سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2004ع

 

صفحو :1

مهراڻ 1/ 2004ع

ايڊيٽر: نفيس احمد شيخ

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

سجاڳيءَ جو سڏ ۽ ڪاميابيءَ جي راهه

سنڌ اندر، موجوده دور ۾، معاشي توڙي سماجي حالات سازگار ناهن، پر اُنهن کي سڌارڻ لاءِ وڏي سجاڳي جي ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ وڏي مايوس ڪن صورتحال اِها آهي جو ڳچ وقت کان وٺي سنڌ جي معاشري ۾ هر خامي لاءِ ٻين کي جوابدار ٺهرائڻ جا سبق پڙهايا ويا آهن: پاڻ پنهنجين ڪوتاهين کي سمجهڻ،قبول ڪرڻ ۽ اُنهن کي دور ڪرڻ لاءِ ڪارائتن قدمن کڻڻ لاءِ ڪنهن به سياسي توڙي سماجي رهنما ڪو تحرڪ خير ڪي ورتو آهي. سنڌ ۾ گهڻو ڪري هر ڪنهن پاڻ کي عام مقبول اڳواڻ بنائڻ لاءِ اُهي ڳالهيون پئي ڪيون آهن جيڪي ماڻهن کي وڻن، اِنهيءَ ڪري ماڻهن کي عام طرح سندن چوڻ ته:”اوهان بلڪل بي قصور آهيو، سڄو ڏوهه ٻين جو آهي.“ اُن جو سبب اِهو آهي جو پنهنجن کي سچ چوڻ ڏکيو آهي: پر حقيقي خير خواهي اِنهيءَ ۾ آهي ته پنهنجن کي سچ چئجي ۽ صحيح رهنمائي ڪجي.

ان جو معياري مثال عالي جناب پير صاحب پاڳاري شاهمردان شاهه ثاني سائين سڪندر شاهه جن جو  تازه خطاب آهي، جيڪو پاڻ گذريل عيدالاضحيٰ جي نماز بعد حاضر جماعت کي ڪيائون. هيءُ خطاب سنڌ جي وڏي سڄڻ ۽ وڏي روشن خيال رهنما جو آهي ۽ سندن جماعت ته اکين تي رکي اُن تي عمل ڪندي، پر اِهوخطاب سنڌ جي هر خيرخواهه  سڄڻ لاءِ سجاڳيءَ جو سڏ آهي. اُن تاريخي خطاب جو متن هيٺ ڏجي ٿو:

جناب پير صاحب پاڳاري، شاهمردان شاهه ثاني سائين سڪندر شاهه جو حر جماعت کي خطاب

السلام عليڪم بابا..........!

توهان سڀني کي اُستادن ۽ منهنجي طرفان عيد مبارڪ !

