سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 1

باب: --

صفحو :8

 

ٻارن جا ليک

(ناٽڪ)

 

مضمون ڪنهن لکيو؟

نيلوفر جويو

 

(ڪردار: وڏي ڀيڻ- شاهده، ننڍو ڀاءُ –سليم، ماءُ ۽ ساهيڙيون.)

(پردو پهريون)

شاهده: سليم، سليم! هيڏانهن ته اچ!

سليم: ڪٿي آهين، ادي؟

شاهده: هيڏانهن، هِن ڪمري ۾ ويٺي آهيان.

سليم:ها، ادي، اچان پيو!(ڪمري ۾ اچي ٿو). ڇا ڳالهه آهي ادي، جو زور سان پيئي سڏين! امان ڪيڏانهن ويئي آهي؟

شاهده: امان ويئي آهي پاڙي واريءَ سان ملڻ. چيائين پئي ته ادي خديجه ٻن ورهين کانپوءِ ڪراچي مان آئي آهي، سو گڏجي اچانس.

سليم: ادي، ڀلا جيسين امان اچي تيسين هڪڙا چار آنا ڏيندينءَ، ته ڌوٻيءَ کان ڪپڙا وٺي اچان!

شاهده؛ ڇو، ڪيڏانهن ٿو وڃين، جو ڌوٻيءَ-ڌوتل ڪپڙا پائي ٿو وڃين!

سليم: ادي، اڄ چانڊوڪي رات آهي، سو درياءَ جو سير ڪرڻ ٿا وڃون.

شاهده: ڪنهن کان موڪل به ورتي اٿيئي، جو درياءَ جو سير ڪرڻ ٿو وڃين!

سليم: ادي، مون ڪنهن کان به موڪل ڪانه ورتي آهي. امان گهر ۾ آهي ڪانه.....

شاهده: (ڳالهه ڪٽي).... ”امان گهر  ۾ آهي ڪانه“ پر آءُ ته آهيان نه!

سليم: ادي، مون کي معاف ڪر، آءُ تنهنجي سامهون ڏاڍو شرمندو آهيان، جو مون توکان به نه موڪلايو آهي. ادي، جي موڪل ڏيندينءَ، ته ويندس نه ته نه ويندس.

شاهده: شاباس، ڏاها ٻار هميشھ ائين ڪندا آهن. مان توکي موڪل ڏيان ٿي. تون ڀلي پنهنجن دوستن سان گڏ درياءَ جو سير ڪرڻ وڃ.

سليم: ادي، تنهنجي وڏي مهرباني، جو مون کي موڪل ڏني اٿئي، پر تو به ته ”چانڊوڪيءَ رات ۾ درياءَ جو سير“ تي مضمون ٿي لکيو نه؟ اِهو پورو ٿيو، يا نه؟ تو چيو هو نه، ته جي منهنجو مضمون فرسٽ ايندو، ته پنهنجن ساهيڙين کي پارٽي ڏيندس!

شاهده: ها، سليم، پر مون چانڊوڪيءَ رات ۾ درياءَ جو سير نه ڪيو آهي، انهيءَ ڪري مضمون پورو نٿو ٿئي. مُنجهي پيئي آهيان ته ڇا لکان! چانڊوڪيءَ رات ۾ درياءَ جي سير ۾ ڀلا ڪهڙو مزو ايندو آهي؟

سليم: ادي، تون ڪوبه فڪر نه ڪر. آءُ سير ڪري اچان، پوءِ جيڪي اتي نظارا ڏسندس، اهي اچي توکي ٻڌائيندس، ۽ پوءِ تون پنهنجو مضمون پورو ڪري وٺج. مون کي اميد آهي، ته تنهنجو مضمون فرسٽ ايندو.

شاهده: سليم، ڳالهه ته ٺيڪ آهي، پر.....

سليم: پر ڇا؟

شاهده: سليم، جي منهنجو مضمون فرسٽ به آيو ۽ آءُ پنهنجين ساهيڙين کي پارٽي به ڏيان، پر انهيءَ پارٽيءَ ۾ اهو راز کلي پوي ته پوءِ؟

سليم: پر ادي، ٻڌائيندو ڪير؟ اِن ڳالهه جي ته رڳو پاڻ ٻنهي کي خبر آهي.

شاهده: پر سليم، انهيءَ مهل تنهنجي واتان نڪري وڃي ته ”مون ته ٻڌايومانس!“ ته پوءِ؟

سليم: نه ادي، مان واعدو ٿو ڪريان ته اصل اهو ڪونه ٻڌائيندس.

شاهده: چڱو، سليم! هان هي وٺ چار آنا ۽ ڪپڙا وٺي اچ.

