سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 3 ۽ 4

ايڊيٽوريل

صفحو :6

ڪاغذ جي ڪهاڻي

 

اوهان کي خبر آهي ته جيڪو رسالو پڙهي رهيا آهيو، سو ڇا تي ڇپيل آهي؟ اوهان ٺهه پهه جواب ڏيندا، ”ڪاغذ تي، ٻيو وري ڇا تي!“ اوهان جو جواب ته ٺيڪ آهي؛ پر خبر اَٿو ته اهو اول ٺاهيو ڪنهن؟ اوهان وانگر ڪيترائي ٻار آهن جن کي ڄاڻ ڪانهي ته جنهن ڪاغذ جي مدد سان سوين سال اڳ وڏن جو گڏ ڪيل علم اسان کي حاصل ٿئي ٿو، ان جي ايجاد ڪڏهن ٿي. اوهين جڏهن پنهنجي ڪنهن عزيز يا دوست کي خط لکندا آهيو، ديون ۽ پرين جون آکاڻيون يا وڏن ماڻهن جي حياتيءَ جا احوال پڙهندا آهيو، حساب ڇڏائيندا آهيو، يا اخبار جي ٻيڙي ٺاهي پاڻيءَ ۾ هلائيندا آهيو، تڏهن ڪنهن نه ڪنهن حالت ۾ ڪاغذ اوهان جي سامهون هوندو ئي آهي.

قديم زماني ۾ جڏهن ماڻهو غارن ۾ رهندا هئا، تڏهن غارن جي ڀتين تي پٿرن سان ٽُنگ ڪري مورتون ڇاپيندا هئا، ته جيئن پنهنجون ڳالهيون ٻين ماڻهن کي ٻڌائي سگهن. اهڙي نموني جي ڪاريگري مصر جي غارن ۾ اڄ به ڏسڻ ۾ اچي ٿي. پوءِ جيئن جيئن سڌارو ٿيندو ويو، تيئن وڻن جا پن، ڇوڏا ۽ چمڙو ڪم اچڻ لڳا. اوائل ۾، مصر ۽ بابل جي شاهي درٻارن ۾، لکڻ پڙهڻ لاءِ مٽيءَ جون تختيون ڪم اينديون هيون. ڍل وٺڻ وارا عملدار مٽيءَ جون تختيون گڏهن تي کڻي ويندا هئا، ۽ ڍل ڏيندڙ کي اُن تختيءَ تي رسيد لکي تيار ڪري ڏيندا هئا. اڄ کان اٽڪل پنج هزار سال، اڳ، مصر جا ماڻهو، ”پيپايرس“ نالي گاهه ڪم آڻيندا هئا. ان گاهه کي ڪپي، گڏا ٻڌي کڻي وڃي پاڻيءَ ۾ پسائيندا هئا. پوءِ ان گاهه مان نڪتل ڌاڳن کي تڏي وانگر اُڻندا هئا. جڏهن اهو ٺاهيل تڏو سڪي ويندو هو، تڏهن ان کي ڪاغذ وانگر استعمال ڪندا هئا. گهڻن سالن کان پوءِ ان گاهه تي انگريزي ٻوليءَ ۾ ڪاغذ جو نالو ”پيپر“، پئجي ويو.

هندستان ۾ به پهريان پهريان ”ڀوڄ“ نالي وڻ جا پن، ڪتابن لکڻ جي ڪم ايندا هئا. شهنشاهه اشوڪ سهڻن پٿرن تي پنهنجا حڪم ۽ ڌرمي سکيائون اُڪرائي، هرهنڌ اهي پٿر لڳرائي ڇڏيا هئا، ته جيئن اهي گهڻي ۾ گهڻا ماڻهو پڙهي سگهن. ان وقت ڪاغذ جو نالو نشان به ڪونه هو. اشوڪ کان سواءِ، ٻين راجائن ۽ نوابن جي زماني جا ٽامي جا پترا به مليا آهن، جن تي سندن حڪم اڪريل آهن.

ڪاغذ جي ايجاد چين ملڪ ۾ ٿي. چين جي هڪ درٻاري ”سائلون“ پهرين پهرين ڪاغذ ٺاهيو. اڄ کان اٽڪل 1900 سال اڳ، چين جي شهنشاهه، پنهنجي زرعي کاتي جي وزير ”سائلون“، کي حڪم ڏنو ته ڪا اهڙي شيءِ تيار ڪر، جنهن تي سولائيءَ سان لکي سگهجي. ان وقت عام طرح ريشم، وڻن جي ڇوڏن ۽ پنن تي لکيو ويندو هو، جنهن ۾ ڏاڍي تڪليف ٿيندي هئي. آخر سخت محنت ۽ جفاڪشيءَ کان پوءِ، ”سائلون“ ڪاغذ جي ايجاد ڪري ڏيکاري: پراڻن ڪپڙن جي اڳڙين کي آلو ڪري انهن مان ڪاغذ ٺاهڻ جي تجويز سوچي ڪڍيائين. اهڙي ڪاغذ تي لکڻ ۾ سهولت ٿي، ۽ ڪاغذ جو کڻڻ ۽ رکڻ پڻ سولو ٿي پيو.

