سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل ڊسمبر 12/ 1993ع

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل ڊسمبر 12/ 1993ع

اڪبر جسڪاڻي

حال احوال

پيارا ٻارو.

اڄڪلهه ٽيوشن جو مرض به ڪينسر جيان وڌي رهيو آهي. جتي ڪٿي ٽيوشن سينٽر کليل آهن. مائٽ ڳريون فيون ڀري، اوهان کي ٽيوشن ڏياريندا آهن. حقيقت ۾ جي استاد اسڪول ۾ دل جان سان پڙهائين ۽ اوهين به محنت ڪري پڙهو، ته ٽيوشن وٺڻ جي ڪا ضرورت ئي نه رهي. اسان جي اوهان کي هڪڙي صلاح آهي، اُها اِها ته اوهين اسڪول ۾ پوري ڌيان سان، جيڪو استاد پڙهائي ٿو، اهو پڙهو ۽ اسڪول جي وقت کان پوءِ به روزانو ٽي. چار ڪلاڪ پنهنجيءَ پڙهائي کي ڏيو. جتي رنڊڪ محسوس ڪريو ته گهر ۾ جيڪو وڏو پڙهيل هجي ته ان کان پڇو، يا پاڙي ۾ ڪو استاد رهندو هجي يا اوهان کان مٿئين ڪلاس ۾ پڙهندڙ ڪو شاگرد رهندو هجي ته ان کان مدد و‎ٺو. ائين ڪرڻ سان، اوهين پنهنجي سبجيڪٽ ۾ هوشيار ٿيندا ۽ ڪڏهن به اوهان کي پڙهائيءَ ۾ ڏکيائي ڪانه ٿيندي.

ٻيو ته گهر ۾ اوهان جا ننڍڙا ڀاءُ ڀيڻ آهن ته وقت ڪڍي، ڪلاڪ کن انهن کي به پڙهايو.

اسان کي اميد آهي ته اوهين اجايو. گهمڻ ڦرڻ کان، پنهنجي اسڪولي ڪم کي وقت ڏيندا. ائين ڪرڻ سان اوهين زندگيءَ پنهنجي سٺي ماڻيندا.

ٻارو، دير سوير، اوهان جو رسالو ”گل ڦل“ اسين اوهان تائين پهچائيندا رهيا آهيون. ڊسمبر جو مهينو سال جو آخري مهينو آهي. جنوري 1994ع جو پرچو اسين ڪوشش ڪري پوري وقت تي آڻينداسين. ۽ ڌڻيءَ در اهائي دعا آهي ته سال 1994ع اسان سڀني لاءِ خوشين جا خزانا کڻي اچي.

ـــ اوهان جو ادو،

اڪبر جسڪاڻي.

ڪلياڻ آڏواڻي

 

لطيفي لات

مَٿِنِ ٽُٻَڪَ ٽُٻَڪَڙا، چِڪَنڌڙا اَچَنِ

کُڙيُون کيہَ ڀَڪُلِيُون، پگَهرُ سِرِ پيرَن

اي وَڙَ ويڙِيچَنِ، مُون لوڏان ئي لَکِيا.

 

مٿيون بيت شاهه سائين جي رسالي مان کنيو ويو آهي. هي بيت سر مارئي جي داستان ستين جو، ستون نمبر بيت آهي.

سمجهاڻي: سندن سر تي وڏا توڙي ننڍا کارا آهن، ۽ هو پگهر چڪائيندا ٿا اچن. سندن کڙيون ڌوڙ سان ڀريل آهن. ۽ سندن پيرن مٿان پگهر پيو وهي. اِهي اُهڃاڻ جهانگين جا آهن. مون کين سندن لوڏ مان ئي سهي ڪيو.

معنيٰ: ٽٻڪ: کارا ـــ ٽُٻَڪَڙا = ننڍا کارا ـــ چڪندڙا = پگهر چڪائيندا. وڙ = وَڙَ = نشان، پتا ـــ لوڏان ئي = لوڏ مان ـــ لَکِيا = سهي ڪيا.

