه ڪو چاهه آهي ۽ نه وري ان وٽ ايترو وقت آهي جو تو جهڙي هڪ حقير شئي جو خيال رکي. جيڪڏهن تون مان وانگر اڏامي دنيا جو مطالعو ڪرين ته هوند توکي خبر پوي ته هي ساوا ميدان ۽ هي سايون سايون ٻنيون سڀيئي سج جي ئي ڪري زندگي حاصل ڪن ٿا. شاه بلوط، ديال، چيل جي وڏن ۽ اچن وڻن تي به سج جي ئي عنايت آهي. ٻهڪندڙ گل ان جي خاطر خوبصورت ويس وڳا پهرين ٿا ۽ انهن جو حسن ڏسي اڀ ۾ به هيڪر روئي ڏيندو آهي. ليڪن تون نه ڪا عظيم شئي آهين نه تو ۾ ڪا سڳنڌ. اُن ڪري عالي مرتبي واري سج مان ڪا به اميد روا نه رک. اُهو ايترو مصروف آهي جو توتي هڪ ڪرڻو به نٿو ڪيرائي سگهي تنهنڪري تون اطمينان ۽ صبر سان سُڪي وڃ!“

ننڍڙو گل ويچارو چپ چاپ ٿي ويو. سج نڪتو ته سڄي دنيا کي روشني بخشيائين، ننڍڙو گل، جو رات جو ڪومائجي، ويوهو، وري زندگيءَ جي شباب ۽ حُسن ۾ زور زور سان لڏڻ لڳو.

 

ميمڻ عبدالوحيد سنڌي لاڙڪاڻو

 

نفاق جو نتيجو

 

هڪ دفعي ڪنهن باغ ۾ چار دوست صوفي، پنڊت، سپاهي ۽ پساري تفريح لاءِ ويا. باغ ۾ گهمندي جڏهن پڪل ۽ تازن ميون تي نظر پين، تڏهن سندن من ۾ ميون کائڻ لاءِ آنڌ مانڌ پيدا ٿي، ويتر باغائي کي ستل ڏٺائون، سو هيڪاري سندن خوشيءَ جي ڪا حد نه رهي. هڪدم مٺن ۽ لذيذ ميون کي موج سان کائيندا رهيا، کٽن ۽ بيڪار ميون کي زمين تي ڦٽو ڪندا ويا. ڪجهه وقت کان پوءِ جڏهن باغائي جاڳيو ۽ باغ جي بُري حالت ڏسي سڄو قصو معلوم ڪيائين. دل ۾ خيال ڪيائين ته چئني ماڻهن سان هڪ ئي وقت مقابلو ڪرڻ مناسب نه ٿيندو تنهنڪري انهن کي وڄي چوڻ لڳو ته آءُ صوفي جو مريد، پنڊت جو شاگرد آهيان ۽ سپاهي اسان جو محافط آهي، تنهنڪري انهن جيڪي ڪيو سو بجا آهي. باقي هن پساريءَ منهنجي باغ کي ويران ڇو ڪيو؟ آءُ سندس قرضي ته نه آهيان؟ ائين چوندي پساريءَ کي ليٽائي وڌائين. سندس دوست هن جي مدد ڪرڻ کان ماٺ ۾ رهيا. جڏهن باغائي سندس هٿ پير ٻڌي قابو ڪيا. تنهن کان پوءِ باقي ٽن ڄڻن ڏانهن وڌيو ۽ چيائين” درويش منهنجو مرشد ۽ پنڊت منهنجو استاد آهي، باقي سپاهي جي ڪهڙي همت جو بنا موڪل باغ ۾ لنگهي اچي ۽ باغ کي ناس ڪيائين.“ ائين چوندي چماٽن ۽ ڏنڊن سان ان جي مرمت ڪري، سندس هٿ ڪلهن سان ٻڌي ڇڏيائين، تنهن کان پوءِ پنڊت ڏانهن وڌيو، اتي پنڊت دانهن ڪئي ته اول جي سپاهيءَ ۽ پساريءَ جي مدد ڪريون ها ته اسان جو اهڙو حال نه ٿئي ها. صوفي انهيءَ خيال ۾ هو ته باغائي مون کي ڪجهه به نه چوندو، پر تڏهن خبر پيس جڏهن هن ڏانهن وڌيو ۽چيائينس ته ميون جي قيمت ادا نه ڪندو ته هتان ڪڏهن به ڇوٽڪارو حاصل نه ڪندو. صوفي پنهنجو پٽڪو ۽ ٻيون شيون امانت طور رکي نجات حاصل ڪئي. اهڙي طرح ٻين به واجبي قيمت ڏئي ڇوٽڪارو حاصل ڪيو.

