سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 2

باب: --

صفحو :8

 

سلام ۽ سنيها

 

 

السلام عليڪم.

گل ڦل رسالو نڪري رهيو آهي، سو ٻڌي ڏيڍي خوشي ٿي. ٻارن ۾ ڪچيءَ کان ئي سنڌي علم ۽ ادب لاءِ چاهه ۽ موهه پيدا ڪجي، ته بهتر آهي ۽ ائين ڪرڻ لاءِ، ٻاراڻا رسالا پيدا ڪرڻ نهايت ضروري آهي. اميد ۽ دعا آهي ته  هي رسالو چڱي ترقي ڪندو ۽ اسان جي گلن ڦلن جي خدمت ڪندو.

محبوب علي جوکيو

پڊعيدن

ادا،

گل ڦل پڙهيم، سڄوئي مواد پسند آيو. سچ ته هن وقت ۾ ٻارن جي ذهني اوسر لاءِ هڪ رهبر ڪتاب جي اشد ضرورت محسوس پئي ٿي. گل ڦل جي ٻيهر نڪرڻ تي منهنجي طرفان بورڊ وارن کي واڌايون. هاڻ مهرباني ڪري ٻارن کي نمائندگي ڏجو. هاڻ جيڪي جيڪي ٻار لکن پيا، انهن جي همت افزائي ڪرڻ اوهان جو فرض آهي.

اوهان جو ڀاءُ،

نصير شاد مرزا، حيدرآباد

 

ادا،

مون کي خبر پئي ته اوهان ٻارڙن لاءِ گل ڦل رسالو ماهوار ڪڍي رهيا آهيون. اسان کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي جو ٻارڙن جو هڪ پراڻو ۽ انمول تحفو وري پيش ڪري رهيا آهيون. مون کي ائين محسوس ٿيو آهي ته سڄي سنڌ جا ٻارڙا نهايت خوش ٿيا هوندا. انشاءالله جنهن به بوڪ اسٽال وٽ هي ڪتاب هوندو اتي ٻارڙن جا ميلي وانگر ميڙ هوندا ۽ هي ڪتاب ٻارڙن جي نهايت رهبري ڪندو.

ٻارڙن جون وڌ ۾ وڌ لکڻيون شايع ڪيون وڃن، جيئن ٻارڙن جي همت افزائي ٿئي ۽ رسالي کي ڪوشش ڪري وقت تي ڪڍيو وڃي. قسط وار ڪهاڻي شروع ڪئي وڃي ۽ جيڪو ٻار ڪهاڻي موڪلي، تنهن جي ڪهاڻيءَ سان گڏ فوٽو به شايع ڪيو وڃي.

اوهان جو ننڍو ادو،

   جميل احمد ميمڻ، هنڱورجا.

 

ادا گل ڦل جي ٻيهر شايع ٿيڻ تي منهنجي پاران مبارڪون قبول ڪندا. سنڌي زبان ۾ ٻاراڻي ادب جي جيڪا کوٽ آهي، سان نهايت دکدائڪ آهي، اميد آهي ته رسالو” گل ڦل“ ان کوٽ کي ڀرڻ لاءِ پنهنجي وسان ڪين گهٽائيندو.

شمس جعفراڻي، حيدرآباد.

 

هنن سان ملو

ايندڙ مهيني کان ٻارن جي قلمي دوستيءَ جو صفحو شايع ڪيو ويندو، 14 سالن کان ننڍي عمر وارا ٻار پنهنجو نالو، پيءُ جو نالو، ذات، عمر، ڪلاس، وندر ۽ ائڊريس لکي موڪلين

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com