سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2004ع

 

صفحو :12

مترجم: مرزا قليچ بيگ _1853- 1929ع)

1-        ترجمو: رباعيات عمر خيام منتخب، حيدرآباد سنڌ: بلواسڪائي پريس. (1904ع) ص – 16، 44.

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ : انڊيا آفس لئبرري.

(Shelf mark:14164 aaa. 18.OIOC)

رباعيات خيام منتخب، ڇاپو ٻيو. حيدرآباد، سنڌ؛ ڀائي بند اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس. (1942ع) ص – 52

حوالو: نيشنل ببيلو گرافي آف انڊين لٽريچر: 1901-1953ع.

(NBIL NUMBER: 39617)

* روضته الشهداءَ / ملا ڪمال الدين حسن بن علي واعظ ڪاشفي (وفات: 5-1504/910 هه)

روضته شهدا، ملا ڪمال الدين حسين بن علي واعظ ڪاشفي جو فارسي ۾ لکيل ڪتاب آهي، جنهن ۾ هن حضرت امام حسين جي شهادت جو قصو بيان ڪيو آهي. مصنف هن کي سنه (3-1502/908 هه) ڌاري لکيو. ملا ڪمال الدين حسين بن علي واعظ ڪاشفي هرات جو ويٺل هو ۽ تمام سٺو مقرر هو. اسٽوري لکي ٿو ته حاجي خليفي هن جي وفات جو سال 1500ع ڏنو آهي. روضته الشهدا جو اڳاٽو سنڌي ترجمو مولوي احمد سنڌي ٺٽوي (وفات 95-1790ع) جو ڪيل آهي. مولوي احمد جي ڪيل ترجمي جو قلمي نسخو برٽش لئبرري لنڊن ۾ موجود آهي. محترم غلام محمد لاکي صاحب ٻن ترجمن جو تفصيل ڏنو آهي(23) ۽ محمد پنهل ڏهر صاحب هڪ ترجمي جو ذڪر ڪيو آهي.(24)

مترجم: مولوي احمد سنڌي ٺٽوي (وفات: 1790-1795ع)

2-       ترجمو: روضته الشهدا، تاليف جو سنه (1758ع /1172هه) بمبئي. انڊيا: قاضي عبدالڪريم، مطبع ڪريمي(1904/1322هه) ص..؟

حوالو: سنڌ جي ديني ادب جو ڪيٽلاگ، 1971ع، ڪتاب نمبر:50/ ص-16

روضته الشهدا سنڌي ۾. بمبئي انڊيا: جمناداس ڀڳوانداس. (1906/1324هه)، ص -546.

حوالو: سنڌ جي ديني ادب جو ڪيٽلاگ.1971ع، ڪتاب نمبر:468/ص-22

روضته الشهدا. بمبئي. انڊيا (1772ع) ص-761

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفس لئبرري: شڪاگو يونيورسٽي.نمبر:46435

مترجم: ٻاوا ميان بن رحمت الله.

3-       ترجمو: روضته الشهدا. بمبئي، انڊيا: مطبع حيدري. _1863ع) ص -761.

حوالو: سنڌ جو ديني ادب جو ڪيٽلاگ. 1971. ڪتاب نمبر: 411/ ص -18

مترجم: نامعلوم

4-       ترجمو: روضته الشهدا عرف جنگ نامو: بمبئي. انڊيا: منشي پوڪرداس،(1913ع) ص -830

حوالو: سنڌ جي ديني ادب جو ڪيٽلاگ. 1971ع. ڪتاب نمبر:؟/ص-23

* رومي جو فارسي نظم/مولانا جلال الدين رومي(1207-1273)

مترجم: پرمانند آڏواڻي(1906ع...)

5-       ترجمو: رومي جو روحاني خزانو: مولانا جلال الدين رومي جي فارسي نظم جو سنڌي ترجمو. (1971ع) ص -164.

