سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 4

باب: --

صفحو : 9

 

هنن سان ملو

 

 

310. نالو: محمد محسن علي.

عمر: 10 سال.

وندر:ٽڪيٽون ۽ ويو ڪارڊ گڏ ڪرڻ ۽ قلمي دوستي.

ائڊريس 3/ 639 ڏنگر محله، جيڪب آباد.

 

311. محمد حنيف ڪانڌڙو.

عمر: 14 سال.

وندر: قلمي دوستي ۽ خطن جا جواب ڏيڻ.

ائڊريس: ڪلاس نائون گورنمينٽ هاءِ اسڪول دڙو.

 

312. ضمير احمد ابڙو”ناشاد“.

عمر: 16 سال.

وندر: قلمي دوستي رکڻ.

ائڊريس: گهر نمر 118/11 نزديڪ ناز سئنيما شڪارپور.

 

313. نالو: عبدالله سومرو.

عمر:13 سال.

وندر: رسالا پڙهڻ.

ائڊريس:حاجي صديق پان هائوس دڙو.

 

314. نالو: ڪنيز فاطمه پڙهندڙ ڪلاس ستون.

عمر: 12 سال

وندر: ڪتاب پڙهڻ.

ائڊريس: گرلس اسڪول دڙو.

 

315. نالو: محمد حنيف محمد عثمان ميربحر، پڙهندڙ ڪلاس اٺون.

عمر:13 سال.

وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ ڪرڪيٽ کيڏڻ.

ائڊريس: معرفت ٽيلر ماسٽر محمد حسن ميربحر ڳوٺ ڄار تعلقو سجاول.

 

316. نالو: امبارام ڍولارام پڙهندر ڪلاس اٺون.

عمر: 11 سال.

وندر: رسالا پڙهڻ.

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊو ڄام.

 

317. نالو گل حسن زرداري پڙهندڙ ڪلاس نائون.

عمر: 14 سال.

وندر: قلمي دوستي رکڻ،گل ڦل پڙهڻ، ٽڪليون گڏ ڪرڻ.

ائڊريس:گورنمينٽ هاءِ اسڪول سرهاڙي ضلع سانگهڙ.

 

318. نالو: شهر بانو پڙهندڙ ڪلاس ستون.

عمر: 12 سال.

وندر: ڪتاب پڙهڻ ۽ ڀرت جو ڪم.

ائڊريس: گرلس اسڪول دڙو.

 

319.نالو: محمد اشرف فيض محمد نظاماڻي.

عمر: 16 سال

وندر: ونجهه کيڏڻ ۽ سنڌي رسالا پڙهڻ.

ائڊريس: معرفت محمد صديق درزي ليار جا گير پوسٽ آفيس راڄو خاناڻي.

 

320. نالو: ڀڳت، ڊي،گوراڻي.

عمر: 15 سال.

وندر: لکڻ ۽ پڙهڻ.

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول غوثپور.

 

321. نالو: شاهنواز هوت بلوچ پڙهندڙ ڪلاس ستون.

عمر: 15 سال.

وندر: گل ڦل ۾ ليک موڪلڻ.

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول جهڏو.

 

322. نالو: محمد عالم غلام محمد عباسي، ڪلاس نائون.

عمر: 14 سال.

وندر: قلمي دوستي.

ائڊريس: معرفت علي اڪبر عباسي هائوس نمبر9،اسپتال روڊ، نوابشاهه.

 

323. نالو: عبدالمجيد محمد خان پڙهندڙ درجو ڇهون.

عمر: 13 سال

وندر: گل ڦل پڙهڻ.

ائڊريس: پرائمري اسڪول غريب آباد، بدين.

 

324. نالو: درشن مل گرڌاري مل پڙهندڙ ڪلاس ستون.

عمر: 12 سال.

وندر: سنڌي ڪتاب پڙهڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ.

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپور ماٿيلو.

 

325. نالو: سيف الله عبداللطيف ساند پڙهندڙ درجو اٺون.

عمر: 13 سال.

وندر: گل ڦل پڙهڻ، رانديون ڪرڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ.

ائڊريس: گهر نمبر 10 پهڻاريه ننگر پارڪر، سنڌ.

 

326. نالو: خالد احمد شيخ پڙهندڙ ڪلاس اٺون.

عمر: 12 سال.

وندر: قلمي دوستي.

ائڊريس: ماڊل هاءِ اسڪول سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد.