تاريخدان چون ٿا ته ستين صديءَ ۾ ڪاغذ ٺاهڻ جو نمونو پهرين ڪوريا ۾، ۽ پوءِ جپان ۾ پهتو. شهتوت جي وڻن مان ٺهيل ڪاغذ، اڄ به جپان ۾ مشهور آهي. اٺين صديءَ ۾ جڏهن عربن سمرقند تي فتح حاصل ڪئي، تڏهن ڪيترن ئي چينائي ڪاغذ جي ڪاريگرن کي قيد ڪري پنهنجي ملڪ وٺي ويا، ۽ کانئن ڪاغذ ٺاهڻ جو هنر سکيو. انهن اڳڙين کان سواءِ ٻوٽن ۽ ڪاٺين مان به ڪاغذ ٺاهڻ شروع ڪيو. ان هنڌان ئي هي هنر يورپ ۾، ۽ پوءِ هندستان ۾ آيو.

دنيا جو سڀ کان پراڻو ڪاغذ جو اڄ اسين نموني طور ڏسي سگهون ٿا، سو چين ملڪ ۾، سن 406ع ۾ تيار ٿيو هو. هيءُ پنو اڃا تائين برٽش ميوزم ۾ موجود آهي. يارهين يا ٻارهين صديءَ ڌاري يورپ ۾ به ڪاغذ ٺاهڻ جو هنر شروع ٿيو. 1150 عيسويءَ ۾ اسپين ۽ اٽليءَ ۾ به ڪاغذ جا ڪارخانا کليا. چاليهن سالن کان پوءِ، سن 1291ع ۾، فرانس ۽ جرمنيءَ ۾ ڪاغذ جا ڪارخانا کليا، ۽ آخر انگلنڊ ۾ به 1330ع ۾، ڪاغذ جا ڪارخانا جاري ٿيا. يورپ ۾ ٺهيل سڀ کان پراڻي ڪاغذ جو نمونو 1102ع جو آهي، اهو ڪاغذ سسليءَ جي بادشاهه جو راجر جو وصيتنامو آهي.

شروع شروع ۾ ڪاغذ اڳڙين، مصر جي ”پيپايرس“ گاهه، ۽ اسپين جي ”ايسپريٽو“ نالي گاهه مان تيار ڪيو ويندو هو. ڪاغذ جي گهرج روز روز وڌندي وئي- گاهه تي ڪيترا ڏينهن آڌار رکي سگهن! آخر، سرد ملڪن جي وڻن جي ڪاٺ مان ڪاغذ تيار ڪيو ويو. اڄڪلهه به ڪاغذ جو گهڻو انداز ڪاٺ جي ڳـرُ مان ئي تيار ڪيو وڃي ٿو. ڪاٺ جي ڳر کي ڪٽي يا دوائن ۾ ڳاري، هڪ قسم جي لئي ٺاهي ويندي آهي، پوءِ لئيءَ کي مشينن ۾ صاف ڪري ان جو هلڪو ڳارو تيار ڪري، ڪاغذ جا ورق تيار ڪجن ٿا. اهو سڄو ڪم مشينن جي ئي مدد سان ٿئي ٿو.

[ماهنامي ”جوت“ تان ورتل]

 

 

 

بردو سنڌي

 

هي آ حيدرآباد، او پيارا،

هـــــي آ حــيــدرآبــــاد!

قلعو جوان قداور مٺڙو، واه وڻي ٿو دور کان ڏِٺڙو؛

ماضيءَ جي محبوب نشاني، ويجهو ڏس برباد!- او پيارا، هي آ...

ميرن جون مغموم مزارون، اڄ تائين پيون ڪن پُڪارون،

”مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون“، وه وا جوش جهاد!- او پيارا، هي آ...

واه وفائن جا هِت مرقد، جن جي هر سِرعيني شاهد،

ٻاهر ڪارو، اندر اُجرو، ”هوشو“ زنده باد!- او پيارا، هي آ...

سنڌ جا عامل هند لڏي ويا، هِتڙي ڇا ڇا ڪين ڇڏي ويا؛

ساهه مِٺي جي سانگي ڪيائون صدقو هيراباد!- او پيارا، هي آ...

هي ماضيءَ جو مدفن آهي، حال جو پيارو گلشن آهي؛

هيءَ مومل جي ديس جي دل آ، صدين کان ناشاد!- او پيارا، هي آ...

هي ترڪڻ، هي لاهي چاڙهي، ”هٽ بي ڇوري، چل ڀئي گاڙي“؛

تلڪ جي چاڙهي ڄڻ باغيچو، شام صبح آباد!- او پيارا، هي آ...

شهر جو هينئون شاهي بازر، دنيا جي هر چيز ميّسر؛

مفت جا پاسا، مفت ۾ جلوا، مفت ۾ دلڙيون شاد!- او پيارا، هي آ...

ٻيئي پوڙها ”گنجو“ ”ٺوڙهو“، آهن هنن جي لڄ ۽ لوڙهو،

دؤر نئين جي نئين ساهيڙي، اٿس لطيف آباد!- او پيارا، هي آ...

هڪڙي پاسي سنڌو ندي، ۽ ٻي پاسي واهه ڦليلي،

ڪيئن نه ڪندا ارڏايون پو هت، سرو سمن شمشاد!- او پيارا، هي آ...