ڊاڪٽر نواز علي ”شوق“

اسلامي تاريخ جو هڪ ورق

عربستان ۾ پاڻيءَ جي گهٽتائيءَ سبب ۽ برسات نه هئڻ سبب، ڪڏهن ڪڏهن ڏُڪار پئجي ويندو هو. هڪ ڀيري مديني شريف ۾ ڏڪار پيو. ماڻهو کاڌي پيتي جي شين لاءِ پريشان ٿيڻ لڳا. ڪٿي به اناج ڪونه ٿي مليو. مديني جا رهواسي پنهنجي پروردگار کي پڪارڻ لڳا ته ”يا مولا ڏڪار جا ڏينهن ختم ڪر، سُڪار آڻ ته ماڻهو سُک جو ساهه کڻن!“

مولا مٿن مهربان ٿيو. هڪ ڏينهن ڪنهن ملڪ جو هڪ واپاري اناج سان ڀريل اُٺن جو وڳ ڪاهي آيو. جڏهن ان واپاريءَ جي اچڻ جي خبر مشهور ٿي ته مديني جي هڪ شاهوڪار ان واپاريءَ کان سمورو اناج خريد ڪري ڇڏيو. شهر جي رهاڪن کي جڏهن اها خبر پئي ته واپاري جو سمورو اناج هڪ ئي شخص خريد ڪري پاڻ وٽ رکيو آهي ته اُهي ان شاهوڪار شخص وٽ ويا، ۽ کيس مناسب نفعي سان اناج وڪڻڻ لاءِ چيائون. پر ان شاهوڪار کين چيو ته ”آئون اناج وڪڻڻ چاهيان ٿو، پر جيترو نفعو آئون چاهيان ٿو، اوترو اوهان نه ڏيئي سگهندا.“

مديني جي رهواسين بازار جي اگهه کان کيس وڌيڪ اگهه ڏيڻو ڪيو، پر هن نه مڃيو ۽ اهوئي چوندو رهيو ته هُو وڌيڪ نفعو چاهي ٿو.

ماڻهو حيران هئا ته هي ڪهڙو واپاري آهي جو خلق خدا بُک مري رهي آهي، تڏهن به کيس رحم نٿو اچي مناسب نفعو کيس ڏنو ٿو وڃي، پر اڃا وڌيڪ نفعو گهري ٿو ۽ اهوئي چوندو رهي ٿو ته اوهين گهربل نفعو نه ڏيئي سگهندؤ!“

ماڻهن کي ان ڳالهه تي به حيراني هئي ته مديني شريف جو اهو شاهوڪار لالچي انسان نه هو، پر وڏو سخي ۽ رحمدل هو. هُو هميشہ غريبن ۽ مسڪينن جي مدد ڪندو رهندو هو. شهر جي ماڻهن کي معلوم هو ته هُو نيڪيءَ جي ڪمن ۾ تمام گهڻو خرچ ڪندو رهندو آهي، پر اڄ کيس الاجي ڇاٿي ويو آهي!

مديني جا رهاڪو اها ڳالهه سمجهي نٿي سگهيا ته هن شخص جي ڇا نيت آهي کيس ٽيڻو ـــ چؤڻو نفعو ڏنو وڃي ٿو، تڏهن به اناج نٿو وڪڻي. خبر ناهي ته هن شخص کي اڄ ڇا ٿي ويو آهي؟ هيڏو سخي ۽ هيڏو غريبن جو همدرد، اڄ وڏي کان وڏي نفعي تي به اناج نه ٿو وڪڻي!

ماڻهو انهيءَ حيرانيءَ پريشانيءَ ۾ هئا ته ان شاهوڪار شخص مديني ۾ اعلان ڪيو ته جنهن شخص کي جيترو اناج کپي، کڻي وڃي، کانئس ڪا قيمت نه ورتي ويندي.

اهو اعلان ٻڌڻ شرط ماڻهن جا ميڙ گڏ ٿي ويا. الله تعاليٰ جي اُن پياري ٻانهي سمورو اناج اُتي جو اتي هڪ جاءِ تي مفت ورهائي ڇڏيو. جڏهن سمورو اناج ختم ٿي ويو ته هڪ دوست کانئس پڇيو ته ”اسان توکي گهڻي کان گهڻو نفعو ڏيڻو ڪيو، ته به اناج ڪونه ڏنئه، ۽ هاڻي سمورو اناج مفت ۾ وڪڻي ڇڏيئي، ڇا ڳالهه آهي؟“

