سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: گُل ڦُل 1 ۽ 2

باب: --

صفحو :3

 

پکيءَ واٽ ڪيئن لھندا آھن؟

 

 

[اونھاري جي مند ايندي آھي تھ زمين اھڙي تپي ويندي آھي، جھڙي باھھ! ڪانءَ جي اک پئي نڪرندي آھي ۽ ماڻھو پگھر ۾ شل ٿي ويندا آھن. بصر ۽ ڍوڍي تي گذران ڪرڻ وارا تھ رڳو ٿڌيءَ ھوا جي گھلڻ جون دعائون ئي گھري سگھندا آھن، پر جيڪي مڇيءَ مانيءَ وارا ھوندا آھن، سي گرميءَ جا اھي ٻھ چار مھينا وڃي ڪوھھ مريءَ ۽ ڪوئيٽا جھڙن ھنڌن تي گذاريندا آھن. ھي تھ ٿيا ماڻھو، پر پکين جھڙن پتڪڙن ساھوارن جو ڇا حال ٿيندو ھوندو؟ توھان کي ٻڌي عجب لڳندو تھ ماڻھن وانگر اِھي ننڍڙا جيو بھ اونھارو ٿڌن علائقن ۾ گذاريندا آھن، ۽ سيارو گرم علائقن ۾. اھڙا پکي، ”مندائتا پکي“ يا ”سانگي پکي“ سڏبا آھن. مندائتا پکي گھڻو ڪري ولايت ۾ ھوندا آھن. اسان وٽ رڳو ابابيل ئي مندائتو پکي آھي.

اسان کي ڪنھن پاسي وڃڻو ھوندو آھي ۽ رستي جي خبر نھ ھوندي اٿئون، تھ ڪنھن واٽھڙوءَ کان پڇي وٺندا آھيون؛ وڏين مسافرين لاءِ نقشا ۽ قطب- نما ڪتب آڻيندا آھيون، پر پکين کي نھ ڪو ٻڌائڻ وارو ھوندو آھي، ۽ نھ وري وٽن ڪي نقشا ۽ قطب- نمائون ئي ھونديون آھن. پوءِ ڀلا کين رستن جي خبر ڪيئن پوندي آھي، اھو ھن مضمون ۾ ٻڌايل آھي- مترجم.]

ھڪڙي طرف طبعي سائنس جا ماھر تارن جي انيڪ جھڳٽن سان ڀريل خلا جا را ز پروڙڻ ۾ لڳا پيا آھن، تھ ٻئي طرف وري پکين بابت ڄاڻ رکڻ وارا انھيءَ راز معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن تھ پکي واٽ ڪيئن لھندا آھن. اتر قطب جي علائقي جو ھڪڙو پکي ”ٽرن“ (Tern)، سيارو ڏکڻ قطب وٽ گذاريندو آھي، ۽ اونھارو گذارڻ لاءِ اتر قطب وٽ ساڳي ھنڌ پنھنجي آکيري ۾ موٽي ايندو آھي. ڏکڻ قطب، اتر قطب کان يارھن ھزارن ميلن جي پنڌ تي آھي. ڪمال جي ڳالھھ ھيءَ آھي تھ ڇھن ھفتن جي عمر جو ٽرن پکي بھ اھو سڄو سارو پنڌ اڪيلي سر ڪري ويندو آھي. اھا ڳالھھ ئي معجزي کان گھٽ ڪانھي تھ ان ننڍڙي پکيءَ جا پرڙا ۽ ھن جي پتڪڙي دل، ايڏو سارو مفاصلو طي ڪرڻ جو بار سھي ٿا وڃن. پر سوال ھيءُ آھي تھ ھن جو ذرڙي جيترو دماغ، واٽ لھڻ جا مسئلا حل ڪيئن ٿو ڪري وٺي؟ انسان ذات کي ئي انھن مسئلن ڪيئي صديون، ڪيئي سال مونجھاري جي ڄار ۾ وڪوڙي رکيو ھو.

