سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 3/ 1997ع

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل 3/ 1997ع

اڪبر جسڪاڻي

حال احوال

پيارا ٻارو، گل ڦل مارچ 1997ع جو پرچو جڏهن اوهان جي هٿن ۾ پهچندو، تڏهن توهان جا ساليانا امتحان پهرين جماعت کان اٺين جماعت تائين ٿي چڪا هوندا، باقي نائين ۽ ڏهين جماعت جا امتحان به ٿيڻ وارا هوندا، پيارا ٻارو، امتحان ۾ پر جن ٻارن محنت ڪئي هوندي، سي ته خوش هوندا،  جن ٻارن سڄو سال پنهنجي ڪورس تي ڌيان نه ڏنو هوندو، رڳو وڊيو گيم، ڊش انٽينا ۽ خراب دوستن جي چڪر ۾ اچي پنهنجو قيمتي وقت اجايو گهمڻ ڦرڻ ۾ وڃايو هوندو، تن کي پريشاني ضرور ٿيندي، ڪي ٻار ناپاس به ٿيندا، پر مايوس نه ٿجي، پر اهو سوچجي ته هو ڪن ڳالهين جي ڪري ناپاس ٿيا آهن، انهن اجاين ڳالهين کي ڇڏي، خوب محنت ڪري ۽ وڃايل وقت کي سجايو ڪرڻ لاءِ رات ڏينهن محنت ڪري اوهين وري هوشيار شاگردن ۾ شمار ٿيڻ لڳندا، استادن ۽ مائٽن جي نظرن ۾ به مانُ پائيندا. ان لاءِ سٺي صحبت اختيار ڪريو ۽ خوب محنت ڪري پڙهندا ڪريو. ائين ڪرڻ سان الله تعالى اوهان جي محنت رائيگان نه ڪندو ۽ اوهين سٺن نمبرن ۾ پاس ٿي سٺن عهدن تي پهچندا.

ٻارو، مارچ مهيني کي اها به اهميت حاصل آهي، جو هن مهيني جي 23 تاريخ تي قرارداد پاڪستان پاس ٿي هئي، جنهن جي ڪري اسان جو ملڪ پاڪستان وجود ۾ آيو، جنهن جي هاڻ گولڊن جوبلي ملهائي پئي وڃي، اسڪولن ۾ به اهڙا فنڪشن ڪرايا پيا وڃن، اصل مقصد اهو آهي ته اسان کي اهو سوچڻ کپي ته اسان کي جيڪا آزادي ملي آهي، ان جو ڪارج ڇا آهي، ان جو ڪارج اهوئي آهي ته، اسان پنهنجي ملڪ سان محبت ڪريون ۽ هڪ ٻئي سان بنا ڪنهن فرق جي پيار ڪريون ڪوبه تعصب نه رکون، توهين ٻار خوب محنت ڪري پڙهو ۽ هڪ ٻئي سان پيار ۽ محبت سان هلو، اهوئي آزادي جو اصل مقصد آهي.

اوهان جو چاچا:

اڪبر جسڪاڻي

لطيفي لات

 

عمر اڄ گڏيام، ڏُوٿي، انهي ڏيهه جا،

پاراڀا پرين جا، اُڀي اُن چيام،

لهي لوهه پيام، لطف ساڻ لطيف چئي.

 

مٿيون بيت شاهه صاحب جي رسالي مان کنيو ويو آهي. هي بيت سُر مارئي جي داستان ٻارهين جو، چوٿون نمبر بيت آهي.

سمجهاڻي: هن بيت ۾ شاهه صاحب مارئي جي پنهنجي مارُن ۽ ديس سان محبت کي ظاهر ڪيو آهي، جنهن ۾ مارئي عمر بادشاهه کي مخاطب ٿي چئي ٿي ته، اي عمر اڄ مون کي ان ديس جا (ٿري) سانگي گڏيا، انهن بيٺي مون کي سپرين جا نياپا ڏنا، انهن جي نياپن ٻڌڻ سان ڌڻي جي مهر سان منهنجون زنجيرون ۽ ٻيڙيون لهي ويون، نياپن ٻڌڻ سان (هن تان) عمر جي قيد هجڻ جون ڳالهيون وسري ويون.

