سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 4

باب: --

صفحو :10

 

پڙهندڙن جا خط

 

پيارا ڀاءُ، خوش هجو!

گهڻيءَ آس ۽ انتظار کان پو”، مٺڙو رسالو "گل ڦل" مليو. اولن ته مون کي اعتبار ئي ڪونه ٿي آيو. مگر جڏهن ادا مون کي ٻڌايو ته "بابُو، تنهنجو رسالو آءٌ اڄ مارڪيٽ ۾ ڏسي آيو آهيان"، ته آءٌ خوشيءَ مان ڪپڙن ۾ ڦوليو نٿي سمايس.

ادا، رسالي پڙهڻ کانپوءِ، آءٌ ڀيڻ صفيه سلطانا جي پيش ڪيل تجويزن جي تائيد ڪريان ٿو. مون کي نهايت خوشي ٿي آهي، جو اوهان انهن پيش ڪيل تجويزن مان نمبر چوٿينءَ ۽ پنجينءَ تي فوراً عمل ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪا آهيو.

رسالي جي واڌاري ۽ بهتريءَ خاطر آءٌ پاڻ تي اهو فرض ٿو ڄاڻان ته ان جو ساليانو خريدار ٿيان. انهيءَ ڪري منهنجي اوهان کي گذارش آهي ته هيٺئين ائڊريس تي، "گل ڦل" رسالو سالياني چندي ۾ وي. پي. ڪري موڪليندا.

آخر ۾ اوهان کي "گل ڦل" جي پڙهندڙن ڀيڻن ۽ ڀائرن کي منهنجي طرفان دعائون ۽ سلام هجن.

اوهان جو ڀاءُ، علي اڪبر،

 

   ميرپوربٺورو.

عزيز ڀاءُ،

شام جا اٽڪل چار لڳي چڪا هئا جو، آءٌ بڪ اسٽال تان "گل ڦل" رسالو خريد ڪري، خوشيءَ مان کلندو تيز قدم کڻندو، گهر ڏانهن وڃي رهيو هوس. جڏهن گهر پهتس ته وڏيءَ حب ۽ چاهه سان رسالو کولي پڙهڻ ويٺس. منهنجي پهرين نظر گذارش جي ڪالم تي پيئي، جنهن ۾ لکيل هو ته "اوهان مان هر هڪ کي اسڪول کان پوءِ ڪا نه ڪا وندر يا مشغولي ضرور هوندي. ان بابت پنهنجو احوال لکي موڪليو، ته "گل ڦل" رسالي ۾ ڇاپيون."

اهو احوال پڙهي مان ڏاڍو خوش ٿيس، ڇو ته اها به منهنجي لاءِ هڪ وندر ٿي پئي ۽ آءٌ پنهنجي مشغوليءَ متعلق ڪجهه لکان.

ڀائو، هر هڪ ٻار کي ڪانه ڪا وندر يا مشغولي هوندي آهي: ڪنهن کي ڊرائنگ جو شوق هوندو آهي، ڪن کي ٽڪلين گڏ ڪرڻ جو ته ڪن کي وري ڪتابن پڙهڻ جو. پر مون کي ننڍي هوندي کان ڪتابن مطالعي ڪرڻ ۽ مضمونن لکڻ جو شوق رهندو پئي آيو آهي، پر لکڻ کان وڌيڪ مون کي مطالعي جو ذوق آهي. مون اڄ تائين ڪيترن سٺن سٺن ڪتابن جو مطالعو ڪيو آهي. انهن مان ڪي ڪتاب اهڙا به آهن، جن کي آءٌ ساهه سان سانڍيندو آهيان. خاص ڪري شاهه جي سالي سان منهنجو دلي چاهه هوندو آهي، ۽ آءٌ ان کي بار بار مطالعو ڪندو آهيان.

منهنجي دعا آهي ته اوهان اسان جي هن پياري رسالي کي اڃا به وڌيڪ بهتر بنائڻ خاطر پنهنجو ڪوششون ڪندا رهندا. والسلام

اوهان جو ڀاءُ،

عبدالڪريم چانگ،

رپ، تعلقو بدين.

 

(پنهنجيءَ وندر جي باري ۾ اسان جا پڙهندڙ "منهنجي وندر" عنوان سان ننڍڙو مضمون ٺاهي اسان کي موڪليندا ته "ٻارن جا ليک" ڪالم ۾ شايع ڪنداسين. --ايڊيٽر)

محترمي،

"گل ڦل" جو گذريل پرچو پهتم. نهايت مهرباني.

"گل ڦل" شاندار رسالو آهي. مان سمجهان ٿو ته ٻارن جي لاءِ تمام مفيد ثابت ٿيندو.

اوهان جو مخلص:

محمد حنيف صديقي،

ميمبر اولهه پاڪستان اسيمبلي.

 

ادا،

 "گل ڦل" جو اڳيون پرچو مليو. مون ڀانيو ٿي ته رسالو بند ٿي ويو آهي، پر هاڻي اهو معلوم ڪري بيحد خوش ٿيس، ته شمع اڃا جلي پيئي. شال ان جي لاٽ سدا بلند رهي ۽ سنڌ جي ٻارن کي روشني ڏيندي رهي!

نعيم دريشاڻي،

     چٽگانگ، اوڀر پاڪستان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com