حوالو: آن لائين ڪيٽلاگ شڪاگو يونيورسٽي 

(Call Number: PK2788.6.A3)

* روشنائي نامه/ حڪيم ابو معين الدين ناصر بن خسرو علوي (وفات:481هه)

مترجم: مرزا قليچ بيگ(1853-1929ع)

6-       ترجمو: روشنائي نامو. حيدرآباد سنڌ.

حوالو: ببليو گرافي آف سنڌ اينڊ بلوچستان/بليموريا. ڪراچي. 1929ع. ص.

مترجم: علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو(7/1896-1958ع)

7-       ترجمو: روشنائي نامو. حيدرآباد سنڌ.

حوالو؛ويا سي وينجهار/غلام محمد گرامي. سنڌي ادبي بورڊ.ا977ع ص-5

* سچل جو ڪلام(فارسي)/سچل سرمست(1739-1829ع)

سچل سرمست سنڌ جو هفت زبان شاعر آهي. سچل جون فارسي مثنويون سنڌ ۾ گهڻو مشهور آهن. انهن مثنوين جو ترجمو عطا محمد حامي ۽ ٻين ڪيو آهي. جن جو ذڪر ڊاڪٽر محمد ادريس السنڌي ڪيو آهي.(26) پنجن مثنوين جي ترجمن جو تفصيل محمد پنهل ڏهر ڏنو آهي. جيڪي اڃا اڻ ڇپيل آهن.(27) سچل سرمست جي فارسي ڪلام جي ٻن ترجمن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.

مترجم: ڪلياڻ بولچند آڏواڻي.(1911-1994ع) ۽ موتي لال جوتواڻي.(1936ع..)

8-       ترجمو: سچل سرمست جو چوند ڪلام(سنڌي ترجمو). ڇاپو پهريون. نئين دهلي. انڊيا: ساهتيه اڪيڊمي، (1970ع) ص -160(سنڌي اکر ديوناگري لپي ۾ لکيل. ديوناگري لپي ۾ آڻيندڙ: موتي لال جوتواڻي)

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري

(ShelfmarkLSAC.1986.a.14225.OIOC)

مترجم: عطا محمد حامي.

9-       ترجمو: سچل سرمست. ڇاپو پهريون. ڪراچي. سنڌ: پاڪستان پبليڪيشنس. ڪراچي. (1964ع) ص-202.

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري.

(Shelf mark:SAC.1986.a6841.OIOC)

ڪيفيت (نئين زندگي ۾ ڇپيل سچل سرمت تي چونڊ مضمون ۽ پنجن فارسي مثنوين جو سنڌي ترجمو)

* سالنامو فارسي/ مير سيد علي رضوي

مترجم: تراب علي شاهه(وفات:1655هه)

10-   ترجمو: سالنامو، سنڌي ترجمو.

حوالو: مرتضائي ٺٽوي جون ادبي خدمتون/ڊاڪٽر ديدار حسين شاهه، مهراڻ 3-4/1998ع. ص-153.

ڪيفيت؛ (هي سالنامو مرتضائيءَ جي ڪلمي ڪتاب نجات القلوب ۾ لکيل آهي. جيڪو هر سال محرم جي ڏهين تاريخ تي ٺٽي جي امام بارگاهه ۾ پڙهيو ويندو آهي.)

* سفر نامو/حڪيم ابو معين حميد الدين ناصر بن خسرو علوي (وفات:481هه)

مترجم: علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو(7/1896-1958ع)

11-    ترجمو: سفرنامو(تمهيد، تعليقات ۽ ترجمو)

حوالو: وياسي وينجهار/غلام محمد گرامي. سنڌي ادبي بورڊ،1977ع. ص5

*سڪندر نامه/نظامي گنجوي(1140-1202ع)

