سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جنوري، فيبروري 1977ع

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل جنوري، فيبروري 1977ع

ايڊيٽر: انور هالائي

گذارش

پيارا ٻارؤ

جنوري ۽ فيبروري 1977ع جو گڏيل پرچو سالنامي جي صورت ۾ اوهان جي خدمت ۾ حاضر آهي. ارادو هو ته سالنامو، رڳو جنوريءَ جو پرچو ڪري ڪڍجي، پر ڪن فني مجبورين جي ڪري پرچي ۾ ڏاڍي دير پئجي ويئي، ان ڪري جنوري ۽ فيبروري جو گڏيل پرچو ڪري ڪڍڻو پيو. پرچي کي سينگارڻ ۾ اسين ڪيتري قدر ڪامياب ويا آهيون، اهو اوهان جي پڙهي راءِ ڏيڻ تي ڇڏيل آهي.

هن پرچي کي، گذريل سال جي سڀني پرچن کان الڳ نموني سينگاريو ويو آهي. منڍ ۾ ادل سومري جا ٽي سبق ۽ گل ڦل انعامي مقابلو ڏنو ويو آهي. ان کان پوءِ 9 ڪهاڻيون ۽ ٻه ناٽڪ ڏنا ويا آهن، جن مان ڪي ترجما آهن ته ڪي پنهنجون لکيل آهن. نظم جي حصي ۾ سنڌ جي ڇهن سٺن ۽ مشهور شاعرن جا نظم ڏنا ويا آهن ’سنڌ جا سجاڳ ٻار‘ هن نئين ڪالم ۾ سنڌ جي ٻارڙن جي ٻن تنظيمن جي ڪارڪردگيءَ جو جائزو شايع ڪيو ويو آهي. روشن تارا ۾ سنڌ جي سدا بهار مرڪندڙ چهري، همايون گل جو انٽرويو ڏنو ويو آهي. 1976ع جي گل ڦل جو جائزو، جدا جدا روين ۽ جدا جدا خيالن سان ٽن ٻارن لکيو آهي. انهن کان سواءِ گل ڦل جا مستقل ڪالم سهڻا سخن، روح رهاڻ، کل ته سهي، هنن سان ملو ۽ ۽ سلام سنهيا پڻ شايع ڪيا ويا آهن. ٻارن جي گهُر مطابق سالنامي ۾ ٻارڙن جي فوٽن جا آلبم پڻ ڇاپيا اٿئون. هن سالنامي جو ٽائيٽل اميد آهي ته اوهان کي وڌيڪ وڻندو. سالنامي بابت اوهان جي راءِ جو اسان کي اوسيئڙو رهندو.

بورڊ جو نئون سيڪريٽري

سنڌي ادبي بورڊ طرفان مسٽر ظفر حسن شاهه صاحب کي سنڌي ادبي بورڊ جو نئون سيڪريٽري مقرر ڪيو آهي، جنهن صاحب 1- فيبروريءَ تي پنهنجي عهدي جي چارج وٺي، ڪم ڪرڻ به شروع ڪري ڏنو آهي. اڳيون سيڪريٽري مسٽر غلام رباني صاحب اڳي ئي سنڌ يونيورسٽيءَ جو پرووائيس چانسيلر مقرر ٿيو آهي.

مسٽر ظفر حسن شاهه صاحب، سنڌ جو نوجوان اديب آهي. سندس روشن ذهني خيالن مان اها توقع رکي سگهجي ٿي ته هو صاحب نه رڳو پنهنجي خداداد صلاحيتن سان سنڌي ادبي بورڊ جي معيار ۽ ڪارڪردگيءَ کي اڳتي وڌائيندو، پر گل ڦل رسالي کي به زماني جي حال ۽ ٻارن جي گهر مطابق ترقي ڏيارڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندو. اسين صاحب موصوف کي سندس نئين عهدي لاءِ دلي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا.

