سيڪشن؛رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 5 ۽ 6

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل 5 ۽ 6

غلام رباني

 

گذارش

 1- پياري ”گل ڦل“ جي پيارن پڙهندڙن اڳيان هي پرچو ايڏيءَ دير سان پيش ڪندي ڏاڍو ڏک ٿئي ٿو. ”مئي“ مهيني جو پرچو ”جون“ واري سان ملائجي ۽ اهو ”گڏيل پرچو“ وري ”جولاءِ“ ۾ شايع ٿئي، بيشڪ اها افسوسناڪ ڳالهه آهي ۽ ان لاءِ پڙهندڙ اسان کي جيڪا ميار ڏين، تنهن جا اسين لائق آهيون. جيتوڻيڪ اسان کي، پنهنجيءَ جاءِ تي، هن ڪوتاهيءَ لاءِ ڪافي سبب آهن، پر انصاف جي گُهرَ اهائي آهي ته پنهنجي غلطي مڃجي، ۽ غلطيءَ مِٽائڻ جو صحيح نمونو اهو آهي ته آئنده ڪم ٺيڪ ڪجي. اسان کي وڏي اميد آهي ته جولاءِ جو ”گل ڦل“، ستت ئي پنهنجن پيارن پڙهندڙن اڳيان پيش ڪنداسون.

2- ”گل ڦل“ جي گذريل پرچي ۾، چندن گرناڻيءَ جي خط جي جواب ۾ اسان واعدو ڪيو هو ته ”ٻارن جي ميلي“ ۾، جمال رند جو ڳايل مورو نئين پرچي ۾ ڏينداسين. اسان کي افسوس آهي ته واعدي پٽاندر هن پرچي ۾ ”مورو“ ڏيئي نه سگهيا آهيون. اميد آهي ته اهو جولاءِ واري پرچي ۾ ڇپجي ويندو.

3- هن پرچي ۾، صفحي 33 تي ”ڳوٺاڻن جو صبوح“ مضمون، ڇپيل آهي، جو محترم ولي محمد طاهرزادي جو لکيل آهي. فهرست ۾ ته مضمون جي سامهون لکندڙ جو نالو آهي، پر پرچي ۾ اندر مضمون جي مٿان نالو ڏيڻ رهجي ويو آهي، جنهن لاءِ اسان کي افسوس آهي.

4- تازو ڇوڪرين جي اسڪولن جي انسپيڪٽريس، مسز شيخ صاحبه، پنهنجي عملي ڏانهن هدايتون موڪليون آهن ته ڇوڪرين جي اسڪولن ۾ اسڪول جي خرچ واسطي سرڪاري طور مليل پئسن مان ”گل ڦل“ رسالو خريد ڪيو وڃي. اسان محترمه شيخ صاحبه جا ان نيڪ ڪم لاءِ ٿورائتا آهيون. هاڻي، اهي غريب ڀينرون، جي مالي سببن جي ڪري ”گل ڦل“ خريد ڪري پڙهي نٿي سگهيون، تن کي رسالي پڙهڻ جو موقعو ملندو، جا وڏي خوشيءَ جي ڳالهه چئبي.

اسان کي اميد آهي ته تعليم کاتي جو ڊائريڪٽر صاحب پڻ اهڙو حڪم جاري ڪرڻ جي سوال تي همدرديءَ سان غور ڪندو.

- غلام رباني

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com