 

327. نالو: قيمت راءِ سنڌي، پڙهندڙ مئٽرڪ.

عمر: 15 سال.

وندر: قلمي دوستي.

ائڊريس: معرفت مرچو مل سگريٽ مرچنٽ، اناج منڊي، ٽنڊومحمد خان.

 

328. نالو ڪرتار لعل هرچند راءِ پڙهندڙ ڪلاس نائون.

عمر: 15 سال

وندر:گل ڦل ۽ ٻيا رسالا پڙهڻ  ۽ قلمي دوستي.

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتو ديرو.

 

329. نالو: عبدالله شيخ پڙهندڙ ڪلاس پنجون.

عمر: 10 سال

وندر: راند ڪرڻ.

ائڊريس: معرفت ظهيرالدين شيخ ڪلاس نائون، گورنمينٽ هاءِ اسڪول مٽياري.

 

330. نالو:طارق لغاري پڙهندڙ ڪلاس نائون.

عمر: 12 سال

وندر: پڙهڻ ۽ لکڻ.

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ڊگهڙي.

 

331. نالو: محمد خان مري، پڙهندڙ ڪلاس ستون.

وندر:ڪرڪيٽ راند ڪرڻ ۽رسالا پڙهڻ.

ائڊريس: دارالعلوم قاسميه هاءِ اسڪول،ميرپورخاص.

 

332. نالو: جهانگير احمد کوهارو، پڙهندڙ ڪلاس نائون.

عمر: 14 سال.

وندر: قلمي دوستي.

ائڊريس: ميمڻ محلا بنگلو نمبر 507/3، شڪار پور سنڌ.

 

333. نالو: ڌرمپال، پڙهندڙ ڪلاس نائون.

عمر: 15 سال.

وندر رسالا پڙهڻ.

ائڊريس: معرفت شمن لعل گرين مرچنٽ،ڪنڌڪوٽ.

 

334. نالو: خليل حبيب ميمڻ پڙهندڙ ڪلاس نائون.

عمر: 14 سال.

وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ معلوماتي ڪتاب پڙهڻ.

ائڊريس: بنگلو نمبر 177 واڳڻو در ميمڻ محلا شڪارپور سنڌ.

 

335. نالو: ڪمار ماڻڪ مل پڙهندڙ ڪلاس ڇهون.

عمر: 12 سال.

وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ گل ڦل پڙهڻ.

ائڊريس: گورنمينٽ ڀٽائي مڊل اسڪول ڪنڌڪوٽ.

 

336. نالو: اندر لعل تلريجا. پڙهندڙ ڪلاس ڇهون.

عمر: 12 سال.

وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ قلمي دوستي.

ائڊريس: گورنمينٽ ڀٽائي مڊل اسڪول ڪنڌڪوٽ.

 

337. نالو: حبيب الله فاضلاڻي پڙهندڙ ڪلاس ڇهون.

عمر: 12 سال.

وندر: ڪتاب پڙهڻ.

ائڊريس: معرفت ڪلاٿ مرچنٽ فاضلاڻي.

 

338. نالو: عبدالعليم کٽي پڙهندڙ ڪلاس نائون.

عمر: 12 سال.

وندر: سنڌي رسالا پڙهڻ.

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول سجاول.

 

339. نالو: شوڪت علي سومرو، پڙهندڙ ڪلاس اٺون.

عمر : 15 سال.

وندر سنڌي رسالا پڙهڻ.

ائڊريس: گورنمينٽ نازهاءِ اسڪول خيرپور ميرس.

 

340. نالول زڪاءِ الله فاروقي.

عمر: 15 سال.

وندر: ٻاهرين ملڪن جو لٽريچر ۽ سنڌي رسالا پڙهڻ ۽فوٽا گڏ ڪرڻ.

ائڊريس: ايس777 يونٽ نمبر 1، شاهه لطيف آباد، نوابشاهه سنڌ

 

341. نالو: عبدالرزاق کٽي پڙهندڙ ڪلاس ڏهون.

عمر: 15 سال.

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ.

ائڊريس: گورنمنيٽ هاءِ اسڪول تلهار سنڌ.

 

342. نالو: رامچند هاسيجا. پڙهندڙ مئٽرڪ.

عمر: 16 سال.

وندر: رسالا پڙهڻ، قلمي دوستي  ۽ ٽڪليون گڏ ڪرڻ.

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول غوثپور سنڌ.

