سيڪشن؛رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 5 ۽ 6

باب: --

صفحو :9

 

ٻارن جي ڦلواڙي

”ٻارن جي ڦلواڙي“ طالب الموليٰ هائي اسڪول، دادو، ”گل ڦل“ جي ٻيءَ سالگرهه جو جشن ملهايو

تاريخ 9 ۽ 10 مارچ، بروز خميس ۽ جمع،  ”ٻارن جي ڦلواڙي“ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول، دادوءَ، ”گل ڦل“ جي ٻيءَ سالگرهه جو جشن نهايت سهڻي نموني ۾ ملهايو. ان موقعي تي اسڪول کي سهڻي نموني ۾ سينگاريو ويو هو. اسڪول جي ميدان تي ٻارن جي ڦلواڙيءَ جي گلڙن رانديون ڪيون.

 

پروگرام: هيٺينءَ ريت هو:

خميس ڏينهن هي رانديون ٿيون:

1- ونجهوٽي، 2- ڦرڦر- سونٽو، 3- جليبيون پڪڙڻ، 4- اک- ٻوٽ، 5- چمچي ۽ بلور سان هلڻ، 6- ٽن ٽنگن سان ڊڪڻ.

جمعي ڏينهن هيٺيون رانديون ٿيون:

1- ڪڪڙ ويڙهه، 2- پٺو، 3- پاڻيءَ مان پيسو لهڻ، 4- ڦوڪڻو ڦاڙڻ، 5- ميوزيڪل چيئرس ۽ 6- ڊڪ ڊوڙ.

راندين ۾ اسڪول جا سڀ استاد ۽ شاگرد موجود هئا، تنهن کان سواءِ آسپاس جي ڦلواڙين جا ميمبر پڻ آيل هئا.

راندين ختم ٿيڻ بعد مسٽر مشتاق عليءَ، صدر، انعامن جي ورهاست ڪئي ۽ ان ڏينهن جي ميٽنگ پاڪستان جي قومي تراني سان برخواست ٿي.

راندين ۾ هيٺين ميمبرن کي انعام مليا:

محمد هاشم بروهي، محمد هاشم لغاري، شاهڏنو شاهه، شهزادو جي. ايم، نواز علي، محمد شاهه، الهڏنو، اقبال احمد پنهور، ڪرم الله قريشي، شميم احمد، عبدالمجيد ، سريچند، امان الله بشير احمد پنهور، غلام رسول، محمد پريل، ظهير ”بابر“ قريشي، غلام سرور، غلام حسين شاهه، بچل ڀرڳڙي، الاهي بخش سهتو، شير خان، محسن هادي ۽ حبيب الله.

هيٺين عهديدارن کي پڻ انعام مليا:

عبدالقادر ترڪ، اعجاز احمد قريشي، رياض احمد ۽ عبدالرحيم.

- جنرل سيڪريٽري.

”ٻارن جي ڦلواڙي“ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول، دادو.

ڳوٺ ولي محمد درس ۾ ”ٻارن جي ڦلواڙي“ قائم ٿي

ڳوٺ ولي محمد درس ۾ ”ٻارن جي ڦلواڙي“ قائم ڪئي ويئي، جنهن ۾ هيٺيان عهديدار يڪراءِ بحال ڪيا ويا:

صدر- نور احمد درس.

نائب صدر- محمد درس فقير.

سيڪريٽري- محمد اشرت درس.

نائب سيڪريٽري- عبدالرحمان درس.

خزانچي- لکاڏنو خاصخيلي.

صلاحڪار- محمد رمضان خاصخيلي.

لئبررين- عبدالهادي درس فقير.

ڪاروباري ڪاميٽيءَ جا هيٺيان ميمبر مقرر ڪيا ويا:

1- راهو، 2- صفر خاصخيلي، 3- شير محمد خان ۽ 4- علي محمد درس فقير.

ميٽنگ ۾ هيٺيان ٺهراءَ پاس ڪيا ويا:

1- هڪ روزاني اخبار گهرائي ويندي.

2- ماهوار ”گل ڦل“ گهرايو ويندو.

3- هر عهديدار کان چار آنا في ورتي ويندي.

اسڪول محمد زمان پٺاڻ، تعلقي ڊگهڙيءَ ۾، ”ٻارن جي ڦلواڙي“ قائم ٿي

تاريخ 12 مئي، 1961ع بروز جمع، نماز کان پوءِ جناب هيڊ ماستر صاحب، مسٽر علي محمد خان جمالي، هالائي جي صدارت هيٺ ٻارن جو ميڙ ٿيو. ميٽنگ جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي وئي. قرآن جو رڪوع شاگرد اڪرم بروهيءَ پڙهيو. شروع ۾ هيڊ ماستر صاحب ٻارن کي ڦلواڙيءَ جا مقصد سمجهايا، ۽ ڦلواڙيءَ جي اصولن کان واقف ڪيو. پوءِ شاگرد عنايت الله ۽ ٻڍي خان لغاريءَ کلائيندڙ ٽوٽڪن سان ٻارن کي وندرايو، ۽ شاگرد رفيع الزمان افغان، ۽ محمد قاسم جوڳيءَ پروليون پيش ڪيون، جن پڻ چڱو مزو ڪيو. ان بعد ”ٻارن جي ڦلواڙيءَ جو بنياد رکيو ويو. هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا:

صدر- عبدالله بلوچ.