(پردو ٻيو)

شاهده:امان، امان، او امان! ڪٿي آهين، امان؟

ماءُ: هتي آهيان بورچيخاني ۾....... ڇا ڳالهه آهي؟

شاهده: امان، منهنجو مضمون فرسٽ آيو!

ماءُ: سچ!

شاهده: ها امان، سچي، مضمون فرسٽ آيو آهي، ليڪن سليم ڪٿي آهي؟

ماءُ: سليم ته اسڪول ويو آهي. بس اچڻ وارو هوندو (ايتري ۾ سليم اچي ٿو).

سليم: ادي، تنهنجي مضمون جو ڇا ٿيو؟

شاهده: سليم، منهنجو مضمون ته فرسٽ آيو آهي!

سليم: سچ! ادي، مون توکي چيو ڪونه هو، ته فرسٽ ايندو؟ هاڻي پنهنجين ساهيڙين کي پارٽي ڏي.

شاهده: سليم، آءُ ساهيڙين کي دعوت ڏيئي آئي آهيان. هو شام جو 5 وڳي اينديون. امان، توهان اسان جي ساهيڙين لاءِ چانهه ٺاهينديون؟

ماءُ: ڇو نه!

شاهده: امان، بازار مان ڇا گهرايون؟

ماءُ: پڪوڙا ۽ ڪيڪُ ڪافي آهن.

شاهده: بس امان، سڄو انتظام ٿي ويو، سليم، تون ملان حلوائيءَ کي چئي اچ، ته اسان لاءِ ٻين رپئين جا پڪوڙا ٺاهي. چئينس ته تازا ٺاهي ڏئي! پوءِ بيڪريءَ تي وڃجانءِ! انهيءَ بيڪريءَ واري کي چئج، ته ڊزن سٺا ۽ تازا ڪيڪ ٺاهي ڏيئي.

سليم: بس هينئر وڃان ٿو، ۽ هڪڙي ڪلاڪ اندر توهان کي سڀئي شيون ملي وينديون.

(پردو ٽيون)

شاهده: امان، ساڍا چار ٿيا آهن. اڃا منهنجيون ساهيڙيون ڪونه آيون آهن!

ماءُ: تو گهڻين جو چيو هونِ؟

شاهده: امان، مون ته هنن کي چيو هو ته پنجين بجي اچجو.

ماءُ: ته پوءِ بس اچڻ واريون هونديون (ايتري ۾ در تي گوڙ ۽ ٽهڪن جو آواز اچي ٿو.)

شاهده: امان، شايد اچي ويون آهن!

ماءُ: ها، ڌيءُ، اچي ويون. وڃي انهن جو استقبال ڪر!

شاهده: اچو، اچو، ٻاهر ڇا جي لاءِ بيٺيون آهيو!

سلميٰ: اسان تنهنجو گهر ڏاڍو ڳوليو، پر ڪونه ٿي لڌو.

شاهده: هاڻي ته لڌو!

ناهيد: سليم ٻاهر آيو، تنهن اسان کي سڏ ڪيو ۽ اسين هليون آيوسين.

شاهده: چڱو، هِن ڪمري ۾ اچي ويهو. (ڪيتري دير تائين ٽهڪڙا ۽ ڳالهيون ڪمري مان اچي رهيون آهن).

ناهيد: مضمون تو تمام سٺو لکيو هو!

شهناز: شاهده، تو ته رنگ لائي ڇڏيو هو مضمون ۾!

طاهره: تو اهڙو ته مضمون لکيو هو، جو جيتري به تعريف ڪجي، گهٽ آهي.

شاهده: توهان جي وڏي مهرباني! چڱو، هاڻي هلو ته هلي چانهه پيئون.

سڀ گڏجي: هلو ....هلو....

(سڀ ساهيڙيون اُٿي کائڻ جي ميز تي وڃي بيهن ٿيون).

شاهده: کائو، کائو، سڀ ماٺ ڪري ڇو بيٺيون آهيو! (سڀ کائين ٿيون ۽ اُنهن سان گڏ گوڙ به وڌي وڃي ٿو.)

سليم: ادي، مون توکي چيو هو نه ته انشاء الله تنهنجو مضمون فرسٽ ايندو، ۽ تنهنجيون ساهيڙيون تنهنجي عزت ڪنديون!

شاهده: (آهستي ۽ ڪجهه دڙڪي سان) چڱو، هاڻ ماٺ ڪري ويهه! جيئن ساهيڙين کي خبر نه پوي!

سليم: ادي، منهنجو احسان مڃڻ بدران مون کي دڙڪا ٿي ڏين!

شاهده: (آهستي، منٿائو نموني) نه نه، سليم، دڙڪا نٿي ڏيان؛ پر ڳالهه ظاهر ٿي پوي، ته پوءِ هي سڄو انتظام درهم برهم ٿي وڃي!