سڪندر نامه نظامي گنجويءَ جي مشهور مثنوي آهي. هن مثنويءَ جا سنڌي ٻوليءَ ۾ ٽي ترجما ٿيل آهن. پهريون ترجمو غلام محمد نظاماڻي جو، ٻيو ترجمو گل محمد رند جو، ۽ ٽيون ترجمو مرتضائي ٺٽويءَ جو ڪيل آهي. ڊاڪٽر غلام محمد لاکي، مرتضائيءَ جي ترجمي جي هڪ ڇاپي جو تفصيل ڏنو آهي.(28) هن ترجمي جي ٻئي ڇاپي جو تفصيل هيٺ ڏنل آهي. لاکي صاحب، غلام محمد خانزئيءَ جي ترجمي جو ذڪر ڪيو آهي. ان ترجمي متعلق وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.(29) ڊاڪٽر محمد ادريس السنڌي، سڪندرنامه مترجم گل محمد رند جي ترجمي جو ذڪر ڪيو آهي پر ان جي ڇپجڻ جو سال ۽ هنڌ ناهي ڄاڻايو.(30) محترم ميمڻ عبدالغفور سنڌي، گل محمد رند جي ترجمي جي ڇپجڻ جو سال 1906ع لکيو آهي(31) ٿي سگهي ٿو ته اهو ترجمو 1906 ۾ ڇپيو هجي پر ان جو پهريون ڇاپو غلام محمد نظاماڻي واري ترجمي(1889ع) کان پوءِ ۽ مرتضائي جي ترجمي(1894ع) کان پهرين جو ڇپيل آهي. يعني اهو ترجمو سنه 1889ع کان سنه 1894ع جي وچ واري ڪنهن سال ۾ ڇپيو آهي. جو مرتضائي ٺٽوي ان جو ذڪر پنهنجي ڪيل ترجمي سڪندر نامي ۾ ڪيو آهي(32)

مترجم: سيد غلام مرتضيٰ شاهه مرتضائي ٺٽوي(1843-1910ع)

12-   ترجمو: سڪندر نامو سنڌي، ڇاپو ٻيون. شڪارپور. سنڌ پوڪرداس ٿانورداس تاجر ڪتب.(1898ع) ص -192.

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگل انڊيا آفيس لئبرري

(Shelf mark:14164.b.40OIOC)

*سعد حڪايت/سيد عبدالفتاح گلشن آبادي عرف اشرف علي.

مترجم: گل محمد خان.

13-   ترجمو: سيد اشرف علي جي سعد حڪايت جي پهرين ڏهن آکاڻين ۾ آيل ڏکين اکرن جي مڪمل فهرست.

سکر.سنڌ؛ البرٽ پريس(1903ع) ص -41.

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري

(Shelf mark:757.cc.38.OIOC)

* سياست نامه طوسي/حسن ابن علي ابو علي نظام الملڪ طوسي (وفات:485هه)

مترجم:علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو(7/1896-1958ع)

14-   ترجمو: سياست نامو (سنڌي ترجمو)

حوالو: وياسي وينجهار/غلام محمد گرامي. سنڌي ادبي بورڊ. 1977ع.ص 5.

*شهباز نامه/لال شهباز قلندر

مترجم: مخدوم ميان غوث محمد گوهر.

15-   ترجمو: شهباز نامه، فارسي ڪلام: سنڌي ترجمو. ڇاپو پهريون. نوشهروفيروز. سنڌ؛ الڪبير اڪيڊمي(1993ع) ص – 128.

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري.

(Shelf mark:SAC.1998.a.156.OIOC)

*  شاهه نامه/ابوالقاسم فردوسي

شاهه نامه فردوسيءَ جي رزميه شاعريءَ جو عمدو مثال آهي. گهڻن ئي ڪوشش ڪئي ته شاهه نامي جي طرز تي ڪو ڪتاب جوڙين پر ان ۾ ڪامياب نه ٿيا. شاهه نامي جي ڪجهه بابن جا ترجما سنڏي ٻوليءَ ۾ ٿيل آهن. اختر راهي مرتضائيءَ جي ترجمي جو ذڪر ڪيو آهي پر ان جي ڇپجڻ جو سال ۽ هنڌ ناهي ڄاڻايو.(33) محترم غلام محمد لاکي، شاهه نامي جي هڪ ترجمي جو تفصيل ڏنو آهي. مرتضائيءَ جي ترجمي جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو. محمد پنهل ڏهر رستم. مترجم مرزا قليچ بيگ جي ترجمي جي هڪ ڇاپي جو ذڪر ڪيو آهي(34)رستم جي ٻين ڇاپن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.