توهان اسان جي مفتي صاحب کي ٻڌو ته:”هر انسان جي خوشي پنهنجي قسم جي ٿيندي آهي: اِهو ماڻهوءَ جي سوچ تي آهي ته هو ڇا تي ٿو خوش ٿئي.“ توهان جي هت گڏجاڻيءَ جا ڏينهن اسان جي خوشيءَ جا ڏينهن آهن. اُستادن تي فرض  آهي ته توهان کي نصيحت ۽ هدايت ڪن، اِنڪري جو هو پڙهيل ۽ ڪڙهيل آهن، توهان کي پاڙهي نٿا سگهن ته گهٽ ۾ گهٽ ڪاڙهي سگهن ٿا. منهنجي لاءِ ضروري آهي ته توهان کي مشورو ڏيان، ڇاڪاڻ ته مان پڙهيل ڪونه آهيان، پر ڪڙهيل آهيان. اِن مشوري تي عمل ڪرڻ توهان جي لاءِ باعثِ خير ٿيندو ۽ اولاد به نه پڇتائيندي ته توهان منهنجي مشوري تي عمل ڪيو. توهان کي مان هميشه چوندو رهيو آهيان ۽ ڪوشش ڪندو رهيو آهيان ته توهان جي اولاد صالح ٿئي ۽ بري صحبت کان بچي. ڇوڪرين جي تعليم تي مان خاص طور زور ڏيندو رهيو آهيان، مان کي خوشي آهي جو توهان ۾ ڪجهه مايون اهڙيون آهن جي نه رڳو پڙهيون آهن پر گهڻو پڙهيون آهن. اُهي توهان جي طرف کان ايندڙ اليڪشن ۾ اُميدوار ٿي بيهنديون ۽ ڪامياب ٿينديون ۽ توهان جي خدمت ڪنديون. پر توهان کي اِهو احساس هجڻ کپي ته ڪم علميءَ جي ڪري ۽ ڪم لياقت ڪري پڙهيل زال جي اڳيان مڙس هميشه جهڪندو رهندو آهي. ڪنهن  به پڙهيل ڇوڪريءَ کي پاڻ کان گهٽ پڙهئي لکئي سان نه پرڻايو: گهٽ هجي ته به برابريءَ جي تعليم وارو هجي، نه ته وڌيڪ هجي. جي اهڙا پڙهيل ناهن ته توهان پڙهائڻ جي ڪوشش ڪريو. اُهو جيڪو پراڻو رستو هو ته پيءَ سڱ ڏيئي ڇڏيندو هو پنهنجي مائٽ ۽ دوست کي، ۽ ماءُ ڏيئي ڇڏيندي هئي ٻي مائٽياڻي، دوستياڻي يا سهيلي کي، اهو هاڻي ڪم نه ايندو. اُهي ننڍپڻ جا سڱ يا ڄائي ڄم وارا سڱ بيڪار آهن. ماڻهو پڙهي لکي بيهي ۽ عورت به پڙهي لکي بيهي، پوءِ اُنهن جي منظوريءَ سان سڱ ٿيندا. اگر سڱابندي منظوريءَ سان نه ٿيندي ته ضرور ’ڪاروڪاري‘ جا ڏکوئيندڙ واقعا ٿنيدا ! افسوس ۽ ڏک پاڙي وارن کي ۽ گهر وارن کي ٿيندو، بي عزتي ۽ بدنامي ائين مول پئجي ويندي. سو، هميشه بالغ ڇوڪريءَ جي بالغ ڇوڪري سان شادي ڪرايو. اهو بلوغت کان اڳ جي شادين وارو پراڻو رواج ختم ڪريو. اُهو دستور ۽ رواج اڳئين زماني سان هو: هن زماني سان سوُٽ نٿو ڪري، موافق ناهي ۽ توهان جي صحتمندي لاءِ ۽ اڳتي ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ لاءِ نٿو ٺهي. اگر توهان جي خاندان ۾ صغير ٻارن جا رشتا ٿيا آهن ۽ جي هو وڏا ٿي ’ها‘ ڪن ته قائم ٿيندا، ورنه اُنهن کي ختم سمجهڻ کپي. مان عرض ڪيو ته جيڪي به ننڍن ٻارن جا رشتا اوهان ڪيا آهن، سي ختم ٿيڻ کپن. سمجهه ۾ ڳالهه ويٺي؟.........اُن تي عمل به ٿيڻ کپي. هي اُهو حڪم آهي، جنهن تي عمل ٿيڻ کپي.

توهان پنهنجن فيصلن تي عمل ڪندا آهيو، پر پيراڻي فيصلي تي توجهه نه ڏيندا آهيو، جو پير توهان سان سڄو وقت گڏ ته هوندو ڪونهي. هر وقت توهان پنهنجي پاڻ ۾ هوندا آهيو. هُن کي به ڪو جڏهن ٻڌائي، اگر توهان ڪنهن کي ٻڌائڻ ڏيو. هاڻي اِن شيءِ جي مان اُميد ٿو ڪريان ته نه توهان ننڍا سڱ ڏيندا ۽ نه وٺندا. اگر اوهان اُنهن کان پڇندوء ۽ پڇڻ جي ضرورت نٿا محسوس ڪريو، ته اِهي ننڍپڻ جا سڱ ۽ زباني رشتا بيڪار آهن ۽ اڄ کان ختم آهن.

