سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 8

باب: --

صفحو :6

 

 

*محمد عثمان کتري ڏيپلو

حضور پاڪ جن جو قول آهي ته:

1-                             مزور کي اُجورو سندس پگهر سُڪڻ کان اڳ ڏيو.

2-                            هڪ مومن ٻئي لاءِ ائين آهي، جيئن بنياد جون سِرون، هڪ مان ٻئي کي طاقت ملي ٿي.

3-                            مسلمان اهو آهي، جنهن جي هٿ ۽ زبان مان ٻئي مسلمان کي خطرو نه رسي.

 

*رسول بخش سرائي، حيدرآباد

1-سڀ کان ڪمزور شخص اهو آهي جيڪو پنهنجو راز به لڪائي نه سگهي .                              (لقمان)

2- لالچي ۽ حاسد دنيا ۾ ڪڏهن به سکيا ڪونه هوندا.

 (رابعه بصري)

3- نعمتن جو شڪريو ادا ڪريو.

(حضرت علي)

4-                            علم هڪ اهڙو گل آهي، جيڪو ڪڏهن به ڪُومائبو ڪونه آهي.

(امام غزالي)

5-                             سٺا ڪم مصيبتن کان بچائيندا آهن.

(حضرت علي)

*اشوڪ ڪمار آزاد ٽنڊوباگو

ايثار جو جذبو غريبن ۾ زياده ٿئي ٿو.

جيڪا شيءِ ظلم ڪري هٿ ڪجي ٿي، سا جلد ختم ٿيو وڃي.

علم بنا انسان اهڙو آهي، جهڙو خوشبوءِ بنا رنگين گل.

دنيا حقيقت کان ايترو پري ٿي ويئي آهي، جو حقيقت ڏسڻ ۾ نٿي اچي.

 

*اڪرام علي حداد خيرپور

1- ”گل“ ۽ ”ٻارڙا“ انهن کان محروم هجڻ، زندگيءَ کان محروم هجڻ آهي.

(حضرت محمد صلعم)

2- علم حاصل ڪرڻ هر مرد ۽ عورت تي فرض آهي.

(حضرت محمد صلعم)

3- علم بهتري رهنما آهي.

(حضرت علي)

4- حق بهتر راهه آهي.                        (حضرت علي)

5- انسان جي قابليت سندس زبان هيٺان آهي. (حضرت علي)

6- ايمان ان جو ڪامل آهي، جنهن جا اخلاق سهڻا آهن.

(حضرت علي)

*عبدالفتاح ميمڻ مورو

1-عظيم  انسان اهو آهي، جنهن جو اخلاق اوچو آهي.

(حضرت محمد صلعم)

2- پراڻي ڪاٺي ٻارڻ لاءِ، پراڻا دوست ڀروسي لاءِ، پراڻا ڪتاب مطالعي لاءِ بهترين ساٿي آهن.                 (عمر خيام)

3- فن جو پهريون ۽ آخري مقصد ”سونهن آهي.

(گوئٽي)

* مشتاق احمد قريشي ميرپورخاص

1- بيشڪ دير تائين سوچيو، پر جيڪو فيصلو ڪيو اهو اٽل هجي.

(فرينڪل)

2- دشمن کان خطرناڪ اهو آهي، جيڪو دوست بنجي ڌوڪو ڏيئي. (ٽيپو سلطان)

 

*مصطفيٰ ڌاريجو لاڙڪاڻو

1- جياپو گهرو ٿا ته غازي بڻجي جيئو، مرڻ چاهيو ٿا ته شهيدن جي موت مرو. (ٽيپو سلطان)

2- دولت سان ڪتاب وٺي سگهجن ٿا، پر نه علم. (حڪيم لقمان)

3- هر ڳالهه کي ظاهر ڪرڻ لاءِ پهريائين سچائي ڳوليو. (بقراط)

 

* گل حسن ميمڻ ٻيلو

1- سچ ڳالهائڻ وارو دشمن، ڪوڙي دوست کان صدبار بهتر آهي.

2- محبت هڪ پُل آهي، جا دوست کي دوست سان ملائي ٿي.

 

* الاهي بخش ”زخم“ کوسو خانپور

اهو  سٺو عالم آهي، جيڪو ٻين کي علم سيکاري ٿو.

اهو سٺو جاهل آهي، جيڪو علم پرائڻ ۾ شرم نٿو ڪري.

اهو سٺو سخي آهي، جيڪو سخاوت ۾ بُخل نٿو ڪري.

جنهن انسان پاڻ کي سڃاتو، اهو ڪڏهن به گمراهه نه ٿيندو.

 

*ايم اين سومرو

مظلومن جي بددعائن کان ڊڄو، ڇو ته اها بددعا باهه جي شعلي وانگر آسمان ڏانهن وڃي ٿي. (حضرت علي)

ڪنهن به ڪم ۾ جلدي نه ڪريو، نه ته شيطان قابض ٿي ويندو.

(سچل سرمست)

انسان جو خراب دوست، ان جو دشمن آهي. (غوث الاعظم)

طاقت واري جو هٿ هلندو آهي پر ڪمزور جي صرف زبان هلندي آهي.

(ابن رشيد)

 

*مشتاق احمد پنهور ڀينڊو شريف

1- تواضع سان مرتبو وڌي ٿو، تڪبر سان گهٽجي ٿو.

2- عقيدي ۾ شڪ ڪرڻ، شرڪ جي برابر آهي.

3- خيرات هڪ محفوظ خزانو آهي.

4- لالچ سان ذلت، پرهيز گاريءَ سان عزت حاصل ٿئي ٿي.

5- علم عقل جو ڏيئو ۽ معرفت دل جو نور آهي.


 

 

*اشوٿا ماڊي لهاڻه ٽنڊوباگو

1- اسڪول جهڙو ٻيو ڪوبه گلستان ڪونه آهي، جنهن ۾ سڀ قسم جا گل ڏسي سگهجن ٿا.

2- بيڪار ماڻهوءَ کان جانور به چڱو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو ڪم ته اچي ٿو.

3- دنيا ۾ ويچار جهڙو ٻيو ڪوبه دل گهريو دوست نه آهي.

 

* عبدالرشيد انصاري ”صابر“ سکر

1- ظاهر جو وضو پاڻيءَ سان ۽ باطن جو وضو توبھ سان ٿيندو آهي.

2- دولت مردار آهي، سندس طالب ڪُتا آهن.

3- عقل جي حد ٿي سگهي ٿي، پر بي عقليءَ جي ڪا حد ئي ڪانهي.

4- والدين جي خدمت انسان جو اولين فرض آهي.

5- هڪ مقصد وارو ڪم هزار فضول ڪمن کان بهتر آهي.

6- بيوقوف جي دوستيءَ کان عقلمند جي دشمني بهتر آهي.

7- مون دنيا ۾ صرف ٻن هستين آڏو ڪنڌ جهڪايو آهي:هڪ خدا ۽ ٻيو ماءُ اڳيان!

 

*ولي بخش شاهه ٺٽو

1- قضا تي رضا دنيا جو بهشت آهي.

(حضرت عثمان)

2- پنهنجو بار خلقت مان ڪنهن تي به نه رک، خواه گهٽ هجي يا زياده.

(حضرت عثمان)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com