قطب نما ٻارھين صديءَ ڌاري ايجاد ٿي ھئي، ۽ سڄا سارا ٽي سؤ ورھيھ پوءِ، ڪرسٽافر ڪولمبس (جنھن آمريڪا ڳولي لڌي ھئي) ائٽلانٽڪ سمنڊ اڪري سگھيو ھو. پر پکي تھ انھيءَ کان بھ لکين ورھيھ اڳ، اسان جي ھن ڌرتيءَ تي مسافريون ڪندا وتندا ھئا. جڏھن انسان کي ئي وک وک تي نقشن ۽ قطب نما کان مدد ٿي وٺڻي پوي، تھ ھي پکيئڙا اھو سڀ ڪجھھ ڪيئن ٿا ڪري وٺن. انھيءَ ڳالھھ تي ڪڏھن ڪو ويچار بھ ڪيو اٿو؟

يوناني فيلسوف، ارسطوءَ اھو مشاھدو ڪيو تھ سياري ۾ چيھا تھ ڪنھن پاسي ھليا ويندا آھن، پر ريڊاسٽارٽ پکي (ڳاڙھي رنگ جا پکي)، ڪاڏي بھ ڪونھ ويندا آھن. انھيءَ مان ھن اھو نتيجو ڪڍيو تھ چيھا سرءَ جي مند ۾ ريڊ اسٽارٽ بڻجي ويندا آھن، ۽ بھار ۾ وري چيھا بڻجي ويندا آھن. پليني (Pliny)، ھڪ رومي عالم، ارسطوءَ جي مٿئين خيال جي پٺڀرائي ڪئي؛ ۽ تنھن زماني جا وڏا وڏا عالم بھ اھو سمجھڻ لڳا تھ جھرڪيون پاڻ کي ڏيڏرين جي شڪل ۾ بدلائي ڇڏينديون آھن.

جنھن ڳالھھ ان عجيب ۽ اچرج جھڙي خيال کي اڀاريو، سو ھيءُ آھي تھ ڪيترائي پکي، خاص ڪري ننڍڙا پکي، رات جو لڏپلاڻ ڪندا آھن- اڄ سانجھيءَ جو ھت آھن تھ صبح جو ڪونھ ھوندا. تنھن زماني ۾ ماڻھن کي اھا خبر ڪانھ ھئي، ۽ ھو سمجھندا ھئا تھ پکي اوندھھ ۾ اڏامي ئي ڪونھ سگھندا آھن. پوءِ ھو رات جو ڪيڏانھن گم ٿي ويندا آھن؟

ارڙھين صديءَ ڌاري پکين جي ڄاڻ رکڻ وارن (Ornithologist)، کي اِھا خبر پئي تھ پکي رات جو بھ اڏامندا آھن. بلڪھ رات جو تھ وڏا وڏا ولر ڪري اڏامندا آھن. ١٨٩٨ع جي سرءُ ۾ واش برن، اڀياس گھر Observatory) يعني اھا جاءِ جتان دروبينين رستي تارن جو اڀياس ڪيو ويندو آھي.) ۾ ويٺو پکين جو مشاھدو ڪري رھيو ھو. ھي اھي ڏينھن ھئا، جڏھن پکين جي سرءُ واري لڏپلاڻ پنھنجي اوج تي ھوندي آھي. ان شخص دوربينين رستي ڏٺو تھ اتان رات جو ھڪ ڪلاڪ اندر، اٽڪل نو ھزار پکي اچي لانگھائو ٿيا. اھڙن اطلاعن سائنسدانن جي شوق کي ڀڙڪايو ۽ ھو ويچارڻ لڳا تھ پکي جڏھن لڏپلاڻ ڪندا آھن تھ پنھنجي ماڳ تي رسڻ لاءِ کين رستي جي خبر ڪيئن پوندي آھي؟

ٻي ڳالھھ، جنھن جو مٿئين سوال سان گھاٽو لاڳاپو آھي، سا آھي پکين جو وري موٽي اچي پنھنجو اصلوڪو آکيرو ڳولي لھڻ. ماڻھو پکين جي انھيءَ خاصيت مان حضرت نوح جي زماني کان واقف آھي. حضرت نوح ھڪ ڳيرو پاڻيءَ مٿان اڏايو ھو، جو پنھنجي گھرڙي ڏانھن موٽي آيو ھو. اوھان کي اِھا خبر ھوندي تھ اڳئين زماني ۾ خط پٽ نيڻ جو ڪم ڪبوترن کان ورتو ويندو ھو. پکي ٽپاليءَ جو ڪم پنھنجي ان گھر موٽي وڃڻ واريءَ خاصيت جي ڪري ئي سرانجام ڏيئي سگھندا آھن.