معنى: 1- ڏوٿي – سانگي، 2- پارڀا – سنيها، نياپا.

(ڪلياڻ آڏواڻي)

ضراب حيدر                         سلسليوار ڪهاڻي

 

زبرسڪي ۽ ٽامڙو

سلسلو پهريون

”ٽامڙو ۽ ٽب“

اڌڙوٽ وهيءَ جو زبرسڪي، ميلي تي وڃڻ لاءِ ڏاڍو پريشان هو، پريشانيءَ ۾ سندس گانگٽ جهڙيون سنهڙيون مڇون، جيڪي اڪثر ڏاند جي سنڱن جيان اڀيون هونديون هيون، اُهي لڙڪي پيون هيون. ائين به نه هو ته ڪو رڳو زبرسڪي ئي پريشان هو، اڌڙوٽ زبرسڪيءَ سان گڏجي سندس لُڌڙو ”ٽامڙو“ به پريشان هو. زبرسڪيءَ اُن مڇيءَ (لُڌڙي) جو نالو پيار وچان ”ٽامڙو“ رکيو هو.

زبرسڪيءَ ۽ ٽامڙوءَ کي ميلي تي وڃڻ لاءِ سواريءَ جو بندوبست ڪرڻو هو، جنهن تي ٽامڙو جي ”باٿ ٽب“ کي به کڻي سگهجي، ۽ ٽامڙو اُن باٿ ٽب ۾ ترندو، وهنجندو ۽ ٿاڦوڙا هڻندو هلي.

اهو سڀ ڪجهه اڌڙوٽ زبرسڪيءَ کي ان لاءِ به ڪرڻو ٿي پيو، ڇاڪاڻ ته ٽامڙو سندس سکيا يافته لڌڙو هو. جيڪو سرڪس ۾ پنهنجا ڪرتب ڏيکاري وڏا داد ۽ پئسو ڪمائيندو هو. هونئن به اڌڙوٽ زبرسڪيءَ پنهنجي زندگي چڱي ساٿري وهي اُن لڌڙي کي سکيا ڏيڻ ۾ گذاري هئي، تنهن کان سواءِ اڌڙوٽ زبرسڪيءَ جو ٽامڙي کان سواءِ ڪو ٻيو هو به ته نه، جنهن سان هو پنهنجو وقت گذاري سگهي.

هڪ ته زبرسڪيءَ کي ٽامڙي جا ناز ۽ نخرا ان لاءِ به سهڻا پوندا هئا، جو، ٽامڙو پاڻيءَ جو رهندڙ لڌڙو هوندي به ساڻس گهڻوُ وقت خشڪيءَ تي گذاريندو هو، تنهن کان سواءِ برفاني خطي وارو سمنڊ تياڳي، ساڻس نيم گرم خشڪ علائقي ۾ گهاريندو هو، ۽ پڻ راضي رهندو هو. ٻيو ته، زبرسڪيءَ جو ٽامڙي کان سواءِ ڪو ٻيو دوست يا ساٿي به نه هو، جيڪو گهڻي ۾ گهڻو وقت ساڻس گذاري، ٽيون ته ٽامڙي جا ڪرتب، زبرسڪيءَ ۽ ٽامڙي جي پيٽ گذر لاءِ ڪافي هئا. ان ڪري زبرسڪي، ٽامڙي جي ضرورتن ۽خواهشن جو تمام گهڻو خيال رکندو هو.

اڌڙوٽ زبرسڪيءَ، کائڻ پيئڻ ۽ ضرورت جي شين کان سواءِ جيڪي پئسا بچائيندو هو، تن کي بئنڪ ۾ اڇلائيندو ويندو هو، ۽ هو سوچيندو هو ته جڏهن پئسا ايترا ٿي ويندا، جن مان هو گهر ٺاهرائي سگهي ته هو اُن گهر ۾ ”باٿ ٽب“ جي جاءِ تي ٽامڙي لاءِ هڪ ڪشادو سيومنگ پول (ترڻ جو تلاءُ) ٺاهرائيندو، جتي ٽامڙو مزي ۽ آزاديءَ سان تري ۽ ٿاڦوڙا هڻي سگهي.