اولهه اوڀر پاڻي پاڻي، جاڏي ڪاڏي ”سون مياڻي“،

نورين جي هيءَ نگري، ”بردا“، شال رهي آباد!- او پيارا، هي آ...

 

سوني سامونڊي پري

 

ڪنهن زماني ۾ هڪڙو وڏو بادشاهه هوندو هو، جنهن وٽ تمام وڏا خزانا هوندا هئا. هن جي باغ ۾ هڪڙو عجيب وڻ هوندو هو، جو سونا صوف جهليندو هو. پر، انهن صوفن ۾ اها خرابي هوندي هئي ته جڏهن اُهي پچي راس ٿيندا هئا، تڏهن اوچتو ئي اوچتو گُم ٿي ويندا هئا. انهيءَ ڪري بادشاهه کي ڏاڍي چڙ لڳندي هئي، ۽ انهن صوفن جي هٿ ڪرڻ جي خواهش به زياده ٿيندي هئي.

نيٺ هن کي صبر اچي نه سگهيو. هڪڙي ڏينهن پنهنجن ٽن پٽن کي پاڻ وٽ گهرايائين: وڏن ٻن کي چيائين ته ”اوهين هڪڙيءَ وڏيءَ مسافريءَ جي لاءِ تيار ٿيو. منهنجو خزانچي اوهان کي سون رُپو جيڪو گهرندؤ سو ڏيندو- ساريءَ دنيا ۾ وڃي گشت ڪريو ۽ جيڪي ڏاها ۽ پڙهيل ماڻهو ڏسو يا ٻڌو، انهن کان وڃي پڇو ته اِهي منهنجا صوف ڪير چورايو ٿو وڃي؛ جي خود اهو چور هٿ اچي سگهيو ته پاڻ چڱو. پوءِ انهيءَ کي جيئرو يا مئل مون وٽ وٺي اچو.“ بادشاهه جا پٽ هي حڪم ٻڌي خوش ٿيا، جو ڄاتائون ته اسان تي وڏو ڪم رکيو ويو آهي، ۽ ان سببان اسان کي گهڻا ملڪ گهمڻا پوندا ۽ گهڻي ڏاهپ ۽ بهادري ڏيکارڻي ٿيندي. هڪدم تياريون شروع ٿيون، ۽ هو سهي سنبري، ٻڍي پيءُ کان موڪلائي روانا ٿيا.

ننڍو پٽ جو پوئتي رهجي ويو، تنهن کي ڏاڍو ڏک ٿيو. هن جي مرضي هئي ته آءٌ به جهان جو سير ڪريان، پر هو کريل ڇوڪر هو، تنهنڪري پيءُ هن کي ڇڏڻ نه گهريو. سڀڪنهن ٿي سمجهيو ته هو ڪنهن ڪم جو ڪين ٿيندو. انهيءَ هوندي به هو بادشاهه کي منٿون آزيون ڪندو رهيو. آخر لاچار ٿي بادشاهه هن کي به موڪل ڏني، جو ڀانيائين ته متان ناراض رهڻ ڪري ڪو فساد جاڳائي. هن کي به سون رُپو ججهو مليو، پر ٻين ڀائرن وانگر سواري لاءِ عمدن گهوڙن هٿ ڪرڻ جي بدران هن شاهي ڪڙهه مان، هڪڙو ٿڪل ٽٽل ۽ ڏٻرو گهوڙو پنهنجي لاءِ چونڊيو. پوءِ پيءُ کان موڪلائي محلات کان نڪري ٻاهر ٿيو. سڀيئي ماڻهو هن تي کلڻ لڳا، پر هو ماٺ ڪري هليو ويو ۽ شهر مان نڪري ميدان تي آيو. سامهون هلي هلي نيٺ هڪڙي وڏي ٻيلي ۾ آيو. اُتي هڪڙو بدشڪل بگهڙ ڏٺائين، جو ڏانهس ڪاهي آيو، ۽ چيائينس ته ”آءٌ بکايل آهيان.“ شهزادي چيس ته ”چڱو، تڏهن هي منهنجو گهوڙو حاضر آهي، تون کائي پيٽ ڀر.“ بگهڙ ته مُڙڻ جو ڪين هو. جهٽ ۾ گهوڙي جو پيٽ ڦاڙي، ٽڪر ٽڪر ڪري ماس ۽ هڏا- گڏا لوهه جي نعلن سميت کائي ويو.

جڏهن شهزادي بگهڙ کي ڍاول ۽ خوش ڏٺو، تڏهن خوشامند ڪري چوڻ لڳس ته ”بگهڙ خان، ڳالهه ٻڌ! تو ته چڱو طعام کائي پيٽ ڀريو، سو ته تمام چڱو، پر مون کي پري وڃڻو آهي ۽ اهو پنڌ هاڻ مون کي پيادو ڪرڻو ٿيندو، ۽ ائين ڪرڻ سان مون کي ڏاڍي تڪليف ٿيندي. تنهنڪري جو گهوڙو تنهنجي ڪم آيو آهي، تنهن جي بدران ڀلائي ڪري تون مون کي پنهنجي پٺن تي کڻي هل.“ بگهڙ اها ڳالهه قبول ڪئي. شهزادو مٿس چڙهي ويٺو ۽ بگهڙ پنهنجي هميشه واري ٽور وٺي اُٿي هليو.