مهراڻ جو نئون ايڊيٽر

سنڌي ادبي بورڊ طرفان نڪرندڙ جڳ مشهور سماهي رسالي ”مهراڻ“ جو ايڊيٽر سنڌ جي نوجوان شاعر امداد حسينيءَ کي مقرر ڪيو ويو آهي. هن صاحب 1- فيبروريءَ تي چارج به ورتي آهي. اسين امداد حسينيءَ کي سندس نئين عهدي سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي، اها توقع ٿا رکون ته هو صاحب مهراڻ جي نيڪناميءَ کي وڌيڪ سرهاڻ بخشيندو.

دعائن سان

انور هالائي

ادل سومري جو

نئون نصاب

سبق ٻيو

ب = بنگلو

بنگلي جو جمع بنگلا ٿيندو آهي ۽ ڪنگلا ماڻهو، بنگلا ٺهرائي نه سگهندا آهن.

بنگلن ۾ رهندڙ ماڻهن جا ڪنڌ، بنگلن وانگر اُڀا هوندا آهن.

جيڪي بنگلا ٺاهيندا آهن، اهي بنگلن ۾ رهي نه سگهندا آهن- انڪري اها چوڻي غلط آهي ته:

”جيڪو پچائي سو کائي.“

بنگلن ۾ بادشاهه ماڻهو رهندا آهن ۽ ڪنگلا ماڻهو انهن جي رعيت هوندي آهي- ڪنگلا يعني مسڪين ماڻهو بنگلن جي بادشاهن کان پنهنجون ڪُکِيون لڪائي، ڪَکن جي جهوپڙين ۾ گهڙيون گهاريندا آهن.

بنگلن جا بادشاهه جنهن وقت به چاهين ڪنگلن کي ڪاٺ ۾ هڻائي سگهن ٿا ۽ ڪنگلن جو داڻو پاڻي بند ڪرائي سگهن ٿا.

هڪڙو وري بادشاهه عمر به هو، جنهن کي به هڪڙي ماڙي يعني بنگلو هو- بادشاهه کي شڪار جو ڏاڍو شوق هوندو آهي، سو هڪ ڏينهن عمر بادشاهه به ٿر جي هڪ مارئيءَ کي شڪار ڪري، پنهنجي بنگلي ۾ اچي بند ڪيو ۽ کيس پنهنجي راڻي بڻجڻ جي آڇ ڪئي.

جهوپڙين ۾ رهندڙ ماڻهو، اٽڪل نه پر بيوقوف هوندا آهن. مارئي جهوپڙيءَ جي رهواسڻ هئي ان ڪري هن بيوقوفيءَ جو ثبوت ڏيندي عمر جي راڻي بڻجڻ کان انڪار ڪيو.

۽ عمر کي چيائين:

عمر مون نه وڻن تنهنجيون ماڙيون اَلا

اسين ماروئڙا مال چاريون اَلا.

بادشاهن جا شوق عجيب ته هوندا آهن پر غريب نه. جيڪو شوق بادشاهه ڪندا آهن، ان کي بادشاهي شوق چئبو آهي. بادشاهي شوق گهڻن قسمن جا ٿيندا آهن.

ڪتا پالڻ به بادشاهي شوق آهي. پراڻي خيال جا بادشاهه، ڪتن کي سوئر سان ويڙهائيندا آهن. پر جديد قسم جا بادشاهه، ڪتن کي ڪارن ۾ ويهاري ڪلفٽن ايلفي ۽ طارق روڊ گهمائيندا آهن. جديد قسم جي بادشاهن جا ڪتا به جديد قسم جا هوندا آهن.

جيڪڏهن ڪو ڪنگلو ڀل ۾ ڪنهن بنگلي جي ڀڪ ۾ پنهنجي ڪوجهي جهوپڙي جوڙي ويهندو آهي ته بادشاهه پنهنجي بنگلي جي سونهن تي جهوپڙيءَ جو داغ برداشت نه ڪري سگهندو آهي ۽ هڪ ئي ڦوڪ سان جهوپڙيءَ کي اُڏائي، پاڙيسريءَ جو حق ادا ڪندو آهي. اهو بادشاهه سلامت جي ڦوڪ جو اثر آهي. هڪڙي ڦوڪ وري نانگ به ڏيندو آهي. ڪنگلن ماڻهن جي واتان ڦوڪان نه پر بک جون اوٻاسيون نڪرنديون آهن.

