سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 4

باب: --

صفحو : 7

 

اسلم قاضي

سنڌ جون عوامي رانديون

 

 

سنڌو ماٿريءَ ۾ اهڙين راندين جي کوٽ ڪانهي، جن کي عوامي حيثيت  حاصل هجي، اها ڳالهه ٻي آهي ته انهن مان ڪن راندين مان هاڻي دلچسپي گهٽجي ويئي آهي. ان هوندي به سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڏن ۽ ننڍن جي وندر لاءِ جدا جدا قسمن جون رانديون کيڏيون وڃن ٿيون. ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ به جدا جدا رانديون آهن. هونئن ته رانديون اڪثر ڪري، هر موسم ۾ کيڏيون وڃن ٿيون. ان هوندي به سياري ۾ راندين جي ڌم مچيو وڃي. ننڍن ڳوٺن کان وٺي وڏن شهرن تائين، گهرن، گهٽين ۽ رستن تي رانديون ئي نظر اينديون. اِٽي ڏڪر، گولين راند، لاٽو، لغڙ وغيره. لغڙ اُڏائڻ ۾ ته وڏا به حصو وٺندا آهن. بهار جي موسم ۾ ”چور پوليس“ راند جو واڌارو ٿئي ٿو ۽ اونهاري ۾ انهن راندين جي حيثيت بدلجيو وڃي. ڇوڪرا اڪثر ڪري ”سٽ ڪّٽ“، ”کيروٽي“ ۽ ”ليٽ ڪبوتر“ کيڏن ٿا. سٽ ڪٽ، ڪپڙي يا سُٽ جي ٺهيل کينهوڙي سان کيڏي ويندي آهي. کير وٽي ۾ ڇوڪرن جون ٻه ٽوليون هونديون آهن، جن مان هڪ مٽيءَ جي ڍيرن ۾ ڪاٺ جون ٽڪريون لڪائيندي ۽ ٻي ٽولي، اهي ڳوليندي. جي جي ڳولڻ ۾ ڪامياب ويئي ته ان راند کٽي. هن موسم ۾ ڇوڪرين جون رانديون پينگهه ۽ چيڪلو آهن. چيڪلي راند ۾ ٻه ٻه ڇوڪريون هڪٻئي جي هٿن ۾ هٿ ڏئي چوڦير ڦرنديون آهن، ان جا خاص ٻول هي آهي:

چيڪلي پايان پير گسان،

پير ۾ ڪنڊولالو سونارو منڊو.

ڪي رانديون مثلن لڪ لڪوٽي ۽ ڦر ڦر سؤنٽو، ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏ يا الڳ ٽوليون ٺاهي کيڏندا آهن.  لڪ لڪوٽيءَ راند ۾ هڪ ڇوڪر ٻين کان پڇندو ته سون جو تاج ڪنهن پاتو پوءِ ڪنهن به چيو مون پاتو  ته ان جون اکيون بند ڪري ويهاريو ويندو آهي ۽ ٻيا ڇوڪرا پنهنجي هڪ هڪ مُٺ، هن جي مٿي تي رکي، هڪ مينار ٺاهيندا آهن. پوءِ سڀ ڇوڪرا يڪ آواز ٿي چوندا: ڪنگر ڪي لوٽو، پاڻي ڀري ڦوٽو، ڦوٽا چٽيندس، لونگ لٽيندس، هيٺيون ڪ مٿيون.

جنهن جو مطلب ته هيٺيون ڇوڪرو وڃي يا مٿيون ۽ هن جي جواب مطابق، هڪ ڇوڪرو وڃي لڪندو آهي ۽ اهڙيءَ طرح جڏهن ڇوڪرا وڃي لڪندا آهن ته هو انهن کي ڳولي کاپائيندو آهي. هي راند خاص ڪري چانڊوڪين ۾ مزو ڏيندي آهي. ڦر ڦر سؤنٽو ۾ سڀ ٻار گول ٺاهي ويهندا آهن. ۽ هڪ ٻار، ڪپڙي جو وٽيل سؤنٽو کڻي ان کي گول جي چوگرد ڦرندو آهي ۽ هي ٻول ٻوليندي آهي:

ڦر ڦر سؤنٽو دٻلي ٿي ڇڻڪي،

سون سون پاڻي ڏي دٻلي ڇڻڪائي ڏي.

ان وچ ۾ سؤنٽو اوچتو ڪنهن به ٻار جي پٺيان رکجي ويندو، جي هن کي خبر نه پئي ته کيس ٻه چار سؤنٽا به کائڻا پوندا ۽ آنگ به ڏيڻي پوندي.

