سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 7

باب: --

صفحو :9

 

کل ته سهي!

 

محمد وارث ڏاهري شاهپورچاڪر

پٽ(ماءُ کي): امان دوزخ ۾ به اسڪول هوندا آهن يا نه؟

ماءُ: نه پٽ، دوزخ ۾ وري اسڪول ڪٿان آيا.

پٽ: ته پوءِ ماڻهو اوڏانهن وڃڻ کان ڇو ٿا ڊڄن.

عبدالسلام دائودپوٽو نصرپور

استاد (شاگرد کان): اهي اکر ڪنهن چيا آهن ته ”پٽ، ڊوڙي وڃ دير نه ٿي وڃي.“

شاگرد: سائين، اهي اکر منهنجي پيءُ مون کي ناس وٺڻ وقت چار آنا ڏيئي چيو ته ”پٽ ڊوڙي وڃ دير نه ٿي وڃي.“

 

الطاف حسين سهتو ڳوٺ صالح سهتو

مالڪ (نوڪر کي): اڙي بيوقوف مون توکي چيو هو ته چانور چوزي کي کاراءِ تون وري ٻليءَ کي پيو کارائين.

نوڪر: سائين، چوزو ٻليءَ جي پيٽ ۾ آهي.

 

منگلا رام ڪنڌڪوٽ

هڪ ڇوڪر ڪيلو کائي رهيو هو ته هڪ ماڻهوءَ چيس ته ڪيلي جي کَل رستي تي نه اڇلجانءِ. ڇوڪر وراڻيو تنهنجي مرضي آهي ته ڪيلو اڇليان، ائين چئي ڪيلو وات ۾ وڌائين ۽ کل رستي اڇلائي ڇڏيائين.

 

عاليه جوڻيجو لاڙڪاڻو

ماءٌ (پٽ کي)، تون هن مهل منهن ڇو پيو ڌوئين- پٽ منهنجي هڪڙي ڇوڪري سان لڙائي ٿي آهي، هو چوي ٿو ته پهريائين منهن ڌوئي اچ پوءِ اچي وڙهه.

 

محسن علي ڪنڀر وسي عادل

هڪ صاحب هوٽل ۾ ويو، بيري کان پڇيائين مرغي آهي. هن چيو ته ”نه“ صاحب چيس چانهه کڻي اچ. بيري چيو کير ختم ٿي ويو آهي. صاحب چيو ته ڀلا ٿڌو پاڻي پيار. بيري جواب ڏنو ته برف کپي ويئي. صاحب مٿي تي هٿ هڻي چيو ته جهڙو آءٌ پنهنجي گهر ۾ ويٺو آهيان.

 

شوڪت علي سومرو خانپور

ٻه ٻٽاڪي پاڻ ۾ ٻٽاڪون هڻي رهيا هئا. هڪڙي چيو ته مان ايترو ڪنجوس آهيان جو وهنجڻ وقت صابڻ به استعمال نه ڪريان. ٻئي چيو ته مان وهنجڻ وقت پاڻي به ڪم ڪونه آڻيندو آهيان.

 

حبيب الله فاضلاڻي دڙو

وڪيل (شاهد کي): تو جيڪي اکين سان ڏٺو آهي، اهو ٻڌائج.

شاهد: حاضر سائين.

وڪيل: تنهنجو نالو ڇا آهي. شاهد جواب ڪونه ڏنو.

وڪيل: بابا، پنهنجو نالو ڇو نٿو ٻڌائين.

شاهد: سائين، مون پنهنجو نالو اکين سان نه ڏٺو آهي، باقي ڪنن سان ضرور ٻڌو آهي.

 

الطاف حسين بلوچ لاڙڪاڻو

هڪ ماڻهو رات جو بيگاهه وقت گهمي رهيو هو ته هڪ پوليس واري ان کي ڏٺو، سو پڇيائينس اڙي ذات جو ڪير آهين؟ هن جواب ڏنو ٻڌ. پوليس واري چيس ٻڌاءِ ڀلا. ته هن وري به چيو سائين ٻڌ. پوليس واري کي لڳي ڪاوڙ و ٻه – ٽي لڪڻ وهائي ڪڍيائينس، اڙي هاڻي ٻڌاءِ ذات جو ڪير آهين؟ ان ماڻهوءَ هٿ ٻڌي جواب ڏنو آءٌ ذات جو ٻڌ آهيان ٻڌ.

