سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 2

باب: --

صفحو :7

 

 

ڀلا ٻڌايو ته ...

 

1_سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو رسالو سڀ کان پهرين ڪنهن سهيڙي ڇپايو ۽ اهو ڪٿي ڇپيو هو؟

2_ پيسا جو منارو ڪٿي آهي ۽ ڇاجي ڪري مشهور آهي؟

3_لاڙڪاڻي ۾ تازو دڙو کوٽيو ويو آهي، جنهن مان ظاهر ٿيو آهي ته سنڌ جي تهذيب پنجن هزار سالن کان به وڌيڪ پراڻي آهي، ان دڙي جو نالو ٻڌايو“

4_ رسالو”گل ڦل“ جيڪو هن وقت اوهان جي هٿن ۾ آهي، سو مشهور علمي ۽ ادبي اداري سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿيندو آهي، ان اداري جي پاران ٻيو ڪهڙو رسالو شايع ٿيندو آهي؟

5_دوربين ڪنهن ايجاد ڪئي؟

6_ضلعي ٿرپارڪر ۾ ڪهڙو جبل آهي؟

7_ون يونٽ جي ٽٽڻ جي تاريخ ٻڌايو؟

8_سائيڪل ڪنهن سڀ کان پهرين، ڪڏهن ۽ ڪهڙي ملڪ ۾ ايجاد ڪئي؟

(هنن سوالن جا جواب پڙهندڙ وٽان پهچڻ بعد ايندڙ پرچي ۾ شايع ڪبا.)

 

 

ادارو

ديس ديس جون خبرون

 

ٻارن لاءِ فني ۽ سائنسي تعليم جي ضرورت آهي.

سنڌ صوبي جي تعليم کاتي واري سيڪريٽريءَ سيد پناهه علي شاهه استادن جي هڪ ميڙ اڳيان تقرير ڪندي چيو ته اڳي پرائمري تعليم ٻارن کي نقش ۽ خانن جي وسيلي ڏيني ويندي هئي، جنهن کي وري جاري ڪيو ويو آهي. هن طريقي سان ٻارن کي صحيح معنيٰ ۾ تعليم ملندي. شاهه صاحب چيو ته خاص طور تي ٻارن کي فني ۽ سائنسي تعليم جي ضرورت آهي، جيڪا هيءَ حڪومت پوري ڪري رهي آهي.

 

هاءِ اسڪول جو سئو ساله جشن

شڪارپور جي قديمي هاءِ اسڪول جا سئو سال پورا ٿي چڪا آهن. ان موقعي تي اسڪول جي پراڻن شاگردن طرفان مارچ ۾ هڪ جشن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جشن ۾ سمورن پراڻن شاگردن کي، جن ۾ هينئر ڪي آفيسر آهن يا ڪي رٽائرڊ ٿي ويا آهن، يا ڪنهن ٻئي ڌنڌي ۾ آهن، ڪوٺايو ويندو.

 

ٻار جي بيٺل دل وري هلڻ لڳي

هڪڙو ٽن چئن سالن جو ننڍڙو ٻارف برف ۾ ڦاسي بيهوش ٿي ويو هو ۽ هن جي دل چاليهن منٽن تائين بند رهي. اهو ٻار هن وقت اوسلو شهر جي هڪ اسپتال ۾ خوب رانديون ڪري رهيو آهي. ننڍڙي ويگارڊ جي بيٺل دل وري چالو ڪندڙ ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته هن جي بچڻ جو راز هيءُ آهي ته سندس مغز برف کان بچي ويو هو.

 

ٻار کي ڏسڻ لاءِ هڪ رپيو في

تازو سرهاري سهر جي لڳ هڪ ڳوٺ م هڪ اهڙو عجيب ٻار ڄائو جنهن کي چار ٽنگون هڪ پڇ، ڊگها ڪن ۽ هاٿيءَ جهڙو دُن هو. ٻار ڄمڻ جي ٿوري دير کان پوءِ مري ويو. ٻار جي پيءُ بولاخان جڏهن ڏٺو ته آسپاس جي علائقي مان ماڻهن جا ميڙ ٻار کي ڏسڻ لاءِ اچي رهيا آهن، تڏهن هن ٻار جي ڏسڻ تي هڪ رپيو في رکي جام ڏوڪڙ ڪمايا.

