سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 7

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل 7

غلام رباني

 

گذارش

 

پيارا ٻارو!

اوهان جون موڪلون اڃا جاري آهن، ان سان گڏ گرمي به اڄڪلهه چوٽ تي آهي. سنڌ جي ڪن ڪن هنڌن تي سارنگ پنهنجا سانگ ڪيا آهن، پر ڪي ڪي هنڌ اڃا اُڃايل آهن. مانڊاڻ متل آهي، الله ۾ آسرو آهي ته ساوڻ سنڌڙيءَ کي سرهو ڪندو.

جولاءِ جو گل ڦل اوهان جي آڏو آهي، اوهان پنهنجي خطن رستي جيڪا اسان جي حوصلي افزائي ڪئي آهي، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته گل ڦل جي مقبوليت روز بروز وڌندي رهي ٿي. هن پرچي ۾ وڏن جو مواد گهٽ ۽ ننڍن جو مواد گهڻو ڏنو ويو آهي، ان هوندي به ٻارن جا شڪايتي خط اچن ٿا. ان جو سبب اهو ئي آهي جو سڀ ٻار چاهين ٿا ته جنهن ڏينهن اسان خط لکون، ان ئي ڏينهن مواد شايع ٿي وڃي. سو پيار ٻارو؛ اهو ته ناممڪن آهي. اسان هر پرچي جي تياري هڪ مهينو اڳواٽ ڪريون ٿا، ان ڪري مواد تڪڙو شايع ٿيڻ لاءِ شڪايت نه ڪرڻ کپي. ڪيترا ٻار نظم موڪلين ٿا، حالانڪه اهي نظم يا ته صحيح فارم ۾ نه هوندا آهن يا ڪن وڏن شاعرن جا لکيل هوندا آهن، جن کي نقل ڪري يا ٿوري ڦيرگهير ڪري موڪليا وڃن ٿا. اهو ٺيڪ نه آهي. ٻار شاعرن جا سٺا نظم اسان اصلاح بعد شايع ڪندا رهندا آهيون. اسان چاهيون ٿا ته ٻارن ۾ شاعرانه صلاحيتون پيدا ٿين. پر ان جو مطلب اهو نه آهي ته نقل ڪجي. ڪهاڻين ۾ ڪيتريون لوڪ ادب يا 1959ع – 19560ع جي گل ڦل تان نقل ڪيون وڃن ٿيون. ان ڪري اسان کي ڪهاڻيون چونڊڻ ۾ ڏاڍي تڪليف پهچي ٿي. اسان هتي اهي مثال ڪونه ٿا ڏيون پر جن به ٻارن ڪهاڻيون نقل ڪري موڪليون آهن، انهن کي سجهندي هوندي. نقل ڪرڻ جي عادت ڇڏي ڏيو ۽ اڄ جي حالتن مطابق ڪهاڻيون لکي موڪليو، اگر انهن ۾ ڪا گهٽ وڌائي هوندي ته اسان انهن کي پاڻهي ٺاهينداسون. اهڙيءَ طرح ٻين ڪالمن، خاص ڪري ’هنن سان ملو‘ لاءِ تڪڙ ڪرڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته اسان وٽ ٻارن جي تعارف جو انگ 600 کان به چڙهي ويو آهي. ٻار وري وري لکن ٿا، گمان آهي ته ٻٽا نالا شايع ٿي نه وڃن. اسان هن ڪالم کي چار صفحا ڏنا آهن، جن ۾ 30 کان 40 تائين نالا اچي سگهن ٿا. اهڙيءَ طرح ”سلام ۽ سنيها“ جي ڪالم لاءِ به ٻارن طرفان اُٻهرائي جو مظاهرو ڪيو وڃي ٿو. هن ڪالم لاءِ به هڪ جدا رجسٽر رکيل آهي، ان موجب سندن خط شايع ڪيا وڃن ٿا. جن به ٻارن جا خط جواب طلب نه هوندا آهن، انهن جا صرف نالا شايع ڪندا رهون ٿا. پروليون ۽ لطيفا به پراڻن سنڌي رسالن يا گل ڦل جي پراڻن پرچن تان نقل ڪيا وڃن ٿا، جنهنڪري به پڙهندڙنوٽان ناراضگيءَ جا خط اچن ٿا. ان ڪري ٻارن کي گهرجي ته پروليون ۽ لطيفا نوان نوان لکي موڪلين، جيئن مواد جي صورت ۾ گل ڦل اڳي کان اڳرو ٿي سگهي.