 

رفيق احمد ميمڻ لاکاڻي

استاد (شاگرد کي) توکي نه لکڻ ٿو اچي نه پڙهڻ آخر توکي ڇا ٿو اچي؟

شاگرد: سائين، اوهان کي ڏسي پگهر ٿو اچي.

 

عبدالقادر ميمڻ ڏيپلو

هڪ ملان کي گهڻي سيري کائڻ ڪري اچي پيٽ ۾ گڙ ٻڙ پيدا ٿي. سندس کٿابيءَ کيس چيو ته جوهر جي ٽڪي ۽ ڦوٽا آڻي ڏيانوَ. ملان وراڻيو ته بيوقوف جيڪڏهن ۽ ٽڪي ڦودني جيتري جاءِ  هجي ها ته هوند سڻڀي سيري جا وڌيڪ گراهه ڪينءَ هڻان ها.

 

وفا عثمان شاهه دڙو

هڪ ڇوڪرو امتحان ۾ پهريون نمبر آيو. استادن هن کان سندس مستقبل بابت انٽرويو ورتو، هڪ استاد کانئس پڇيو ته تون وڏو ٿي ڇا ٿيندين. انهيءَ جو جواب ڏيڻ کان ڇوڪرو شرمائڻ لڳو، ته ٻئي استاد پڇيس ته شرمائين ڇو ٿو؟ جواب ڏي. ڇوڪري ڪنڌ هيٺ ڪري جواب ڏنو ”آءٌ وڏو ٿي گهوٽ ٿيندس.“

 

ڪنيز فاطمھ دڙو

هڪ ڪاسائي ڇيلي کي سِير وجهي رهيو هو. ڇيلي پئي ٻاڪاريو. پريان بيٺل هڪ ڇوڪري پنهنجي پيءُ کان پڇيو ته هو ڇيلي کي ڇا ٿو ڪري. پڻس جواب ڏنس ته ڪاسائي هن کي حلال پيو ڪري. ڇوڪري جواب ڏنو ته مون سمجهيو ته اسڪول ۾ داخل ڪرڻ پيو وڃينس ان ڪري پيو رڙيون ڪري.

گل ڦل ۾ مفت حاصل ڪريو

ٻارن ۾ گل ڦل جو چاهه وڌائڻ لاءِ، اسان هي نئون سلسلو جاري ڪيو آهي، جيڪو ٻار اسان کي گل ڦل لاءِ پنج سالانه خريدار ٺاهي موڪليندو ته ان کي يا جنهن جي نالي هو چوندو، ان کي هڪ سال لاءِ گل ڦل مفت ۾ موڪليو ويندو. جيئن ئي سندس موڪليل پنجن ائڊريسن جا پئسا اسان کي وصول ٿيندا ته اسان ان ٻار کي اطلاع موڪلينداسون ۽ پوءِ سندس يا جنهن جي نالي هو لکندو، ان کي هڪ سال لاءِ گل ڦل مفت ۾ موڪلينداسون. اميد آهي ته گل ڦل سان چاهه رکندڙ ٻار هن سلسلي ۾ وڌي چڙهي حصو وٺندا.

خط و ڪتابت ڪريو:

محمد امين بلوچ

مئنيجر ماهوار ”گل ڦل“

سنڌي ادبي بورڊ جو بوڪ اسٽال

پوسٽ باڪس 12، حيدرآباد

 

 

هنن سان ملو

 

392. نالو: تارا چند ”ناز“ آسومل لهاڻو. (پڙهندڙ ڪلاس نائون). عمر: 14 سال. وندر: ٻارن ۾ ادب جو شوق پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ٽنڊو محمد خان.

393. نالو: غلام اڪبر ڪلهوڙو (پڙهندڙ ڪلاس نائون). وندر: رسالا ۽ اخبارون پڙهڻ. ائڊريس: غلام اڪبر، معرفت محمد يعقوب رٽائرڊ هيڊ ڪنسٽيبل، ٿاڻه روڊ شهدادڪوٽ.

394. نالو: تجمل حسين ولد ارباب ولي محمد ميمڻ. عمر 12 سال. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، دڙو.

395. نالو: علي اڪبر عباسي ولد حاجي رسول بخش. عمر: 15 سال. وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ خطن جا جواب جلد ڏيڻ. ائڊريس: هائوس نمبر 99 هاسپيٽل روڊ نواب شاهه.