 

343. نالو: اقبال احمد بلوچ پڙهندڙ ڪلاس ستون.

عمر: 13 سال.

وندر: رسالا ۽ ڪتاب پڙهڻ.

ائڊريس: ميونسپل هاءِ اسڪول حسين آباد گدو.

 

344. نالو: اشوڪ ڪمار پڙهندڙ ڪلاس ستون بي.

عمر: 13 سال.

وندر: رسالا پڙهڻ ۽اسڪول جو ڪم ڪرڻ.

ائڊريس: گورنمينٽ ڀٽائي مڊل اسڪول ڪنڌڪوٽ.

 

345. نالو: ارشاد احمد ولد علي نواز شيخ (پڙهندڙ ڪلاس ستون اي)

عمر: 10 سال.

وندر: رسالا پڙهڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ.

ائڊريس: گهر نمبر 216-10 گهراڻي گهٽي، شڪارپور.

 

346. نالو: محمہ  انور ”رانا“.

عمر: 14 سال.

وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ گل ڦل پڙهڻ

ائڊريس: سومرا پان هائوس نزد مدينه مسجد دڙو تعلقو ميرپور بٺورو.

 

347. نالو:نانڪرام.

عمر: 13 سال.

وندر: گل ڦل پڙهڻ.

ائڊريس: گورنمينٽ ڀٽائي مڊل اسڪول ڪنڌ ڪوٽ.

 

348. نالو:اندر لعل ايل دي پياسي.

عمر:13 سال.

وندر: قلمي دوستي رکڻ.

ائڊريس: گورنمينٽ ڀٽائي مڊل اسڪول، ڪنڌڪوٽ.

 

349.نالو: محمد خان ڪڇي ميمڻ ولد ميان محمد عثمان( پڙهندڙ ڪلاس ڏهون).

عمر: 14 سال.

وندر: سنڌي رسالا پڙهڻ.

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول دڙو ضلعو ٺٽو.

 

سلام ۽ سنيها

 

 

ادا،

مون کي افسوس آهي جو توهان پنهنجا خط پڙهڻ کانسواءِ، ردي ٽوڪريءَ جي حوالي ٿا ڪريو. سو ڇو؟ مون اوهان ڏانهن لطيفا ۽ ٻه ڪهاڻيون موڪليون آهن، اهي به شايع ڪونه ٿيا. هاڻي جواب نه مليو ته گل ڦل پڙهڻ جي پچر ڇڏي ڏيندس. شبانه پروين دڙو.

(ادي، ايڏي ڪاوڙ به ڪا سونهين، خط واري سان شايع ٿين پيا. هاڻي ته ڪاوڙ ڇڏ. تنهنجون ڪهاڻيون ۽ لطيفا پهتل آهن، جلد شايع ڪبا. دلجاءِ ڪر.)

 

ادا، هي پنجون خط آهي، آءُ ادي ظهيرالدين جي تجويزن سان متفق آهيان. ائين ڪرڻ سان ٻارن ۾ وڌيڪ سجاڳي ايندي ۽ چاهه پيدا ٿيندو. مون هڪ ڪهاڻِي ”بخت جي بازي“ موڪلي هئي. ان جو ڇا ٿيو.هڪ صفحو ناقابل اشاعت جو به رکو.

يوسف حيدر شيخ ڪنڌڪوٽ.

(ڀاءُ، اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ٻارن جي پسند وارو مواد شايع ڪريون ۽ جلد ئي ان تي عمل ٿيندو. رسالو ڪجهه انتظامي مجبورين ڪري دير سان ڇپبو هو. انشاءالله هاڻي اوهان کي شڪايت نه رهندي، ڀلا، اوهان کي پنهنجي آکاڻي هن پرچي ۾ نظر آئي؟)

 

ادا، مون رسالو گل ڦل پڙهيو، ڏاڍو پسند آيو. بدقسمتيءَ سان آءُ سنڌيءَ جا صرف ٻه درجا پڙهيو آهيان ۽ان کان پوءِ مون اردو اسڪول ۾ پڙهڻ شروع ڪيو آهي. مون کي جنرل ناليج گهڻي آهي، جي آءُ شايع ڪرائڻ گهران ٿو. اوهان پنهنجي رسالي ۾ سوال وجواب جو ڪالم ڏيو ته بهتر ٿيندو.

مسعود چنا ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو.