اُن شاهوڪار وراڻيو ته ”مون هي اناج الله جي نالي، الله جي ٻانهن ۾ ورهائڻ ٿي گهريو، الله تعاليٰ جو واعدو آهي ته جيڪو سندس نالي ۾ ڪا خيرات ڪندو ته ان کي ڏهه دنيا ۽ ستر آخرت اجورو ڏنو ويندو. هينئر تون ئي ٻڌاءِ ته ايترو نفعو مون کي ڪير ڏئي ها؟“

بيشڪ دنيا جي ڪاروبار کان آخرت جو ڪاروبار ڪرڻ وڌيڪ بهتر آهي. اهو آخرت جو ڪاروبار ڪرڻ وارو حضرت عثمان غني رضه هو، جنهن اڳ ۾ به مسلمانن جي ڀلائي لاءِ ڪيترائي ڪم ڪيا هئا ۽ هر ڏکئي وقت ۾ مسلمانن جي مدد ڪئي هئي.

الحاج رحيم بخش ”قمر“

 

پلو سنڌ جو

پيارو پيارو، پلو سنڌ جو

۽ سُرهاڻِ وارو، پَلو سنڌ جو.

*

اڇو کير جهڙو کٿوريو سو خوب،

ٿو چلڪي اُجارو، پلو سنڌ جو.

*

عطا خاص ٿيئڙو فقط سنڌ کي،

بلاشڪ ڀلارو، پلو، سنڌ جو.

*

ڪو کيرو ٿئي ٿو ته ڪوئي وري،

ٿئي آ نيارو، پلو سنڌ جو.

*

ڏئي سون چاندي ٿي سنڌو ندي،

نرالو، نيارو، پلو سنڌ جو.

*

پلي جي عجب خوب ”آني“ ٿئي ٿي،

ميان ماهه پارو، پلو سنڌ جو.

*

پلو پنهنجو مٽ پاڻ آهي بلاشڪ،

”قمر“، سون سارو، پلو سنڌ جو

نوٽ: ”الحاج رحيم بخش قمر“ ٻه هفتا کن اڳ ۾ ڪجهه شعر موڪليا هئا. ”پلو سنڌ جو“ هي شعر جڏهن ڪمپوز ٿي رهيو هو ته 27-11-93ع تي اخبار ۾ خبر آئي ته الحاج رحيم بخش ”قمر“ جگر جي ڪينسر سبب نواب شاهه ۾ 26-11-93ع تي گذاري ويو. اسان الله تعاليٰ کان دعاگو آهيون ته. الله سائين محروم کي جنت ۾ جايون ڏيندو.

(ايڊيٽر)

اينڊ بريٽن:

علي بابا

ڀنڀوري پري

گهڻو وقت اڳي جي ڳالهه آهي، انگلينڊ جي هڪ ڳوٺ ۾ هڪ ماڻهو رهندو هو. هن جو سڀ کان وڏو شوق پوپٽ ۽ ڀنڀوريون ڦاسائڻ ۽ گڏ ڪرڻ هو. جڏهن به کيس واندڪائي ملندي هئي ته هو پوپٽ ڦاسائڻ جو ڄار کڻي ساين ويڙهين ۽ باغن ڏانهن هليو ويندو هو. سندس اکيو سدائين اهڙن پوپٽن ۽ ڀنڀورين جي ڳولا پيون ڪنديون هيون. جن کي هن اڳ ڪڏهن به نه جهليو هجي. هو ڪوشش ڪري نوان نوان پوپٽ ۽ ڀنڀوريون ڦاسائيندو هو.

هو جڏهن به ڪو نئون پوپٽ يا ڀنڀوري ڦاسائيندو هو ته ان کي پهرين هڪ زهريليءَ شيشيءَ ۾ بند ڪندو هو، ۽ انهيءَ پوپٽ يا ڀنڀوريءَ کي. زهريليءَ شيشيءَ ۾ اهڙي ننڊ اچي ويندي هئي جو وري ڪڏهن به جاڳ نه ٿيندي هين، ٻن ڏينهن کان پوءِ، هو انهن پوپٽن کي شيشيءَ مان ٻاهر ڪڍي سندن پرن کي ڏاڍي غور سان ڏسندو هو. هن کي انهن پوپٽن جي پرن جا رنگ ڏاڍا وڻندا هئا. پوءِ هو انهن کي تصويرن جيان فريم ۾ وجهي ڀت تي ٽنگي ڇڏيندو هو. سندس وڏي ۽ ويڪري گهر جي ڀتين تي اهڙا سوين فريم ٽنگيل هئا، جن ۾ قسمين قسمين پوپٽ ۽ ڀنڀوريون هيون، جي هو سالن کان ڦاسائيندو آيو هو.

