سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 4

باب: --

صفحو :6

ابن حيات پنهور

(سوانح)

 

جارج برنارڊشا

 

ويهين صديءَ جو  جڳ- مشهور ناٽڪ نويس، جارج برنارڊشا 26- جولاءِ 1856ع ۾، آئرلئنڊ جي هڪ غريب خاندان ۾ پيدا ٿيو. هن جو والد عدالتي کاتي ۾ هڪ معمولي درجي جو ملازم هو، ۽ جڏهن کيس نوڪريءَ جي معياد پوري ٿيڻ تي پينشن ملي، ته اها ٽي- چار سو رپين سالياني آمدنيءَ کان وڌيڪ نه هئي. هن جو پنهنجو ذاتي خرچ به انهيءَ آمدنيءَ کان وڌيڪ هو، ڇاڪاڻ ته هو بدقسمتيءَ سان پاڻ کي هميشه امير طبقي جو فرد تصور ڪندو رهيو، ۽ انهيءَ اميراڻي قسم جي ٺاهه ٺوهه قائم رکڻ جي ڪشمڪش ۾، ساري ڄمار مبتلا رهيو. پيءُ جي هن ذهني خود فريبيءَ، برنارڊشا جي زندگيءَ تي ننڍپڻ ۾ ئي وڏو اثر ڪيو.

پيءُ جي وفات بعد جڏهن روزگار جو ٿورو گهڻو وسيلو ختم ٿيو، ۽ ڏائڻ بک موت جو روپ وٺي ڊيڄارڻ لڳي، تڏهن برنارڊشا روزگار جي تلاش ۾، اَباڻي اجهي کي موڪلاڻي چئي، لنڊن پهتو. هن جي ماءُ لنڊن ۾ اڳي ئي مڙس جي وفات کان پوءِ، ڇوڪرين جي هڪ اسڪول ۾ راڳ جي ماسترياڻي هئي. هن لنڊن جي شروعاتي زندگي نهايت دکدائڪ غربت جي احساس ۾ گذاري. وڏين ڪوششن ۽ جدوجهد کان پوءِ به هن کي روزگار جو ذريعو ميسر نه ٿيو؛ فقط ماءُ جي معمولي آمدنيءَ تي گذارو ڪرڻ نهايت مشڪل هو. نوَ سال غربت ۽ بيروزگاريءَ جي صبر آزما عرصي، هن  ۾ زندگيءَ جي هر مسئلي کي خنده پيشانيءَ سان منهن ڏيڻ لاءِ وڏي همت ۽ حوصلو پيدا ڪيو. هن طويل عرصي ۾ زندگيءَ جي هر گهڙي، ايتري ڏکي ۽ ايتري ڊگهي هئي، جيڏيون لنڊن جون ڊگهيون سڙڪون، جن تي هزارين برنارڊشا، هر سفيد پوش راهگير ڏانهن نهاري، انساني تهذيب ۽ تمدن تي دل ئي دل ۾ ملامت ڪندا ٿي رهيا. غربت ۽ گمناميءَ جا هي نوَ سال، برنارڊشا جي مستقبل  ٺاهڻ ۾ نهايت مفيد ۽ اهم ثابت ٿيا. هن انهيءَ دوران ۾، انساني زندگيءَ جو خوفناڪ ترين صورتن ۾، تمام ويجهو مشاهدو ڪيو. هن ڪيترا دفعا انساني رحم، همدردي ۽ انصاف جا جنازا اکين سان نڪرندي ڏٺا. هن جي حساس فطرت سماج جي ظاهري توڙي پوشيده قدرن کي انهيءَ روپ ۾ ڏٺو، جنهن ۾ صدين کان انسانذات جي چيخ ۽  پڪار هڪ حساس ۽  باشعور انسان کي بيچين ڪندي رهي آهي.