 

احمد خان ”احمد“

اِٽي ڏڪر

 

ٻين راندين جي، ڇڏي پچر،

راند ڪريون جي، اٽي ڏڪر.

 

راند نرالي ڪن، هي ڪيچي،

جوڙي جوڙي ٿيو، اچن ڀيچي،

هڪ شينهن جوائي، ٻيو شڪر.

 

هر ڪو واري سان، همراهه کڻي،

جيترن همراهن جي، ٽيم بڻي،

هرهڪ ٽيم جو، هڪ ليڊر.

 

ٻارو اها آهي، راند نرالي،

ڪونه موٽي ڪو، هٿين خالي،

هرڪو کيڏي ٿو، جنهن کي خبر.

 

آنگ انهي کان، وٺن زوري،

جن جا ڌڪ وڃن، منزل ٿوري،

پوءِ ڊوڙايو ڊوڙايو، ڪڍن پگهر.

 

آنگ ڏيندڙ جي، اِٽي جهٽي،

آنگ وٺندڙن جي، آنگ ڇٽي،

ڪونه ڪن پوءِ، هُل حشر.

 

محبت جي ”احمد“، اها نشاني،

راند گڏجي ٿا، ڪن روزاني،

ڪو نه سمجهن ڪنهنکي، گهٽ ڪسر.

 

سليم رضا ڀٽي دڙو

 

چڱي عادت

 

هڪ دفعي جو ذڪر آهي ته هڪ فقير درياءَ ۾ وهنجي رهيو هو ته هن پريان هڪ وڇون ڏٺو جو درياءَ جي پاڻي ۾ لڙهندو پئي ويو، وڇونءَ ڏاڍي پئي ڪوشش ڪئي ۽ هٿ پير پئي هنيائين ته من ڪو سهارو ملي وڃي ته هو ڪناري تائين پهچي وڃي. پر کيس ڪو به سهارو ڪو نه مليو، ۽  هو بيوس ٿي لڙهندو رهيو. فقير کي وڇونءَ جي هن بيوسي تي رحم اچي ويو. هو ترندو وڃي وڇونءَ جي ويجهو پهتو ۽ ان کي هٿ تي کنيائين. فقير وڇونءَ کي هٿ تي کڻي ڪناري ڏانهن پئي آيو ته وڇون فقير جي هٿ تي کڻي ڏنگ هنيو. فقير ڏنگ جي سور کان لڇڻ لڳو. ۽ وڇون سندس هٿ مان ترڪي وڃي پاڻيءَ ۾ پيو. فقير جڏهن ڏٺو ته وڇون پاڻيءَ ۾ ٻڏي رهيو آهي، تڏهن هن رحمدل فقير پنهنجو سور وساري ڇڏيو ۽ سوچڻ لڳو ته جيڪڏهن مون وڇونءَ جي جان نه بچائي ته شايد هو مري ويندو ۽ الله سائين مون تي ناراض ٿيندو. اهو خيال ڪري فقير وري وڇونءَ کي هٿ تي کڻي پاڻيءَ مان ٻاهر ڪڍي ڪناري تي آيو. وڇون ٻه ٽي دفعا فقير کي ڏنگ هڻڻ جي ڪوشش ڪئي مگر فقير ڏاڍي ڦڙتائيءَ سان کيس ڪڍي ٻاهر آيو. ۽  دل ۾ ڏاڍو خوش هو، ڇا ڪاڻ جو هن ويچاري هڪ وڇونءَ جي حياتي بچائي ۽الله تعاليٰ هن مان خوش ٿيندو، ۽ وڇون ته خبر ناهي ڪيڏانهن هليو ويو.