اڌڙوٽ زبرسڪي ٽامڙي کان پڇيو ته ”ميلي تي هلڻ لاءِ ڪهڙو رستو بهتر رهندو، هوائي، بحري، يا خشڪيءَ وارو.“ ٽامڙي پنهنجون بي هوديون واڇون ٽيڙيندي زبرسڪيءَ کي چيو ته: ”تنهنجو مطلب ته هوائي يعني جهاز وسيلي، بحري يعني بحري جهاز يا ٻيڙي وسيلي، ۽ خشڪي يعني ريل گاڏيءَ وسيلي.“

زبرسڪيءَ کيس چيو، ”ها ها، منهنجو مطلب بلڪل اِهو آهي.“ ٽامڙوءَ وري ساڳئي حالت ۾ واڇون ٽيڙيندي زبرسڪيءَ کي نخرو ڏيکاريندي چيو ته، ”پر مان ته اهڙو رستو ۽ سواري پسند ڪندس، جنهن ۾ منهنجي وهنجڻ ۽ ترڻ وارو“ ”باٿ ٽب“ کڻي سگهجي.

زبرسڪيءَ کِلي پيو، ٽامڙي کي چيائين، ”ته پوءِ اِن لاءِ اسان کي روڊ جو سفر ڪرڻو پوندو ۽ روڊ جي سفر لاءِ، مِني ٽرڪ ئي بهتر رهندي، جنهن جي پوئين ڊالي ۾ تنهنجو ”باٿ ٽب“ رکي سگهجي ۽ آئون اڳئين سيٽ تي ويهي سفر ڪري سگهان.“

ٽامڙو، پنهنجي لسين کنڀڙاٽين سان ڦڙڪا هڻي، خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيو، ”تون بلڪل دُرست آهين زبرسڪي.“

”ته پوءِ آئون هينئر ئي وڃي ڪنهن مِني ٽرڪ جو بندوبست ٿو ڪيان، جيئن سڀاڻي صبح جو سويل ئي اسين اُن ٽرڪ ۾ سفر لاءِ روانا ٿي سگهئون.“

ٻئي ڏينهن صبح جو سويل، هو ٻئي، مِني ٽرڪ ۾ ”باٿ ٽب“ سميت ميلي واري شهر ڏانهن روانا ٿي ويا.

ٽامڙو ٽرڪ جي ڊالي ۾ پنهنجي ٽب ۾ ٿاڦوڙا هڻندو سفر انجواءِ ڪندو رهيو، ڪجهه ميلن جي مفاصلي طئه ڪرڻ کان پوءِ، ”باٿ ٽب“ جو پاڻي تمام گهڻو گهٽجي ويو. پهرين ته ٽامڙي سمجهيو ته ”ٽب“ جو پاڻي سندس ٿاڦوڙن هڻنڻ جي ڪري گهٽجي ويو آهي، پر ائين ڪونه هو، ٽب جهاڪن ۽ لوڏن جي ڪارڻ، ڪٽ کاڌل جاين وٽان ڳري ليڪ ٿي پيو هو. ٽامڙي اها حالت ڏسي وٺي رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون. ٽامڙي جي رڙين تي زبرسڪي پريشان ٿي ويو، ۽ ٽرڪ ڊرائيور کي ٽرڪ روڪڻ لاءِ چيائين. ٽرڪ رُڪجڻ کان پوءِ زبرسڪيءَ ڏٺو ته ٽامڙو رڙيون ڪري روئي رهيو هو. زبرسڪي ٽامڙو کان پڇيو ته ”آخر ڇا مسئلو آهي؟ جو هو رڙيون ڪري روئي رهيو آهي.“