توهان کي  معلوم آهي ته سن 1952ع جي 4 فيبروريءَ تي توهان مون کي پڳ ٻڌائي هئي ۽ اڄ 4 فيبروريءَ ۾ ٻه ڏينهن باقي آهن. مون تي به فرض آهي ته مان توهان کي وقت به وقت ٽوڪيندو اچان ۽ اُگرا فيصلا ٻڌائيندو اچان. توهان کي به هن دنيا ۾، هن ماحول ۾، هنن ئي ماڻهن سان، هن ئي ملڪ ۾ رهڻو آهي، ۽ اُنهن جي وچ ۾ اهڙو ٿي هلڻو آهي جهڙا هُو آهن. پر اِن جو مطلب اِهو به ناهي ته توهان چور سان سنگت رکو يا بدمعاش ۽ بري جي سنگت رکو. پر سنگت اُنهن جي رکو، جيڪي نيڪ آهن ۽ صالح آهن، جيڪي توهان کي ڪجهه سيکاري سگهن ٿا ۽ جيڪي توهان کي ڪجهه غور سان ٻڌن ٿا ۽ پنهنجو سمجهن ٿا.ضرور هن اڳئين عيد کان هن عيد تائين توهان پاڻ سڃاتو هوندئو! هاڻ اوهان پنهنجي اولاد جا خير انديش ۽ خير خواهه ٿيو، جيئن رزق حلال ڪمائڻ لاءِ صالح مايون ۽ محنت ڪش صالح اولاد ڇوڪرا نسلن کي اڳتي وڌائين، جو قيامت تائين اوهان قائم ۽ دائم هجو.

اوهان خداترسي ۽ خداپرستي ۾ وڃي وقت گذاريو، مان ۽ مون کان اڳتي جيڪي پير اچن، اُهي ته توهان جي خدمت ۾ اِهوئي عرض ڪن. مون هيستائين توهان سان ڪا اهڙي ڳالهه نه ڪئي آهي ۽ اڄ ”پهريون“ دفعو ئي ڪئي آهي. مان نٿو گهران ته توهان پنهنجي لاءِ به ۽ منهنجي لاءِ به اِهو سوچيو ته اڳتي منهنجي مشوري تي هلڻ توهان لاءِ بُرو آهي، يا توهان جي اُن ڪارسازيءَ جي ڪري توهان جا نسل بگڙيا آهن.

توهان ذميوار آهيو پنهنجي نسل جي آبادي ۽ اُنهن جي علم جا. توهان جو ڪم آهي رزق حلال ۽ اُن جي تلاش ۽ اُن لاءِ محنت ڪرڻ. هن وقت نوڪريون ملڪ ۾ ڪونهن. جيڪي به توهان اخبارن ۾ پڙهو ٿا، سڀ کيڏ آهي. ڪا نوڪري ڪنهن جي لاءِ ڪنهن به قسم جي آهي ئي ڪانه. اگر ڪا جاءِ خالي ٿئي ٿي ته هر جاءِ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ پنج هزار ماڻهو پيدا ٿي ٿا وڃن ۽ اُهو خوشقسمت آهي جنهن کي بغير محنت جي پنهنجي ’ميرٽ‘ يا لياقت تي جاءِ ملي ٿي. هن وقت توهان جي ڪمائيءَ لاءِ ۽ رزق حلال جي لاءِ رڳو هڪڙو در کُليل آهي ۽ اُهو آهي پاڪستان جي فوج جو، جيڪو در هر هڪ لاءِ کليل آهي، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ ميٽرڪ يا اُن کان وڌ لياقت وارو هجي. توهان ڪوشش ڪريو ته جيڪا هاڻي ڀرتي ڪرڻ لاءِ ٽيم نڪرندي، اُن ۾ توهان پڙهيل لکيل ماڻهو ڀرتي ٿيو. اُتي مراعتون حاصل ڪريو، رزق حلال ڪمايو ۽ پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي حفاظت ڪريو. اِها قوم تي ڪا مهرباني ڪانهي. پاڻ تي فرض آهي پنهنجن ڀائرن جي حفاظت ڪرڻ ۽ ملڪ کي بچائڻ. سو رزق حلال جي لاءِ توهان اڳتي وڌو. اوهان کان اِها اُميد ٿي ڪجي. جتي نوڪري نٿي ملي، ڪا اُپت ناهي ۽ توهان علم پڙهيو به آهي ته پوءِ ڇو نه توهان اُن علم مان پنهنجي لاءِ ڪو فائدو وٺو ۽ فائدو ڏيو.