مترجم: مرزا قليچ بيگ(1853-1929ع)

16-   ترجمو:شاهه نامي وارا شاهه يا قديم ايران جي تاريخ. حيدرآباد، سنڌ: ڄيٺمل پرسرام. بلوٽسڪائي پريس.1926ع ص – 183.

حوالو: نيشنل ببليو گرافي آف انڊين لٽريچر:1901-1953ع.

(NBIL NUMBER:40105)

مترجم: مرزا قليچ بيگ(1853-1929ع)

17-   ترجمو: رستم (شاهه نامي تان ورتل) ڇاپو پهريون. حيدرآباد سنڌ.(1880ع) ص؟

رستم_شاهه نامي تان ورتل): ڪراچي. سنڌ گورنمينٽ سينٽرل بڪ ڊيپو،(1891ع) ص-84

رستم(شاهه نامي تان ورتل) ڇاپو چوٿون. ڪراچي، سنڌ، پوڪرداس ٿانورداس،(1928ع) ص-64.

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري.

(Shelf mark:  Sind.D.441.OIOC)

* طب دائود خاني/ميان دائود خان ولد خدا يار خان عباسي

اصل ڪتاب انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۾ موجود آهي. ترجمي متعلق وڌيڪ خبر پئجي نه سگهي. هن جي هڪ ترجمي جو ذڪر محمد پنهل ڏهر ڪيو آهي(53)

مترجم:لعلچند شيوڪرام آڏواڻي.

70-  ترجمو: نڪات الادويات يا طب دائودي.(1886ع) ص-207.

حوالو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي لئبرري ۾ موجود قلمي نسخن جي فهرست. ڪتاب نمبر:58/ ص-6

* طوطي نامه/شياع الدين نخشبي(وفات(1350ع)/ محمد خاوند قادري/  حيدربخش حيدري.

طوطي نامو اصل ۾ سنسڪرت زبان ۾ 59 بابن تي مشتمل نصيحت جو ڪتاب آهي، جنهن کي ضياالدين نخشبي بدايوني(وفات1350ع/751هه) آسان فارسي زبان ۾ طوطي نامي جي نالي سان لکيو آهي. نخشبي جي طوطي نامه جو اختصار وري محمد خاوند قادري طوطي نامه جي نالي سان فارسي ٻوليءَ ۾ ڪيو. اڪبر بادشاهه جي چوڻ تي علامه ابوالفظل به فارسي زبان ۾ طوطي نامه لکيو آهي. سنڌ جي مشهور عالم علامه مخدوم محمد معين ٺٽوي(وفات:1748ع/1161هه) جي ڀاڻيجي، سيد نجم الدين ”عزلت“ ٺٽوي(وفات1747ع/1160هه) به نخشبي جي تتبع تي طوطي نامه لکيو. مير علي شير قانع لکي ٿو ته اهو طوطي نامه نخشبي جي طوطي نامه کان وڌيڪ بهتر هو. مولانا دين محمد وفائي لکي ٿو ته سيد عزلت جي طوطي نامه نخشبي جي طوطي نامه کان عمده عبارت ۾ لکيل هو.

