سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 2

باب: --

صفحو :7

شاهه جي رسالي مان

 

”وائي“ سُر مارئيءَ منجهان

 

کَٿِيءَ منجهه کٽيائين، مارُو ڄامُ مَليرَ جو.

پَرچِي پَهنوارَنِ سين لوئِي ڏيجُ لَڌائين،

مارُو ڄامُ مَليرَ جو.

سِيلُ نِباهي سومرا، پَنهِنجو پِي پُڇيائين،

مارُو ڄامُ مَليرَ جو.

جهُوپو جهانگيڙَن جو، ماڙِيءَ سان نه مَٽيائين،

مارُو ڄامُ مَليرَ جو.

سڱر ساهيڙين سين، کاٽونبا کاڌائين،

مارُو ڄامُ مَليرَ جو.

ماروءَ پاسِ ملير ۾، چسا سَڀُ چکيائين،

مارُو ڄامُ مَليرَ جو.

اتي عبداللطيف چئي، شرم رکين ربّ سائين!

مارُو ڄامُ مَليرَ جو.

 

سچ

سچ سڃاتو جن، سي ڪوهه ڪريندا ڪوڙ کي،

مورت محبوبن جي، سڀ صورت منجهه ڏسن،

اَٺئي پهر عجيب سان، ملي مؤجان ڪن،

مَنجهي راڄ رهن، ڪيول[1] ڪنول جان سدا.

 

سچ سڃاتو جن، سي ڪوهه ڪريندا ڪوڙ کي،

مرگهه ترشنا[2] جي جَل ۾، سامي ڪين وَهن.

رَتا رنگ رهن، سامي سپرين جي.

 

ڏٺي جن چکي، سامي سُرڪي سچ جي،

اَوديا پنـڊ [3] مٿي تؤن، لاهي تن رکي،

لُنءَ لُنءَ منجهه لَکي، سَتا[4] سڀ ساکيءَ[5] جي.

 

سچ سي سڃاڻن، جن کي سچ سَل[6] ڪيا،

پاڻُ ڏٺائون پاڻَ ۾، نرکي [7] نماڻن،

مورک ڇا ڄاڻن، دردوندن جي دم کي!

ــــ  سامي


 

(آکاڻي)

ٻارن جي قديم رسالي ڦلواڙي تان ورتل.

 

سِرڻ ۽ باز

 

هڪ ٻڍو آدمي پنهنجي زال ۽ پٽ سميت جهنگل ۾ هڪ جهوپڙيءَ ۾ رهندو هو. جيتوڻيڪ هو تمام پوڙهو ٿي ويو هو ته به پنهنجو ڪم ڪار چڱيءَ طرح ڪندو هو ۽ ايترو ڪمائيندو هو جو پاڻ ۽ سندس ٻار ٻچا چڱيءَ طرح گذران ڪري سگهندا هئا.

اتفاق سان هڪ ڀيري سخت بيمار ٿي پيو ۽ سندس حالت اهڙي بگڙي ويئي، جو هن سمجهيو ته هاڻي هن بيماريءَ مان بچڻ ڪونهي، هن پنهنجي زال کي چيو ته ”پٽ کي سڏ ڪري وٺ ته مون کي جيڪي سمجهائڻو ۽ چوَڻو آکڻو آهي، سو کيس چئي ڪري وڃان.“

سندس پٽ ان وقت ڪنهن ويجهي ڳوٺ ۾ گهر جي ڪم هاج سان ويو هو. موٽڻ تي هو واپس اچي پيءُ وٽ حاضر ٿيو. پڻس کيس پاسي ۾ ويهاري چيو، ”منهنجا پيارا ٻچا، منهنجي مرڻ جو وقت اچي پهتو آهي. مون وٽ ڪو مال ملڪيت ڪونهي جو توکي ڏيئي وڃان. مون وٽ فقط ٻه شيون آهن جي توکي ڏيئي ٿو وڃان. هڪ باز، ٻي ٻلي. جيڪڏهن تون انهن کان چڱيءَ طرح ڪم وٺندين ته توکي ڌڻيءَ جي رحم سان پيٽ قوت جي ڪڏهن به تڪليف ڪانه رهندي. ٻچا، جهڙيءَ طرح تو منهنجو چيو پئي مڃيو آهي، اهڙيءَ طرح ماءُ جو به چيو مڃيندو رهج ۽ سندس عزت ڪندو رهج. چڱو، هينئر آسرو ڌڻيءَ جو!“ ائين چئي، ٻڍي پنهنجو منهن ڀت طرف ڦيرايو ۽ هن دنيا مان موڪلائي ويو.