رستي تي هلندي بگهڙ پنهنجي سوار کان پڇيو ته ”سائين، تون ڪيڏي ٿو وڃي؟“ شهزادي سونن صوفن واري ڳالهه ڪري ٻڌايس، ۽ اهو به ٻڌايائينس ته ”منهنجا ٻه وڏا ڀائر به اڳي ئي اُنهن چورن جي ڳولا ۾ ويا آهن.“

بگهڙ، جو حقيقت ڪري رواجي بگهڙ نه هو، پر هڪڙو وڏو جادوگر هو ۽ بگهڙ جي صورت ۾ هو، تنهن شهزادي کي چيو ته ”مون کي انهيءَ جي ساري خبر آهي: پاسي واري ملڪ جي بادشاهه وٽ هڪڙو مزي جهڙو عجيب پکي آهي. اُهو انهن سونن صوفن جو چور آهي. پر اُهو اُڏامڻ جو اهڙو تکو آهي ۽ اهڙو چالاڪ ۽ خبردار آهي، جو انهيءَ کي پڪڙڻ ناممڪن آهي. ان کي هٿ ڪرڻ جو رڳو هيءُ رستو آهي ته ڪو محلات مان انهيءَ کي پڃري سميت کڻي وڃي. پر جيڪو ائين ڪري، تنهن کي اها سنڀال ڪرڻ کپي ته موٽندي ڪنهن به ڀت کي هٿ نه لائي.“

شهزادي انهيءَ ڪوشش ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو، ۽ ٻيءَ رات بگهڙ جي ڏَس تي هلڻ لڳو. شاهي محلات ۾ وڃي ڏسي ته پهريوارا ستا پيا آهن. لڪ چوريءَ آهستي آهستي سِرندو انهن وٽان لنگهي ويو، ۽ وڃي اُنهيءَ پکيءَ وارو پڃرو لاٿائين. پر موٽندي پهريوارن وٽان لنگهندي، اتفاق سان سندس ڪلهو ڀت سان وڃي لڳو. جهٽ ۾ محلات جا سڀ ماڻهو جاڳي پيا، ۽ شهزادي کي پڪڙي وڌائون. پوءِ ته ماري ماري اڌ مئو ڪري ڇڏيائونس، ۽ زنجيرن ۾ قابو ڪري ويهاري ڇڏيائونس. صبح جو هن کي بادشاهه جي اڳيان وٺي آيا، جنهن موت جي سزا مٿس جاري ڪئي. في الحال ته هن کي هڪڙي اونڌاهي قيدخاني ۾ وڃي وڌائون.

بگهڙ جادوگر کي ته پنهنجي دوست جي ساري حقيقت معلوم ٿي. هڪدم صورت بدلائي هو هڪڙو ٻاهرئين ملڪ جو بادشاهه ٿيو، ۽ پنهنجي پڇ مان پنهنجو عملو بنايائين. انهيءَ طرح هو وڏي تجمل سان شهنشاهه وٽ وڃي مهمان ٿيو. هن جو ڊول ۽ هن جي هلت چلت ڏسي، ۽ هن جي گفتگو ٻڌي شهنشاهه ڏاڍو خوش ٿيو.

ماني مهل ڳالهيون ڪندي مهمان بادشاهه، شهنشاهه سان ڏوهن، ڏوهارين ۽ قيدخانن جو ذڪر چوريو، ۽ پڇڻ لڳو ته ”قيدخانن ۾ ڪي قيدي آهن يا نه؟“ شهنشاهه ورندي ڏني ته ”تمام گهڻا آهن. اڃا هڪڙو قيدي تازو گذريل رات آندو اٿن، جنهن منهنجو عجيب پکي ٿي چورايو. چورن کي اڳي ئي وڏيون وڏيون سزائون ڏنيون اٿون ته به اسان جي محلات مان چوري ٿي آهي. انهيءَ ڪري اسان حڪم ڪيو آهي ته هن کي سڀاڻي ڦاسي اچي.“ مهمان بادشاهه چيو ته ”بيشڪ اهو ڪو وڏو بدمعاش ۽ نامي گرامي چور هوندو، جو محلات ۾ چوري ڪرڻ کان نه رهيو آهي. منهنجي دل ٿي چوي ته انهيءَ چور کي ڏسان.“

شهنشاهه چيو ته ”مون کي ڪوبه اعتراض ڪونهي.“

پوءِ شهنشاهه پنهنجي مهمان کي وٺي قيدخاني ۾ ويو، جتي اُهو نڀاڳو شهزادو ويٺو هو ۽ ڏاڍيءَ نااُميديءَ ۾ هٿ پئي مهٽيائين. انهيءَ کي ڏسي بادشاهه چيو ته ”هي ڇا؟ مون ڀانيو ته اهو ڪو وڏو ڌاڙيل هوندو، پر هي ته ڪو رواجي خسيس چور ٿو ڏسجي. هن کي ڦاسي ڏيڻ مان ڪهڙو فائدو؟ ڇونه هن تي ڪو اهڙو ۽ خوفناڪ ڪم کڻي رکجي، پوءِ جي اُهو ڪيائين ته چڱو، نه ته پاڻهي مري کپي ويندو يا ٻي سخت سزا کائيندو. آءٌ جيڪڏهن حضور جي جاءِ تي هجان ته جيڪر ائين ڪريان.“