درياءَ جي ڪناري تي ٻيا ماڻهو به وهنجي رهيا هئا، ۽ فقير جو هي تماشو ڏسي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي رهيا هئا. انهن مان ڪيترن ئي ڄڻن وڇون کي پاڻي ۾ لڙهندو به ڏٺو هو پر ڪنهن ۾ به جرئت نه ٿي. جو وڇونءَ کي ڪناري ويجهو پهچائي. جڏهن هنن ڏٺو ته فقير ڏنگ لڳڻ کان پوءِ به وڇونءَ کي پاڻيءَ مان ڪڍي ساڳئي هٿ تي کڻي اچي ڪناري تي ڦٽو ڪيو. تڏهن انهن مان هڪ ڄڻي فقير کان پڇيو ته ”ادا جڏهن وڇون توکي ڀلائيءَ جي بدلي ۾ ڏنگ هڻي ڪڍيو، ته پوءِ وري تو کيس درياءَ مان ڪڍي زمين تي ڇو آندو؟“ تنهن تي فقير جواب ڏنو ته” ڀائو! ڏنگ هڻڻ ته وڇونءَ جي عادت آهي ۽ مصيبت ۾ ڪم اچڻ انسان جو فرض آهي. مون سوچيو ته جڏهن وڇون مرندي به پنهنجي عادت ڇڏي نٿو سگهي ته ٿوري تڪليف سهي، انسان پنهنجي چڱي عادت ڇو ڇڏي.“

 

ظهير احمد ميمڻ ٽنڊو محمد خان

 

بهادر ڇوڪر

 

ڳالهه ٿا ڪن ته ڪنهن ملڪ ۾ هڪ بادشاهه رهندو هو. جنهن کي اولاد ڪونه هو. گهڻئي پير فقير ڀيٽيائين، پر ڪٿان سندس اُميد پوري نه ٿي ۽ آسرو  لاهي ويهي رهيو. اُن ملڪ ۾ هڪ ڪاٺير رهندو هو،  جو ڪاٺيون ڪري پاڻ ۽ سندس ٻارن جو پيٽ گذران ڪندو هو. ان ڪاٺير کي ٻه پُٽ هئا، محمد وڏو ۽ احمد ننڍو. محمد بي عقل ۽ چرين وانگر پيو هلندو هو، ۽ احمد چالاڪ ۽ بهادر هو.

انهيءَ ملڪ ۾ هڪ ٻيلو هوندو هو، جنهن ۾ هڪ شينهن رهندو هو. شينهن روز شهر مان ٻه ٽي ماڻهو کائي ايندو هو. اها خبر جڏهن بادشاهه کي پيئي، تڏهن اچي ڳڻتي ورايس ۽ سوچيائين ته راهگناهه هيتري ساري رعيت مارجي ويندي، تنهنڪري هن پڙهو ڏياريو ته جيڪو به هن شينهن کي ماريندو، تنهن کي اڌ بادشاهي ڏيندس. اها خبر جڏهن احمد کي پيئي، تڏهن پڪو ارادو ڪيائين ته هن شينهن کي ضرور ماريندس. پوءِ احمد محنت ڪري هڪ تکو تير ڪمان ٺاهيو، ٻئي ڏينهن هو تير ڪمان ساڻ کڻي شهر ۾ آيو. پريان کان ئي ڏٺائين ته  شينهن پيو اچي، ۽ هڪ ڀت جي پويان لڪي ويهي رهيو، جڏهن شينهن ويجهو ٿيو تڏهن تيرڪمان کڻي اهڙو ته وٺي زور سان هنيائين جو وڃي شينهن جي ڇاتيءَ ۾ لڳو، ۽ اتي ئي ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويو. اها خبر جڏهن بادشاهه کي پيئي تڏهن ڏاڍو خوش ٿيو ۽ احمد کي گهرائي سڄي بادشاهي احمد جي حوالي ڪيائين. پاڻ به پوڙهو ٿي چڪو هو، انڪري باقي زندگي خدا جي عبادت ۾ گذاريائين. احمد پنهنجي ماءُ پيءُ ۽ ڀاءُ کي گهرائي، ڏاڍي مزي سان حڪومت هلائڻ لڳو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com