ٻارو! اوهان به شوق سان پڙهي، وڏا ٿي ڪري بنگلا ڀلي ٺهرائجو، پر دل ۾ انسانيت لاءِ به ڪجهه جڳهه جوڙجو. ڪارُن ۾ ڪتن گهمائڻ بدران، مسڪينن ۽ غريب انسانن جي ٻچڙن جي سار لهجو.

 

مشق

هيٺين سوالن جا جواب ڏيو

1-   ڪنگلو ماڻهو بنگلو ڇو نه ٺهرائي سگهندو آهي؟

2-  بادشاهه ۽ نانگ جي ڦوڪ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟

3-  بادشاهي شوق ڪهڙا آهن؟

 

نوان لفظ

لفظ =                    معنيٰ

ڪنڌُ  =                 جنهن ۾ ڪِلو نه هجي.

ڪنگلي جي ڪُکِ =    خالي ڀانڊو

جهوپڙي =                        ڪنگلن جي جنت.

سبق ٽيون

ٻ = ٻارَ

ٻار جو جمع ٻارڙا به آهي. ياد رکڻ گهرجي ته ٻاراڻي وَهي بادشاهي وَهي هوندي آهي، ۽ اها بادشاهي هڪ ڀيرو وڃائڻ کان پوءِ ٻيهر حاصل نه ڪري سگهبي آهي.

ٻارَ گهر جو سينگار هوندا آهن. گهر جي سينگار لاءِ ٻارن جو هجڻ ضروري آهي. جن ٻارن جو ڪو گهر نه هوندو آهي، اُهي فوٽ پاٿن جو سينگار هوندا آهن.

ٻارن جا ڪيترائي قسم آهن. هرڪو ٻار پنهنجيءَ ڌرتيءَ جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي. جنهن ٻار جي ڪا ڌرتي نه هوندي آهي، اهو انٽرنيشنل ٻارُ هوندو آهي.

ٻار اوهان کي جِت ڪِٿ نظر ايندا.

جيڪي ٻار بنگلن ۾ ڄمندا آهن، انهن جي سارسنڀال گلن وانگر ڪئي ويندي آهي، جنهنڪري اهي گلن جهڙا هوندا آهن. ضروري ناهي ته سڀ ٻار گلن جهڙا هجن. جيڪي ٻار گندي پاڻيءَ جي دُٻن ڀرسان جوڙيل جهوپڙين ۾ ڄمندا آهن ۽ گندگيءَ جي ڍيرن تي، ڦاٽل اڌوراڻا ڪپڙا پائي، رانديون رهندا آهن اُهي پيءُ ماءُ لئه هرون ڀرون کڻي گلن جهڙا هجن، پر هونئن اُهي ڪنڊن جهڙا ٻار هوندا آهن. گلن جهڙا هرگز نه.

جن ٻارن کي ماءُ پيءُ نه هوندو آهي. انهن کي عام طرح يتيم چيو ويندو آهي. پر ڪي ٻار ماءُ پيءُ هوندي به يتيم هوندا آهن. پر سڀ يتيم يتيم خاني ۾ داخل نه ٿيندا آهن جن ٻارن جو الله کان سواءِ ڪوبه نه هوندو آهي اُهي يتيم خاني جي هوا کائيندا آهن.

ڪي وري سڪيلڌا (لاڏلا) ٻار هوندا آهن. غريب جو عدد واحد ٻار، به سڪيلڌو نه ٿي سگهندو آهي. پر سيٺ جا سڀيئي ٻار سڪيلڌا هوندا آهن. اَڄڪلهه ٻارن کي ڄمڻ کان روڪيو ٿو وڃي. ۽ هڪڙو نعرو هنيو ٿو وڃي.

ٿورا ٻار پيارُ ئي پيارُ!