شهنشاهه خوش ٿي چيو ته ”اوهان جي صلاح تمام چڱي آهي. هڪڙو اهڙو ڪم مون کي اڳي ئي سُجهي ٿو: اسان جي ملڪ جي اُتر ڏي جيڪو ٻيو مُلڪ آهي، تنهن جي بادشاهه وٽ هڪڙو سونو گهوڙو آهي، جنهن تي ڏاڍو سخت پهرو بيٺل آهي. انهيءَ بدمعاش کي چئجي ته وڃي اُهو چورائي اچي.“ مهمان بادشاهه چيو ته ”ائين بهتر ٿيندو.“

پوءِ ته قيديءَ کي انهيءَ شرط تي ڪڍي ڇڏيائون ته اُهو سونو گهوڙو وڃي هٿ ڪري. هن ويچاري جي حالت ڪا بهتر نه ٿي. هن کي وري به هرطرح پنهنجي جان وڃائڻ جو ڊپ هو، پر پوءِ به لاچار ٿي روئندو رڙندو ٻاهر نڪتو. گهر ڇڏي سفر تي نڪرڻ ڪري ڏاڍو پشيمان ٿيو. هو اڃا انهيءَ ارمان ۾ هو ته سندس جهوني دوست ۽ صلاحڪار بگهڙ، اچي پاسو ورتس. پڇڻ لڳس ته ”ٻيو ته خير آهي؟ ڀانئجي ٿو ته پکيءَ واري ڪم ۾ تون فتحياب نه ٿئين، پر دل نه لوڙهه، ڪم ۾ همت سان هٿ وجهه.“

انهيءَ طرح بگهڙ دڙ دلاسا ڏيئي همٿايس، ۽ خاطري ڏنائينس ته سونو گهوڙو هٿ آيو ته به نڪي تُنهنجي نڪي گهوڙي جي بت کي ڇهڻ سان تنهنجي مراد حاصل ٿي سگهندي. آخر ٻئي ڄڻا نڪتا. شهزادو پنهنجي گهوڙي تي چڙهي پنهنجي ملڪ جي حد لنگهي، سوني گهوڙي واري بادشاهه جي حد ۾ آيو. بگهڙ جي صلاح تي هو هڪدم تعميل ڪرڻ لڳو. وڃي ڏسي ته سڀ سئيس سُتا پيا آهن ۽ کونگهرا پيا هڻن. شهزادو آهستي آهستي گهوڙي کي ڇوڙي طبيلي جي در وٽ آيو ته اتي اتفاق سان ڪنهن مڇر گهوڙي کي رانَ ۾ چڪ هنيو. گهوڙي مڇر کي هڪلڻ لاءِ پڇ لوڏيو ته وڃي در جي پاسي واريءَ ڀت کي لڳو، ۽ هڪدم سئيس جاڳي پيا. شهزادي کي پڪڙي چهبڪن سان مار ڏنائون، ۽ پوءِ رسي سان ٻڌي کڻي ويهاريائونس. صبح جو بادشاهه وٽ وٺي ويس، جنهن سوني پکيءَ جي بادشاهه وانگر موت جي سزا ڏنيس، ۽ في الحال کڻي قيد ۾ وجهارايائينس.

بگهڙ جادوگر کي ته انهيءَ ساريءَ ڳالهه جي اڳي ئي خبر هئي. بادشاهي صورت وٺي وڏي تجمل سان شاهي محلات ۾ آيو. سندس گهڻي آڌرڀاءُ ٿي. اڳي وانگر هيڏي هوڏي جون ڳالهيون ڪري قيدين جو ذڪر چوري، خواهش ڏيکاريائين ته جنهن بدمعاش سونو گهوڙو ٿي چورايو، تنهن کي ڏسي. مطلب ته قيديءَ کي اڳئين وانگر آزادي ملي، مگر انهيءَ شرط تي ته ٽن ڏينهن جي اندر، سوني سامونڊي پري هٿ ڪري اچي، جنهن کي هيستائين ڪوبه ماڻهو ويجهو وڃي نٿي سگهيو.

هيءُ به اهڙو مشڪل ڪم هو جهڙا اڳيان ٻه ڪم هئا، بلڪ انهن کان به زياده مشڪل. لاچار قيدخاني مان نڪري، ڳڻتيون کائيندو هليو. اڳيان سندس دوست بگهڙ خان مليس. اُهو به ساڻس شامل هيو. سگهوئي سمنڊ تي آيا. بگهڙ چيس ته ”هاڻي آءٌ ڦري ٻيڙي ٿو ٿيان ۽ پُڇ کي سُکان ٿو ڪريان، ۽ منهنجي پيٽ جا آنڊا ڦري قيمتي ريشمي ڪپڙن جون ڳٺڙيون ٿي پوندا. اڳڀرو ٻيڙي ڪاهي هلندين ته اُها سامونڊي پري نظر اينديئي؛ توکي لالچائيندي ۽ ٺڳاريندي، پر تون سندس ڳالهه تي نه لڳجئين؛ اٽلندو هيئن چئجئينس ته ”خريدار سوداگر وٽ ايندو آهي، نه سوداگر خريدار وٽ.!“ پوءِ وري ڪناري ڏي موٽجئين ته هوءَ تنهنجي پٺيان لڳي ايندي، ڇا لاءِ جو تنهنجي ريشمي مال کان اکيون پاسي ڪري نه سگهندي.“