محمد خاوند قادري جي ڪتاب تان وري سيد حيدر بخش حيدري(وفات(1823ع) هندي(اردو) ٻولي ۾ طوطه ڪهاني جي نالي سان ترجمو ڪيو. سنڌ جي جن عالمن هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو ڪيو آهي سو سيد حيدربخش حيدري واري ترجمي تان ڪيو آهي. سنڌي ٻولي ۾ هن جو آڳاٽو ترجمو منشي اڌارام  ٿانورداس مير چنداڻيءَ جو ڪيل آهي. جيڪو ڪراچي مان سنه 1862ع ۾ شايع ٿيو. جيمس فلر بلمهارڊٿ(و 1922ع) پهريون انگريز مستشرق آهي. جنهن سنه 1893ع ۾ سنڌي ڪتابن جو ڪيٽلاگ شايع ڪيو. ان ڪيٽلاگ ۾ 150  سنڌي ڪتابن جون داخلائون ڏنل آهن. هن ڪيٽلاگ ۾ طوطي نامه جي ٻن ترجمن جي داخلا پڻ ڏنل آهي. هڪ منشي اڌارام ٿانورداس ميرچنداڻيءَ جي ترجمي جي ۽ ٻي گل محمد ۽ حبيب الله جي ترجمي جي. انهن ٻنهي ترجمن متعلق جيمس فلر پلمهارڊٿ لکي ٿو ته اهي ٻئي ترجما سيد حيدربخش حيدريءَ واري ترجمي تان ٿيل آهن ۽ سڌو فارسي واري ترجمي تان ڪيل ناهن. محمد پنهل ڏهر جن ٻن ترجمن جو ذڪر ڪيو آهي. سي ٻيئي سيد حيدربخش حيدريءَ واري ترجمي تان ٿيل آهن.(36) محمد پنهل ڏهر  سهجرام ٽهلرام جي ٻن ڇاپن جو ذڪر ڪيو آهي. هت انهن جي ٻن وڌيڪ ڇاپن جو ذڪر ڪجي ٿو.

مترجم: سهجرام ٽهلرام کوکرائي ۽ ديارام.

71-   ترجمو: سنڌي طوطي نامون، پنجٽيهه راتيون. دفعو ٻيو. شڪارپور. سنڌ: پوڪرداس ٿانورداس.(1911ع) ص-128

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري

(Shelf mark: 14164.b.56.OIOC)

وڏو سنڌي طوطي نامو پنجٽيهه راتيون دفعو ٽيون، شڪارپور. سنڌ پوڪرداس ٿانورداس (1926ع) ص-96.

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري.

(Shelf mark: Sind. D. 392 OIOC)

ڪيفيت: (حيدربخش حيدري وفات 1828ع جي اردو ڪتاب تان سنڌي ترجمو، جيڪو اصل فارسي تان ترجمو ٿيو.)

مترجم: گل محمد خان.

72-  ترجمو: طوطي نامون. اصل وڏو قصو، ڇٽيهن راتين وارو. دفعو ٻيون. سکر، سنڌ: هري سنگهه سنس ڪتب خانه ڇاپخانه.(1926ع) ص-107(محمد خاوند قادري جي فارسي منتخب تان سنڌي ترجمو)

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري.

(Shelf mark: Sind:326.OIOC)

* ظفر نامه/ گُرو گوبند سنگهه(1666-1708ع)

مترجم: هشمت سنگهه ديالداس سپاهيملاڻي

73-  ترجمو: ظفر نامون: گروگوبند سنگهه ڏهين جو (فارسي سان گڏوگڏ سنڌي ترجمو شامل) ڇاپو پهريون.

حيدرآباد. سنڌ: همشمت سنگهه ديالداس سپاهيملاڻي(1914ع) ص 92

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري.

(Shelf mark: 14164.b.58930.OIOC)

ڪيفيت:گرو گوبند سنگهه جي بادشاهه اورنگزيب ڏانهن ڪيل خط و ڪتابت جو سنڌي ترجمو)

* عيار دانش/شيخ ابولفصل علامي(وفات:1011هه)

مترجم:علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو(7/1896-1985ع)

74-  ترجمو: عيار دانش.

حوالو: وياسي وينجهار/غلام محمد گرامي. سنڌي ادبي بورڊ.1977ع. ص-5

* عربي ۽ فارسي ڪتاب/نامعلوم

مترجم: آرادين.

75-  ترجمو: نور نامو حضرت رسالت پناهه جو(تاليف جو سنه: 1069ع کان پهرين)

حوالو: مقدمو: سنڌي ٻولي جو آڳاٽو ذخيرو/ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ. سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، 1993ع، ص-17

* عقد الجد/شاهه ولي الله دهلوي(3/1762-3/1702ع)

مترجم: غلام حسين جلباڻي(1914…)

76-  ترجمو: عقدالجد: سنڌي ترجمو. حيدرآباد. سنڌ؛ شاهه ولي الله اڪيڊمي.(1966ع) ص.123.