هڪ ڏينهن هو ڄاري کڻي پوپٽ ڦاسائڻ لاءِ تمام پري نڪري ويو. هن کي اَڪ، مڪڙ، مورن جي رنگن جهڙا پوپٽ ڳاڙهيون ۽ هيڊيون ڀنڀريون ۽ اڇا مڪڙ ڏسڻ ۾ آيا، جي هُن وٽ اڳ ئي کوڙ هئا.

”اڄ صبح ساڻ الائي ڪهڙي منحوس جي منهن چڙهيس!“ هن پاڻمرادو ڳالهايو. پوءِ اوچتو هُن هڪ گل مٿان خوبصورت ڀنڀوري ويٺل ڏٺي. انهيءَ ڀنڀوريءَ جا نيرا پَرَ چانديءَ جهڙا هئا ۽ انهن مٿان سونهري چِٽ هئس. اها عام ڀنڀورين کان وڏي هئي.

”مون ته اهڙي ڀنڀوري اڳي ڪڏهن به ڪانه ڏٺي!“ هن وري عجب مان پاڻمرادو ڳالهايو. پوءِ انهيءَ ڀنڀوريءَ کي ڦاسائڻ لاءِ ڄاري هٿ ۾ کڻي، هوريان هوريان، بي آواز بانبڙا پائيندو، انهيءَ گلن جي ٽاريءَ ڏانهن وڌڻ لڳو ۽ زور سان پنهنجي ڄاري انهيءَ گل مٿان ڦيرائي خاموش گلن مٿان هوا جو سوسٽ ٿيو، ۽ هن انهيءَ خوبصورت ڀنڀوريءَ کي ڦاسائي ورتو.

ڀنڀوري ڄاريءَ، ۾ ڦاسي، سنهڙيون ڪيڪون ڪرڻ لڳي. تمام وڏيءَ ڄاري ۾ پاڻ ڇڏائڻ لاءِ زور لڳائي، ڦٿڪي ڦٿڪي ساڻي ٿي پئي هئي. هن ٻاهر نڪرڻ لاءِ ڏاڍا وس ڪيا هئا.

پوپٽن واري ماڻهوءَ جيئن ئي ڄاريءَ ۾ اندر هٿ وجهي پنهنجيءَ نئين ڦاسايل، خوبصورت ڀنڀوريءَ کي ٻاهر ڪڍڻ ٿي چاهيو ته ڀنڀوريءَ هن کي آڱر ۾ زور سان چڪ هنيو. هن هڪدم پنهنجو هٿ ٻاهر ڇڪي ورتو. سندس آڱر مان رت ٽمي رهيو هو، ۽ هو تڪيلف کان ڪنجهي رهيو هو.

انهيءَ ويل وڻن مان هڪ ننڍڙي ڇوڪري نڪري آئي، ۽ حيرت سان انهيءَ ماڻهوءَ جي منهن ۾ ڏسڻ لڳي.

”ڇاٿيو؟“ ڇوڪريءَ چيو. ”تو ته پاڻ کي زخمي ڪري وڌو آهي!“

”هن ڀنڀوري مون کي چڪ هنيو آهي.“ ماڻهوءَ وراڻيو.

”پر ڀنڀوريون ته چڪ نه پائينديون آهن.“ ننڍڙيءَ ڇوڪريءَ چيو، ”انهن کي ڏند ۽ ڏنگ نه هوندو آهي. هنن کي رڳو زبان جهڙي ڪا شي ٿيندي آهي جنهن سان هو گلن مان رس چوسي ڪڍنديون آهن.“

”ڇوڪري، مهرباني ڪري مون کي ڀنڀورين جي باري ۾ سبق ته سيکار!“ انهيءَ ماڻهوءَ تڪليف کان ڇوڪري جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي چيو، ”منهنجي سڄي ڄمار پوپٽ ۽ ڀنڀوريون گڏ ڪندي گذري آهي ۽ هيءَ پهرين ڀنڀوري آهي، جنهن مون کي چَڪ پاتو آهي!“