ٿورن ڏينهن کان پوءِ ڇوڪرو، ٻلي ۽ باز کي کڻي، جهنگل طرف روانو ٿيو. جهنگل ۾ هڪ ڍنڍ هئي ان جي ڪناري تي هڪ وڻ تي پکي ويٺا هئا. ڇوڪري باز کي پکين کي پڪڙڻ لاءِ اشارو ڪيو ۽ باز جهٽ ۾ ڦيرو ڏيئي، ٻه- چار پکي ڦاسائي اچي نڪتو. ڇوڪرو اهي پکي پنهنجي ڳوٿريءَ ۾ وجهي، گهر ڏانهن روانو ٿيو. رستي ۾ هڪ ٺڳ گڏيس. جنهن کيس چيو ته ”اي نوجوان، تون ڏاڍو چڱو آهين ۽ تون پنهنجي پيءُ جو نالو ڪڍندين. مهرباني ڪري تون مون سان ڍنڍ تائن هل ۽ ڪوبه فڪر نه ڪر. منهنجو هڪ ٿورو ڪم آهي جو توکان ئي ٿي سگهندو.“

هو ٿوري ئي وقت ۾ اچي ڍنڍ وٽ پهتا. ٺڳ کيس چيو ته ”تون اکيون بند ڪري هن ڍنڍ ۾ گهڙ. توکي ائين معلوم ٿيندو ڄڻ ته تون ٻڏين ٿو؛ مگر تون ڪجهه به خيال ڪين ڪج. ٿوري وقت ۾ تون ڍنڍ جي تري تائين پهچي ويندين؛ اتي توکي چاندي، سون ۽ قيمتي جواهرن جا وڏا ڍڳ ڏسڻ ۾ ايندا. پوءِ جيترو مال تون کڻي سگهين اوترو کڻي اچج، ته اسين ٻيئي پاڻ ۾ ورهائي کڻنداسين.“

نوجوان اول ته گهٻرائجي ويو، پر پوءِ ٺڳ کيس دم دلاسو ڏنو ته تون ڪوبه ڊپ ڪين ڪر، تڏهن هو ڍنڍ ۾ گهڙيو ۽ آهستي آهستي ويو اندر تَر ڏانهن هلندو. ٿوري دير ۾ سندس پير تري کي وڃي لڳا. ڇا ڏسي ته سون جا ڍير لڳا پيا آهن، انهن جي وچ ۾ هڪ هيري وانگي چمڪندڙ اڇو پٿر رکيو آهي، ۽ ان جي مٿان ڪي عجيب نشان لڳا پيا آهن. نوجوان وڃي اهو پٿر کنيو ۽ غور سان ڏسڻ لڳو ته هيءَ ڪهڙي شيءِ آهي! ايتري ۾ پٿر چيو، ”اي نوجوان، جيڪڏهن تون مون کي پاڻ وٽ رکندين ته تنهنجون سڀ خواهشون پوريون ٿينديون رهنديون. تون مون کي پنهنجي ٽوپيءَ ۾ لڪائي ڇڏ. ٻاهر جيڪو تنهنجو ساٿي آهي سو ٺڳ آهي، ان کي رڙ ڪري چؤ ته مان موٽي ٿو اچان. جڏهن تون ٻاهر پهچين، تڏهن کيس چئج ته مان ڍنڍ جي تري وٽ پهتس ته ايتري ۾ هيٺان ڪو آواز آيو ۽ مون ڊڄي توکي سڏ ڪيو، ۽ آءٌ خالي هٿين موٽي آيس.“

نوجوان جڏهن ٻاهر نڪتو، تڏهن سوداگر پڇيس ته ٻڌاءِ ڪيترو سون چاندي آندو اٿيئي؟“

نوجوان جواب ڏنو ته ”اتي ته اهڙيون اهڙيون شيون رکيون هيون جو مان ڏسي حيران ٿي ويس. ايتري ۾ مون کي ڪنهن جي پيرن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ۽ مان ڊڄي ٻاهر نڪري آيس.“

اهو ٻڌي ٺڳ ڪاوڙجي چيو مون ته سمجهيو هو ته تون خوب سون چاندي کڻي ايندين پر تون ته بلڪل نڪار ڇوڪرو آهين!“ ائين چئي ٺڳ روانو ٿي ويو.