(ادل، سنڌي پنهنجي ٻولي آهي، ان کي ته ڇڏي ڪونه سگهبو. گل ڦل اوهان کي پسند آيو ان لاءِ مهرباني. اوهان پنهنجو مواد ائين موڪليو جيئن خط لکيو اٿو. اوهان جي سنڌ پاڻهي ٺهي ويندي. سوال جواب جو ڪالم زير غور آهي.)

 

ادا شوڪت،

گل ڦل جي جيتري به تعريف ڪجي اها ٿوري آهي. پر رسالي کي سينگارڻ لاءِ منهنجين هيٺين ڳالهين تي به غور  ڪيو ته سٺو ٿيندو: 1_رسالي ۾ ٻارن جا فوٽا ڏيو. 2_ رسالي کي رنگين بنايو 3_ سنڌي ڳوٺن ۽ شهرن جو تعارف ڪرايو ته ڏاڍو سٺو ٿيندو.

گلزار علي ميمڻ دڙو.

(ادا، رسالي جي تعريف لاءِ مهرباني. هي اوهان جو پنهنجو رسالو آهي، انڪري اوهان جي رٿن تي ضرور عمل ڪنداسون، پر آهسته آهسته.)

 

ڀاءُ،

اوهان کي رسالي جي سالگرهه مبارڪ هجي، ”چالاڪ ٻڪرار“ ۽”چالاڪ پوڙهو“ مون کي ڏاڍا وڻيا. مهرباني ڪري هڪ معلوماتي مقابلو يا ذهني آزمائش جو سلسلو شروع ڪريو ته ڏاڍوسٺو.

سردار احمد ”ناز“ حيدرآباد.

(ادا، مبارڪون اوهان کي هجن جو هي رسالي اوهان جو آهي، نون سلسلن لاءِ جلدئي اوهان کي خوشخبري ڏئي.)

 

پيار ادا،

گذريل پرچو هڪ شاهڪار پرچو هو، مهرباني ڪري رسالي کي وڌيڪ  سينگارڻ لاءِ هيٺين ڳالهين تي به ڌيان ڏنو وڃي: 1”ڀلا ٻڌايو ته“ وري شروع ڪيو وڃي. 2. ٻارن کي لکڻين تي ڪجهه نه ڪجهه انعام ڏنو وڃي. 3. ڪا باتصوير ڪهاڻي قسطوار شروع ڪئي وڃي. 4. ناقابل اشاعت مضمونن جي فهرست ڏني وڃي.

مظفر علي قريشي نوابشاهه.

(ادا، اوهان جون تجويزون ڏاڍيون سٺيون آهن، پر ڪن لاءِ في الحال اڃا انهن کي شروع ڪرڻ لاءِ حالات سازگار ڪونهن، ۽ ڪن تي عمل جلد ڪيو ويندو.“

 

جناب ايڊيٽر صاحب،

گل ڦل کي پڙهي خوشي ٿي پر جيڪڏهن اوهين رسالي ۾ سوال جواب، انعامي مقابلو، قسطوار بهترين آکاڻي ڏيو ته ڏاڍو سٺو.

الهه بچايو صابر جگسي ماتلي.

(ادل، اوهان جي تجويزن تي جلد ئي عمل ڪبو. رسالي جي پسند لاءِ مهرباني.)

 

ڀائو، گل ڦل هر مهيني پڙهون پيا. اڃا به شاندار بنايو ته چڱو. ڪيترو نه سٺو ٿئي جو توهان هر مهيني سنڌ جي سورمن جي مختصر ڪهاڻي فوٽي سميت ڏيو. ان کان سواءِ  سنڌ جي سٺن شاعرن، اديبن ۽ دانشورن بابت به ڪجهه احوال ڏيو. ڇا توهان ائين ڪندو.؟

زرين فرحت اعواڻ لاڙڪاڻو.

(ادي، بلڪل ڪنداسون. اسان ته چاهيون ٿا ته اسان جا ٻارڙا، پنهنجن وڏن جي حالات، ڪردار ۽ جوهر کان واقف ٿين. اوهان ئي کڻي شروعات ڪريو. هي رسالو اوهان جو پنهنجو آهي.)