ننڍڙيءَ ڇوڪريءَ نِوڙي ڏٺو ته ڀنڀوري ڄاريءَ مان پاڻ ڇڏائڻ لاءِ وس ڪري رهي هئي ۽ سنهڙي آواز سان ڪيڪون ڪري رهي هئي: ”مون کي ٻاهر ڪڍو! مون کي بچايو... مون کي بچايو...!“

”يا خدا، هي ڇا آهي“ ڀنڀوري ته ڳالهائي پئي!“ ننڍڙيءَ ڇوڪريءَ حيرت مان دانهن ڪئي. ”مون آواز ٻڌو آهي... صاف صاف مون آواز ٻڌو آهي!“

”بيوقوف نه ٿي،“ ماڻهوءَ چيو،“ ڪجهه پوپٽ ۽ ڀنڀوريون ڦاسائجڻ کان پوءِ دانهون ڪندا آهن.“

”پر هيءَ ته ڳالهائي ٿي!“ ننڍڙي ڇوڪري ٻيهر نِوڙي ڄاريءَ ۾ نهارڻ لڳي ته سندس وات مان دانهن نڪري وئي: ”تو پري ڦاسائي آهي! هيءَ ڀنڀوري نه، پري آهي!“

جنن ۽ پرين جهڙي دنيا ۾ ڪابه شي ڪانهي.“ ماڻهو چيو. ”تون سچ پچ هڪ ننڍڙي بيوقوف ڇوڪري آهين. تون ان کي پري چئه يا ڇابه. پر جنن پرين ۾ منهنجو ويساهه نه آهي ۽ نه ئي مون کي ڪنهن تي ويساهه ايندو.“

”عجب آهي! تون هن ۾ نهارڻ کان سواءِ ڪيئن ٿو چئين ته هيءَ پري ناهي؟“ ننڍڙيءَ ڇوڪريءَ ڪهڪاءُ مان چيو. هن ۾ غور سان ڏس، هيءَ ڀنڀوري نه پري آهي. جيئري جاڳندي، خوبصورت پري! مهرباني ڪري هن کي ڇڏي ڏي!“

”نه، آئون هن کي ڪونه ڇڏيندس،“ ان ماڻهوءَ چيو، ”هيءَ هاڻ منهنجي زهريليءَ شيشيءَ ۾ قيد ٿي ويندي.“

”ڇا، تون هن کي ماري ڇڏيندين؟“ ننڍڙي ڇوڪري خوف کان دهلجي وئي هئي. ”نه نه... تون هڪ پريءَ کي نه ماريندين. پوپٽ ۽ ڀنڀريون مارڻ ئي وڏي خراب ڳالهه آهي، پر پريءَ کي مارڻ ته وڏو ظلم ۽ پاپ ٿيندو. آئون هن کي آزاد ٿي ڪري ڇڏيان!“

ان ماڻهوءَ هڪدم ڄاري ڇوڪريءَ جي هٿ مان ڦري ورتي ۽ ان جي اندر هٿ وجهي، ڀنڀوري پريءَ کي ٻاهر ڪڍيو، ۽ پوءِ هن زهريلي شيشيءَ جو ڍڪ کولي، پريءَ کي شيشيءَ ۾ وجهي، مٿان ڍڪ ڏيئي ڇڏيو.

هاڻ پري زهريليءَ شيشيءَ اندر بند، زهريلي هوا ۾ ساهه کڻي، گهوماٽيون کائي رهي هئي، ۽ ننڍڙي ڇوڪري روئڻ لڳي هئي. ڀلا روئڻ کانسواءِ هوءَ ٻيو ڪري به ڇاٿي سگهي؟

ان ماڻهوءَ پنهنجي پوپٽن پڪڙڻ واري ڄاريءَ ويڙهي سيڙهي ڪڇ ۾ ڪئي، ۽ ٿيلهو کڻي، ڇوڪريءَ کان موڪلائڻ کان سواءِ پنهنجي منهن وڃڻ لڳو.

”مون کي هن جو پيڇو ڪرڻ گهرجي، الائجي هِن ويچاريءَ غريب ننڍڙيءَ پريءَ جو ڪهڙو حال ٿيندو!“ ننڍڙيءَ ڇوڪريءَ سوچيو ۽ ائين ئي ڪيو. هوءَ وڻن ٽڻن مان لڪندي ڇپندي، انهيءَ ماڻهوءَ پٺيان هلندي رهي.