هيتريءَ جدوجهد ۽ درد سريءَ کان پوءِ به هو نااميد نه هو- نااميدي هن جي تصور ۾ انسان جو بدترين موت هو، ڇاڪاڻ ته اميد ۽ عمل انسان جي مستقبل ٺاهڻ ۾ هميشه وڏو پارٽ ادا ڪيو آهي- - فطرت هُن جي روشن مستقبل جو سنگِ بنياد رکڻ واري هئي، ته هڪ ڏينهن هن کي هڪ آمريڪن ٽيليفون ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ملي ويئي. هُن تي اها جوابداري هئي ته ماڻهن کي گهرن ۾ ٽيليفون لڳارائڻ جا فائدا ٻڌائي ۽ کين مشورا ڏئي. پر مستقبل برنارڊشا جي هن معمولي فرائض کي ڏسي ٽهڪ ڏيئي رهيو هو، ڇاڪاڻ ته هُن ڄاتو ٿي ته هِن معمولي ڪلارڪ هٿان اڳتي هلي ادبي دنيا ۾ هڪ غير معمولي ڪارنامو سرانجام ٿيڻ وارو آهي. هن جي حساس طبيعت کانئس اهو فيصلو ڪرايو ته هو ڪنهن به حالت ۾ روزانو صفحا ضرور لکندو رهندو. هن مضبوط فيصلي ۽ اٽل ارادي، برنارڊشا ۾ پنهنجو پاڻ تي وڏو اعتماد پيدا ڪيو، ۽ هو هڪدم انهيءَ ملازمت کي خيرباد چئي، تصنيف ۽ تاليف جي ڌنڌي ۾ لڳي ويو- 15 سالن جي عرصي ۾ قلمي ذوق هن کان 5 ناول لکايا، پر بدقسمتي چئجي جو هنن پنجن ئي ناولن جو لنڊن جي پبلشرن ڪو به قدر ڪو نه ڪيو - - فط ڇهه پائونڊ معمولي اجورو ڏنو ويو. هڪ ناپخته ذهن ۽ دماغ لاءِ هيءَ وڏي آزمائش هئي، پر برنارڊشا انهيءَ بيقدريءَ جي ڪا به پرواهه نه ڪندي، پنهنجي اعليٰ مقصد جي سرانجاميءَ لاءِ لڳاتار جدوجهد ڪندو رهيو. هڪ بامقصد دل ۽ روشن نگاهه، ناسازگار حالتن کان ڪڏهن به دل شڪسته نه ٿي آهي، پر پاڻ تنهان ئي وڌيڪ انهيءَ ڪوشش ۾ رهي آهي ته پنهنجي فرض کي ايمانداريءَ سان نڀائيندو رهجي ۽ نتيجي کي آئيندي تي ڇڏي ڏجي.

ادب سان هن بي پناهه محبت ۽ اڻٿڪ محنت، پنجيتاليهن سالن جي عمر ۾ برنارڊشا کي اهڙِ دور ۾ پهچايو، جتي مالي خوشحالي ۽ ذاتي شهرت، ٻيئي سندس قدم چمي رهيون هيون، پر آسودگي توڙي ذاتي شهرت، هن جي عظيم مقصد ۾ ڪڏهن به دخل انداز نه ٿيون. هن جي دل توڙي دماغ، راحت ۽ سڪون جي حالت ۾ به پاري جيان بيقرار تڙپندا رهيا. انساني زندگيءَ جا دردناڪ واقعا ۽ انسانيت سوز مشهدا ڪڏهن به هن جي ذهن کان الڳ نه ٿيا - - اها ئي غربت، اها ئي بک ۽ بي بسي، ڪيڙن ۽ ماڪوڙن جيان سندس ذهن تي چهٽي، هن جي پنهنجي ڪردار ۾، هڪ لافاني عمل کي وڌائيندي ۽ تيز ڪندي رهي.

برنارڊشا نه فقط ناول نويس هو، پر ساڳئي وقت هڪ صحافي، تنقيدنگار، موسيقار ۽ مقرر پڻ هو. سماجي براين کي دور ڪرڻ لاءِ هن ڪيترن عام جلسن ۾ تقريرون ڪيون. هو سڄي ڄمار زندگيءَ جي هر ميدان ۾ انسانذات جي بهوديءَ خاطر جدوجهد ڪندو رهيو. هن سڄي زندگي بامقصد گذاري. پنهنجي ادبي شهپارن ۾ به مقصدي ادب کي هميشه ترجيح ڏيندي، ادب برائي ادب جي نظريي تي سخت چوٽون ڪيون.

هڪ دفعي جو واقعو آهي ته جارج برنارڊشا هڪ جلسي ۾ ويو، جتي جارج هينري تقرير ڪري رهيو هو. هينريءَ جي تقرير، برنارڊشا کي انساني تهذيب ۽ تمدن ۾ اقتصاديات جي بنيادي اهميت جو پهريون ڀيرو احساس ڏياريو. هن واپس اچڻ تي، جارج هينريءَ جو اقتصاديات تي لکيل ڪتاب مطالعو ڪيو. هن ڪتاب جي مطالعي ذهني اطمينان بجاءِ تنهان ئي وڌيڪ تشنگيءَ جو احساس ڏياريو. انهيءَ تشنگيءَ برنارڊشا کي ڪارل مارڪس جي جڳ- مشهور ڪتاب ”داس ڪيپيٽل“ پڙهڻ جو شوق جاڳايو. ان ڪتاب جي مطالعي بعد، برنارڊشا هڪدم سوشلسٽ خيالن جو ٿي ويو.