ٽامڙي کيس ٻڌايو ته ”سندس وهنجڻ وارو ٽب جهاڪن تي ليڪ ٿي پيو آهي، جنهنڪري سمورو پاڻي وهي ويو آهي.“ زبرسڪي ان ڳالهه تي ٿورو ڳنڀير ٿي ويو، پر جلد ئي ٽامڙو کي آٿت ڏيڻ لاءِ فيصلو ورتائين ۽ کيس چيائين ته ”ٿوروئي اڳتي هڪ ننڍڙو شهر اچڻ وارو آهي، جتان اسين ٽب کي گيس ويلڊنگ سان ٽامي جو ٽاڪو هڻائي وٺنداسين ۽ فائر برگيڊ وارن وٽان ٽب کي پاڻيءَ سان ڀرائي وٺنداسين.“

ٿوري مفاصلي کان پوءِ هو هڪ ننڍڙي  شهر جي چؤنڪ تي پهچي ويا. جتان هو ٽب کي گيس ويلڊنگ جو ٽاڪو لڳرائي، فائر برگيڊ جي آفيس ۾ پاڻي ڀرائڻ لاءِ آيا، فائربرگيڊ جي وڏي ٽينڪ مان ٽب ۾ پاڻي ڀري، هو وري سفر لاءِ روانا ٿي ويا، ڪيترا ميل، ٽرڪ ڊرائيور، زبرسڪي ٽامڙو وڏي آرام سان سفر ڪندا رهيا، اوچتو وري ٽامڙو رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون. ٽرڪ ڊرائيور جلد ئي ٽرڪ کي بريڪ هنيو ۽ زبرسڪي ٽرڪ مان لهي ڊالي ڏانهن آيو. هن ڀيري ”باٿ ٽب“ ۾ اڳي کان وڏو سوراخ ٿي ويو هو، ان ڪري پاڻي هڪ ئي پل ۾ گرڙاٽ ڪري وهي ويو هو، هاڻي زبرسڪيءَ لاءِ ٽامڙي جو ٽب واقعي به پريشانيءَ جوڳو بڻجي پيو.

ڪجهه دير زبرسڪي سوچيندو رهيو ته آخر اِن ٽب جو ڇا ٿيندو؟

اِن ٽب جو ڇا ڪيو وڃي. ۽ ٽامڙوءَ کي ڪيئن آٿت ڏنو وڃي. ڪجهه دير سوچ ۽ ويچار کان پوءِ زبرسڪيءَ، ٽامڙي کي چيو ته، ”هاڻي ايندڙ شهر مان ٽب کي ٽاڪو هڻائي پاڻي ڀرايون، ۽ باقي سفر ۾ پيش ايندڙ هر مسئلي جي حل لاءِ اسين پاڻ ڪو بندوبست ڪيون، ڊامبر (ڏامر) چيوگم، ۽ صابڻ هٿ ڪيون، جيئن ڪٿي به ٽب مان ليڪيج ٿيئي ته اُن جاءِ کي، مناسب شي سان بند ڪري سفر جاري رکون ۽ جلد پنهنجي منزل تي پهچون.“

ٽامڙي خوش ٿيندي چيو ته، ”زبرسڪي تنهنجي سوچ بهترين  آهي.“ هو جيئن ئي ٻئي شهر پهتا ته ٽاڪو لڳرائي، پاڻي ڀرائي شهر جي بازار ۾ هليا آيا، ڇاڪاڻ جو هنن کي ايندڙ سفر ۾ ٽب جي ليڪيج کي بند ڪرڻ لاءِ، ڏامر، چيوگم ۽ صابڻ وٺڻو هو.