جڏهن ٺڳ گهڻو پري نڪري ويو ۽ نظر کان غائب ٿي ويو تڏهن نوجوان پنهنجي ٽوپي مان پٿر ڪڍيو ۽ کيس چيو: ”اي پٿر، مون کي هڪ سهڻو اُٺ ۽ قيمتي پوشاڪ کپي.“

پٿر چيو ”تون گهڙي کن پنهنجون اکيون ٻوٽ.“

نوجوان گهڙي کن اکيون بند ڪري، وري جو پٽي ڏٺو ته ڇا ڏسي ته سامهون اُٺ بيٺو آهي ۽ ان مٿان ڏاڍا سهڻا قيمتي ڪپڙا رکيا آهن، اهو ڏسي نوجوان ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پنهنجا ڪپڙا لاهي نوان پائي اٺ تي چڙهي گهر ڏانهن روانو ٿيو.

گهر پهتو ته سندس ماءُ دروازي وٽ ويٺي هئي. هن جو ڏٺو ته ڪو وڏو ماڻهو قيمتي ڪپڙا ڪري اُٺ تي چڙهي آيو آهي سو اٿي جهڪي سلام ڪيائين- ڇوڪرو اهو ڏسي کلي ويٺو ۽ ماءُ کي چيائين، ”اما ته مون کي سڃاتو ڪونه؟ مان تنهنجو پٽ آهيان نه!“

ماڻهس پڇيو ”تو هيءُ ڪپڙا ۽ اُٺ ڪٿان آندا؟“ ڇوڪري جواب ڏنو ته ”اهي ڳالهيون پوءِ پڇج؛ پهريائين تون هڪ ڪم ڪر. بادشاهه وٽ وڃ ۽ کيس چئينس ته پنهنجي ڌيءَ جي مون سان شادي ڪري.“

ماءُ اهو ٻڌي حيران ٿي ويئي. سمجهيائين ته شايد ڇوڪري جو مغز ڦري ويو آهي. ڇوڪرو، ماءُ جو منهن ڏسي سمجهي ويو ۽ چيائين ”اما، مان چريو ڪين ٿيو آهيان، تون ڪوبه خيال نه ڪر، جيئن چيومانءِ تيئن وڃي ڪر. جيڪڏهن بادشاهه ڪوئي شرط وجهي ته اهو قبول ڪري اچج، مان ڪنهن نه ڪنهن نموني اهو شرط پورو ڪندس.“

جڏهن ڇوڪري، ماءُ کي پٿر هٿ اچڻ جي سموري ڳالهه ڪري ٻڌائي، تڏهن کيس تسليٰ ٿي ۽ هوءَ بادشاهه جي محل ۾ ويئي جتي درٻار ٿيندي هئي اتي وڃي پهتي.

جڏهن درٻار مان سڀ آدمي روانا ٿيا ۽ بادشاهه ۽ سندس وزير باقي بچيا تڏهن مائي بادشاهه جي ويجهو آئي ۽ چوڻ لڳي: ”بادشاهه سلامت منهنجو پٽ اوهان جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ ٿو چاهي.“

بادشاهه سمجهيو ته ٻڍي ڪا چري ٿي ڏسجي. مگر کيس ٻڍيءَ تي رحم آيو. کيس هڪالي ته نه ڪڍيائين پر کيس چيائين ته ”پنهنجي پٽ کي چئج ته جيڪڏهن منهنجي ڌيءَ سان شادي ڪرڻ ٿو چاهين ته پهريائين برف جو اهڙو محلات ٺهراءِ، جنهن جي چوڌاري باهه ٻرندي هجي ۽ جنهن ۾ دنيا جا تمام سهڻا ۽ سٺا پکي هجن.“

مائي سلام ڪري چيو: ”حضور اهو سڀڪجهه ٿي سگهندو.“

پوءِ درٻار مان نڪري آئي. محلات جي ٻاهران سندس پٽ ساڳيا اڳيان ڪپڙا پائي بيٺو هو. ماڻس کيس نڪرندي ئي بادشاهه جو شرط ٻڌايو. ڇوڪري چيو ”اها ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي مون سمجهيو ته بادشاهه ڪو وڏو باري شرط وجهندو!“ ائين چئي ڇوڪرو اڪيلو جهنگل طرف روانو ٿيو ۽ پنهنجي ٽوپيءَ مان پٿر ڪڍي چيائين ته ”اي پٿر، مون کي برف جي هڪ محلات جي ضرورت آهي، جنهن جي چوڌاري باهه ٻرندڙ هجي ۽ منجهس تمام سهڻا مٺين ٻولين وارا پکي هجن.“

پٿر چيو تون گهڙي کن اکيون بند ڪر.

