سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 1

باب: --

صفحو :10

ادارو

 

کل ڀوڳ

 

هڪ دفعي هڪ مسخري حجام کان وارَ لهرائيندي، چرچي ۾ پڇيو، "تو ڪڏهن گڏهه جا وارَ لاٿا آهن؟"

حجام جواب ڏنس، "نه، اڄ پهريون دفعو آهي."

* * *

 

هوٽل ۾ ڏاڍي رش هئي. هڪ شخص تڪڙو تڪڙو آيو ۽ بيري کي جلدي چانهه جو ڪوپ آڻڻ لاءِ چيائين. چانهه پي هو ڪوپ جي ڀرسان چار آنا رکي هليو ويو. بيرو آيو. چار آنا کڻي کيسي ۾ وڌائين ۽ ڀرسان بيٺل ٻئي بيري کي چيائين، "ڪهڙا نه عجيب ماڻهو آهن، ٽِپِ (خرچيءَ) جا چار آنا ڇڏي ويو، پر چانهه جا پئسا ڏنائين ئي ڪونه."

* * *

 

ڪنهن اخبار جي ايڊيٽر پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو، "هن شهر جا اڌ ماڻهو بيوقوف آهن". ٻئي ڏينهن شهر جا معتبر ماڻهو وٽس ويا ۽ سندس مضمون تي ناراضگيءَ جو اظهار ڪيائون.

ايڊيٽر ٻئي ڏينهن اخبار ۾ پنهنجي مضمون جي هيئن ترديد ڪئي، "هن شهر جا اڌ ماڻهو بيوقوف نه آهن."

* * *

 

هڪ شخص گهڻو ڪوڙ ڳالهائيند هو. ڪنهن چيس، "ميان، حياتيءَ ۾ گهڻا دفعا ڪوڙ ڳالهايو اٿيئي؟"

جواب ڏنائين، "ٽي دفعا، هڪ دفعي جڏهن ننڍو ٻار هئس. ٻيو دفعو جڏهن شادي ڪيم، ۽ ٽيون دفعو اجهو هاڻي ڪوڙ پيو ڳالهايان."

* * *

 

هڪ ڇوڪر کي صبح جو سويل ريل گاڏيءَ رستي پنهنجي ڳوٺان اسڪول وڃڻو هو. ماءُ کي چيائين ته "منهنجو سوٽ ڊگهو ٿي پيو آهي، سو ان کي ٿورو ڪٽي، ڇوٽو ڪري ڏي." ماڻس گهر ۾ ٻين سڀني ڀاتين کي چئي ڇڏيو ته جيڪو صبح سڀ کان اول ننڊ مان اٿي، سو اهو ڪم ڪري ڇڏي.

ڇوڪر جي وڏيءَ ڀيڻ سوچيو ته متان صبح سان ڪم ۾ ڪنهن کي اها ڳالهه ياد ئي نه رهي، سو سمهڻ کان اڳ پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ ويهي سوٽ کي ڪٽي ننڍو ڪري سبيائين، ۽ پوءِ وڃي ستي.

اتفاق سان اڌ رات جو ڇوڪر جي ماءُ جي اک کلي. دل ۾ سوچيائين ته متان صبح جو دير ٿي وڃي، سو اوڏي مهل ئي سوٽ کي ڪَٽي ننڍو ڪري سبيائين ۽ پوءِ وڃي سمهي رهي.

صبح جو سويل ڇوڪر جي ننڍي ڀيڻ ٻين کان ان ننڊ مان اٿي. ماڻس جيڪي رات جو چيو هو، سو ياد هئس. اٿڻ سان سوٽ کڻي، ان کي ڪَٽي ننڍو ڪري وڃي سبيائين ۽ اهو ڪم لاهي، پوءِ وڃي ٻئي ڪم سان لڳي.

ٿوريءَ دير کان پوءِ ڇوڪر اٿيو ۽ وهنجي جڏهن لٽا پائڻ بيٺو، ته ڏسي سوٽ جي بدران چڍي رکي آهي.

* * *

 

هڪ ڪنجوس شخص کي هڪ ڀيري لاٽريءَ ۾ ڏهه هزار رپيا مليا. اهو ٻڌي سندس دوست اچي گڏ ٿيا ۽ کيس چوڻ لڳا ته توکي مفت ۾ ڏهه هزار رپيا هٿ آيا آهن، تنهن ڪري تون انهيءَ خوشيءَ ۾ اسان سڀني جي دعوت ڪر.

ڪنجوس شخص چيو، "هائو، دعوت ته مان اوهان جي ڪندس، پر اوهان ائين نه سمجهو ته مون کي ڏهه هزار رپيا ائين ئي مليا آهن. اهو ڪيئن ٿا وساريو ته مون لاٽريءَ جي ٽڪيٽ تي پنج رپيا خرچ ڪيا هئا."

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com