سليم (آهستي): چڱو ادي، اها ڳالهه ڪنهن کي به ڪونه ٿو ٻڌايان!

(اچانڪ اِها ڀڻ ڀڻ ناهيد ٻڌيو وٺي ٿي)

ناهيد: شاهده، ڳالهه ڇا آهي، جو تون ۽ سليم ڀڻ ڀڻ ڪري رهيا آهيو؟

شاهده: (ٿورو مُنجهي): جي، جي، ڪابه ڳالهه ڪانهي! ناهيد، هي اهڙو آهي، جو خوامخواهه پيو وڙهي!

شهناز: نه شاهده، ڳالهه مڙيئي آهي! سچي. ٻڌاءِ نه ته اسين ٿيون کاڌي مان هٿ ڪڍون!

شاهده: جي، جي ڪجهه ڪونهي.

طاهره: سليم، تون ٻڌاءِ ته ڇا ڳالهه آهي، (سليم شاهده ڏانهن نهاري ٿو.) شاهده: ڪا ڳالهه ڪن ۾ ٻڌائڻ لاءِ سليم ڏانهن جهڪي ٿي. سليم اها ڳالهه اڃا ٻڌي ئي نٿو، ته طاهره اُٿي بيهي ٿي)

طاهره: سليم، اسين وڃون ٿيون؛ نه ته اسان کي ٻڌاءِ ته ڳالهه ڇا آهي؟ (ايتري ۾ ٻيون به ٽي-چار اُٿي بيهن ٿيون)

سليم: جي، جي....... اِهو مضمون آهي نه..............

ناهيد: ها ها، ٻڌاءِ، ٻڌاءِ!

سليم: اهو مضمون مون ٻڌايو مانس.......

ناهيد:....... تو!

سليم: ها، مون! آءُ چانڊوڪي رات ۾ درياءَ جو سير ڪرڻ ويو هوس. اُتي جيڪي نظارا ڏٺا هم، سي اچي مون شاهده کي سڀ ٻُڌايا (تاڙيون وڄائي کلي ٿو)

شهناز (پنهنجيءَ پر ۾ مُشڪي- شاهده کي): ها، ته اها ڳالهه آهي! هل سڀاڻِ تون اسڪول ۾!

شاهده: سليم ته مسخري پيو ڪري! اهو ته مون پنهنجو ٺاهي لکيو آهي.

سڀيئي گڏجي: ها، ها، تو لکيو آهي!

شهناز هلو ته هلون! هاڻي ان جي اسڪول ۾ خبر پوندي! آپا وٽ!

(انهيءَ هنگامي ۾ پردو ڪري ٿو).

 

بجاز خان ڊومڪي- سنڌ جو هڪ سورهيه

ميمڻ عبدالمجيد ”راهي“

 

آزاديءَ جي شمع تي قربان ٿيندڙ پتنگن جي، دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ گهٽائي ڪانه آهي. پر سنڌ جيڪي وطن دوست سورهيه ۽ سرويچ پيدا ڪيا آهن، انهن جا نالا تاريخ جي ورقن تي هميشھ قائم رهندا. ظالمن انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ سڀڪجهه ڪيو، پر هي پتنگ سڙڻ ۽ کامڻ جي فطرت سبب پنهنجي ارادي سان پٺتي نه هٽيا ۽ مري ميدان ملهائي چڪا.