ڏاڪ چمي ۽ ڏائي رانديون به خاص رانديون آهن. ڏاڪ چميءَ جو مطلب آهي ته ” ڪاٺ چمڻ“ هيءَ راند، انب، پپر  يا نم جهڙن ڇانو ڪندڙ وڻن هيٺ کيڏي ويندي آهي. ڪاٺ جي ننڍي ڏنڊي پري اڇلائي وڃي ٿي. آنگ ڏيڻ وارو، اها کڻڻ لاءِ وڃي ٿو، باقي ڇوڪرا وڻ تي ڇڙهي وڃن ٿا. آنگ وارو ڏنڊي کڻي وڻ تي چڙهندڙن مان ڪنهنکي کپائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ڏائي راند پاڻيءَ ۾ کيڏي ويندي آهي.

ارچڪ مرچڪ، چيچمڪڙو، گل گلولي، رانديون ٻار خاص طور کيڏندا آهن. هنن راندين جا ٻول به نهايت دلچسپ هوندا آهن. انهن مان چند چند هي آهن:

”ارچڪ مرچڪ“ راند جا ٻول هن ريت هي آهي:

ارچڪ مرچڪ ڌاڻا ڌرچڪ

آنگ پٽيهر ٽويو ٽيهر

نانگڻ جوڳڻ کارا کٽي پئي ڇٽي.

گڏين جي راند جا ڪيترائي ٻول آهن، جيڪي سنڌ جي جدا جدا علائقن ۾ جدا جدا هوندا آهن، ڪي ٻول هي آهن.

 

ٽنڊڻي ٽنڊڻي

اسين تنهنجا ماڻهو

چٻينداسين ڏاڙهون

هوءَ ککر ڪهڙي

ستن ڀائرن جهڙي

ستئي پرڻايان

اڇو جبو پايان

اچي جي ليهه

منهنجا ڀائر ٽيهه

ٽيهن ۾ ڪٽوريون

الله ڏيندو ابي کي

سون پائيندو ننهرن کي

هيرا موتي ڏيرن کي

انڌي گڏهه دائيءَ کي.

 

چيچمڪڙو راند ۾ هڪ ٻار آنگ ڏيڻ ويندو آهي. باقي ٻار گهيرو ٺاهي گوڏن تي هٿ رکي ويهندا آهن،انهن مان هڪ جي هٿ ۾ ٺڪري يا پٿر هوندو آهي ۽ اهو چوندو آهي.

 چيچمڪڙو ڪنهن کي ڏيان باقي ٻار چوندا آهن:

ادا ڀائو مون کي ڏي.

 ان ريت هو ڪنهن به هڪ کي ٺڪري ڏيندو آهي ۽ سڀ گڏجي چوندا آهن:

آ ڪانگ تنهنجي منيءَ تي موچڙو

پوءِ آنگ ڏيندڙ ڇوڪرو، اچي اها ٺڪري ان جي هٿ مان ڪڍندو آهي، جي غلط ڇوڪري جي نالي چيائين ته پوءِ سڀ گڏجي چوندا آهن:

هڪ ٽڪي کير ڀري،

ٻي به ڏيندو الله.

آنگ ڏيندڙ ٻار وري ٻي آنگ ڏيندو. جيڪڏهين ان ٻار ست ڀيرا ٺڪري يا ڀتر هٿ نه  ڪيو ته پوءِ  سندس اکيون، ٻڌي، کيس لٺ هٿ ۾ ڏيندا آهن ۽ سڀ ٻار ڀڄي ويندا آهن، آنگ ڏيندڙ لٺ کي ڦيرائيندو آهي، پوءِ جنهن کي به لڳندي آهي،اهو آنگ ڏيڻ ويندو آهي. هيءَ راند ڏيڍي دلچسپ هوندي آهي.

سنڌ جون هي ۽ اهڙي قسم جون ٻيون رانديون نه فقط ٻارن جي تفريح طبع لاءِ آهن، پر طبي اعتبار کان سندن صحت تي به سٺو اثر پوي ٿو. وڏن جون رانديون وري جدا جدا ۽ مختلف قسمن جون هونديون آهن، جن ۾ ونجهوٽي، ٻيلهاڙو، ڪوڏي ڪوڏي به اچي وڃن ٿيون.

 

اوهان جو امتحان

421052631578947368 ، هيءَ هڪ رقم آهي. جنهن ۾ صرف هڪ انگ جي جاءِ بدلائڻ سان، اها رقم هڪ سيڪنڊ ۾ ٻيڻي ٿي ويندي. اهو انگ ڪهڙو آهي ۽ ڪٿي رکبو؟ ان سوال جو جواب 10 مئي 1975ع کان اڳي ڏياري موڪليو. صحيح جواب ڏيندڙ ٻارن جا نالا جون جي پرچي ۾ شايع ڪيا ويندا. ايڊيٽر

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com
Swiss Replica Watches