 

هڪ ڪتي کي مارن لاءِ هڪ رپيو انعام

پشاور ۾ رولو ڪتن کي مارن جي مهم شروع ڪندي سهر جي ميونسپالٽيءَ اعلان ڪيو آهي ته جيڪو ماڻهو هڪ رولو ڪتي کي ڦاسائي کڻي ايندو تنهن کي هڪ رپيو اجورو ڏنو ويندو. ان ڳالهه جو ڊپ آهي ته متان پاليل ڪتن کي به رولو ڪتا سمجهي ماريو وڃي. انڪر ميونسپالٽيءَ ماڻهن کي چيو آهي ته هو پنهنجا ڪتا گهرن ۾ ٻڌي ڇڏين.

 

ڊگهي کّڙيءَ واري بوٽ ڦاسائي وڌو

چليءَ جي شهر سانتياگو ۾ هڪ ٺڳ چئن هزار ڊالرن جو ٿيلو چوري ڪري پوليس کان پنجاهه گزن جي مفاصلي تي ڊوڙي رهيو هو، ته سندس ڊگهي کڙيءَ وارو بوٽ ترڪي پيو ۽ ڪياڙيءَ ڀر رستي تي ڪري پيو. گرفتار ٿيڻ مهل هن چيو ته آئيندي مان ڊگهي کڙيءَ وارو بوٽ نه پائندس.

 

آمريڪا پڇرتاري ڏانهن خلائي جهاز موڪليو

آمريڪا 1979ع ۾ پڇر تاري ڏانهن خلائي جهاز موڪلن جو پروگرام رٿي رهي آهي. آمريڪي خلائي اداري جو چوڻ آهي ته اهو راڪيٽ پڇر تاري جي اڳئين، وچئين حصي کان سواءِ ڊگهي پڇ مان پڻ گذرندو ۽ ان جون ٽيليويزن تصويرون ۽ ٻي ڄاڻ ڌرتيءَ ڏانهن موڪليندو، جيڪڏهن آمريڪا ڪانگريس (چونڊيل نمائندن جي اسيمبلي) انهيءَ کوجنا واري پروگرام جي منظوري ڏني، ته پوءِ ان تي پندرهن ڪروڙ ڊالر (اٽڪل ڏيڍ ارب پاڪستان رپيا) خرچ ايندو.

سمنڊ ۾ ترندڙ شهر

روس ۾ ڪئسپين سمنڊ جي اڀرندي ڪناري تي تيل ڪڍندڙ مزورن لاءِ هڪ ترندڙ شهر اڏيو ويو آهي. انسان جي ٺاهيل هن ترندڙ ٻيٽ  تي ويهن هزار ماڻهن جي رهن جو بندوبست ڪيو ويو آهي. هن شهر ۾ سئنيما، موسيقي گهر ۽ راندين جي ميدانن کان سواءِ هڪ ايٽمي بجلي گهر ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ کي صاف ڪرڻ جو هڪ پلانٽ به اڏيو ويو آهي.

 

عورت جي ڌڙ واري مڇي لڌي

عرب رياست شارجا جي سامونڊي ڪناري تي هڪ عجيب قسم جي مڇي ڏسڻ ۾ آئي، جنهن کي پراڻن قصن ۽روايتن جي”جل پريءَ“ سان نسبت ڏيئي سگهجي ٿي. هن جو چيلهه کان مٿيون ڌڙ مڇيءَ جو ۽ هيٺيون اڌ عورت جو آهي. هيءَ مڇي پنهنجي نر سان گڏ ڪناري تي ويٺي هئي، ته شڪارين ڏسي ورتو. شڪارين جي بندوق سان مادي زخمي ٿي پيئي. پر نر ڀڄي ويو. شارجا رياست سرڪار طور نر کي ڳولڻ جو بندوبست ڪيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com