گھر ڳولھي لھڻ جو رڪارڊ غالبا سامونڊي ڪيئين جھڙي ھڪ پکيئڙي، مانڪز شيئر واٽر (Manx Shearwater) قائم ڪيو ھو. اِھو پکي گھڻو ڪري ويلز جي ڪناري تي اڀين ڇِپن جي ڏرن ۾ رھندا آھن. اھڙي ھڪ پکيءَ کي سڃاڻپ لاءِ پٽِي ٻڌي، ٤ جون، ١٩٥٢ع تي، ھوائي جھاز رستي باسٽن آندو ويو. اھو ساڳيو پکي ١٦ جون تي، منجھند جو ڏيڍ بجي، ساڍن ٻارھن ڏينھن کان پوءِ ويلس ۾ پنھنجي ڏر ۾ اچي گھڙيو. اوھو پتڪڙو مانڪز شيئر واٽر، اٿاھھ سمنڊ جي مٿان ئي مٿان ٿيندو، ٽي ھزار پنجاھھ ميل پنڌ جا ڪري آيو ھو.

اھڙي قسم جون حقيقتون گذريل صديءَ کان گڏ ڪيون پيون وڃن؛ پر انھيءَ معلوم ڪرڻ جي باقاعدي ڪوشش گذريل چوڏھن پندرھن ورھين ۾ ڪئي ويئي آھي تھ پکيئڙا اھا اچ وڃ ڪيئن ڪندا آھن. اھا ڪھڙي شيءِ آھي، جنھن جي آڌار تي ھو واٽ لھندا آھن- قطب تارو، سج، چنڊ، ھوائون، آبھوا، يا زمين جي ڪشش؟ مطلب تھ کين ڪھڙيءَ ريت طرف جي پروڙ پوندي آھي؟

انھيءَ ڳالھھ کي سمجھڻ جي ڪوشش، پکين جي ڄاڻ رکندڙ، ھڪ جرمن سائنسدان، گسٽاف ڪريم (Gustavkramer)، ڪئي ھئي. ھن صديءَ جي پوئين اڌ ڌاري، ھن ھيءُ خيال پيش ڪيو تھ پکي سج جي آڌار تي طرف ڳوليندا آھن. ھن اِھو بھ معلوم ڪيو تھ جڏھن لڏپلاڻ جو وقت ايندو آھي تھ پنڃري ۾ بند ٿيل پکي ڏاڍا بي آرام ٿي پوندا آھن، ۽ انھيءَ لوڇ پوڇ ۾ ٽپ ڏيئي، ڪڏھن ھت ويھندا آھن تھ ڪڏھن ھت. انھيءَ لاءِ ھن ڇا ڪيو جو ڪجھھ اسٽارلنگ (Starling) پکي، ھٿ ڪري، کين پنڃري ۾ بند ڪري، ھڪ گول ڪوٺيءَ ۾ رکيائين. اھا گول ڪوٺي اھڙيءَ طرح جڙيل ھئي، جو ان جي درين مان رڳو آسمان نظر ايندو ھو. ھن ڏٺو تھ پکي ھر ھر ان طرف ڏانھن منھن ڪري ٿي ويٺا، جنھن طرف کين لڏڻو ھو. ھن پوءِ دريون بند ڪري ڇڏيون؛ اوندھھ جو ٿي تھ اسٽارلنگ پکي، پنڃرن ۾ ڦيريون پائڻ لڳا، ۽ ھو پنھنجو طرف وڃائي ويٺا. پوءِ ھن انھيءَ اونداھي ڪمري ۾ اس وانگر بتيءَ جي روشني ھيٺ مٿي ڪئي، ۽ اھا غلط طرفن تي ھيٺ مٿي ڪيائين. ان روشنيءَ تي پکي وري لڏ پلاڻ لاءِ تيار ٿي ويا؛ پر سندن منھن اڳوڻي طرف ڏانھن نھ ھو. ھنن روشنيءَ جي غلط طرفن پٽاندڙ غلطي ڪئي. مثال ڪري وٺو تھ پکين کي اتر طرف وڃڻو ھو. معمولي حالتن ۾، ھنن اڀرندي جو کٻو طرف سڃاڻي، اوڏانھن منھن ڪيو ھوندو. پر جڏھن ھٿرادو اس جھڙي روشني اتر کان ڏکڻ طرف آندي ويئي تھ ھنن اڀرندي (يعني اتر) جي کٻي طرف (يعني اولھھ) ڏانھن منھن ڪيو ھوندو. ھنن ائين سمجھيو تھ اھا روشني سج مان پيئي اچي. اھو تجربو ڪري، ھن جرمن سائنسدان سج واري نظريي جي حمايت ۾ چڱو سٺو ثبوت قائم ڪيو. ان ھوندي بھ سندس خيال ۾ انھيءَ ڳالھھ جي سمجھاڻي ڪانھ ھئي تھ پکي ڪھڙيءَ ريت سج جي آڌار تي، ڏينھن توڙي رات جو، سٺيءَ توڙي خراب موسم ۾ پنھنجو دڳ ڳوليندو آھي؟