شهزادي اها ڳالهه قبول ڪئي. جهٽ ۾ بگهڙ ٻيڙي ٿي پيو، جا رنگا رنگي پَٽَ جي ڪپڙن سان ڀريل هئي. شهزادو سُکان تي ويهي ٻيڙي سمنڊ ڏي ڪاهي هليو، جتي ڏاڍيون لهريون پي لڳيون. اوچتو، سونِي سامونڊي پري لهرين مان نڪري سج جي روشنيءَ ۾ چمڪڻ لڳي. شهزادي کي ناز نخرا ڪري اشارا ڏيڻ ۽ سڏڻ لڳي، پر شهزادي منهن موڙي چيس ته ”خريدار سوداگر وٽ ايندو آهي، نه سوداگر خريدار وٽ!“ ائين چئي، پوءِ ٻيڙي ڪاهي ڪناري ڏي موٽيو. پٺيان پريءَ گهڻوئي مٺي آواز سان پئي چيس ته بيهه، پر هو نه بيٺو. اڃا ڪناري تي مس پهتو ته پري ٽپ ڏيئي سندس ٻيڙيءَ ۾ آئي، ۽ ريشمي مال ڏسي ڏاڍي خوش ٿي. انهيءَ وقت شهزادي جهٽ ڏيئي کڻي ٻانهن کان ورتس. هڪدم ٻيڙي بدلجي وري بگهڙ ٿي پيئي، ۽ پري انهيءَ جي ڊپ کان پاڻ بچائڻ لاءِ شهزادي کي چهٽڻ لڳي. سگهوئي معلوم ٿيس ته بگهڙ مان خوف ڪونهي، تڏهن پنهنجي خوبصورت بچائيندڙ دوست کي ڏسي، نهايت خوش ٿي. هن جي چوڻ تي ساڻس گڏجي بگهڙ جي مٿان گهوڙي وانگي ويهي رهي ۽ بگهڙ، سوني گهوڙي واري بادشاهه ڏي هلڻ لڳو. سگهوئي حيران ٿيلن پهريوارن ۽ درٻارين منجهان لنگهي بادشاهه جي حضور ۾ آيو. بادشاهه شهزادي کي ڏسي خوش ٿيو ۽ ڏاڍو مان ڏنائينس، جو پڪ ڄاتائين ته هي ڪو رواجي ماڻهو نٿو ڏسجي. چوڻ لڳس ته ”منهنجا دوست، مون کي معاف ڪجئين، جو مون توکي عام چور ڄاڻي کڻي قيدخاني ۾ وڌو. اها سامونڊي پري، جا تو همت ڪري آندي آهي، سا تنهنجي مِلڪ آهي، بلڪ جنهن سوني گهوڙي چورائڻ جي توتي تهمت رکي ويئي هئي سو به تنهنجو حق آهي. اهو قبول ڪر. آءٌ اهڙي طاقت واري ماڻهوءَ جو غلام آهيان.“

بادشاهه جي حڪم سان هڪڙي خوشيءَ جي مجلس برپا ٿي ويئي، جنهن ۾ بگهڙ خان سميت سڀ ويهي ماني کائي خوش ٿيا. سڀني کي شهزادي پنهنجا حيرت جهڙا ڪم بيان ڪري ٻڌايا، جي ٻڌي ماڻهو عجب ۾ پئجي ويا. ٻئي ڏينهن شهزادي کي پنهنجي وطن جي سڪ کنيو، تنهن موٽڻ جي تياري ڪئي. سونو گهوڙو آندو ويو. شهزادو ۽ سامونڊي پري انهيءَ تي ٻيلهه چڙهي ويٺا بادشاهه کي خدا حافظ چئي، سوني پکيءَ واري بادشاهه جي ملڪ کان لنگهندا، پنهنجي وطن موٽي آيا. بگهڙ به سندن پٺيان لڳو آيو.سوني پکيءَ وارو بادشاهه ڏاڍي آڌرڀاءُ سان گڏيس، پاڻ وٽ مهمان ڪيائينس، ۽ انهيءَ پکيءَ جو پڃرو تحفو ڪري ڏنائينس ۽ عذر خواهي ڪري چيائينس ته ”هي سونو پکي به هن سوني گهوڙي جي سنگت ۾ ٿو ٺهي، ۽ اِهي ٻيئي وري هن خوبصورت سوني سامونڊي پريءَ جي سنگت ۾ ٿا سونهِن.“

پوءِ اُتان موڪلائي شهزادو روانو ٿيو، ۽ پنهنجي پيءُ جي محلات ڏي رخ رکيائين. بگهڙ به سندن پٺيان لڳو آيو. جڏهن محلات ويجهي آئي، تڏهن بگهڙ پٺ تي رهجي جهنگ ۾ گم ٿي ويو، ۽ ٻڍو بادشاهه ۽ سندس درٻاري هنن کي ڏسي حيران ٿي ويا. بادشاهه پٽ کي ڏاڍي پيار سان گڏيو ۽ هڪدم پنهنجي مٿي تان ڇٽ لاهي، هن جي مٿي تي رکيائين. انهيءَ وقت کان وٺي اُهو شهزادو پنهنجي خوبصورت راڻيءَ سان انهيءَ ملڪ تي راڄ ڪرڻ لڳو.