اوڻويهينءَ صديءَ جي وچ ڌاري هڪ بهادر شخص بجار خان نالي ٿي گذاريو آهي. هو ذات جو ڊومبڪي بلوچ هو. 1838ع اهو منحوس سال هو، جڏهن انگريز اتر سنڌ تي قبضي لاءِ نهايت بيتاب هئا. انهيءَ سبب، خيرپور جي ميرن سان نئون عهد نامو ڪري اتر سنڌ ڇڏائي ۽ قلات جي خان کي دوست بنائي، افغانستان ڏي رستو صاف ڪري رهيا هئا. قلات جو خان مير بحرام خان هو، جو طبيعت جو ڪمزور هو. انهيءَ زماني ۾ بجار خان ڊومبڪي پنهنجي فوجي ڪاررواين سببان گهڻي شهرت حاصل ڪري چڪو هو. 1828ع ۾ ڪهيرين جي راڄ کي ڦلجيءَ مان هڪالي ڪڍيو هئائين. بجار خان سڄي قوم جو رورح روان هو. جکراڻي سندس دوست هئا. جڏهن قلات جي خان تي انگريزن سختي ڪئي، تڏهن بجار خان کي حڪم ڏنائين ته ”انگريزن جي فوج کي منهن ڏي.“ بجار خان پندرهن سئو سوار ۽ پنج سئو پيادا وٺي انگريزي فوج جي پٺيان پيو ۽ مقابلو ڪري، سندن نڪ ۾ دم ڪري ڏنائين. بجار خان کي جنگ ۾ مال غنيمت مان ڪافي سامان هٿ آيو. 1839ع جو سڄو سال بجار خان مقابلو ڪندو رهيو. جکراڻي، مري، بگٽي انگريز حڪومت سان جنگ جاري رکندا آيا. بجار خان سڀني جو اڳواڻ هو. انگريز حڪومت جو وڏو نقصان ڪيائين. مئي 1839ع ۾ پوليٽيڪل ايجنٽ بجار خان سان ٺاهه ڪرڻ گهريو. کيس ٽي هزار رپيا ماهيانو ڏيڻو ڪيو، ته انگريز سرڪار سان هٿ چراند نه ڪري. مگر ڊومبڪي سردار سخت حقارت سان انگريزن جي انهيءَ آڇ کي ٿڏي ڇڏيو. هن کي ڌارين سان دشمني هئي، فرنگين سان وير هو. هي سورهيه هو ۽ هرڪا طاقت جيڪا قومي مفاد سان ٽڪر کائيندڙ هئي، ان لاءِ کيس نفرت هئي. انگريز حڪومت جڏهن بجار خان جي وطن دوستيءَ کي خريد ڪرڻ ۾ ناڪامياب ٿي، تڏهن انگريزن سندس وطن ڦلجي تي چڙهائي ڪرڻ جو ارادو ڪيو. انگريز آفيسرن کي حڪم ڏنو ويو، ته 77 ريجمنٽ کي گڏ ڪري، بجار خان جو مقابلو ڪيو وڃي. سخت مقابلي کانپوءِ بجار خان گرفتار ٿيو، ليڪن آڻ نه مڃيائين. پندرهن ورهيه بجار خان مقابلو ڪري، ڦلجيءَ کان انگريزن کي ڌڪي ٻاهر ڪڍيو هو. بجار خان جي گرفتار ٿيڻ کانپوءِ انگريزي ايجنٽن ميدان صاف سمجهيو، ليڪن انتقامي آگ اندر ئي اندر دکندي رهي. بجار خان وطن پرستيءَ جو ٻج پوکيو هو، ان کي ختم ڪرڻ ڪا آسان ڳالهه ڪانه هئي. اٽڪل ڪري بجار خان آزاد ٿيو ۽ انگريزن سان لڙايون چالو رهيون. ملتان جي گورنر بجار خان کي لالچ ڏيکاري ليڪن هن بهادر وري به انڪار ڪيو. انگريزن پنهنجو وڏي ۾ وڏو دشمن بجار خان کي سمجهيو، ڇاڪاڻ جو هو آهستي آهستي پنهنجو اقتدار وڌائي رهيو هو ۽ انگريزن جي فتح ڪيل ملڪ کي وڏو خطرو ٿي پيو هو. هو 1843ع کان 1845ع تائين ڪاڇي جو بي تاج بادشاهه ٿي رهيو  هو. ڪيترن ئي لڙاين ۾ مقابلو ڪيائين. جيوڻيڪ ٻيون ڪيتريون ئي قومون انگريزن سان وڃي مليون، مگر هن آڻ نه مڃي. نيپئر سان ٻن هفتن تائين مقابلو ڪندو رهيو، ليڪن سندس همت ۾ فرق نه آيو 4 فيبروريءَ تي نيپئر کي معلوم ٿيو، ته بجار خان کي ملتان کان مدد ملي آهي، ان وقت انگريزن وٽ مياڻيءَ واري لڙائيءَ کان به وٽس زياده فوج ۽ اسباب جنگ موجود هو، مگر بجار خان جي مقابلي ۾ تنگ اچي چڪا هئا. آخر بجار خان سان مقابلي لاءِ تيار ٿيا. بجار خان وٽ اسلام خان بگٽي، دريا خان جکراڻي ۽ دلمراد کوسو ڳالهين لاءِ پهتا، ليڪن صلح نه ٿيو. لڙائي هلندي بجار خان انگريزي فوج جي هٿ اچي ويو. ان وقت جي گورنر لارڊ هارڊنج بجار خان جي گرفتاريءَ تي نيپئر کي مبارڪ موڪلي. پوڙهي بجار خان کي انگريز جنرل ملازمت ۾ وٺڻ گهريو، ليڪن هن انڪار ڪيو. پنهنجي دور ۾ انگريزن جو وڏو دشمن بجار خان، ناموري ۽ شهرت جي زندگيءَ کي، گمنامي جي گوشي  ۾ بسر ڪري، ساڳئي سال فوت ٿي ويو.

ڪيڏو نه عظيم، محب الوطن، سورهيه ۽ سرويچ هو بجار خان! اسان سنڌ وارن کي بجار خان تي ناز آهي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com