گهڻا ٻار گهڻو آزارُ!

جيڪڏهن سڀ ٻار گلن جهڙا هجن ها ته اهو نعرو هرگز نه هنيو وڃي ها، ڇاڪاڻ جو گل جيترا گهڻا، اوتري سرهاڻ سَرسُ، اهو نعرو رڳو ڪنڊن جهڙن ٻارن جي ڄم خلاف آهي، ڇو جو هڪ- ٻن ڪنڊن جو سور ته سهي سگهجي ٿو، پر گهڻن جو نه. بنگلن ۾ ڄمندڙ گلن جهڙا ٻار ڪيترا به گهڻا ڇو نه هجن، تڏهن به آزار نه بڻبا آهن.

گلن جي سار سنڀال به گهڻي ڪئي ويندي آهي.

اٽليءَ جي هڪڙيءَ مائيءَ، ماريا مانٽيسوريءَ به ٻارن جي واڌاري لاءِ تعليم جو هڪ نئون نظريو تيار ڪيو. اهو تعليمي نظريو رڳو گلن جهڙن ٻارن لاءِ آهي، نه ڪي کمڻ هاريءَ جي پٽ پنهونءَ لاءِ، جيڪو صبح جو ساجهري راتوڪا پاروٿا چانور ڏڌ سان کائي، پيرين اگهاڙي، ٽي ميل پنڌ ڪري، هڪ پراڻي اسڪول ۾ اچي، پٽ تي ويهي پڙهندو آهي.

انهيءَ ڳالهه کي ”پنهنجو پنهنجو ڀاڳ“ چئي، لنوائي سگهجي ٿو.

بهرحال:     انسانيت جو آهي نعرو-

              دنيا جو هر ٻــار آ پيارو.

ڇاڪاڻ جو ڪنڊن ۽ ٿوهرن کي به ڪونڊين ۾ سجائي، بنگلن، جي سونهن وڌائي سگهجي ٿي.

مشق

سوال(1) خانگي ۽ انٽرنيشنل ٻار ۾ فرق ٻڌايو؟

(2) يتيم خاني جي هوا ڪهڙن ٻارن کي نصيب ٿيندي آهي؟

(3) ٻارن کي ڄمڻ کان ڇو ٿو روڪيو وڃي؟

 

نوان لفظ

لفظ       -       معنيٰ

يتيم خانو -       الله واري جو آخري اجهو

نعرو       -       جيڪو صرف هڻي سگهجي (وات سان)

انسانيت  -       اٽي ۾ لوڻ.

 

 

 

سبق چوٿون

ڀ = ڀت

ڀت ٺيٺ سنڌي کاڌو آهي هن جي تاريخ تمام پراڻي آهي.

ڀت جي وصف تمام سولي ۽ مختصر آهي، جنهنڪري هن جي تيار ڪرڻ لاءِ ڪنهن به ترڪيب جي مدد وٺڻي نه پوندي آهي.

عام طرح ٻه ڀت مشهور آهن: هڪ ڀريل ڪڻڪ (ڏارو) جو ڀت ۽ ٻيو ڀُريل چانورن جو ڀت.

ڀَت، ڀُريل ڪڻڪ يا ڀُريل چانورن جو مجموعو هوندو آهي. تنهنڪري معاشي طرح ڀُريل ماڻهو ئي ڀَتُ کائيندا آهن. سچا چانور برياني ۽ چاشنيءَ جي روپ ۾، رڳو خوشحال ماڻهن لاءِ هوندا آهن. جن جا ڀت وڏا هوندا آهن، اُهي ڀت کان ڀڄي ويندا آهن.

وڏن شهرن جي وڏين هوٽلن ۾ ڀت اڻلڀ هوندو آهي. ان کان سواءِ بنگلن ۾ به ڀت جي لاءِ ڪابه جاءِ نه هوندي آهي. تنهنڪري ڀت ويچارو فقط ڀونگيءَ ۾ ئي رهي سگهندو آهي. ڀونگي ڀَتَ جي ڀرجهلي آهي.