ٿوريئي پنڌ ڪرڻ کانپوءِ اهو ماڻهو هڪ وڻ هيٺان ساهي پٽڻ لاءِ ليٽي پيو، ۽ جلد ئي کيس ننڊ کڻي وئي.

هاڻ مون کي فائدو وٺڻ کپي. ننڍڙيءَ ڇوڪريءَ سوچيو، ۽ هوريان هوريان، بي آواز بانبڙا پائيندي، انهيءَ جاءِ تي پهتي، جتي اُن ماڻهوءَ زهريلي شيشي رکي هئي. هوءَ جلدي اُها شيشي کڻي اتان کسڪي وئي، ۽ شيشيءَ جو ڍڪڻ کولي ڇڏيائين.

ويچاري غريب پريءَ شيشيءَ اندر موت جهڙي ننڊ ستل هئي، ۽ ننڍڙي ڇوڪري ڏاڍو ڊڄي رهي هئي.

شايد هاڻ هيءَ ڪڏهن به سجاڳ نه ٿئي!“ هن دل ۾ سوچيو“ مون کي گهرجي ته مان هن کي اڪ جي پنن جي ڇانو هيٺ سمهاريان، ۽ کيس نم جي پنن سان وڃڻو هڻان.“ هن ائين ڪيو. پوءِ اوچتو هوءَ خوشيءَ وچان جهڪي پئي. هن ڏٺو ته ننڍڙي پري هوريان هوريان وڏا وڏا ساهه کڻي، اکيون پٽيون ۽ خوبصورت نيرن پرن ۾ چُرپُر پيدا ٿي ويئي.

”آئون پاڻ کي بيمار پئي محسوس ڪريان.“

”تنهنجي مٿان ماڪ ڦڙو آهي، اُهو پي ڇڏ.“ ننڍڙيءَ ڇوڪريءَ ڏاڍي شانائتي انداز سان چيو. ننڍڙي پري لئيءَ جي ڦونڌن ۾ موتيءَ جيان جرڪندڙ ماڪ ڦڙو پي، پنهنجي اندر ۾ ڏاڍي فرحت محسوس ڪئي، ۽ اُڏامي اچي ننڍڙي ڇوڪريءَ جي هٿ تي ويٺي.

”تون انهيءَ خوفناڪ ماڻهوءَ کان مون کي بچايو آهي. ها نه؟“ پريءَ چيو ”تون ڏاڍي سٻاجهڙي ۽ پياري ڇوڪري آهين. آئون تنهنجون ٽي خواهشون پوريون ڪنديس. جڏهن ته تون ضرورت محسوس ڪنديئين، تنهنجو ٽيئي خواهشون پوريون ٿينديون، اهو منهنجو وچن آهي.“ ۽ پوءِ هوءَ پنهنجي خوبصورت پَرن سان اُڏامندي، غائب ٿي ويئي.

ننڍڙي، ڇوڪريءَ ان ماڻهوءَ ۾ نهاريو، جيڪو اڃا تائين گهري ننڊ ستو پيو هو. ڇوڪريءَ ڏٺو ته ان ماڻهوءَ جي واسڪوٽ جي کيسي ۾ سوني گهڙي زنجير سان ٻڌل هئي. ننڍڙيءَ ڇوڪريءَ کي ڀوڳ سُجهي آيو ۽ هن اها ٽِڪ ـــ ٽِڪ ڪندڙ گهڙي انهيءَ ماڻهوءَ جي کيسي مان ڪڍي، سندس زهريليءَ شيشيءَ ۾ وجهي شيشي جو ڍڪڻ بند ڪري ڇڏيو. ڇوڪريءَ سوچيو، ان وقت هن کي ڪيڏي نه حيرت لڳندي جڏهن هن کي خبر پوندي ته سندس خوبصورت ڀنڀوري گم آهي! شيشيءَ ۾ پنهنجي گهڙي ڏسي، ڪيئن نه وات ڦاٽي ويندس! ان ويل هِن ڀنڀريون ڦاسائيندڙ ظالم ماڻهوءَ جو منهن ڪهڙو نه ڀوائتو ٿي ويندو!“ اِها ڳالهه سوچي ننڍڙي ڇوڪري، ٽهڪ ڏيندي خوش ٿيندي، پنهنجي گهر ڏانهن ڊوڙندي هلي وئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com