نوجوان اکيون بند ڪيون. ٿوري وقت کان پوءِ اکيون کولي ڇا ڏسي ته سامهون هڪ سهڻو محلات بيٺو آهي. اهو ڏسي نوجوان گد گد ٿيندو گهر آيو.

ٻئي ڏينهن بادشاهه پنهنجي محلات جي کڏ تي چڙهيو ته سامهون کيس برف جو محلات نظر آيو. بادشاهه کي يڪدم خيال آيو ته هيءُ ان ٻڍيءَ جي پٽ جو ڪم آهي ۽ هن کي ضرور ڪو جادو آهي جو هڪ رات جي اندر برف جو محلات تيار ڪرائي ڇڏيائين.

بادشاهه جڏهن درٻار ۾ آيو تڏهن ٻڍي اڳيئي حاضر هئي. بادشاهه کي اچڻ سان چيائين ”بادشاهه سلامت، محلات تيار آهي هينئر اوهين پنهنجو انجام پورو ڪريو.“

بادشاهه جواب ڏنو ته مون اهو محلات ڏٺو آهي ۽ سڀاڻي مان پنهنجي ڌيءُ جي شادي تنهنجي پٽ سان ڪندس.

ٻئي ڏينهن بادشاهه جي ڌيءُ جي شادي ٻڍيءَ جي پٽ سان وڏي ڌام ڌوم سان ٿي گذري. نوجوان ڇوڪرو هينئر پاڻ کي شهزادو چوائڻ لڳو ۽ پنهنجي راڻيءَ سان ان برف جي محلات ۾ خوش گذارڻ لڳو.

ٿورن ڏينهن کان پوءِ هڪ ڏينهن شهزادو شڪار جي لاءِ جهنگل ڏانهن ويو. ٻليءَ ۽ باز کي به پاڻ سان وٺي ويو. هوڏانهن ساڳئي جادوگر جو ههڙو محلات ڏٺو سو سمجهائين ته هن محل جي مالڪ کي ڍنڍ وارو پٿر هٿ لڳو آهي، جو ههڙو محلات ٺهي سگهيو آهي. سو موقعو ڳولڻ لڳو ته ڪئن محلات جي اندر وڃي اهو پٿر هٿ ڪجي! نيٺ شهزادي کي شڪار تي ويندو ڏسي پرپٺ سندس محلات ۾ آيو. راڻي پڇيس ته ”ڪهڙو ڪم آهي؟“ جادوگر چيو ته ”مون ٻڌو آهي ته توکي جواهر ڏاڍو وڻندا آهن. مون تمام ڏوراهن ملڪن کان تمام سٺا ۽ قيمتي هيرا ۽ جواهر آندا آهن.“ پوءِ جواهرن جي پيتي کولي سندس اڳيان رکيائين. راڻيءَ کي جواهر ڏاڍا وڻيا، مگر بها تمام گهڻي هين. سو ان کي چيائين ته هن وقت مون کي ضرورت ڪانهي، ڪنهن ٻئي وقت اچج. جادوگر سمجهيو ته راڻي وڏي قيمت ٻڌي نٽائڻ ٿي چاهي سو چيائينس ”راڻي، تون قيمت جو ڪوبه فڪر نه ڪر. مون کي روپين جي ضرورت ڪانهي فقط هڪ ڳالهه مڃ. تنهنجي مڙس وٽ هڪ پٿر آهي جو منهنجي پتا جو هو ۽ کانئس گم ٿي ويو هو. جڏهن تنهنجو مڙس شڪار تان اچي، تڏهن اهو پٿر ڏسڻ جي بهاني کانئس وٺي رکج ۽ منهنجي اچڻ جي ڳالهه ساڻس نه ڪج. جيڪڏهن اهو پٿر مون کي ڏيندينءَ ته پوءِ مان توکي جيترا هيرا کپندا اوترا هيرا مفت ۾ ڏيندس. اهو پٿر اوهان جي ڪنهن ڪم جو ڪونهي؛ پر منهنجي پتا جي نشاني آهي، سو مان پاڻ وٽ رکڻ ٿو چاهيان.“

راڻيءَ اها ڳالهه منظور ڪئي ۽ پوءِ جادوگر روانو ٿي ويو.