سيڪريٽري- عنايت الله مغل.

خزانچي- رفيع الزمان افغان.

ڪاروباري ڪاميٽيءَ تي هيٺيان ميمبر چونڊيا ويا:

1- ٻڍو خان بلوچ،

2- محمد قاسم جوڳي،

3- مختيار احمد مغل،

4- اڪرم بروهي، ۽

5- احمد علي بروهي کنيا ويا.

ڦلواڙي جا مقصد:

1- انسان ذات جي ڀلي جا ڪم ڪرڻ، ۽ جانورن تي رحم ڪرڻ جا خيال ڦهلائڻ؛

2- پنهنجي ”گلشن لئبرري“ کي وڌائڻ:

3- تعليم بابت بحث مباحثو ڪرڻ؛ ۽

4- ٻارن ۾ قربانيءَ جو مادو پيدا ڪرڻ.

آخر ۾ ملڪ جي خوشحاليءَ لاءِ دعا گهري ويئي، ۽ ميٽنگ خير خوبيءَ سان ختم ڪئي ويئي.

-                        سيڪريٽري ”ٻارن جي ڦلواڙي“، اسڪول محمد زمان پٺاڻ، پوسٽ ٽنڊو جان محمد سنڌ.

ڳوٺ پاهڙ خان جمالي، تعلقي هالا ۾، ”ٻارن جي ڦلواڙي“ قائم ڪئي ويئي

تاريخ 16 اپريل، 1961ع تي، جناب هيڊ ماستر صاحب ميان مراد علي خان جماليءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ، پرائمري اسڪول پاهڙ خان جماليءَ ۾ ”ٻارن جي ڦلواڙي“ قائم ٿي. جنهن جا عهديدار هڪ سال لاءِ چونڊيا ويا:

پهريائين صدر جي چونڊ لاءِ اسڪول جي شاگردن کان ووٽ ورتا ويا. شاگرد خان محمد خان هڪ سال لاءِ صدر چونڊيو، ۽ نائب صدر شاگرد محمد ايوب خان چونڊيو ويو. باقي عهدا هيٺين شاگردن کي مليا:

خزانچي- سنجر خان.

”ٻارن جي ڦلواڙيءَ“ پاڻ ۾ يڪراءِ فيصلو ڪيو ته ڦلواڙيءَ جي هر هڪ ميمبر کان ماهوار چار آنا ميمبريءَ جي في وٺي، خزانچيءَ جي معرفت استاد صاحب وٽ امانت رکنداسون.

ڦلواڙيءَ جا هيٺيان مقصد آهن:

1- ٻهراڙيءَ جي ننڍن ٻارن کي لکڻ، پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ جي تربيت ڏيڻ.

2- ٻارن کي ادبي ماحول کان واقف ڪرڻ.

3- ٻارن کي گڏجي وندر، محنت ۽ ڪم ڪرڻ جو سهڻو سبق ڏيڻ.

ان بعد هر هڪ عهديدار پنهنجي عهدي بابت ڳالهايو. اسڪول جي ٻارن کي وندرائڻ لاءِ ڪن ڇوڪرن آکاڻيون ٻڌايون ۽ ڪن وري بيت ٻڌايا. آخر ۾ ”گل ڦل“ رسالي مان ٻارن جون آکاڻيون پڙهي ٻڌايون ويون- سوال جواب، پروليون، چرچا گهٻا، ديس ديس جون خبرون وغيره ٻارن کي چڱيون پسند آيون. ان بعد هيڊ ماستر صاحب مختصر تقرير ڪري اڄوڪيءَ ميٽنگ جي ڪارروائي، شروع کان آخر تائين ٻارن کي سمجهائي. پڇاڙيءَ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هر هفتي جمعي ڏينهن شام جو ڦلواڙيءَ جي ميٽنگ ڪئي ويندي.

هر ميمبر کي ميٽنگ تي حاضر ٿيڻ جو حڪم پڙهي ٻڌايو ويو.

استاد صاحب وعدو ڪيو ته ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ٿيل ”ٻارن جي ٻاريءَ“ جو پروگرام هر هفتي اوهان کي پنهنجي ريڊيو تان ٻڌرائيندس. آخر ۾ دعائي خير گهري، ميٽنگ ختم ڪئي ويئي.

- سيڪريٽري

”ٻارن جي ڦلواڙي“ پاهڙ جمالي، تعلقو هالا.

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com