حقيقت ۾ سج جي آڌار تي واٽ لھڻ ڏاڍو اھنجو آھي، ڇو تھ سج جڏھن اوڀر کان اولھھ ڏانھن مسافري تي ھلندو آھي تھ انھيءَ وچ ۾ اھو مختلف ھنڌن تي ھوندو آھي. نھ رڳو ايترو، بلڪ سڄي سال جي دوران سج جي اڀرڻ توڙي لھڻ جي ڪنڊ بھ بدلبي رھندي آھي. مطلب تھ ڏينھن جي وقت، سال جي وقت، بلڪ پل پل سان سج جو لنگھھ مٽبو رھي ٿو. تنھنڪري پکيءَ ۾ ٻين ڳالھين سان گڏ وقت معلوم ڪرڻ جو مادو ھجڻ پڻ ضروري آھي. جيئن اسين واچ ڏسي وقت معلوم ڪندا آھيون، تيئن پکي بھ اِن مادي جي آڌار تي ھيءُ پروڙيندو ھوندو تھ ھينئر سج ڪٿي آھي. اھڙيءَ ريت ئي ھو پنھنجو طرف ٺيڪ نموني ۾ معلوم ڪري سگھندو ھوندو.

سج جي لنگھھ جي آڌار تي لڏپلاڻ ڪرڻ ۾ جيڪي مشڪلاتون پيش اچن ٿيون، تن کي ھڪ انگريز سائنسدان، جي. وي. ٽي. مئٿيوز (G.V.T. Mathews)، کولي بيان ڪيو آھي. ھن جو چوڻ آھي تھ سفر ڪرڻ لاءِ پکين کي ڏاڍو منجھيل حساب ڪتاب ۽ مٿا ڪٽ ڪرڻي پوندي آھي. ايتريقدر جو اوھان چوندؤ تھ ڪا کنڀن واري حسابي مشين ئي ڪاڏي وڃي سگھندي؛ باقي ٻئي ڪنھن جي جاءِ ئي ڪانھي. اِن انگريز سائنسدان جو خيال آھي تھ قدرت طرفان پکين ۾ اھڙي ڏات رکيل آھي، جو ھو اھڙي جاکوڙ ڪري سگھن ٿا.

پر جيڪا ڳالھھ ھو چڱيءَ طرح سمجھائي ڪين سگھيو، سا ھيءَ آھي تھ اھو نظريو پکين جي راتاھي لڏپلاڻ سان ڪيئن لاڳو ڪري سگھجي ٿو. انھيءَ ڏس ۾ ھن ھيءَ راءِ ظاھر ڪئي ھئي: ”راتاھي لڏپلاڻ جو طرف ڏينھن جو سج جي آڌار تي قائم ڪري سگھجي ٿو؛ ۽ اوندھھ ۾ اھو طرف برقرار رکڻ لاءِ ٿوري گھڻي مدد چنڊ ۽ تارن کان پڻ ملي سگھي ٿي.“

ھيءَ اڻ چٽي راءِ ھڪ ٻئي سائنسدان، اي. جي. ايف. سئير (E.G.F Suer)، جي نظر ۾ خاطريءَ جھڙي ڪانھ آھي. ھن سائنسدان کي ننڍڙن واربلر (Warbler)، پکين جو ڏاڍو چاھھ ھو. اھي پکي وڏا وڏا مفاصلا گھڻو ڪري رات جو طي ڪندا آھن. سئير راتاھن تجربن جي سلسلي جي آزمائش ڪئي. لڏپلاڻ واري مند ۾، ھن ڪجھھ واربلر پکي پنڃرن ۾ بند ڪري، اھڙي ھنڌ رکيا، جتان کين رڳو تارن ڀريل آسمان نظر پئي آيو. راتاھي آسمان جي رڳي ھڪڙي جھلڪ ڏسي، پکي پر ڦڙڪائڻ لڳا ۽ ھرھڪ ان طرف ڏانھن منھن ڪري ويھي رھيو، جنھن طرف لڏي وڃڻ جي ھير ھيس. ۽ جڏھن ھن پيھن کي ڦيرائي کين منجھائڻ جي ڪوشش ڪئي، تھ ھو ھٺ ڪري، پنھنجي مرغوب طرف ڏانھن ڦري پئي ويٺا.