شام جو جڏهن شهزادو شڪار تان موٽيو ۽ روٽي پاڻي کائي ٻئي پاڻ ۾ ڳالهيون ٻولهيون ڪرڻ لڳا. تڏهن راڻيءَ مڙس کي چيو ته ”جيڪڏهن خفي نه ٿيو ته ڪاشيءِ گهران؟“ شهزادي جواب ڏنو، ”چؤ. اها شيءِ مون وٽ هوندي ته اوس توکي ڏيندس.“ راڻيءَ چيو ”اوهان کي ياد هوندو ته هڪ ڏينهن اوهان جي پڳڙيءَ مان هڪ پٿر ڪري پيو هو ۽ مون کڻي وري پڳڙيءَ ۾ وڌو هو. اهو پٿر ڏاڍو سهڻو آهي ۽ مون کي اهو گهرجي.“

شهزاديءَ چيو ته ”اهو پٿر ڏيانءِ ٿو پر ڏسجانءِ ان جي پٺيان هڪ جادوگر آهي مٿان ان کي ڏيئي ڇڏين!“ راڻيءَ چيو ”اوهين ڪو خيال نه ڪريو مان ڪنهن کي ڪين ڏينديس.“

ٻئي ڏينهن وري شهزادو شڪار تي ويو ۽ ٻنهي جانورن کي ساڻ وٺي ويو شهزادو اڃا نڪتوئي مس ته جادوگر اچي محلات ۾ پهتو ۽ راڻيءَ کي چيائين ته ”اُهو پٿر مڙس کان هٿ ڪري رکيئه يا نه؟ جيڪڏهن هائو، ته مون کي ڏي. هتان جيڪي هيرا وڻنئي سي کڻ.“

جواهرن جي لالچ ۾ راڻي کان انجام وسري ويو ۽ جھٽ پٿر کڻي ٺڳ کي ڏنائين ۽ پيتيءَ مان دل پسند هيرا چونڊي کنيائين. پوءِ جادوگر اُهو پٿر کڻي روانو ٿي ويو.

جادوگر جي وڃڻ بعد ٿوري وقت کان پوءِ هڪ ڳالهه ٿي. محل جي باهه تکي ٿيندي ويئي ۽ برف جو محل پگهرڻ لڳو. ڪمرا پاڻيءَ سان ڀربا ويا. اهو ڏسي راڻي ڏاڍو گهٻرائي پاڻي ويو وڌندو. راڻي اهو حال ڏسي رڙيون ڪرڻ لڳي ڏاڍيءَ مشڪلات سان ٻاهر نڪتي.

اتفاق سان ان وقت شهزادو به شڪار تان واپس آيو. راڻي کي ٻاهر بيٺو ڏسي چيائين ”ڪهڙو سبب آهي جو ايترو ڏڪي رهين آهين؟“ راڻيءَ جواب ڏنو ته ”محلات پگهرجي رهيو آهي ۽ ڪمرا پاڻيءَ سان ڀرجي ويا آهن!“

شهزادي چيو ”منهنجو پٿر ڪٿي آهي؟“ راڻي ڏاڍي ڊني، پر پوءِ سچي ڳالهه ڪري ٻڌايائين.

شهزادو حيران ٿي ويو ته هينئر ڇا ڪجي ۽ ڪيئن وري اهو پٿر هٿ ڪجي. پوءِ پاڻ ۽ نوڪر چاڪر سڀ بادشاهه جي محلات ڏانهن هليا ويا. شهزادو راڻيءَ کي بادشاهه جي محل وٽ پهچائي آيو ۽ راڻيءَ کي چيائين ته ”تو پٿر ڏيئي مون کي تباهه ڪري ڇڏيو، هينئر مان وڃي پنهنجي قسمت آزمائيندس.“ ائين چئي ٻليءَ ۽ باز کي ساڻ وٺي جهنگل طرف روانو ٿيو.