396. نالو: محمد سليم ٺيڪري، (پڙهندڙ ڪلاس ڏهون). عمر: 16 سال. وندر: قلمي دوستي رکڻ. ائڊريس: معرفت خدا داد ميمڻ راشن ڊيپو، نزد شيخ فريد روڊ، اسلام پور محله ٺٽو.

397. نالو: مصطفيٰ ڌاريجو. عمر: 14 سال. وندر: هر قسم جو مواد پڙهڻ ۽ لکڻ. ائڊريس: مرتضيٰ پريس، لاڙڪاڻو.

398. نالو: عبدالغني قريشي (پڙهندڙ ڪلاس اٺون)عمر: 15 سال. وندر: ڪرڪيٽ راند ڪرڻ ۽ پڙهڻ. ائڊريس: گورنمينٽ مڊل اسڪول، ميرپور پراڻي.

399. نالو: ٽيڪچند پريمي (پڙهندڙ ڪلاس ستون). عمر 12 سال. وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ گل ڦل رسالو تمام شوق سان پڙهندو آهيان. ائڊريس: خواجه محلو، ٽنڊو محمد خان.

400. نالو: پرتاب جي. نانڪاڻي. عمر 16 سال. وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ گل ڦل پڙهڻ. ائڊريس: معرفت ڀٽائي گورنمينٽ مڊل اسڪول، ڪنڌڪوٽ، ضلع جيڪب آباد.

401. نالو: محمد محسن علي (پڙهندڙ مئٽرڪ). وندر: ٽڪيٽ ۽ ويو ڪارڊز گڏ ڪرڻ ۽ قلمي دوستي ڪرڻ. ائڊريس: 3/639 ڏنگر محلا، جيڪب آباد.

402. نالو: ربو. عمر 12 سال. وندر: گل ڦل پڙهڻ، فٽ بال کيڏڻ. ائڊريس: ڊاڪٽر محمد موسيٰ، دڙو.

403. نالو : شهزادو گل حسن ”ناز“ چوهاڻ. عمر: 11 سال. وندر: فوٽو گڏ ڪرڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ.

ائڊريس: افضل ميڊيڪل اسٽور، دڙو.

404. نالو: رسول بخش ولد محمد عثمان ميمڻ. عمر: 17 سال. وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ. ائڊريس: عبدالستار ميمڻ ريزڪي دڪاندار، دڙو.

405. نالو: محمد هارون، وندر: گل ڦل پڙهڻ عمر: 12 سال. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، دڙو.

406. نالو: محمد سچل ولد حاجي محمد بچل ميمڻ (پڙهندڙ ڪلاس پنجون). عمر: 8 سال. وندر: گل ڦل رسالو پڙهڻ. ائڊريس: گورنمينٽ پرائمري اسڪول، دڙو.

407. نالو: رفيق احمد ميمڻ لاکائي (پڙهندڙ پنجون ڪلاس). عمر: 10 سال. وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ. ائڊريس: معرفت علي محمد ميمڻ لاکائي، ڪريانه مرچنٽ دڙو.

408. نالو: محمد انور ميمڻ ولد محمد سومار ميمڻ (پڙهندڙ ڪلاس نائون). عمر: 14 سال. وندر: والي بال راند کيڏڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، دڙو.

409. نالو: عبدالعزيز کٽي. وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ ٻارن جا رسالا پڙهڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، بدين.

410. نالو: محمد ايوب ڪانڌڙو (پڙهندڙ ڪلاس نائون). عمر: 16 سال. وندر: سنڌي رسالا پڙهڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، دڙو.

411. نالو: ديوان لعل ايل. (پڙهندڙ ڪلاس ڇهون اي). عمر: 12 سال. وندر: قلمي دوستي رکڻ. ائڊريس: گورنمينٽ ڀٽائي مڊل اسڪول ڪنڌڪوٽ.

412 نالو: عبدالستار پروانو. (پڙهندڙ ڪلاس نائون). عمر: 14 سال.وندر: پڙهڻ سان چاهه رکڻ. ائڊريس: حاجي صديق پان هائوس دڙو.

413. نالو: رحمت الله ولد عنايت الله فاضلاڻي. عمر: 10 سال. وندر: فلمون ڏسڻ. ائڊريس: ڪلاٿ مرچنٽ فاضلاڻي دڙو.