بهتر آهي ته سُکيا ٿيو، رزق جي تلاش ڪيو ۽ پنهنجي اولاد کي وڌ ۾ وڌ پڙهايو، خاص طرح سان عورتن کي. اُنهن سان جبر نه ڪريو. اُميد ته الله اوهان کي صحيح رستو ڏيکاريندو ۽ توفيق عطا فرمائيندو جو توهان پنهنجي ڳالهين تي نه، پر بالغ ٿئي کان پوءِ جيڪا ٻارن جي نيت هوندي اُن تي جائز عمل ڪندو. تنهن کان سواءِ اسان ۽ توهان ۾ وڏيرا آهن، جيڪي ڇوڪرين کي حق نه ڏيندا آهن، جائداد جي ڪري اُنهن جو شاديون ڪونه ڪندا آهن ۽ ويهاري ڇڏيندا آهن. ڪي گهڻو گوڙ ڪن ته قرآن شريف ڏيئي ڇڏيندا آهن ته اِن سان تنهنجو نڪاحُ آهي. ڇاڪڏهن قرآن شريف سان نڪاح به ٿيو آهي؟ اِهو ته فقط هدايت جي لاءِ آهي ۽ سڌي رستي ڏيکارڻ جي لاءِ آهي، اِهو جيڪو رستو جنهن ۾ توهان (بنا رضا جي) مڙس ڪري ٿا ڏيو، اُن ۾ اُن جي برعڪس لکيل آهي. جن پنهنجين ڀينرن کي يا ڌيئرن کي ويهاري ڇڏيو آهي سي مهرباني ڪري اُٿارڻ جي ڪوشش ڪريو. جائداد جو حق به جيڪو الله هُنن کي ڏنو آهي ۽ ملڪ جو قانون به اُنهن کي حقدار ڪري ٿو، ته اُهو اُنهن کي حق ڏيو. اِها توهان صاحبن جي وڏي مهرباني ٿيندي، جيئن آئنده مان اُنهن سلسلن ۾ ڪابه شڪايت نه ٻُڌان.

توهان ۾ اِها هڪڙي رسم ٿي وئي آهي، جو نڪاح پئجي ويو ته طلاق نٿا ڏيو ۽ نٿا وٺو. ڀلا جڏهن زال مڙس جدا ٿيل هوندا آهن ۽ ڪڏهن سندن گڏجڻ جو سوال ئي نه آهي ته پوءِ زال مڙس هجڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ اگر توهان مڙسن کي ٻي شادي جو حق ڏيو ٿا، بلڪ ٻي، ٽئين، چوٿين جو به  ۽ اوهين ائين پنهنجو هلڻ الڳ ڪريو ٿا ته پوءِ زال کي به ٻئي مڙس ڪرڻ جو حق آهي، اوهين پوءِ اُن کي طلاق ڏيئي ڇڏيو. پر اِهو منهنجو مشورو آهي، حڪم نه آهي ته طلاق ڏئي ڇڏيو. هر ڪو ماڻهو پنهنجو فيصلو پنهنجي گهروحالتن، خانداني حالتن ۽ برادريءَ جي حال کي ڏسي ڪري، پر اُهي ماڻهو (جيڪي پاڻ ۾ نٿا ٺهن) سي پاڻ کي هڪٻئي کان جدا ڪري ڇڏيندا ته هو به خوش ٿي ويندا ۽ مون کي به خوشي ٿيندي، ڇو ته غير ضروري نسب قائم نه آهي. الله جي درٻار ۾ هر هڪ کي پنهنجو حق آهي ۽ جيڪو حق وٺي ٿو سو بدنامي ۽بي عزتي جي باعث کان بچي ٿو.

اڄ مان توهان جو گهڻو وقت ورتو آهي، توهان به مون وانگر بيهي بيهي ٿڪا هوندوء، تنهنڪري مان توهان کي مشورو ڏيندس ته خير سان گهر وڃو ۽ آرام سان رستي تي ڊرائيونگ ڪريو. آرام سان ڊرائيور کان گاڏي هلرايو ته جيئن توهان سڀ حال حيات گهر پهچو ۽ رزق حلال جي تلاش ۾ لڳي وڃو ۽ پنهنجي اولاد کي صالح ڪري اُنهن جي پڙهائي ۽ لکائيءَ مان فائدو وٺو ۽ اُنهن کي فائدو ڏيو.