جهنگل ۾ شهزادو هرهڪ واٽهڙو کان ان جادوگر لاءِ پڇندو رهيو ته اوهان ته کيس رستي ۾ ويندو ڪونه ڏٺو، پر جڏهن کيس ڪنهن وٽان به پتو ڪونه پيو تڏهن پنهنجي باز کي چيائين ”منهنجا دوست، تون ان ٺڳ جي ڳولا ڪر، جو منهنجو پٿر ٺڳيءَ سان هٿ ڪري ويو آهي. تون پتو ڪڍي آءٌ ته هڪ ڪٿي آهي.“

باز يڪدم اڏاڻو ۽ پنجن-ڇهن ڪلاڪن کان پوءِ اچي ٻڌايائين ته ”سمنڊ جي ڪناري تي هڪ محلات آهي. جادوگر ان محلات ۾ سمهيو پيو آهي.“ شهزادي ويجهي ڳوٺ مان گوشت وٺي باز کي کارايو ۽ چيو، ”دوست سڀاڻي تون وري ان محل ۾ وڃج ۽ جڏهن هو سمهي پوي تڏهن تون ڳولا ڪري اهو پٿر هٿ ڪري کڻي اچج. ان ڪم لاءِ مان توکي ٽن ڏينهن جي مهلت ڏيان ٿو.“

باز چوڻ لڳو ته ”مان ٻليءَ کي به ساڻ وٺي ويندس.“ شهزادي چيو ”چڱو ڀلي، ٻليءَ کي به وٺي وڃج.“

صبح جو سوير اٿي باز ٻليءَ کي پنهنجي مٿان وهاري ان محلات طرف اُڏاڻو نيٺ وڃي اتي پهتا.

ٻليءَ باز کي چيو ”مون کي سمجهڻ ۾ ٿو اچي ته هتي زمين جي هيٺان ڪئن جو هڪ شهر آهي. هل ته پهريائين انهن وٽ هلون، شايد ڪئن وٽان ڪجهه مدد ملي سگهي.“

هو ٻئي هيٺ ويا. اتي جو ڪئن ٻليءَ کي ڏٺو سو ڊڄي ويا. مگر انهن  ۾ هڪ بهادر ڪئو اڳتي وڌيو ۽ ٻليءَ کي چوڻ لڳو ”توهان جو ڪهڙو ڪم آهي جو هتي اچڻ جي تڪليف ورتي اٿو؟ جيڪڏهن ڪو ڪم اسان جي لائق هجي ته اسين حاضر آهيون.“ ٻليءَ چيو ”توهين خاطري ڪريو مان توهان سان دوستن وانگر ملڻ آئي آهيان. توهان کي ڪائي تڪليف ڪانه ڏيندس مون کي هڪ ضروري ڪم لاءِ ٽن چئن طاقتور ڪئن جي گهرج آهي.“

ڪئي چيو اوهين مهرباني ڪري ٻڌايو ته اوهان جو ڪهڙي قسم جو ڪم آهي ته پوءِ مان چئي سگهندس ته ڪهڙا ڪئا ان ڪم جي لائق آهن. ٻليءَ سندس شڪر گذاري ڪندي چيو ته ”ڪم فقط اهو آهي ته ٻه ٽي ڪئا هن محلات جي هيٺان سرنگهه ٺاهين. ان محلات ۾ هڪ جادوگر رهندو آهي ان وٽ ڪمري ۾ هڪ پٿر رکيل آهي جنهن تي عجيب عجيب نشان لڳل آهن. اُهو پٿر هٿ ڪري کڻي اچن.“

ڪئي جواب ڏنو ته اها ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي. اوهين ڪو فڪر نه ڪريو. اڄ ئي اهو ڪم پورو ٿي ويندو. رات ٿي ته ڪئن سرنگهه کوٽڻ شروع ڪئي ۽ ڪمري ۾ پهچي ڳولي ڳولي پٿر هٿ ڪري ٻاهر نڪري آيا. ٻلي ننڊ ۾ پيئي هئي تنهن کي جاڳائي پٿر ڏنائون. ٻليءَ ڪئن جي ڏاڍي مهرباني مڃي ۽ پٿر وات ۾ جهلي باز وٽ ويئي. باز ٻلي کي پٺيءَ تي ويهاري واپس گهر ڏانهن اڏاڻو.

