سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 8

باب: --

صفحو :7

 

ڇا اوهان کي خبر آهي ته

 

*دل عبدالحي ”راهي“ امروٽي

مختلف ٻولين ۾ خداوند ڪريم جا نالا

1-سنڌي، پنجابي، اردو، پشتو، بلوچي، عربي، شالديڪ، شامي، ترڪي، رومي ۽ ملاييءَ ۾، الله.

2- ڊڄ ۾ گويٽ.

3- سيڪسن ۽ انگريزيءَ ۾، گاڊ.

4- قديم جرمنيءَ ۾، ڊانٽ.

5- جديد جرمني ۾، گوئٽ.

6- گورمکيءَ ۾، واهگرو.

7- جپانيءَ ۾، گوئنرز.

8- سنسڪرت ۾، ايشور.

9- ڪارومنڊليءَ ۾، برهما.

10- نارويجن ۽ فليمش ۾، گوئڊ.

11- جديد مرصيءَ ۾، طيون.

12- قديم مصريءَ ۾، طويت.

13- هنديءَ ۾، رام.

14- ابرانيءَ  ۾، الشمريا، الشه.

15- فرانسسي، هسپانوي، پرتگالي، پرونشلي ۽ اٽالين ۾، ڊيو.

16- يونانيءَ ۾، طبوس.

17- ايرانيءَ ۾، خدا.

18- آئرس ۾، ڊيا.

19- چينيءَ ۾، پرسسا.

20- مئڊاگاسڪر ۾، زنير.

 

* عبدالقادر ميمڻ ڏيپلو.

1- 1968ع ۾ منگوليا ۾ رت جي رنگ جهڙي برسات پيئي، انهيءَ برسات سبب چيني خوف ۽ حراس ۾ پئجي ويا، ڇو ته نه رڳو رت جهڙي رنگ جي برسات پيئي پر ساڳئي وقت آسمان مان ڳاڙهي رنگ جي برف به ڪِري.

 

*سومرو نورالدين شاد شڪارپور.

1- دنيا جي سڀ کان وڏي نهر سئيز ڪئنال آهي، جيڪا هڪ فرينچ سائنسدان فيرڊينينڊ. ڊي. ليسيپس 1869ع ۾ کوٽائي.

2- دنيا جو سڀ کان وڏو باغ ييلو اسٽون نيشنل پارڪ آمريڪا ۾ آهي، جيڪو 3،350 چورس ميل آهي.

3- دنيا جو سڀ کان وڏو پليٽ فارم سونپور انڊيا ۾ آهي.

4- دنيا جو سڀ کان وڏو بيابان ”گريٽ صحرا“ آفريڪا ۾ آهي، جيڪو 2000،000 چورس ميل آهي.

5- ٽي. وي، برڊ جان ايجاد ڪئي، جيڪو اسڪاٽلينڊ جو رهاڪو هو.

6- نظر جا شيشا (عينڪ) 17 صدي ۾ سر آئزڪ نيوٽن ايجاد ڪيا.

7- ٻي جنگ عظيم ۾ سڀ کان پهرين راڪيٽ جرمني ٺاهيو.

8- سال جو ڪلينڊر ”عمر بن خيام“ ايجاد ڪيو.

9- 60 منٽن جو هڪ ڪلاڪ بابل وارن رائج ڪيو.

 

* سمک لال منڌاڻ ڪنڌڪوٽ

1- سڀ کان وڏي عمارت، سوويٽ پيلس ماسڪو ۾ آهي، سندس اوچائي 1365 فوٽ آهي.

2- سڀ کان وڏو ۽ ڊگهو بت ”آزاديءَ جو پتلو آهي“ نيويارڪ ۾ آهي، جنهن جي ڊيگهه 51 فوٽ آهي.

3- سڀ کان وڏي لائبرري، اسپين اوٿڪ نئشنل پئرس ۾ آهي.

4- سڀ کان وڏي اسلامي مملڪت انڊونيشيا آهي.

 

* منور عالم انصاري پاٽائي

1- پئراشوٽ هڪ قيديءَ ايجاد ڪيو.

2- دنيا ۾ سڀ کان وڏي دروبين آمريڪا ۾ آهي.

3- گن پائوڊر کي سنڌيءَ ۾ بارود چئبو آهي.

 

امتحان نمبر 5

 

ٽڻ ڄڻن هڪ باغ مان انب پي پٽيا ته اوچتو باغائي اچي ويو ۽ هو انب ڪنهن کڏ ۾ لڪائي اٿي ڀڳا. جڏهن باغائي ويو ته انهن مان هڪڙو آيو ۽ سمورن انبن جو اڌ کڻي باقي اڌ ۾ پنهنجي حصي مان هڪ انب گڏي هليو ويو. ٿوريءَ دير بعد ٻيو آيو، انهيءَ باقي بچيل انبن جو اڌ کنيو. اهڙيءَ طرح ٽيون به آيون، سو باقي بچيل انب کڻي ويو. هاڻي ٻڌايو ته ڪل انب گهڻا هئا ۽ هر هڪ جي حصي ۾ گهڻا انب آيا؟ جواب موڪلڻ جي آخري تاريخ 15 سيپٽمبر آهي. صحيح جواب ڏيندڙ ٻارن جا نالا آڪٽوبر جي پرچي ۾ شايع ڪيا ويندا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com