ڊاڪٽر سئير پنھنجي گھر ۾ آسمان جي شڪل جو گنبذ تيار ڪيو، جنھن ۾ تارا لڳل ھئا. ھن واربلر پکين کي انھيءَ نقلي آسمان جي ھيٺان رکيو، تھ وري پکين پنھنجي آفريڪي آکيرن ۾ وڃي سيارو گذارڻ لاءِ، صحيح جاءِ ورتي. ۽ جڏھن اھو گنبذ اھڙيءَ طرح ڦيرايو ويو جو تارا غلط ھنڌ تي وڃي بيٺا، تھ پکين پڻ پنھنجي طرف ۾ انھيءَ پٽاندڙ ڦيرڦار ڪئي.

ڊاڪٽر سئير جي اڀياس جي انداز ۾ سائنس سان گڏ شاعري بھ آھي.

جڏھن مند ايندي آھي، تڏھن ھو چوي ٿو تھ ”پتڪڙو واربلر پکي، جنھن جي تور اڌ آنو بھ مس ٿيندي، ھڪڙيءَ رات ۾ پنھنجي ڊگھيءَ ۽ ويساھھ ۾ نھ ايندڙ مسافريءَ تي اسھندو آھي. اڻ سکيل، اڻ ڄاتل، اڪيلوئي اڪيلو، ولر جي گڏيل حفاظت کان ڌار، بنا ڪنھن غلطيءَ جي پر ھڻندو، آفريڪا ۾ پنھنجي ڏورانھين ماڳ تي وڃي رسندو آھي. ۽ ھن کي اِھا واٽ آسمان ۾ چمڪندڙ تارا ڏيکاريندا آھن.“

ڊاڪٽر سيئر وٽ ھڪ اڇيءَ ڳچيءَ وارو واربلر پکي ھو، جنھن سان ڊاڪٽر جي ڏاڍي دل ھئي. ان پکيءَ جو نالو ”جاني“ ھو. واربلر پکيءَ جي انھيءَ نسل جو سياري وارو گھر، وچ آفريڪا ۾ آھي. اوڏانھن وڃڻ لاءِ اھي پکي جرمنيءَ کان ڏکڻ- اوڀر ڏانھن وڃي، بلقان رياستون (وچ يورپ) اڪري، پنھنجو رخ ڏکڻ ڏانھن رکندا آھن؛ ۽ نيل نديءَ جي ڪناري سان اڏامندا وچ آفريڪا وڃي پھچندا آھن. جانيءَ کي انھيءَ رستي جي ڪا ڄاڻ ڪانھ ھئي، ڇو تھ ھو ڄائو نپنو ئي پڃري ۾ ھو. جڏھن لڏپلاڻ جي مند آئي تھ کيس ان ساڳئي اڀياس گھر ۾ رکيو ويو، جنھن ۾ تارن ڀريل آسمان جي شڪل جو ڦرندڙ گھرندڙ گنبذ ھو. اڀياس گھر ۾ جانيءَ کي پھريائين جرمنيءَ جو آسمان ڏيکاريو ويو. جاني اڏامڻ لاءِ ڏکڻ اوڀر ڏانھن منھن ڪري ويٺو، ۽ جڏھن اڀياس گھر جو گنبذ سندس نسل جي لنگھھ پٽاندڙ ڦيرايو ويو تھ جاني درجي بدرجي پنھنجو منھن ڏکڻ ڏانھن ڪندو ويو، اتان جو نيل نديءَ جي علائقي ۾ ھن جو رخ ڏکڻ ڏانھن ھو! جانيءَ جي مدد سان ڊاڪٽر سئير اھا ڳالھھ يقين جي حد تائين پھچائي ڇڏي آھي تھ واربلر پکي پنھنجي واٽ، تارن توڙي سج جي آڌار تي لھي سگھن ٿا.

مندائتن پکين کي واٽ لھڻ ۾ تڪليف ۽ مونجھارو تڏھن ٿيندو آھي، جڏھن ڪوھيڙو يا ڪارونڀار ڪڪر سج يا تارن کي بلڪل لڪائي ڇڏيندا آھن. اھڙيءَ حالت ۾ ھو بيوسيءَ وچان چؤطرف ڦيريون پائڻ لڳندا آھن؛ ۽ ڪڏھن روشنيءَ جي منارن ڏانھن گھلجي ويندا آھن.

پکين ۾ واٽ لھڻ جي جيڪا سونجھھ آھي، سا نھايت منجھيل ۽ مڪمل آھي. کين ھيءَ ڏات ورثي ۾ ڪيئن ملندي آھي، سا ڳالھھ اڄ ڏينھن سوڌو ھڪ راز آھي. پروفيسر مئٿيوز جي لفظن ۾: اھا ڳالھھ ”حياتي جي علم جو ھڪ نھايت منجھيل ۽ ڳرو اسرار آھي.“ سائنس جي اِن شاخ ۾ اڀياس ۽ تجربن جو سلسلو اڃا شروع ئي ھينئر ٿيو آھي، سو نااميد ٿيڻ جي ڪا ضرورت ڪانھي.