اسان کي اميد آهي ته اسان جا ننڍڙا ڀائر ۽ ڀينرون هن گذارش تي خاص ڌيان ڏيندا، جيئن سندن گل ڦل کي سرسبز ۽ شاداب بنائڻ ۾ ڪا ڪسر نه رهجي وڃي.

 

رني ڪوٽ بابت وضاحت

 

گذريل پرچي ۾ رني ڪوٽ بابت هڪ تصوير ۽ معلوماتي مضمون ڏنو ويو هو. دراصل رني ڪوٽ، علي آباد نه آهي، ڇاڪاڻ ته اهو قلعو چين جي ڀِت وانگر دنيا جو پراڻو قلعو آهي، جيڪو اٽڪل ٽي هزار عيسوي سن کان اڳ، ساساني دور ۾ جڙيل آهي. هي قلعو ارڙهن ميلن جي گهيرائي ۾ پکڙيل آهي، ۽  هن جي مضبوطي ۽ جوڙجڪ سڄي دنيا ۾ مڃيل آهي. علي آباد يا ميري قلعو، ننڍڙو قلعو آهي، جو رني ڪوٽ جي ڪنهن حصي وٽ ميرن جي حفاظت لاءِ جوڙايو پئي ويو پر ان جي لاءِ پورا ذريعا استعمال ٿي ڪونه سگهيا. اميد آهي ته پڙهندڙ رني ڪوٽ بابت هي وضاحت خاص طور نوٽ ڪندا. چڱو هاڻي اجازت.

 

- اوهان جو پنهنجو

انور هالائي

 

امداد حسيني

اَلولي

 

(ٻاراڻا ٻول، سنڌي ٻوليءَ جو عظيم ورثو آهن. جيڪي جدا جدا موسمن، وقتن، ڏينهن وار ۽ راند روند وقت ٻارن جي واتان اچانڪ نڪرندا آهن ۽ اڳتي هلي اهي ٻوليءَ جو حصو بنجي ويندا آهن. سنڌ جي نئين فڪر جي ترجمان شاعر امداد حسينيءَ، انهن ٻولن جي روايت کي نواڻ بخشي، هي اَلولي خاص گل ڦل لاءِ لکي آهي ۽ وعدو ڪيو آهي ته هو گل ڦل لاءِ اهڙيون اَلوليون لکندو رهندو. اميد آهي ته ٻار پڻ ان کي پسند ڪندا. – ايڊيٽر)

 

ڀت تي نوڙي،

مينهن آيو ڊوڙي،

پاريلن جي جوڙي،

اچي ويٺي ڇت تي،

داڻا رکيم ڀت تي.

چُڳي ويو ڳيرو،

مينهن ڏنو ڦيرو.

ڳيرو لٿو کٽ تي!

ناني تنهنجو ڍيرو،

پيو آهي پٽ تي.

ناني ڊوڙي ٻاهر،

ڍيرو کڻي هُو،

ڳيرو اُڏاڻو،

اسان وڃي کاڌو،

مکڻ جو چاڻو.

نانيءَ کنيو لڪڻ،

اڳيان آئي چِڪڻ.

ڀت تي جهرڪي،

ناني پئي ترڪي.

ڀڳاسين ڊپ ۾،

گتاسين گپ ۾.

کٽ تي ڳيرو،

کلي ٿيو کيرو!

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com