414. نالو: جئپال داس ٽي. ڇاٻڙيا (ڪلاس ستون اي). عمر: 12 سال. وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ اسڪول جو ڪم ڪرڻ. ائڊريس: گورنمينٽ ڀٽائي مڊل اسڪول ڪنڌڪوٽ.

415. نالو: محمد ياسين خاصخيلي، محمد اقبال خاصخيلي. وندر: رسالا پڙهڻ. عمر: 15 سال. ائڊريس: نبي جنرل اسٽور ٽنڊو ڄام.

416، نالو: حميد رضا انصاري. (پڙهندڙ ڪلاس اٺون سنڌي). عمر: 13 سال. وندر: راند ڪرڻ ۽ گل ڦل پڙهڻ. ائڊريس: معرفت محمد پريل انصاري نزد پراڻو پرائمري اسڪول غريب آباد نواب شاهه.

417. نالو: راجا اندر ڪنگراڻي (پڙهندڙ ڪلاس نائون). عمر: 15 سال. وندر: اخبارون ۽ رسالا پڙهڻ ۽ قلمي دوستي. ائڊريس: پرڀداس لالچند برتن فروش شاهي بازار ڪنڌڪوٽ.

418. نالو: جيرام داس ولد ڀڄن مل (پڙهندڙ درجو ڇهون اي). عمر: 11 سال. وندر: اسڪول ڪم ڪرڻ ۽ گل ڦل پڙهڻ. ائڊريس: انيل ڪلاٿ اسٽور شاهي بازار ميرپورماٿيلو.

419. نالو: انيل ڪمار ايس (پڙهندڙ درجو اٺون اي). عمر: 13 سال. وندر: قلمي دوستي جي خطن جو جلد جواب ڏيڻ ۽ فوٽو گڏ ڪرڻ. ائڊريس: انيل ڪلاٿ اسٽور شاهي بازار ميرپورماٿيلو.

420. نالو: مرلي ڌر (پڙهندڙ ڪلاس ستون). عمر: 12 سال. ائڊريس: شمن لعل ڌرمپال گرين مرچنٽ ڪميشن ايجنٽ ڪنڌڪوٽ.

421. نالو: الله بخش سولنگي ولد حمزو خان سولنگي. (پڙهندڙ ڪلاس ڇهون). عمر 14 سال. وندر: سنڌي ادبي بورڊ جا جملي ڇپيل ڪتاب دلچسپيءَ سان پڙهڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول دڙو.

422. نالو: گل حسن پٽ فتح خان زرداري. (پڙهندڙ نائون ڪلاس). عمر: 15 سال. وندر: قلمي دوستي رکڻ. خطن جا جواب جلد ڏيڻ ۽ راندين ۾ بهرو وٺڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول سرهاڙي، ضلعو سانگهڙ.

423. يوسف گل ولد غلام محمد ميمڻ. (پڙهندڙ ڪلاس ڇهون). عمر: 10 سال. وندر: گل ڦل، گلن جهڙا ٻارڙا، اخبارون پڙهڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ. ائڊريس: معرفت مسلم جنرل اسٽور نيو سعيد آباد.

424. نالو: ”راهي“ ايم. يعقوب ابڙو. (پڙهندڙ ڪلاس نائون بي). عمر: 14 سال. وندر: رسالا پڙهڻ. ائڊريس: سنڌ بوڪ ڊپو گهنٽه گهر شڪارپور.

425. نالو: محمد صالح ولد محمد هاشم سمون. عمر: 18 سال (سترهن سال اٺ مهينا). وندر: قلمي دوستي رکڻ، ٽڪليون گڏ ڪرڻ. سنڌي لٽريچر پڙهڻ ۽ راند ڪرڻ. ائڊريس: پوسٽ باڪس نمبر 40 ميرپورخاص.

426. نالو: حسين بخش ولد محمد عثمان ميمڻ (ڪلاس نائون). عمر: 14 سال. وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ اسڪول جو ڪم ڪرڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول دڙو.

428. نالو: لجپتراءِ پرديسي. (پڙهندڙ درجو نائون). عمر: 14 سال. وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ گل ڦل پڙهڻ. ائڊريس: پاڪستان جنرل اسٽور نزد گهنٽه گهر ڪنڌڪوٽ.

428. نالو: محمد عمر ميمڻ (ڪاسائي). عمر 15 سال. وندر: والي بال، ائڊريس: شيرازي هوٽل دڙو.