ڊاڪٽر سئير پنھنجي تارن ڀريل گنبذ واري اڀياس گھر مان، تارن جا جھڳٽا ھڪ ھڪ ڪري گھٽائي، انھيءَ معلوم ڪرڻ جو ارادو ڪيو آھي تھ واربلر پکيءَ جي راتاھي لڏپلاڻ لاءِ ڪھڙا تارا ضروري آھن. ٿي سگھي ٿو تھ اھو رڳو قطب تارو ھجي!

ڪجھھ بھ ھجي؛ جيڪي سائنسدان پکين جي واٽ لھڻ واري مسئلي جو اڀياس ڪري رھيا آھن، سي ھن بنيادي حقيقت بابت متفق آھن تھ ”ھرھڪ مندائتي پکيءَ جي جيتامڙي دماغ ۾ ڪو اھڙو اوزار رکيل آھي جو آسمان تي ايندڙ ويندڙ روشنين سان ڪھڙيءَ بھ حالت ۾ اٽڪايو وڃي تھ ھو ماندو ڪونھ ٿيندو ۽ پاڻ کي ھن ڌرتيءَ مٿان اوپرو محسوس نھ ڪندو- کڻي ھو دنيا جي ڪنھن بھ اڻ ڄاتل حصي ۾ ڇو نھ ھجي!“ انسان ڀل ڪيتريون بھ کڻي ايجادون ڪري، تڏھن بھ ھو انھيءَ درجي تي رسي ڪونھ سگھندو!

فضل الرحيم سومرو

(ايم.بي.بي. ايس.)

 

وائي سور تپ

 

(Rheumatic fever) بيماريءَ کي عام طور ”سنڌن جو سور“ چئبو آھي. ھيءُ مرض گھڻو ڪري پنجن ۽ پندرھن سالن جي عمر جي وچ ۾ شروع ٿئي ٿو. ھن ۾ مريض کي ڪڏھن تھ بار بار تپ ايندو آھي، ۽ ڪڏھن تھ ھڪ دفعو اچي وري ڇڏي ويندو آھي.

ھن مرض جي ڪيترن بيمار ماڻھن ۾ ھيءُ تپ نامعلوم حالت ۾ رھي ٿو، ۽ بيمار ڪا خاص علامت نٿا ٻڌائي سگھن. اھڙيءَ صورت ۾ تپ پنھنجا اثر ڏيکارڻ شروع ڪري ٿو، جي جسم جي مختلف ڀاڱن ۾ وقت بوقت ظاھر ٿيندا رھن ٿا؛ خاص ڪري دل جي پردن تي ان جو اثر تمام خطرناڪ ثابت ٿئي ٿو.

مرض جا اصلي ڪارڻ:

ھن بيماريءَ جو اصلي ڪارڻ يقيني طور معلوم نھ ٿي سگھيو آھي، پر تنھن ھوندي بھ ڪيترين ثابتين سان ھڪ خاص قسم جي جيوڙي کي، ھن بيماريءَ جو ڪارڻ سمجھيو ويو آھي. انھيءَ کان سواءِ، ٻيون بھ ڪي اھڙيون حالتون آھن، جن کي بنيادي سبب ڄاتو وڃي ٿو:

١. آب ھوا: جيڪڏھن آب ھوا گھميل ۽ سرد آھي، تھ ان حالت ۾ ھن بيماريءَ جو ٿيڻ يقيني ڳالھھ آھي.

٢. موروثي اثر: ھيءَ بيماري پشتان پشت بھ ٿي سگھي ٿي. جيڪڏھن ڪنھن خاندان جي فرد ۾ ھيءَ بيماري آھي، تھ پوءِ اولاد تي ان جو اثر ظاھر ٿي سگھي ٿو.

٣. موسم: گھڻو ڪري ھيءَ بيماري سرءُ يا بھار جي مند ۾ ٿئي ٿي.

٤. گھرو حالتون: ھيءَ بيماري گھڻو ڪري غريبن ۽ جسماني طور ڪمزور ماڻھن ۾ جام ٿئي ٿي. انھيءَ ڪري جو سوڙھين جاين ۾ رھندڙ ماڻھن کي پوري پني ھوا، روشنائي ۽ صفائي نصيب نھ آھي. سوڙھي گھر ۾ رھندڙ ڀاتي ھن بيماريءَ ۾ جلد ڦاسي سگھن ٿا.

