سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 2

باب: --

صفحو :5

 

اُٺ پکي

 

 

اُٺ پکي سڀني پکين ۾ نهايت عجيب ۽ شاهي پکي آهي. نر اُٺ پکي 8 فوٽ ڊگهو ۽سندس وزن 300 پائونڊ هوندو آهي. اٺ پکي آفريڪا جي ملڪن ۽ مصر جي رڻپٽ ۾ عام آهن. پراڻي وقت ۾ سنڌ ۽ بلوڇستان  ۾ پڻ اُٺ پکي هوندا هئا. اُٺ پکي پاڻ ۾ پار پنج گڏجي گهمندا آهن. انهن ۾ هڪڙو نر ۽ باقي ماديون هونديون آهن. اهي ٽي يا چار ماديون هڪڙي ئي، ساڳئي آکيري ۾ آنا لاهينديون آهن. اهو آکيرو اصل ۾ زمين ۾ ٺاهيل هڪ تراکڙي گڏ هوندو آهي،جيڪا اُٺ پکي پنهنجي پيرن سان ٺاهيندو آهي جڏهن ڏهه کن آنا کَڏَ ٿي ويندا آحن ته رات جي وقت رڳو نر اُٺ پکي آنن تي آرو ڪري ويهندو آهي ۽ ڏينهن جو ماديون واري واري سان آنن تي ويهنديون آهن. اُٺ پکيءَ جي آني جو وزن ٽن سيرن جيترو هوندو آهي. ان آني کي اُٻارڻ لاءِ جيڪر 40 منٽ لڳي وڃن.

 

هتي ڏنل پهرين تصوير ۾ نر اُٺ پکي آنن تي ويٺو آهي. ٻين تصويرن ۾ اوهان ڏسندا ته ڪيئن آنو ڦُٽي ٿو ۽ اُٺ پکي جو ٻچو پيدا ٿئي ٿو.

 

 

علي انور هاليپوٽو

 

ڪتو - هڪ ذهين جانور

 

ننڍڙا ٻار ڪتن جي سهڻن پلونگڙن سان راند ڪندا آهن، پر ڪيترا ٻآر ڪتن کان ڊڄندا به آهن. اسان کي گهٽين ۾ ڪيترائي رولو ۽ بيڪار ڪتا نظر ايندا آهن. پر اسان مان گهڻن کي خبر ڪانهي ته يورپ، آمريڪا ۽ ڪن ٻين ٻاهرين ملڪن ۾ ڪتي کي ڪيتريقدر ڪارائتو جانور سمجهيو وڃي ٿو! ڪتا پاڻ تي سونپيل ڪم کي انسان کان ڪجهه قدر سٺي ڍنگ سان ڪري ڄاڻن ٿا.

اوهان ڪڏهن ڳوليندڙ ڪتن بابت ٻڌو آهي؟ گذريل وڏين لڙاين جي وقت ڪتن کان، ڀڳل قيدين ۽ دشمنن جي ڳولا ڪرائڻ ۽ پير کٽائڻ  جو ڪم ورتو ويو هو. اهڙا”سپاهي ڪتا“ اوڀر آفريڪا ۾ هٿيارن جو پتو لڳائڻ جي ڪم ۾ هٿيارن جو پتو لڳائڻ جي ڪم ايندا آهن. ملايا جي جهنگلن ۾ لڪل دشمن کي تلاش ڪرڻ لاءِ ڪتن کان مدد ورتي ويندي آهي. ڪتا دشمن کي موجود هئڻ جو اڳواٽ چتاءُ ڏيندا آهن.