منهنجون نصيحتون ته ڪونهن: نصيحتون ته مولوين ۽ عالمن جون ٿينديون آهن. منهنجا ته اِهي مشورا يا صلاحون آهن، جيڪي توهان ٻُڌيون. پر اڄ گهڻن ڏينهن کان پوءِ صلاح نه، پر ”حڪم“ ڏنو اٿم. اُن جي تعميل ٿيڻ کپي.باري تعاليٰ توهان کي توفيق عطا فرمائيندو. باري تعاليٰ توهان جو رزق ڪشادو ڪندو. جيڪو رستو مان ڏسيو آهي، اُن تي هلندوء ته انشاءَالله! الله تعاليٰ توهان کي عزت ۽ آبروءَ جي زندگي، خوشحاليءَ جي زندگي ۽ خانه آباديءَ جي زندگي نصيب ڪندو. توهان جي اولاد سُڌرندي، لائق ٿيندي ۽ خوش هوندي. توهان کان به خوش هوندي ۽ هڪٻئي کي ملڻ ۾ به خوش ٿيندي، اگر توهان منهنجي صلاح تي هلندوء، مهرباني. (آخر دعا)

 

گذارش

سنڌي ادبي بورڊ ۽ عوامي خواهشو

سنڌ جي علمي، ادبي ۽ عوامي جاڳرتا وارن سڄاڻ ۽ ساڃهه وند حلقن لاءِ اِهو امر اطمينان جو باعث آهي ته گذريل سيپٽمبر ۾ نئين سر تشڪيل ڏنل سنڌي ادبي بورڊ جي نئين انتظامي جوڙجڪ، بورڊ جي ترقيءَ لاءِ پنهنجي دور رس ۽ ديرپا انتظامي قدمن سان پنهنجي عمل جو آغاز ڪري چڪي آهي، جنهن کي سنڌ جي ادبي حلقن ۾ وڏي قدر ۽ مسرت سان ڏٺو پيو وڃي.

سنڌ سرڪار پنهنجي فيصلي سان، سنڌ جي وزير تعليم جناب عرفان الله خان مروت کي بورڊ جي سربراهي سونپيندي، اُن لاءِ نئون بورڊ آف گورنرس مقرر ڪيو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪ مسٽر انعام شيخ کي اداري جي انتظامي واڳ حوالي ڪندي، سيڪريٽريءَ طور مقرر ڪيو، جنهن صاحب 2 آڪٽوبر 2003ع تي پنهنجي ڪم جي شروعات ڪئي.

سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جي پهرئين اجلاس (13 جنوري 2004ع) جي صدارت ڪندي مانواري چيئرمين جناب عرفان الله خان مروت چيو ته”بورڊ جي مڙني بحرانن تي قابو پائڻ لاءِ پيش قدمي جاري آهي ۽ نئين انتظاميه اداري کي فعال ۽ موءثر بنائڻ لاءِ ڪافي سرگرم آهي، جنهن سان هر مرحلي تي ڀرپور تعاون جاري رهندو.“ ان طرح اجلاس کان پوءِ پريس بريفنگ  ۾ چيئرمين صاحب بورڊ جي سالانه گرانٽ پنجاهه لکن مان وڌائي پنجهتر لک مقرر ڪرڻ جي خوشخبري ٻڌائي، جيئن بورڊ جي هڪ اهم مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ پيش رفت ٿي سگهي.

بورڊ پنهنجي مذڪوره اجلاس ۾ بورڊ جي سُڌارن لاءِ اسٽئنڊنگ ڪميٽيءَ سان گڏ مالياتي، اشاعتي، آئيني مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ الڳ الڳ ڪميٽيون قائم ڪرڻ جو انتظام ڪيو. اِن طرح هڪ طرف بورڊ جي مسئلن کي مستقل طور حل ڪرڻ لاءِ پائدار جتن ڪيا ويا آهن ته ٻئي طرف اُن جي واڌاري لاءِ پڻ موزون اُپائن جو سامان مهيا ڪيو ويو آهي.

