سيڪشن؛رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 5 ۽ 6

باب: 1

صفحو :2

 

 

آسماني ادب

 

ماڻهن سان سهڻو ڳالهايو.

- 9، البقرة، قرآن شريف.

***

۽ خدا جا نيڪ ٻانها اهي آهن، جيڪي زمين تي نوڙت سان گهمن ٿا ۽ جڏهن بي سمجهه ماڻهو ساڻن ڳالهائڻ لڳن ته چون ته سلامت هجو.

- 63، الشعرآء، قرآن شريف.

***

۽ پوءِ عام ماڻهن کانئس پڇيو ته ’نيٺ ڇا ڪجي؟‘ پاڻ وراڻيائين، ’توهان مان جنهن وٽ ٻه ڪوٽ آهن، سو هڪ ڪوٽ انهيءَ کي ڏئي جنهن وٽ هڪ به نه آهي، ۽ جنهن وٽ کاڌو آهي سو به ائين ڪري.

- ليوڪ، 3، 10، 11، انجيل پاڪ

***

اُٺ ته سُئيءَ جي پاکڙي مان سولائيءَ سان لنگهي سگهي ٿو، پر هڪ شاهوڪار شخص جو خدا جي بادشاهت ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.

- ليوڪ، 18-25، انجيل پاڪ.

 

 

 

 

هو جمالو

 

نئين موج ٿي مهراڻ ۾،

هو جمالو!

جنهن جي سير تقدير ٿي،

هو جمالو!

جنهن جون ٻيڙيون سائين سيڙهيون ٿي،

هو جمالو!

جن جا پڳهه لڳهه لڳهه ٿي،

هو جمالو!

جن جا مانجهي ٿي منجهڌار ۾،

هو جمالو!

اهي تري وينديون تار ۾،

هو جمالو!

نئين موج ٿي مهراڻ ۾،

هو جمالو!

(ش. ا.)

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com