شهر جي بازار ۾ ايندي ئي کوڙ ٻار ٽرڪ جي پويان قطارون ڪري ڊوڙڻ لڳا. ”ٽرڪ ۾ لڌڙو.... ٽرڪ ۾ لڌڙو....“ ٻارن جي گوڙ ۽ آواز تي دڪانن ۾ ويٺل ماڻهو ٻاهر نڪري ٽرڪ کي ڏسڻ لڳا، جنهن ۾ زبرسڪي اڳئين سيٽ تي ويٺو هو. پهريان ته زبرسڪي جون مڇون ۽ نمونو ڏسي ماڻهو اهو سمجهڻ لڳا ته شايد زبرسڪي ئي لُڌڙو آهي، جنهن کي ٻار چيڙائي رهيا آهن. پر پوءِ، جڏهن ٽرڪ پُٺيري ٿي ته واقعي ماڻهن کي ٽرڪ جي ڊالي ۾، هڪ ٽب ۾ سڻڀي کل وارو لڌڙو نظر آيو.

اُن سموري گوڙ ۽ هنگامي کي ڏسي پوليس جا ڪجهه سپاهي به ٽرڪ وٽ اچي پهتا ۽ ٽرڪ روڪي، لڌڙي بابت زبرسڪي کان پڇيائون. زبرسڪي کين ٻڌايو ته ”ٽامڙو سندس پاليل لڌڙو آهي، جنهن جي رکڻ لاءِ کيس وائيلڊ لائيف اداري پاران ليسن پڻ جاري ڪيل آهي. ۽ هو ٽامڙو سميت هڪ ميلي تي وڃي رهيو آهي، جتي هو پنهنجي سکيا يافته لُڌڙي جا ڪرتب هڪ سرڪس ۾ ڏيکاريندو. رستي ۾ ٻه دفعا سندس لڌڙي جو ٽب ليڪ ٿي پيو هو، جنهن ڪري رستي ۾ ٻيهر ليڪيج کان بچاءُ ۽ کيس بند ڪرڻ لاءِ، هو بازار ۾ ڏامر، چيوگم ۽ صابڻ وٺڻ آيو آهي.“

پوليس جي اهلڪارن زبرسڪيءَ جي وارتا ٻڌي کيس عزت سان وڃڻ ڏنو.

زبرسڪي اڌڙوٽ وهيءَ ۾ پنهنجي لاءِ، پنهنجي خواهش لاءِ ڪڏهن به ايڏو پريشان نه ٿيو هو، جيترو هُن کي ٽامڙي لاءِ ٿيڻو پيو هو، پر زبرسڪيءَ کي ٽامڙي سان ايترو ئي پيار هو، جيترو ڪنهن عام ماڻهوءَ کي پنهنجن ٻچن سان هوندو آهي، جنهن ڪري هو پنهنجي ٻچن جا سمورا انگل پورا ڪندو آهي. ۽ ٽامڙو ڪو عام لُڌڙو به ته نه هو نه! ٽامڙو ته هڪ سکيا ورتل لڌڙو هو، جنهنڪري ٽامڙي جي سمورن ڪرتبن جو مان، زبرسڪي ڏانهن ويندو هو.

زبرسڪي بازار مان ڏامر، چيوگم ۽ صابڻ ورتو، ۽ گڏوگڏ لنچ لاءِ پنهنجي ۽ ٽرڪ ڊرائيور جي کائڻ پيئڻ کان سواءِ ٽامڙي لاءِ پڻ ٻه تازيون مڇيون ورتيون.

هاڻي هو شهر کان نڪري هڪ سڌي روڊ تان سفر ڪري رهيا هئا. ٽامڙو پنهنجي ٽب ۾ مزي سان پنهنجي لنچ لاءِ مڇين کي کائي رهيو هو. مڇين جي کائڻ ۽ ٽب جي پاڻيءَ ۾ مڇين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي ڪارڻ پاڻي گندو ۽ ڏيپرو ٿي پيو. اها ڳالهه ٽامڙي لاءِ خراب نه هئي. اهو سڀ ڪجهه ته ٽامڙي جي طبيعت وٽان هو.

پر اها ڌپ ايتري ته ڦهلجي چڪي هئي، جو اها ٽرڪ ڊرائيور ۽ زبرسڪيءَ کي تنگ ڪري رهي هئي. پر هو اُن جو ڪو حل نه ڄاڻيندي خاموشيءَ سان سفر ڪندا رهيا.