429. نالو: اندر لال جيسراڻي. (پڙهندڙ ڪلاس اٺون اي). عمر: 14 سال. وندر: گل ڦل پڙهڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول قمبر.

430. نالو: زاهد حسين ولد غلام حيدر ٽالپر. (پڙهندڙ ڪلاس ستون اي). عمر: 12 سال. وندر: درسي ڪتاب پڙهڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊو جان محمد.

431. نالو: عبدالحق ولد علي نواز دايو. (پڙهندڙ ڪلاس نائون). عمر: 12 سال. وندر: گل ڦل پڙهڻ. ائڊريس: گورنميٽ هاءِ اسڪول، خانپور تعلقو شڪارپور سنڌ.

 

سلام ۽ سنيها

 

ڪنڌڪوٽ کان پرتاب لکي ٿو:

رسالي کي بهتر بنائڻ لاءِ اوهان وسان ڪين گهٽايو آهي. تنهن لاءِ اوهان کي جَس هجي، پرچي ۾ عام معلومات جي چٽاڀيٽي شروع ڪريو ته بهتر. اميد آهي ته ايندڙ پرچو وقت سر نڪرندو ۽ وڌيڪ سٺو هوندو.

 

دڙو ضلع ٺٽو کان اشفاق احمد ميمڻ لاکائي لکي ٿو:

رسالي کي رنگين بنايو. هر مهيني ڪنهن ٻار جو انٽرويو شايع ڪريو. رسالي ۾ مواد وڌايو. ٻارن جا فوٽا شايع ڪيو. ڪنهن به ٻار جو مواد ڇاپڻ ۾ ناانصافي نه ڪئي وڃي. هر مهيني سٺي لکندڙ ٻار کي انعام ڏنو وڃي. رسالو مارڪيٽ ۾ پوري وقت تي پهچايو وڃي. ڪنهن به هڪ لکندڙ کي رسالي جو ٺيڪيدار نه بنايو وڃي. شهر وارن سان گڏ ٻهراڙيءَ وارن کي پورو حق ڏنو وڃي ۽ انعامي مقابلو شروع ڪيو وڃي. (ادا؛ اوهان جون سڀ تجويزون سٺيون آهن، جن مان ڪن تي عمل ڪيو ويو آهي ۽ ڪن تي جلد عمل ڪبو. اسان لاءِ ٻار سڀ ٻار آهن شهر ۽ ٻهراڙيءَ جو فرق ڪونهي ۽ نڪي ڪو ٺيڪيدار ئي آهي. جي ڪنهن پرچي لاءِ ڪا سٺي لکڻي نه هوندي ته مجبوراً ساڳئي ليکڪ جي لکڻي شايع ڪرڻي پوي ٿي. ٻارن کي گهرجي ته پڙهڻ ۽ لکڻ ڏي وڌيڪ ڌيان ڏين، جيئن اسان سندن لکڻين سان گل ڦل کي سينگاري سگهون.)

 

آغا فرمان الله (شهر جو نالو ڪونهي) لکي ٿو:

گل ڦل اسان ٻارن لاءِ واحد رسالو آهي، جيڪو اسان جي دل وٽان مواد ڏي ٿو. هن رسالي ۾ ٻارن لاءِ لکيل پرڏيهي ليکڪن جا ترجما شايع ڪريو ته وڌيڪ مزو اچي ويندو. سائين الطاف شيخ جو پرڏيهي سير ڏاڍو پسند آيو، آئيندي به اهڙا سفرناما ڏيندا رهندا ته ڏاڍو سٺو. (ادڙا؛ ٻارن لاءِ پرڏيهي ليکڪن جا ترجما اسان ڏيندا رهندا آهيون، ڏک اهو آهي جو اوهان رسالو غور سان نٿا پڙهو. الطاف شيخ جو ٻيو پرڏيهي سير جلد ڏبو.)

 

لاڙڪاڻي کان اياز ابڙو لکي ٿو:

گل ڦل رسالو پڙهي تمام گهڻي خوشي ٿي. لکندڙن کي گهرجي ته کِل ڀوڳ جي ڪهاڻين لکڻ بجاءِ تاريخي ۽ نصيحت آميز ڪهاڻيون لکن ته هنن ننڍڙن گلن جي صحيح ترجمان ٿي سگهي. جيڪڏهن رسالي ۾ سوالن جوابن جو ڪالم رکو ته هوند جيڪر چار چنڊ لڳي وڃن ۽ پڻ ٻارن لاءِ ذهني آزمائش ٿئي. مهرباني ڪري ننڍڙن اديبن جو انٽرويو ورتو وڃي ته بهتر ٿيندو.