ويهين صدي يورپ جي تاريخ ۾ هڪ نئين دور جو آغاز هئي. سائنس جي ترقيءَ سببان، نئون سامراجي دور، هڪ هيبتناڪ ديوَ جي صورت ۾، دنيا جي تباهيءَ جو خطرو پيدا ڪري چُڪو هو. دنيا جي ڪمزور قومن مٿان هيءَ نئين پيڙا ۽ نئين مصيبت ڪنهن به باشعور انسان کان مخفي نه هئي. برنارڊشا، هڪ عظيم اديب، سڀ ڪجهه ڏسي رهيو هو. هن سوچيو ته مشيني دؤر ۾ ايتري فرصت ڪٿان آئي جو ماڻهو دلجمعيءَ سان ويهي ناول پڙهي. انهيءَ ڪري هن نئين دؤر، ڊرامي ۽ افساني لکڻ جو دنيا جي اديبن کي عام احساس ڏياريو. برنارڊشا به انهيءَ ڪري ناول کي خيرباد چئي، پنهنجي سموري تخيل ۽ قلم جو زور ناٽڪ تي ڏنو. هن ڄاتو ٿي ته انساني ذهن جي شعور ۽ تربيت لاءِ ناٽڪ کان وڌيڪ اثرائتي  ٻي ڪا به ادبي صنف ٿي نٿي سگهي؛ اسٽيج کان وڌيڪ ٻيو ڪو به ڪارائتو درسگاهه نه آهي – اخلاقيات جا منجهيل مسئلا، رسم و رواج جي انڌي تقليد، پورهئي جو نامناسب معاوضو ۽ ٻيا اهڙا زندگيءَ جا سوين مسئلا، ڊرامي وسيلي عوام کي آسانيءَ سان  سمجهائي سگهجن ٿا. ۽ پوءِ، جڏهن انسان جي فطري زندگي صحيح روپ ۾ عام ماڻهن جي اڳيان ايندي، تڏهن فرد جي ذاتي صلاحيتن جون دٻيل چڻنگون دُکي ڀنڀٽ ٿيڻ ۾ دير  ئي ڪين ڪنديون- اسٽيج تي ماڻهن کي فقط کلائي خوشڪرڻ سان اديب، اديب نٿو رهي. اهڙي اديب ۽ هڪ مسخري ۾ ڪو به  فرق نه آهي - - نوجوانن کي زندگيءَ جي روشن راهه ڏيکارڻ اديب جو ئي فرض آهي. برنارڊشا ساري ڄمار، وڏيءَ ديانتداريءَ سان زندگيءَ جي قدرن کي پرکيندو، لڪل راز ظاهر ڪندو، جهالت ۽ بزدليءَ جي خلاف عام احساس ڏياريندو رهيو.

برنارڊشا اتڪل 50 ڊراما لکيا، جي دنيا جي ڪيترين زبانن ۾ ترجمو ٿيا ۽ اسٽيج تي آندا ويا. اهو ساڳيو برنارڊشا هو، جنهن کي اڳ سندس لکيل پنجن ناولن جو ڇهه پائونڊ اجورو ڏيڻ وڏي ڳالهه ڄاتي ٿي ويئي، پر هينئر انهيءَ ساڳئي اديب کي لنڊن جي پبلشرن، هن جي مرضيءَ مطابق معاوضو ڏيڻ ۽ وڏي اهتمام سان شايع ڪرڻ پنهنجي لاءِ فخرٿي ڄاتو.

برنارڊشا سڄي حياتيءَ ۾ شادي ڪا نه ڪئي. هن جي ڪن همعصرن جي  راءِ آهي ته برنارڊشا کي شاديءَ کان نفرت پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ جي بي جوڙ رشتي مان پيدا ٿي - - هن جي ماءُ، مڙس کان ويهه سال عمر ۾ ننڍي هئي، ۽ هن اهو رشتو پنهنجي ماٽيجي ماءُ جي ظلمن کان پاڻ کي بچائڻ ۽ پري رهڻ خاطر قبول ڪيو، جنهن اڳتي هلي گهر جي اهڙي فضا قائم ڪئي جو برنارڊشا کي سڄي حياتي شاديءَ جي خلاف فيصلو ڪرڻو پيو. هن مرد ۽ عورت جي رشتي کي آزادانه محبت جي بنيادن تي قائم ڪرڻ چاهيو ٿي، پر طبقاتي سماج ۽ سرمائيدارانه نظام ۾ ائين ٿيڻ ناممڪن هو. برنارڊشا انهيءَ موضوع تي پنهنجي ناولن ۾ ڪن هنڌن تي بلڪل انتهاپسند ٿي ويو.

2- نومبر 1950ع، دنيا جو هيءُ عظيم ناٽڪ نويس، جنهن 94 سالن جي عمر تائي پنهنجي حساس دل، روشن نگاهه ۽ اعليٰ تخيل جي ذريعي انسانذات جي خوشحاليءَ ۽ امن لاءِ جدوجهد ڪئي، اهو ساڳيو عظيم انسان جذبات کان  بيوس ۽ زندگيءَ جي حرڪت کان مجبور هوندي به موت کي شڪست ڏيڻ لاءِ آخري لڙائي لڙي رهيو هو- هيءُ گهاٽيءَ ڏاڙهيءَ ۽ سفيد وارن وارو لافاني اديب ساري رات جدوجهد ڪندو رهيو، پر جڏهن صبح جي پهرين باک ڦٽي، تڏهن هن اعليٰ ڪردار ۽ عمل جي مثالي اديب، دنيا کان هميشه هميشه لاءِ موڪلاڻي ڪئي.

(ترجمو ۽ اقتباس)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com