اوچتو وري ٽامڙي رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون، ٽامڙي جي رڙين سان، گندي پاڻيءَ جي ڌپ پڻ ماحول ۾ تکي ٿي پکڙجي وئي. ٽرڪ ڊرائيور، بريڪ هڻندي ڪاوڙ ۾ چيو ”هِن نان سين لڌڙي مان ته ڦاسي وياسين.“

زبرسڪي ٽرڪ جي اڳئين حصي مان لهي پويان ڊالي طرف آيو. هن دفعي حالت ڪجهه گهڻي خراب هئي، ڌپ وارو پاڻي وهي، سموري ڊالي ۾ پکڙجي چڪو هو. جهاڪن تي ٽب جو ڳريل ترو هاڻ تمام گهڻن۽ وڏن سوراخن سان ڀرجي چڪو هو. جيئن ڪو وڏو پروڻ (ڇاڻي) سوراخن سان ڀريل هوندي آهي، اها حالت ڏسي، اڌڙوٽ زبرسڪي پنهنجا ٻئي هٿ مٿي تي ڏئي بيهي رهيو. ”هاڻ ڇا ڪيو وڃي؟ هاڻ ته ڪوبه حل ڪونهي. اهي سمورا سوراخ ته نه ڏامر سان بند ٿيندا نه وري چيوگم سان، ۽ صابڻ لڳائڻ جو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿيئي. ۽ جي سوراخ ڏامر ۽ چيوگم سان بند به ڪجن ته پاڻي ڪٿان ايندو، جو ٽب کي پاڻيءَ سان ڀري سگهجي. ۽ ڪٿان هلي ”ٽب“ کي ٽاڪا هڻائجن، اهو به هاڻ ممڪن ناهي، ان لاءِ جو ڪٽ جي ڪري ”ٽب“ جو سمورو ترو ڳري ناڪارا ٿي چڪو آهي.“

زبرسڪي ان ويچار ۾ ئي هو ته، ٽرڪ ڊرائيور هلي وٽس آيو، ۽ ڪاوڙ ۾ کيس چيائين ”مسٽر زبرسڪي! اوهان ۽ اوهان جو دادلو لڌڙو منهنجو تمام گهڻو وقت خراب ڪري رهيا آهيو. ان کان سواءِ مسلسل هارجندڙ پاڻي پڻ منهنجي ٽرڪ جي ڊالي لاءِ نقصانڪار آهي، تنهن کان سواءِ هي ڌپ.... او.... نو.... آئون وڌيڪ اوهان سان گڏ هلي ڪونه سگهندس، مهرباني ڪري مون مان هٿ ڪڍو ته آئون پنهنجي گهر ڀيڙو ٿيان....“

زبرسڪيءَ ٽرڪ ڊرائيور کي ڏاڍيون منٿون ڪيون، پر ٽرڪ ڊرائيور ڪنهن به ڳالهه تي آماده نه ٿيو، آخر ۾ زبرسڪيءَ کيس چيو ته ”هو، مهرباني ڪري کين اڳئين ڳوٺ واري ريلوي اسٽيشن تائين، ڇڏي اچي. جتان هو ٻاڦ واري ٽرين ۾ پنهنجو سفر جاري رکندا.

ٽرڪ ڊرائيور، کين اسٽيشن تائين رسائڻ ۾ راضي ٿي ويو. هو اسٽيشن تي پهتا، جتي کين شام ٿي وئي هئي. ان کان سواءِ ”ٽب“ جيڪو ڳورو ۽ وڏو هئڻ ڪري، ٽرين ۾ کڻن جهڙو نه هو، سو پڻ مسئلو بڻجي پيو. زبرسڪيءَ ٽرڪ ڊرائيور کي اهو ”ٽب“ ڪاٻاڙيءَ ۾ وڪڻڻ لاءِ راضي ڪري، ڪجهه پيسن ۾ ڏئي ڇڏيو ۽ ٽرڪ ڊرائيور خوش ٿي، ٽب سميت ٽرڪ ڪاهي پنهنجي گهر روانو ٿي ويو.