[ميرزا قليچ بيگ مرحوم جي ڪتاب تان ورتل- ادارو.]

 

 

روچو ”خوابي“

 

عجيب وندرون

 

[رسالي ”گل ڦل“، سال 1959ع ۽ 1960ع جي پرچن ۾، ”هنن سان مِلو“ ڪالمن ۾، ڏنل ٻارن جي ”وندرن“ جي احوال جي آڌار تي لکيل.]

1.                اٿئي اسٽور پنهنجو، مال کائي مفت جا وَٺُ تون،

   مگر، وندر به ٿيندي آهه ڪا بسڪوٽ کائڻ جي؟

2.                عمر اٺ سال آ تُنهنجي، ”نماڻو“ ٿو سڏائين تون،

  وري Hobby (هابي) اٿئي ٽائيم Hunting (هنٽنگ) ۾ وڃائڻ جي.

3.                برابر هوندين تون مردان شاهه مردانگيءَ وارو،

   نه ڪر هتيا پکي بندوق سان نيشان بنائڻ جي.

4.                ڀلي گهم ڪارِ پنهنجيءَ ۾، مگر هڪ قربداري ڪر،

   اجازت وَٺُ ابي کان، ساٿ سنگتين کي گُهمائڻ جي.

5.                پڙهو ڀل دوستو، جاسوسي ناول واندڪائيءَ ۾،

   ڪجو ڪوشش متان ڪنهن تي، عياري آزمائڻ جي.

6.                ڀتيون گهر جون ڀَري آهن ڇڏيون تو فلمي فوٽن سان.

   اٿئي مرضي ڇا گهر کي ”فلم اسٽوڊيو“ بنائڻ جي؟

7.                ميان مجنون! ڀلي تون کاءُ مکڻ، پر ڪجانءِ خطرو،

   متان عادت وڃئي پئجي مٺا، مکڻ لڳائڻ جي!

8.                                 گهڻو ڌن آهه گهر ۾، ۽ تون خرچي ٿو وجهين گهُگههَ ۾،

   ته پوءِ عادت وڻي ٿي: ڪڪ ڪري پئسا ڇڏائڻ جي؟

9.                اگر همت اٿئي، ڪن- مهٽ ڪَرِ جهيڙاڪ ٻارن جي،

   سُٺي نِيتي آ دادا گير ڇورن کي دٻائڻ جي؟

10.          ڪريو هر سال هڪ چرچو، مگر اپريل جي پهرينءَ،

   ڇڏيو عادت: لکي گمنام خط ڪنهن کي ستائڻ جي.

11.          ڀلي ڏئي دوستن کي دعوتون گهر ۾ گهرايو، پر،

   متان کارائي ڪنهن کي، پوءِ رکو خواهش ڪا کائڻ جي.

12.          سُٺي وندر سڀن کان آهه تُنهنجي سُومرا سائين!

   ڊبل روٽي ڏهاڙي کير ڪوسي ساڻ کائڻ جي.

13.          ادا ڪَوِتا ڪمائڻ کان، سُٺو ڌنڌو آ مرغين جو،

   ڪجو ڪوشش متان سمپادڪيءَ ۾ پير پائڻ جي.

14.          گهڻن جو شوق گانن سان، ۽ ڪِن جي دل آ کاڄن سان،

    گهڻن جِي آهه سَڌَ فوٽا ڏسڻ، موٽر هلائڻ جي.

15.          اسان کي شوق ٿيندو آ: سُڻي ڪو مفت ۾ ڪَوِتا.

   نه ڪو ٻُڌندو، ته پوءِ عادت اٿئون خود کي ٻُڌائڻ جي.

16.          سُڻائي ”وندر“ تي هِي شعر، سڀني کي مون وندرايو،

   ادا، هاڻي خدا- حافظ! ڪريون ٿا موڪلائڻ جي.

 

گهرجي

 

   ڪَئي ڪنهن اڙٻنگائي ڪلهه، سا اڄ وسري وڃڻ گهرجي،

   سُٺن ٻارن کي هردم، هر جڳهه سُڌري هلڻ گهرجي.

1.                اوهان تي ٿو لڳي الزام، ڀل رد ڪد ڏيو تنهن کي،

   متان پو بيوقوفن جيان پٺيان بدشد بَڪو ڪنهن کي؛

   نڪوئي ماستر سامهون شڪل بڇڙي ڪرڻ گهرجي،

   سُٺن ٻارن کي هردم، هر جڳهه سُڌري هلڻ گهرجي.

2.                وٺي پئسا ڪتابن لئه، وڃن ٿا روز پڪچر تي،

   لِڪي سگريٽ ٿا صاحب پيئن، ۽ سو به اوڌر تي،

    بچيل پئسن مان چوندا: ’چانهه جي چُڪڙي پيئڻ گهرجي،‘

    سُٺن ٻارن کي هردم، هر جڳهه سُڌري هلڻ گهرجي.