ڪي همراهه وري ڀَتَ تي چڙندا اهن، حالانڪه ڀَتَ اهڙي سنئين سڌي شيءِ آهي، جنهن تي ڪنهن کي چڙڻ نه گهرجي.

ڀَتُ آهي کير سان، جڏهن ڳوٺن ۾ کير سهانگو ۽ جهجهو هوندو هو، تڏهن شادين تي هي ڳيچ ڳائيو هو:

گهوٽ لڌيون لائون.

تون ۽ آئون

گهوٽ جي گهر هلي،

کير ڀَتُ کائون.

وري جڏهن کير جو پاڻيءَ سان پيار ٿيو ۽ وڪرو وڌيو، تڏهن ڀَتُ ويچارو اڪيلو وڃي رهيو ۽ شادين تي هي ڳيچ ڳائڻ شروع ٿيو:

آيا سُڃي شهر مان

گهوٽ پرڻائي،

سڄي ڄڃ ويٺي

رُکو ڀَتُ کائي.

ڪي ماڻهو اِئين ڀَتُ کائيندا آهن ڪي وري ڀِتِ تي چڙهي ڀَتُ کائيندا آهن. ڪي ته ڀُلجي به ڀَتُ نه کائيندا آهن. ڪي همراهه انسانن جو رت پيئندا آهن. جيڪي انسانن جو رت پيئندا آهن. انهن کي ڀَتُ نه وڻندو آهي.

سکر ۾ کرڙيءَ جو ميدان آهي. کرڙي رَتُ تي هريل هئي. تنهنڪري هُن مشهور شاعر خليفي نبي بخش جي گهڻيءَ ڪوشش جي باوجود ڀَتُ وات ۾ نه وڌو:

کرڙي کائي رت، ڀَتُ نه وجهي وات ۾.

ڳوٺاڻا ٻار ڀَت جا گهڻو هيراڪ هوندا آهن.

هي گيت ڀَتُ کائيندا ٻارن جو آهي:

ڳيچَ ڳائيندا رَتُ!

ڀَتُ کائيندا وَتُ!

ڪوڙ کي رک تون سٽي، غم ۾ جان نه ڳار،

ساڙ جي پاڙَ پٽي، سور سڀ پنهنجا وسار.

پيار جو هرهنڌ پرين! جَمالَو ڳائي مٺا!

رنگ لائيندو وَتُ، جُهرِ پائيندو وَتُ،

ڀَتُ کائيندو وَتُ! ڀَتُ کائيندو وَتُ!

مشق

سوال1- وڏن هوٽلن ۾ ڀَتُ ڇو نه ملندو آهي؟

سوال2- کير جي ڀَتَ کان کير جي جدائيءَ جو سبب بيان ڪريو؟

سوال3- کرڙيءَ ڇاجي ڪري ڀَتُ وات ۾ نه وڌو؟

نوان لفظ

لفظ- معنيٰ

ڀَتُ =             جيڪو ڪڏهن نه ڀرجي.

ڃَڃَ =             خوشي جي ڄانڃين جو مجموعو.

خوشحالُ =                جيڪو ڀَتُ نه کائي.

گل ڦل

انعامي مقابلو

ماهه آڪٽوبر 1976ع جي پرچي ۾ ڀيڻ شميم اختر کوهارو طرفان موڪليل اٺ تصويرون ڏنيون ويون هيون، جن تي ڪهاڻي لکڻ لاءِ گل ڦل جي پڙهندڙن کي دعوت ڏٺي ويئي هئي. جن ٻارن هنن تصويرن تي ڪهاڻيون لکي موڪليون آهن انهن جا نالا هن ريت آهن:

1-    محمد اعظم پٺاڻ، ڄامشورو. 2- عتيق الرحمان انصاري، هالا. 3- عاجز عبدالقيوم، ڳوٺ لونگ ڏيٿو. 4- محب الله علياڻي، ڳوٺ سائينداد علياڻي. 5- اسد الله سنڌي، شهر کهڙا. 6- غلام شبير خليق، شهر کهڙا. 7- اسحاق انصاري، لاڙڪاڻو. 8- بنا نالي. 9- ناز سنائي، سن. 10- سروجڪماري، لاڙڪاڻو. 11-شاهنواز هوت بلوچ، جهڏو. 12- عبدالجبار پنهور، حيدرآباد. 13- اداسي الهه بخش سومرو، ڳڙهي ياسين. 14- ممتاز حسين شيخ، شهر کهڙا. 15- محرم الدين مغل، مٺياڻي. 16- روبينه جبين اعواڻ، لاڙڪاڻو. 17- نادر علي خواجه، لاڙڪاڻو. 18- مقبول حسين شاهه شيرازي. 19- درشن لال، ميرپورماٿيلو. 20- زاهد حسين اسد، ڏيپلو. 21- مبشر علي ڪولاچي، باڊهه. 22- محمد ضراب ڪليار، پنگريو. 23- عبدالرؤف عباسي، شهر کهڙا. 24- الطاف حسين ميمڻ، ميرپورخاص. 25- شوڪت علي ڀٽو، ٽنڊو محمد خان. 26- عبدالسلام انصاري، سڪرنڊ. 27- شمس الدين جماڻي. 28- ڦلڪارو محمد بخش مشڪور. 29- مهر غلام قادر، ڳاڙهي موري. 30- الهداد بروهي، رتو ديرو. 31- جيئل داس، وارهه، 32- جميل شيخ شهدادپور.

ججن جي فيصلي مطابق هيٺين ٽن ڄڻن انعامي مقابلو کٽيو آهي:

اسحاق انصاري، لاڙڪاڻو.

انعام کٽيندڙن ٻارن کي گهرجي ته پنهنجيون پوريون ائڊريسون موڪلي انعام گهرائي وٺن. جيڪي ٻار انعام کٽي نه سگهيا آهن. اهي جيڪڏهن پنهنجيون ڪهاڻيون واپس گهرائڻ چاهين ته 31 مارچ تائين خط لکي گهرائي سگهن ٿا.

انعامي مقابلو نمبر-2

”علم، انسان کي انسان بنائي ٿو. ”هن عنوان تي هڪ ڪهاڻي لکو مقابلي لاءِ آيل ڪهاڻين مان پهرين ٽن چونڊ ڪهاڻين کي انعام ڏنو ويندو. ۽ ڪهاڻيون، سندن ليکڪن جي فوٽن سان شايع ڪيون وينديون. پهريون انعام هڪ سال لاءِ گل ڦل مفت. ٻيو انعام ڇهن مهينن لاءِ گل ڦل مفت ۽ ٽيون انعام ٽن مهينن لاءِ گل ڦل مفت.

مقابلي ۾ شريڪ ٿيندڙ ٻارن کي هيٺين هدايتن تي عمل ڪرڻ گهرجي: 1- 18 سالن کان وڌيڪ ڄمار وارا ٻارهن مقابلي ۾ حصو نٿا وٺي سگهن. 1- ڪهاڻي پني جي هڪ پاسي، صاف اکرن ۾ ۽ مس سان لکيل هجي. 2- ڪهاڻيءَ جي آخر ۾ پنهنجو نالو ۽ پوري ائڊريس ڄاڻائڻ گهرجي. 3- ڪهاڻي ڪٿان به نقل ٿيل يا ڪنهن اديب کان لکيل نه هجي. 4- ڪهاڻي گهٽ ۾ گهٽ گل ڦل جي چئن صفحن جيتري هجي.

ڪهاڻيون موڪلڻ جي آخري تاريخ 17 اپريل 1977ع آهي ان کان پوءِ پهچندڙ ڪهاڻيون مقابلي ۾ شريڪ نه ڪيون وينديون. نتيجي جو اعلان جون 1977ع جي پري ۾ شايع ڪيو ويندو.

گل ڦل انعامي مقابلي ۾ حصو وٺي، انعام حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ، پنهنجي لکڻين جو معيار پڻ وڌايو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com