ٽامڙو، ڪيتري دير پُٺيري ويندڙ ٽرڪ کي ڏسندو رهيو. جنهن جي ڊالي ۾ سندس ٽب هو. هُن کي پنهنجي ٽب جو وڇوڙو ڏاڍو ڏکيو لڳو، هينئر هو رڙيون ڪري روئي ته نه سگهيو، پر سندس اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا، جيڪي ٽامڙي جي ترڪڻي چهري تان ترڪي زمين تي ڪرندا رهيا. ٽامڙو ڪجهه ڪري به ته نه ٿي سگهيو. هو مجبور به هو ۽ سمجهدار به، ان ڪري صبر ڪيائين ۽ پنهنجي مالڪ زبرسڪيءَ جي مرضيءَ تي راضي رهيو.

زبرسڪي، ٽامڙو کي آٿت ڏئي، پليٽ فارم تي وٺي آيو. پليٽ فارم تي پهچڻ کان پوءِ کين پتو پيو ته، کين ريل گاڏي، فجر جو ملندي، تيستائين کين پليٽ فارم تي ئي انتظار ڪرڻو پوندو.

زبرسڪيءَ ۽ ٽامڙو مايوس ٿي پليٽ فارم تي ويهي رهيا. زبرسڪي پنهنجا ٻئي هٿ ڳلن تي رکي، سوچ ۽ ويچار ۾ پئجي ويو.... ٽامڙو ٿوري دير هيڏانهن، هوڏانهن ڏٺو، ۽ پوءِ پنهنجون لسيون کنڀڙاٽيون، بلڪل زبرسڪيءَ وانگي ڳلن تي رکي، زبرسڪيءَ جو نقل ڪرڻ لڳو، ان لمحي ائين ٿي لڳو، ڄڻ ته ٻه لڌڙا پنهنجا هٿ ڳلن تي رکي ڪنهن ڳوڙهي ويچار ۾ پليٽ فارم تي ويٺا آهن.

(هلندڙ)

ارباب علي ”عادل“ چوهاڻ

 

استاد جو احترام

ٻار جيڪو ٿو ڪري استاد پنهنجي کي سلام،

ان ئي ٻالڪ جو سدا جڳ ۾ رهي ٿو نيڪ نام.

 

ڇو نه ان ٻالڪ کي چئجي دلربا هتڙي چڱو،

دل سان جيڪو ٿو ڪري استاد جو نت احترام.

 

ٻار هردم ٿو ڪري عزت هتي استاد جي،

زندگي پنهنجي اهوئي خوش گذاري ٿو مدامُ.

 

ڇو نه هرگز مانُ ڏي استاد کي ٻالڪ سدا،

ڇو ته نڪتا بي بها ان کي سيکاري ٿو هي جام.

 

ڳالهه بلڪل آ صحيح سؤ سيڪڙو منهنجي ادا،

آهه جڳ ۾ سچ پچ استاد جو اعلى مقام.

 

ٻار نوڙت، نياز سان استاد کي هٿ ٿو ڏئي،

رهنمائي ٿو ڪري استاد پڻ ان جي تمام.

 

جيڪو ڳالهائي سدا استاد سان جهيڻو هتي،

ٻار ”عادل“ ڪينڪي جڳ ۾ سو سڏبو بدڪلام.

 

مختيار نصير ڏوگر

خدمت ۾ عظمت

الله تعالى انسان کي دنيا ۾ پنهنجو نائب اُن ڪري مقرر فرمايو، ڇو جو انسان عقل رکي ٿو. الله تعالى انسان کي عقل، شعور، سوچ ۽ سمجهه ڏيئي ٻين ساهه وارن کان بهتر بڻائي ’اشرف المخلوقات‘ بڻايو. اِها صفت ٻئي ڪنهن مخلوق ۾ نه آهي. هي عقل ئي آهي، جو انسان کي ۽ سندس ڪائنات ۾ رهندڙ، هر شيءِ جي عظمت بابت ٻڌايو ۽ سيکاريو، جن مان سڀ کان اهم خدمت، خدمت خلقَ آهي، اصل خدمت ئي انسان جي عظمت آهي.

