سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 1

باب: --

صفحو :9

 

شمس الدين سومرو

کلو ته سهي

 

 

پراڻي زماني جي ڳالهه آهي، جڏهن سمورا فيصلا قاضي ڪندا هئا. هڪڙي قاضيءَ جو رنگ بنهه ڪارو هو. هن هڪ ماڻهوءَ کي سزا جو حڪم ڏيندي چيو: ”هن جو منهن ڪارو ڪري کيس گڏهه تي چاڙهي گهمايو وڃي.“ ڏوهاري ڪو مسخرو هو، تنهن هٿ ٻڌي چيو :”سائين، منهنجو اڌ منهن ڪارو ڪرايو.“ قاضيءَ حيرت مان پڇيو ته ”اهو ڇا جي ڪري؟“ ڏوهاريءَ جواب ڏنو ته ”اهو ان ڪري جو متان ماڻهو ڀلجي سمجهن ته سائيجن کي گڏهه تي ويهاري گهمايو پيو وڃي.“

....      ....      ....

هڪڙو ننڍڙو ڇوڪرو اسڪول مان پڙهي گهر اچي رهيو هو ته در تي سندس پيءُ گڏجي ويس. هن ڇوڪري کي چيو: ”مٺو! تنهنجو هڪ ننڍڙو پتڪڙو ڀاءُ ڄائو آهي.“ اهو ٻڌي ڇوڪري ائين چئي خوشيءَ وچان گهر ۾ اندر ڊوڙ پاتي ته ”اها ڳالهه امان کي وڃي ٿو ٻڌايان.“

....      ....      ....

هڪڙو موالي پاڻيءَ سان ڀريل گلاس ميز تي رکي ان ۾ مڇيءَ جهلڻ جو ڪنڊو وجهي ويٺو هو. اوچتو سندس هڪ دوست اتي اچي نڪتو ۽ هن مواليءَ کي چيو: ”ڀائو، هي ڇا پيو ٿئي؟“ مواليءَ جواب ڏنو: ”مڇي ٿو جهليان.“ ان تي دوست کلندي چيو ته ”ڀلا ڪا مڇي هٿ به آئي؟“ تڏهن مواليءَ اٽلو پنهنجي دوست تي کلندي چيو: ”واهه يار واهه! ڀلا ڪڏهن گلاس ۾ به مڇيون ٿيون؟“

....      ....      ....

انگلينڊ ۾ پنڻ قانوني ڏوهه آهي. ان هوندي به هڪ فقير هڪ گهر جو ڪڙو کڙڪايو. در کليو ۽ ان مان هڪ ماڻهوءَ ٻاهر نڪري پڇيو: ”فرمايو!“ فقير ڪنڌ جهڪائي چوڻ لڳو: ”سائين! مون کي ڏاڍي بک لڳي آهي... اڄوڪو سڄو ڏينهن به بک ۾ گذري ويو. ۽ سڀاڻي...“ اوچتو هو چپ ٿي ويو. ڇو  ته سامهون هڪ سپاهي اچي رهيو هو. فقير ڪنڌ سڌو ڪري، ڇاتي ٻاهر ڪڍي چيو: ”۽ جيڪڏهن سڀاڻي به مون کي کائڻ لاءِ ڪجهه نه مليو ته پرواهه ناهي. منهنجو حوصلو تمام بلند آهي.“

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com