ڪتن جي وسيلي ڏوهارين جي ڳولا به آسانيءَ سان ڪئي ويندي آهي. اچو ته اوهان کي هڪڙو اهڙو واقعو ٻڌايون. رات جو وڳڙو هو اوڀر آفريڪا ۾ ميشن اسٽيشن کان ٿورو پري ٻه پاڇا ڏسڻ ۾ آيا. ۽ هڪ ماڻهوءَ جي رڙ ٻڌڻ ۾ آئي. ائين ٿي معلوم ٿيو ته ڄڻ ڪنهن جو خون ڪيو ويو آهي! ٻيو پاڇو وڻن جي اوٽ ۾ گم ٿي ويو. جهنگل ۾ ان وقت رات جي ڪري گگهه اوندهه هئي، جنهنڪري ڪجهه به نظر نٿي آيو. خوني انهيءَ جاءِ واردات کان گهڻو پري ڀڄي ويو. صبح جو پوليس کي اطلاع ڏنو ويو. پوليس هڪ وڏو بلڊ هائونڊ ڪتو خونيءَ جي ڳولا لاءِ چونڊيو. ڪتي جاءِ واردات تي نڪ مٿي کڻي چئني طرفن جي هوا کي سُنگهيو. جيتوڻيڪ ان هنڌ جي حالت بدلجي وئي هئي، جو پوليس اتي ڪنهن ثابتي هٿ ڪرڻ جي لاءِ ڏاڍي ڇنڊڇاڻ ڪئي هئي. ڪتو ڪجهه وقت لاءِ هيڏانهن هوڏانهن سونگهيندو رهيو، پوءِ هڪ طرف هلڻ شروع ڪيائين. ائين ٿي لڳو ڄڻ هن خونيءَ جو طرف ڳولي لڌو آهي. پوليسجو دستو ڪتي جي پٺيان پٺيان وڃڻ لڳو. ڪتو هوا ۾ سونگهيندو اڳتي وڌي رهيو هو. ٻه ٽي ميل هلڻ کان پوءِ هن ڪنڌ مٿي کنيو ۽ زور سان ڀونڪڻ لڳو. ڪتي جي مالڪ ٻڌايو ته هاڻي ڳولا جو ڪم پورو ٿيڻ تي آهي. هاڻي ڪتو وڌيڪ اُتاولو ٿيندو پئي ويو. هو اوچتوئي اوچتو شيدين جي هڪ ڳوٺ ۾ گهڙي پيو ۽ هڪ جهوپڙيءَ جي ٻاهران بيهي زورزور سان ڀونڪڻ لڳو. پوليس وارا جهوپڙيءَ ۾ گهڙي ويا ۽هڪدم خونيءَ کي سڳ سوڌو گرفتار ڪري ٻاهر نڪتا. جهوپڙيءَ مان اهو ڇرو به هٿ آيو جيڪو اڃا تائين رت سان رڱيل هو، هن ”سپاهي ڪتي“ جي تيز فهميءَ سببان ئي خوني گرفتار ٿي سگهيو.

پر اهو ڪم هر ڪو ڪتو نٿو ڪري سگهي. ڳوليندڙ ڪتن کي هڪ خاص سکيا ڏني ويندي آهي. ڪتن کي سکيا ڏيندڙ ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪتو ماڻهوءَ وانگر چيو مڃي سگهي ٿو. ڪتن کي سکيا ڏيڻ ۾ ڇهه مهينا کن لڳي وڃن ٿا. ماهرن اهو به ظاهر ڪيو آهي ته ڪتن جي نسل انوسار ئي سکيا ڏني ويندي آهي. جڏهن ڪتا پنهنجي مالڪ کي سمجهڻ لڳندا آهن، تڏهن هو ڏکئي وقت پنهنجي مالڪ جي مدد ڪرڻ لاءِ پنهنجي جان جي بازي لڳائڻ کان به ڪين گسندا آهن.

هر هڪ نسل جي ڪتي کي پنهنجو ڪو خاص گُڻ هوندو آهي. مثال طور السيشن ڪتو پنڌ، گشت ڪرن ۽ سنڀال واري ڪم ۾ بلڪل هوشيا هوندو آهي. بلڊ هائونڊ ڪتو ڳولا جي ڪم لاءِ لئبروڊر ڪتو زخمي ٿيل ماڻهوءَ يا لاش جي ڳولا ڪرڻ لاءِ ڪارائتا آهن.

ڪتي کي بيڊپو به بڻايو ويندو آهي. سکيا دوران هن جي ڪن جي ويجهو بندوق ڇوڙي ويندي آهي، جيڪڏهن هو ٿورو به ڊنو ته پوءِ هن کي ڪتن جي سکيا وٺندڙ فوج مان ڪڍيو ويندو آهي.

ڪتن کي سکيا ڏيڻ وقت پهرين کين چيو مڃڻ سيکاريو ويندو آهي. ڪتن کي مارڻ جي منع هوندي آهي. پر دڙڪن ۽ دهشت، مطلب ته آواز سان دٻائي سمجهايو ويندو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته مارڻ سان ڪتو نؤد ٿي پوي ٿو.

ملايا جي فوج وٽ اهڙا سکيا ورتل ڪتا آهن. جيڪي رات جي وقت سندن ٻنين وغيره سنڀال ڪندا آهن. رات جي وقت دشمن هنن تي ڪنهن به حالت ۾ حملو نٿو ڪري سگهي، ڇو ته هنن وٽ سياڻا ڪتا موجود آهن، ڪن ڪن ڪتن کي چپ رهڻ جي سکيا ڏني ويندي آهي، جيڪي ڀؤنڪندا ڪونه آهن ۽ پنهنجي دشمن تي اوچتو حملوڪندا آهن. ڪتن جو استاد به پنهنجن ڪتن جي اشارن مان ڪتن جي هر هڪ ڳالهه کي جهٽي، سمجهي ويندو آهي ته دشمن ڪيترو پري ۽ ڪهڙي هنڌ لڪل آهي ۽ ڪٿي خطرو آهي!

آمريڪا توڙي يورپ ۾ ڪتن کان ڌنار جو ڪم پڻ ورتو ويندو آهي. ڪتا مال جي سڄي ڌڻ کي چارائي حفاظت سان گهر وٺي ايندا آهن. هاڻي اوهان سمجهي ويا هوندا ته ڪتو ڪيترو نه ڪارائتو جانور آهي، پر اسان وٽ ڪتن کان رڳو شڪار جو ڪم ورتو ويندو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com