3.                وِيَن ٿِي ليِٽَ، ’سَرِ‘ جي مار کان ايندا هليا موٽي،

   ملين خرچي نه پوري، خار کان ايندا ڇڏي روٽي؛

   ڏهاڙي مائٽن تي ڪين هيءَ ڦڪڙي ٻڌڻ گهرجي،

    سُٺن ٻارن کي هردم، هر جڳهه سڌري هلڻ گهرجي.

4.                اوهان مان ڪيترن ۾ هِي بُرايون مون ڏٺيون آهن،

   ڏنيون پنهنجي عقل آهر صلاحون مون سُٺيون آهن؛

   پڇاڙيءَ جو اوهان کي وينتي هڪڙي مڃڻ گهرجي،

   سُٺن ٻارن کي هردم، هر جڳهه سُڌري هلڻ گهرجي.

 

 

ٻارن جا ليک

 

جهرڪ ۽ جهرڪي

 

ليکڪ: نذيده جوڻيجہ

 

هڪ دفعي هڪ جهرڪ ۽ جهرڪيءَ کي پينگهه لڏڻ جو شوق ٿيو، سو ٻيئي گڏجي بازار ۾ ويا. اتان سُٽ وٺي، انهيءَ کي وَٽي مضبوط ڪري، هڪ کوهه جي ڪانڃڻ ۾ ٻڌي، اتي پنهنجي پينگهه بنايائون. اتفاق سان جهرڪيءَ جو پير کسڪي ويو ۽ کوهه ۾ ڪري پيئي. جهرڪ ويچارو پريشان ٿي ويو. آخر سوچي سوچي هڪ ٻليءَ وٽ ويو، ۽ ان کي ليلائي چيائين ته ”ماسي ٻلي، هڪ ڪم ڪندينءَ؟“  ٻليءَ جواب ڏنس، ”جيءُ ڀاڻج، ڇو نه ڪنديس!“ جهرڪ چيس ته ”جهرڪيءَ کي کوهه مان ڪڍ، ته اڌ تنهنجو اڌ منهنجو.“

ٻلي آئي، جهرڪيءَ کي ٻاهر ڪڍي پنهنجو اڌ گهريائين. جهرڪ چيس، ”ڪجهه دير ترس ته جهرڪيءَ کي اُس ۾ سڪايان.“ جڏهن جهرڪيءَ جا کنڀ سڪا، تڏهن ٻيئي ڄڻا اڏامي ويا، ۽ ٻلي ڏاڍو لڄِي ٿي کين ڏسندي رهي.

 

 

  

باغ جو سير

 

ليکڪ: مظفر جويو

 

آءٌ ۽ منهنجو دوست جاويد، آچر جي ڏينهن ’داس- گارڊن‘ گهمڻ وياسين. منهنجو وڏو ڀاءُ منور، اسان ٻنهي کي سائيڪل تي گهمائڻ وٺي هليو هو. پهريائين، ”پريم- پارڪ“ جي چاڙهي لهي، هيٺ ٿياسون ته پاڻي جي آفيس آئي، پوءِ اڳتي وڌياسين ئي ڪين ته پوليس ٿاڻي جي هڪڙي ڪوٺي آئي. ٿورو اڳتي وڌياسين ته ”داس- گارڊن“ جو دروازو آيو. مون ۽ جاويد وٽ صرف هڪ رپيو هو. اندر گهڙياسين ۽ سائيڪل اسٽينڊ تي رکي اندر وياسين. مُهڙ ۾ گلن جي ڪونڊين جي قطار لڳي پيئي هئي. اڳتي وڌياسين ته پينگها ڏٺاسون. منهنجي ڀاءُ چيو ته پهريائين جانور ڏسي، پوءِ موٽي اچي ٿا پينگهه لڏون، پر پوءِ اسان فيصلو ڪيو ته پهريائين پينگهه لڏنداسين. پهريائين اسان وڃي پينگهه لڏياسين، ۽ پوءِ وڃي ترڪڻيءَ تي ترڪياسون اتان لهي جيڪو گول چڪرو هو، ان تي اچي ويٺاسين. اتي جاويد کي مٿي ۾ ڦيري اچي ويئي، ان ڪري اتان لهي، ڪسرت ڪري، جانورن کي ڏسڻ وياسون. پهريائين لڌڙن وٽ بيٺاسين جي پاڻي ۾ تريا پئي. پر انهيءَ پاڻي مان بانس پيئي آئي، تنهنڪري وڃي ڀولڙن وٽ بيٺاسين اتان هلي ولائتي ڪڪڙن کي ڏٺوسين، ۽ پوءِ وڌي اچي نانگ ڏٺوسين. اتان ٿي آياسين وڏي ميدان تي، اتي ماڻهن ڪرڪيٽ راند پئي ڪئي. اها ڏسي، آياسون ساڳي جاءِ تي، جتي سائيڪل رکڻ لاءِ ڏني هئيسين. سائيڪل سنڀالڻ واري ماڻهوءَ کي ٻه آنا ڏيئي، سائيڪل کڻي ساڳي روڊ تان موٽي اچي گهر پهتاسون. ان وقت ڏينهن جي ٻارهن بجن جو گهگو ٻڌوسون. پوءِ ماني کائي، لت کوڙي سمهي رهياسون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com