هن نيڪ ۽ سچي جذبي کي هڪ انگريز پنهنجي نظم ۾ هن طرح بيان ڪيو آهي ته هڪ رات ابو بن ادهم پنهنجي ڪمري ۾ ستو پيو هو، اڌ رات جو ننڊ مان اوچتو بيدار ٿيو. هن ڏٺو ته سندس ڪمرو روشنيءَ سان منور آهي ۽ هڪ فرشتو سوني ڪتاب ۾ ڪجهه لکي رهيو هو. ابو بن ادهم گهڻي ادب و احترام سان عرض ڪيو ته، ”توهان ڇا لکي رهيا آهيو؟“  فرشتي محبت وارين نظرن سان هن کي ڏسي جواب ڏنو ”مان انهن ماڻهن جا نالا لکي رهيو آهيان، جيڪي خدا سان محبت ڪندا آهن.“ ابو بن ادهم وري چيس ته، ”ڇا منهنجو نالو به هن ڪتاب ۾ آهي.“ فرشتي جواب ڏنو ته نه، اتي ابو بن ادهم گهڻي عاجزيءَ ۽ انڪساريءَ سان عرض ڪيو ته منهنجو نالو به انهن ماڻهن سان لک، جيڪي خدا سان محبت ڪندا آهن، فرشتي هن جي ڳالهه مڃي، هن جو نالو لکيو ۽ غائب ٿي ويو، ٻي رات اهو ساڳيو فرشتو وري آيو، ڪمري ۾ ايتري قدر روشني هئي، جو ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه پئي آيو، اکين ۾ اها روشني لڳي پئي، فرشتي ابو بن ادهم کي هڪ فهرست ڏيکاري جيڪا انهن ماڻهن جي هئي، جن سان خدا تعالى خود محبت ڪندو آهي. ۽ انهن ۾ ابو بن ادهم جو نالو سڀ کان پهريان لکيل هو.

پيارا ٻارؤ! هن مان صاف ظاهر ٿيو ته الله تعالى انهن ماڻهن سان خود محبت ڪندو آهي، جيڪي الله جي بندن سان محبت ڪندا آهن، خدا جي خلق جي خدمت ڪندا آهن، اسان روزمرهه جي زندگيءَ ۾ ڏسندا آهيون، ته علماءِ اڪرام، وڏا وڏا جاگيردار، وقت جا حڪمران جن کي عوام سان يا خلق سان ڪابه محبت يا دلچسپي ڪانه هوندي آهي، اهي صرف رسمي ڳالهيون ڪندا رهندا آهن. ڪڏهن به عملي ڪم ايتري قدر نه ڪندا آهن، جيترو چوندا آهن. حالانڪه عوام جا مخلص ۽ بي لوث محبت ڪندڙ خادم يا حڪمران پنهنجي زندگي خدا جي بندن جي خدمت ۾ وقف ڪري ڇڏيندا آهن! انهن جي قول و فعل ۾ ڪوبه فرق نه هوندو آهي. هو ٻين جي تڪليف کي پنهنجي تڪليف ڪري سمجهندا آهن. ڏکويلن جي ڏک ۾ شريڪ رهندا آهن. ماڻهو به دل سان انهن جي عزت ڪندا آهن. حضرت علي رضه جي ڳالهه ڪندا آهن، ته پاڻ کي روزو هُين پاڻ مزدوري ڪرڻ کان پوءِ، حضرت محمد ﷺ جن سان گڏ واپس گهر آيا، ته شام جو روزو کولڻ جو وقت ٿيو. حضرت علي رضه جئين ماني جو ٽڪر کنيو ته هڪ فقير خدا جي نالي ماني گهري ۽ چيو ته ”مان ڪيترن ڏينهن کان بکايل آهيان، مون کي ماني کارايو، الله اوهان کي جنت جو کاڌو کارائيندو.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com