سڀني سنڌواسين کي اهو ٻُڌي سرهائي ٿيندي ته سنڌي ادبي بورڊ جي ساک کي بحال ڪري، اُن کي سنڌ جي علمي حلقن جي خواهشن وٽان هر واسي بنائڻ لاءِ جيڪي پُرخلوص ڪوششون جاري آهن، تن ۾ انتظامي ليول تي سڀ کان پهرين بورڊ جي مالي بحران کي ضابطي ۾ آڻڻ لاءِ 36 ملازمن کي سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ضم ڪرڻ لاءِ عملي صورت پيدا ٿي چڪي آهي. جنهن لاءِ بورڊ جي عزت مآب چيئرمن جي برجستگي ۽ دُور انديشي قابل صد تحسين آهي. اِنهيءَ قدم سان، مستقبل ۾ بورڊ جي ترقيءَ لاءِ پڪن پختن بنيادن تي گهربل انتظام پنهنجو عملي روپ ورتو آهي.

بورڊ جي نئين جوڙجڪ ۽ انتظاميا جي متحرڪ ۽ فعال سرگرمين ۾ بورڊ جي اشاعتي سلسلي ڏانهن فوري توجهه کي سڀ کان وڌيڪ  نمايان ۽ ڳڻپ جوڳو ڪوٺي سگهجي ٿو، جنهن ۾ هڪ طرف بورڊ جي ٽن رسالن ”مهراڻ“، ”سرتيون“ ۽ ”گل ڦل“ جي وقتائتي اشاعت کي خاطري جوڳو بنايو ويو آهي. ته ٻئي طرف ڪتابن جي اشاعت لاءِ ڌيان ڏيندي، چند مهينن جي قليل عرصي ۾، بورڊ طرفان 16 ڪتاب پڌرا ڪيا ويا آهن. ان طرح هڪ طرف پريس کي رٿابنديءَ سان سرگرم ڪري اُن مان خاطرخواه نتيجن جي حاصلات ٿي چڪي آهي ته ٻئي طرف بورڊ جي شهر ۾ قائم وڪري واري مرڪز(بوڪ اسٽال) کي متحرڪ ڪرڻ سان اُن جي ماهوار آمدنيءَ ۾ اميد افزا واڌارو برپا ڪيو ويو آهي.

هن مختصر عرصي دوران سنڌي ادبي بورڊ ۾ عام انتظامي بهتريءَ لاءِ جيڪي قدم کنيا ويا آهن، تن جي مذڪوره جهلڪ بيان ڪندي فقط ايترو عرض ڪرڻ مناسب آهي ته اُنهن اُپائن سان بورڊ جي ترقيءَ وارين ڪوششن ۾ ڪاميابيون ملي رهيون آهن ۽ اِهو سلسلو پوري انهماڪ ۽ جفاڪشي سان تاحال جاري آهي.

اها هڪ خوشگوار حقيقت آهي ته سنڌ جا سُڄاڻ حلقا، پنهنجي هن قومي اداري سان اٿاهه پيار ڪندي اُن جي فروغ لاءِ وڏي دلچسپي سان خواهشمند رهندا ٿا اچن. اِها سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي خوشبختي آهي جو بروڊ جي نئين جوڙجڪ ۽ نئين انتظاميه جي مثبت ۽ تعميري شروعات سان، سندن آسُن ۽ اُميدن، اُمنگن ۽جذبن جي پورائتي لاءِ هڪ سُهڻي ۽ سنجيده، ديرپا ۽ مستقل صورتحال پنهنجا وڻندڙ نتيجا ڏيڻ شروع ڪيا آهن. اڄ سنڌ جا عالم ۽ دانشور، اديب ۽ شاعر، محقق ۽ تعليمدان، صحافي ۽ ثقافتي حلقا، بورڊ جي موجوده حوصله افزا ترقياتي سرگرمين کي اطمينان سان محسوس ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجي پر خلوص ۽ سرگرم علمي تعاون سان نوازي، اداري لاءِ تقويت جو انتظام ڪري رهيا آهن. اسان سندن ساٿ سهڪار ۽ محبت آفرين قدرداني کي فخر ۽ تشڪر سان محسوس ڪندي اُن کي پنهنجي سرگرمين ۾ واڌاري لاءِ نيڪ فال تصور ڪريون ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com