 

رتوديرو کان ڀيڻ زيڊ. بي گهانگهرو لکي ٿي:

ادا، مان رسالو گل ڦل ۽ ٻيا سڀئي سنڌي رسالا ۽ ڪتاب پابنديءَ سان خريد ڪندي آهيان. گل ڦل تمام سٺو رسالو آهي ۽ ٻارن جي ذهانت جي چڱيءَ طرح ترجماني ڪري ٿو. رسالو جنهن خوبصورتيءَ سان اوهان ڪڍو ٿا، ان لاءِ توهان جون ڪوششون قابلِ قدر آهن. مان جيتوڻيڪ ٻار نه آهيان، پر ٻارن جي ڀلائيءَ لاءِ هن رسالي ۾ حصو وٺڻ لاءِ مجبور ٿي آهيان. ڪجهه مواد موڪلي رهي آهيان. اميد ته شايع ڪندا. (ادي، ٻار جيڪي اڄ ٻار آهن اهي سڀاڻي وڏا ٿيندا، انهن جي ڀلائي ۽ بهتريءَ ۾ وڏا حصو نه وٺندا ته ٻيو ڪير وٺندو؟ اوهان جنهن خلوص سان رسالي جو آڌرڀاءُ ڪيو آهي، ان لاءِ اوهان جي مهرباني. اوهان جو مواد پهتل آهي جلد ئي شايع ڪبو. اوهان جو ٻيو خط به مليو، پر ان ۾ ڄاڻايل حقيقت صحيح نه آهي. مهرباني ڪري افواهن تي ڪَن نه ڏيو. افواهه پکيڙيندڙ اوهان جا ۽ ملڪ جا دشمن آهن.)

هيٺين ڀائرن نه فقط اسان جي همت افزائيءَ لاءِ خط لکيا آهن، پر ساٿ ڏيڻ جي به پڪ ڏني اٿن. ڏيپلو کان عبدالقادر ميمڻ. لاڙڪاڻي کان عبدالغني لوهار ۽ شيخ امداد علي ظهير. سرهاڙي کان بيتاب علي زرداري، غلام رسول مشوري ۽ جهنڊو خان زرداري. ڪنڌڪوٽ کان رام ڪمار اترادي. ڳوٺ منعم پلي کان عبدالعزيز پلي. ٽنڊو ڄام کان غلام نبي جمالي بلوچ. شڪارپور کان سومرو جمشيد رضا عاصي. خانپور کان شوڪت علي سومرو ۽ هالا کان نثار احمد ميمڻ. ڳوٺ مبارڪ شر کان امان الله شر. ڳوٺ صاحب خان جروار کان عبدالله خان جروار ۽ ميرپورخاص کان محمد صالح سمون.

 

دڙو کان اقبال احمد سومرو لکي ٿو:

اپريل واري پرچي ۾ ڏاڙهون شهزادي، بخت جي بازي ۽ چڱي عادت ڏاڍا وڻيا پر رسالي کي رنگين بنايو. ڇوڪرين جا نالا ’هنن سان ملو‘ واري ڪالم ۾ نه ڏيو. سٺي ڪهاڻيءَ تي انعام ڏنو وڃي. اميد ته تجويزون پسند اينديون.

قمبر کان محمد صديق شيخ کي شڪايت آهي ته اسان سندس خط نٿا شايع ڪريون. (ادا، اوهان جو اسان وٽ هي پهريون خط آهي ۽ جواب ۾ رسيد به حاضر آهي.)

 

لاڙڪاڻي کان ميمڻ عبدالوحيد سنڌي لکي ٿو:

تازو پرچو پڙهي خوشي ٿي ڇاڪاڻ ته اوهان ٻارن جي ڪيترين تجويزن تي عمل شروع ڪري ڏنو آهي. ننڍڙا ٻاراڻا ڊراما شروع ڪريو ته سٺو. سوال جواب جو ڪالم شروع ڪريو. هڪ مضمون شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي باري ۾ موڪليو هوم، ان جو ڇا ٿيو. (ادا؛ ٻارن کي خوش ڪرڻ لاءِ گل ڦل ۾ وڏي ڪوشش ڪئي پيئي وڃي. ٻاراڻا ڊراما موڪليو ضرور شايع ڪبا. باقي سوال جواب جو ڪالم شروع ڪرڻ لاءِ مجبوري آهي. صفحا ٿورا آهن، جي قيمت وڌائبي ته ٻارن جي وٺڻ کان ئي رسالو زور ٿي ويندو. اوهان جو مضمون جلد شايع ٿيندو.)