انھيءَ کان سواءِ، ھيءَ بيماري ساھھ کڻڻ وارن مٿين عضون مان ڪنھن ۾ بھ روڳ پيدا ٿيڻ ڪري ٿئي ٿي؛ مثلا: گلي جي سوڄ يا ڪلين پوڻ ڪري، وائي سور- تپ پيدا ڪندڙ جيوڙا جنم وٺن ٿا، ۽ پوءِ اھي بدن ۾ گھڙي، روڳ پيدا ڪن ٿا.

ساھھ کڻڻ وارن عضون مان ڪنھن بھ ھڪ ۾ روڳ پيدا ٿيو، تھ ھيءَ بيماري جسم جي ھيٺين ڀاڱن تي حملو ڪرڻ ۾ ڪابھ دير نھ ڪندي: مثلا سنڌ؛ مشڪون؛ دل جا پردا؛ ۽ رت جون شريانيون.

بيماريءَ جون علامتون:

حملي ڪرڻ وقت پھريائين ھيءَ بيماري بدن جي ھڪ سنڌ يا گھڻن سنڌن ۾ سور ۽ سوڄِ سان شروعات ڪندي آھي ۽ ان سان گڏ تپ ۽ پگھر پڻ نڪرڻ شروع ٿئي ٿو، ۽ دل بھ تڪڙي تڪڙي دڪ دڪ ڪرڻ لڳي ٿي. ٻيءَ حالت ۾ ھيءَ بيماري آھستي ظاھر ٿئي ٿي، جنھن سببان بدن ۾ سستي ۽ ٿڪ جون علامتون ظاھر ٿيڻ لڳن ٿيون، ۽ بدن جو وزن بھ گھٽبو وڃي ٿو.

يڪدم شروع ٿيندڙ بيماريءَ جي حالت ۾ تپ ھميشھ ڏسڻ ۾ ايندو آھي؛ اھڙو تپ خاص دوا جي پيارڻ ڪري لھي وڃي ٿو، ۽ ساڳي وقت تپ سان گڏ ٻيون علامتون بھ ظاھر ٿين ٿيون؛ جيئن تھ گھٽ بک لڳڻ، قبضي، پيشاب ۾ خرابي، ۽ زبان تي اڇي تھھ جو چڙھڻ.

دل جي تڪڙي دڪ دڪ:

ھن علامت جو تپ سان ڪو خاص لاڳاپو ڪونھي. ھيءَ علامت پنھنجي نموني ۾ ظاھر ٿئي ٿي، ۽ تپ جي لھي وڃڻ کان پوءِ بھ موجود رھي سگھي ٿي.

سنڌن جي سوڄ:

ھي علامت بالغن ۾ تمام ظاھر ظھور ڏسڻ ۾ ايندي آھي، ۽ گھڻو ڪري جسم جا وڏا سنڌ سڄي پوندا آھن، جيئن تھ گوڏي جو سنڌ، مري جو سنڌ، ڪلھي جو سنڌ، ۽ ڪرائيءَ جو سنڌ- مطلب تھ ڪوبھ سنڌ سڄي سگھي ٿو.

سنڌن جي سڄڻ جي خاص ڳالھھ ھيءَ آھي تھ جڏھن ڪنھن ھڪ سنڌ ۾ سوڄ ۽ سور ٿئي ٿو، تھ اھو آھستي آھستي ڇڏي وڃي ٿو، ۽ وري ٻئي سنڌ ۾ ظاھر ٿيڻ لڳي ٿو.

سوڄ جي گھڻي وڌي وڃڻ ڪري سنڌ سڄيو، ڳاڙھو ۽ گرم ٿيو پوي ۽ تمام گھڻو سور ٿئي، ۽ سنڌ ۾ روڳ وارو پاڻي بھ پيدا ٿيو پوي.

خاص قسم جون وائي ڳوڙھيون:

ھي ڳوڙھيون ننڍن ٻارن جي چمڙيءَ ۾ عام طرح ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. اھي گھڻو ڪري ٺونٺ وٽ، ھٿ جي پٺئين پاسي، گوڏن وٽ، کوپريءَ وٽ، ۽ ڪلھي جي ڦڻيءَ ۽ ڪرنگھي جي ھڏن وٽ نڪرن ٿيون. انھن ڳوڙھين جي ظاھر ٿيڻ ڪري خطرو سمجھڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تھ اھڙيءَ حالت ۾ يقيني طور دل تي اثر ٿيو ھوندو.