سڄو ڏينهن ٻنهي جانورن ڪجهه ڪين کاڌو هو، ان ڪري کين بک اچي ڏاڍو ستايو.

ان وقت هڪ تلاءَ جي مٿان اُڏامي رهيا هئا ته باز چيو ته ”اڄ جيڪر هتي لهي پئون ۽ کائي پي آرام ڪري پوءِ اڳتي هلون.“ ٻليءَ جي وات ۾ اُهو پٿر هو سو جهڙو جواب ڏيڻ لاءِ وات کوليائين تهڙو پٿر سندس وات مان ڪري وڃي هڪ مڇيءَ جي وات ۾ پيو.

هينئر ٻلي ۽ باز ٻئي منجهي پيا ته ڇا ڪجي. آخر ٻليءَ ڇا ڪيو جو چنبن سان مٽي کوٽي تلاءُ ۾ وجهندي ويئي. تلاءُ مان هڪ مڇي ٻاهر نڪري چيو. ”اڙي ٻلي، ڇاڪاڻ تون تلاءُ جو پاڻي خراب ڪري رهي آهين“؟

ٻليءَ جواب ڏنو ته ”مان سارو تلاءُ مٽيءَ سان ڀري ڇڏيندس ۽ سڀني مڇين کي پورو ڪنديس.“

مڇيءَ چيو ”آخر ٻڌاءِ ته سهين ته اسان ڪهڙو گناهه ڪيو آهي جو تون ايترو ڪاوڙي آهين.“

ٻليءَ چيو ”هن تلاءُ جي مڇين مان هڪ مڇي اسان جو قيمتي پٿر کڻي ويئي آهي. تون جيڪڏهن اهو پٿر هٿ ڪري ڏين ته واه، نه ته پنهنجو خير نه ڄاڻو“.

مڇيءَ جواب ڏنو ته ”اوهين ذرا صبر ڪريو مان اجهو ٿي پڇي اچان ته اهو پٿر ڪنهن وٽ آهي.“ مڇيءَ اچي ساري ڳالهه ٻين کي ٻڌائي. آخر جنهن مڇيءَ جي وات ۾ پٿر اچي يو هو سا ٻاهر نڪري آئي، پٿر اوڳاري اچي ٻليءَ اڳيان رکيائين ۽ چيائين ته ”مون هي پٿر ڪو ٿورو ئي چورايو هو. مان تلاءَ جي ڪناري تي ويٺي هيس ته مٿان اچي ۽ وات ۾ پيو مون کي ڪهڙي خبر ته توهان جو هو، نه ته مان جيڪر ان وقت ئي اتي ئي ڦٽو ڪري وڃان ها.“

ٻلي پٿر وٺي مڇين جي سڪرادائي ڪئي ۽ پوءِ هيڏانهن هوڏانهن ڦِري ڪجهه شڪار هٿ ڪري پيٽ ڀري کائي پي ڍؤ ڪيائين. باز وري ٻليءَ کي پٺيءَ تي وهاري اڏاڻو. ٻن ٽن ڪلاڪن ۾ اچي مالڪ وٽ پهتا. شهزادو پٿر ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پنهنجن جانورن کي ڏاڍو پيار ڪيائين. شهزادي پوءِ اڳي کان به وڌيڪ سهڻو محلات تيار ڪرايو ۽ راڻي سان گڏ ان ۾ گذارڻ لڳو. ان کان پوءِ ٻئي زال مڙس پٿر جي ڏاڍي سنڀال ڪرڻ لڳا.

اهو جادوگر جڏهن جاڳيو تڏهن پٿر گم ڏسي، ڪاوڙ ۾ اچي، پٿرن سان مٿو هڻي پاڻ ماري ڇڏيائين.

جڏهن ان ملڪ جو بادشاهه مري ويو تڏهن شهزادو سندس گاديءَ تي ويٺو ۽ ٻئي زال مڙس ڏاڍي مزي ۾ وقت گذارڻ لڳا.


[1] . ڪيول- نرالا.

[2] . مرگهه ترشنا- رڃ.

[3] . اَوديا پنڊ- اڻڄاڻائيءَ جي ڀري.

[4] . سَتا- طاقت.

[5] . ساکي- ڏسندڙ.

[6] . سل- سوراخ.

[7] . نرکي- نهاري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com