 

ٺٽي کان محمد سليم آزاد لکي ٿو:

ادا؛ منهنجا خط اوهان ردي ٽوڪريءَ ۾ داخل ڪري ٿا ڇڏيو ۽ خاص خاص ٻارن کي نوازيو ٿا ۽ ٺٽي جي ٻارن کي رسالي ۾ لفٽ ڪونه ٿا ڏيو سو اهو نمونو ڇڏي ڏيو. ٺٽي جي ٻارن لاءِ ڪوٽا وڌايو. هاڻي ميمبر ٿيڻ لاءِ نالو ۽ ڪهاڻي موڪليان ٿو. اهي ضرور شايع ڪندا.

(ادل؛ اسان لاءِ ٻار سڀ ٻار آهن. ڪنهن کي به نوازڻ جو سوال ئي ڪونه ٿو پيدا ٿئي، جيڪو جيڪو مواد اچي ٿو، اهو رجسٽر ۾ داخل ڪري انهن کي نمبر ڏنا ويندا آهن ۽ پوءِ سمورو مواد نمبر وار شايع ڪيو ويندو آهي، اسان اڳي هڪ هدايت شايع ڪئي هئي ته پني جي ٻنهي پاسي ڀلي لکو، پر هر قسم جو مواد جدا جدا پنن تي لکو، جن به ٻارن ائين نه ڪيو آهي، انهن جي فقط هڪ شيءِ شايع ٿي سگهندي. اوهان به پنهنجي خط ۾ ميمبرشپ لاءِ اڻپورو احوال لکيو آهي. ان ڪري اوهان جو خط ته شايع ڪري رهيا آهيون. باقي ميمبريءَ لاءِ گل ڦل جو ڪالم ’هن سان ملو‘ چڱيءَ طرح پڙهي جدا پني تي لکي موڪليو ته شايع ڪنداسون.)

هنن ادڙن گل ڦل جي نئين آب تاب کي پسند ڪيو آهي ۽ پنهنجي ساٿ جو سهارو ڏنو آهي. خيرپور ميرس کان اڪرم سومرو، شڪارپور کان سومرو ظهير احمد، سکر کان اياز گل، ڳوٺ گل حسن زرداري گل حسن زرداري ۽ ڳوٺ محمد بخش زرداريءَ کان غلام حيدر، دڙو کان عبدالغفور ميمڻ، هالا نوان کان اسلم سعيد ميمڻ، ڪنڌڪوٽ کان سنمک لعل منڌاڻ، راجا اندر ڪنگراڻي ۽ يوسف حيدر شيخ، لاڙڪاڻي کان ڀيڻ زاهده پروين شيخ، جميل اختر، مصطفيٰ ڌاريجو ۽ مختيار احمد شيخ.

 

شهدادپور کان حفيظ الرحمان دائودپوٽو؛

پنهنجي خط ۾ جيڪي مجبوريون ظاهر ڪيون آهن، انهن لاءِ کيس صلاح آهي ته هو شهدادپور جي ڪنهن ٻئي ايجنٽ کي گل ڦل جي ايجنسيءَ لاءِ آماده يا پاڻ ڏهه رپيا مني آرڊر ڪري، سال لاءِ خريدار ٿي وڃي.

دڙي کان ڀيڻ ڪنيز فاطمھ جي خط جي جواب ۾ ته ادي تون دلجاءِ ڪر، ڀينرن کان ڀائر ڪونه ڪاوڙبا آهن. تون منهنجي پياري ڀيڻ آهين، مون کي تولاءِ ڪابه رنجش ناهي.

ڪنڌڪوٽ کان مولا بخش چانڊيو لکي ٿو:

مون هڪ ڪهاڻي لکي آهي، جيڪا شايع ڪندا، اوهان منهنجي همت افزائي نه ڪندا ته ڪير ڪندو. مهرباني ڪري ڪهاڻي ضرور شايع ڪندا. (ادا؛ ڪهاڻي سٺي هوندي ته ضرور شايع ڪبي، دلجاءِ ڪريو.)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com