خاص ڦرڙيون:

ھن بيماريءَ سببان چمڙيءَ ۾ خاص قسم جون ڳاڙھيون ڦرڙيون نڪرن ٿيون. اھي ڇاتيءَ ۽ دڏ تي ظاھر ٿين ٿيون. اھي ڦرڙيون يڪدم نڪري، گم ٿيو وڃن، ۽ اھڙيءَ ريت نڪرنديون ۽ گم ٿينديون رھنديون آھن.

بچاءَ جا اپاءَ:

ھن بيماريءَ ۾ بچاءَ جو مسئلو تمام وڏو آھي؛ بچاءَ لاءِ گھرو ۽ مالي حالتن کي بھتر بنائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي. ڇاڪاڻ تھ ھن تپ جو ڪو خاص علاج ڪونھي. پر جيڪڏھن جوڳا اپاءُ ورتا وڃن تھ ڪافي حد تائين ھيءَ بيماري ٽاري سگھجي ٿي. جيڪڏھن ڪا ٿوري غفلت ٿي ۽ روڳ پيدا ٿيڻ ڪري دل تي ھڪ ڀيرو خراب اثر ظاھر ٿي پيو، تھ پوءِ ان نقصان جو پورائو ڪنھن بھ علاج وسيلي نٿو ٿي سگھي. اھڙو بيمار، ڪنھن بھ وقت موت جو شڪار بنجي سگھي ٿو.

تنھنڪري ھن بيماريءَ کان بچڻ جا اپاءَ يڪدم وٺڻ گھرجن.

علاج:

ھن تپ جو ڪو خاص علاج ڪونھي. ان ھوندي بھ جيڪڏھن ھيٺيان اپاءَ ورتا ويا تھ بيماريءَ جي اثر کي ختم ڪري سگھجي ٿو:

آرام: بيمار کي پورو آرام ملڻ گھرجي. جنھن وقت بيماري شروع ٿئي، ان وقت ڪم ڪار کي ھٿ لائڻ نھ ڏجي. جيستائين علامتون ختم ٿيڻ لڳن، تيستائين آرام تمام ضروري آھي.

رت جي تپاس:

رت جي تپاس ڪرائڻ مان بيماريءَ جي وڌڻ يا گھٽجڻ جي معلومات وٺڻ گھرجي، ۽ بيمار کي ھروقت دلاسو ڏيڻ ضروري آھي.

ھيٺين ڳالھين ڏي خاص ڌيان رکڻ کپي:

(الف): ننڊ جو خيال رکڻ تھ جيئن بيمار ننڊ ڪري ٿو يا نھ.

(ب): ماني کارائڻ، بک نھ لڳڻ جي صورت ۾ جوڳا اپاءَ وٺڻ.

(ج): سٺو طاقت وڌائيندڙ کاڌو ڏيڻ.

(د): پگھر وارا ڪپڙا لاھي، صاف ڪپڙا پارائڻ.

(ھھ): صاف پاڻي پيارڻ، يا رس وغيرھ ڏيڻ.

(و): آرام واري ھنڌ تي سمھارڻ.

(ز): سڄيل سنڌن کي سولي نموني ۾ رکڻ.

(ح): خاص دوائون سنڌن جي سور ۽ سوڄ لاءِ استعمال ڪرڻ.

ھن خاص سنڀال کان سواءِ، ڪي اھڙيون دوائون بھ آھن جي بيماريءَ جي علامتن کي روڪڻ ۽ ختم ڪرڻ لاءِ فائدي واريون آھن. انھيءَ لاءِ ڪنھن ماھر ڊاڪٽر کي ڏيکاري، کانئس علاج ڪرائڻ گھرجي. دوائون ھيٺين علامتن کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪنديون:

تپ، سنڌن جو سور ۽ سوڄ، دل تي پيدا ٿيل اثر، ڪلين جي سوڄ ۽ گلي جي روڳ کي روڪڻ.

ھيءَ ڳالھھ ڌيان ۾ رکڻ گھرجي تھ ھن تپ کان بچڻ جو فقط ھڪ ئي رستو آھي. اھو ھيءُ آھي تھ مٿي ڄاڻايل جوڳا اپاءَ وٺڻ گھرجن، ۽ اھڙين حالتن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي، جيڪي ھن بيماريءَ جو ڪارڻ آھن. اھڙيءَ ريت ھن بيماريءَ جي حملي کان پاڻ بچائي سگھبو، ۽ تندرست حياتي پڻ گذاري سگھبي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com