 

پيارا ڀاءُ،

مان گل ڦل هر مهيني وڏي شوق سان پڙهندو آهيان. جو هاڻي بيحد دلچسپ ۽ مزيدار ٿيندو وڃي ۽ مون کي خط لکڻ تي مجبور ڪيو اٿس. مان پنهنجي دل جي گهرائين سان هن پرچي کي پسند ڪندو آهيان، ڇو جو اسان جي سنڌي ٻارن لاءِ اهو مستقبل جو ڏيئو آهي. مان پنهنجي وڏي ڀاءُ هٿان هي پرچو گهرائيندو آهيان. روزانو هڪ آنو بچائي گل ڦل لاءِ هڪ رپيو بنائيندوآهيان. جيڪو ڀائوءَ کي ڏيئي گل ڦل گهرائيندو آهيان. هڪ دفعي مون کي ڀاءُ چيو ته گل ڦل توکي هتي ئي باغن مان ملي ويندا، شهر کان ڇو ٿو گهرائين؟ مون جواب ڏنو ”ادا، هي هڪ رسالو آهي. جيڪو سنڌي ٻارن لاءِ آهي.“ پوءِ کلي چيائين چڱو، آءُ ڪيئن به آڻيندس.

رسول بخش خاصخيلي ڳوٺ سومار ڪنڊاڻي. ملير ڪراچي.

(ادڙا، توکي گل ڦل ايتريقدر پسند آهي جو شوق سان ٻين ٻارن وانگر پيسا بچائي گل ڦل وٺندو آهين. سو ڄاڻي بيحد خوشي ٿي، اميد ته گل ڦل سان اها دلچسپي قائم رهندي.)

 

ادا،

مون اوهان ڏي ٻه ٽي خط موڪليا آهن، هڪ خط ميمبر شپ لاءِ ٻين خطن ۾ ليک موڪليا آهن. پر اهي هن مهل تائين رسالي ۾ شايع نه ڪيا  آهن. اوهان هڪ نظر ڪري خاص ٻارن کي نوازيو ٿا ۽ ٻهراڙيءَ جي ٻارن کي رسالي ۾ لفٽ ڪونه ٿا ڏيو ۽ اسان جي ليک رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ داخل ڪري ٿا ڇڏيو. پيارا ڀاءُ، مهرباني ڪري پنهنجي اختيار ڪيل نموني کي ڇڏيو ۽ اسان ٻهراڙيءَ جي ٻارن جي ڪوٽا وڌايو. اها ڪوٽا ائين وڌي سگهي ٿي ته اسان ٻهراڙيءَ جي ٻارن کي رسالي ۾ خاص اهميت ڏيو ۽ وڌ ۾ وڌ اسان جا ليک رسالي ۾ شايع ڪيو. اسان ٻارن جا موڪليل ڪچا پڪا ليک درست ڪري رسالي ۾ شايع ڪندا ڪريو.

حافظ ملڪ محمد ايوب پڊعيدن.

(ڀائڙا، ائين هرگز ڪونهي، جيئن تو سمجهيو آهي، اسان لاءِ ڳوٺاڻا توڙي شهري ٻار هڪجهڙا آهن، اسان وٽ ڪو به فرق ڪونهي. ڪنهن به لکڻيءَ کي شايع ڪرڻ لاءِ رڳو هڪڙو شرط آهي ته اها سٺي هجي. اميد آهي ته هاڻي تنهنجي غلط فهمي دور ٿي ويئي هوندي.)

 

ڀاءُ شوڪت حسين،

احوال ته آءُ ڪيتري وقت کان گل ڦل پڙهندو پيو اچان، هر رسالو هڪٻئي کان مزيدار هوندو آهي. آءُ ٻه آکاڻيون ۽ هڪ افسانو موڪلي رهيو آهيان، مهرباني ڪري اهي اسان جي پياري رسالي ۾ شايع ڪندا، مون کي رسالي وٺڻ ۾ ڏاڍي تڪليف ٿئي ٿي. انهيءَ لاءِ اوهان ٻڌايو ته ڇا ڪريان.

نظام الدين درس راڄو نظاماڻي.

(ادا، رسالي کي پسند ڪرڻ لاءِ مهرباني، تنهنجو موڪليل مواد شايع ڪرڻ جهڙو ناهي. اميد ته دل ۾ نه ڪندين ۽ وڌيڪ سٺو مواد لکي موڪليندي. رسالي حاصل ڪرڻ لاءِ مئنيجر بوڪ اسٽال، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو ڏانهن ڏاهه رپيا مني آرڊر ڪري ڇڏ، گهر ويٺي هر مهيني اوهان کي رسالو، ٽپالي پهچائي ويندو.)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com