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري.

(Shelf mark: 1986.a.35111 OIOC)

* قصه اگر گل/ نامعلوم

مترجم:جهامنداس

77-  ترجمو: قصو اگر گل(سنڌي ترجمو) شڪارپور سنڌ: منشي پوڪرداس تاجر ڪتب.(192ع) ص-136

حوالو: برٽش آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفس لئبرري.

(Shelf mark:14164.b.45(1)OIOC)

* قصه چهاردرويش/امير خسرو دهلوي؟(1253-1325ع)

قصه چهار درويش متعلق عام تاثر آهي ته اهو امير خسرو جو لکيل آهي. ڪن جو وري خيال آهي ته اهو محمد علي معصوم يا انجب جي تاليف آهي. ڪي لکن ٿا ته هي ڪتاب امير خسرو جو لکيل ڪونهي ۽ غلطي کان ان ڏانهن منسوب آهي. سنڌي ٻولي ۾ هن قصي جا ڪافي ترجما ٿيل آهن. محمد پنهل ڏهر احمد خان وارو جيڪو ترجمو لکيو آهي سو مير امن دهلوي جي اردو ترجمي باغ و بهار تان ڪيل آهي(37) ان جي ٻين ڇاپن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو. ڊاڪٽر محمد ادريس السنڌي، ميان امام بخش خادم جي ترجمي جو ذڪر ڪيو آهي.(38) هت ان جي ٻين ڇاپن جو تفصيل ڏنل آهي.

مترجم: ميان امام بخش.

78-  ترجمو: چهاردرويش. ڇاپو ٽيون. شڪارپور. سنڌ: پوڪرداس ٿانورداس تاجر ڪتب.(1909ع) ص -268

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري.

(Shelf mark: 14164.b.54(4) OIOC)

چهاردرويش. چاپو ڇهون. شڪارپور. سنڌ؛پوڪرداس ٿانورداس تاجر ڪتب.(1932ع) ص -218

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري

(Shelf mark: 14164.bb.41.OIOC)

ڪيفيت: (مير امن دهلوي وفات. 1801-1806ع جي اردو ڪتاب تان ترجمو ڪيل. جيڪو اصل فارسي تان ترجمو ٿيو)

مترجم: احمد خان تڳيو جلباڻي بلوچ.

79-  ترجمو: چهاردرويش سنڌي، يا پنج گلو. ڇاپو ٽيون. سکر نئين. سنڌ: هريسنگهه پينشنر ڪتبخانه.(1911ع) ص -277.

حوالو:برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري.

(Shelf mark: 14164bb.8(1) OIOC)

ڪيفيت: مير امن دهلوي. وفات 1801-1806ع جي ڪتاب تان ترجمو ڪيل جيڪو اصل فارسي تان ترجمو ٿيو)

* قصص الانبياءَ/ اسحاق بن ابراهيم نيشاپوري(وفات:89-888هه)

قصص الانبياءَ متعلق لکن ٿا ته اصل ۾ هي ڪتاب عربي ٻوليءَ ۾ هو جنهن جو فارسي ترجمو سلطان غياث الدين مظفر جي چوڻ تي شيخ محمد حوائزي ۽ ٻين عالمن گڏجي 936ع/352هه ڌاري شروع ڪيو. اسٽوري ان ڳالهه کي تسليم نٿو ڪري ته هي ڪتاب ڪو 352هه ۾ لکيو ويو. هن جو چوڻ آهي ته اها تاريخ ڪنهن هٿرادو ان ۾ لڳائي آهي. جيڪا صحيح ناهي. هن ڪتاب جو ٻيو فارسي ترجمو اسحاق بن ابراهيم نيشاپوري جو ڪيل آهي جيڪو پنجين صدي هجري جي آخر تائين جيئرو هو. سنڌ جي جن عالمن هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو ڪيو آهي سو اسحاق بن ابراهيم نيشاپوريءَ واري ترجمي تان ڪيو آهي. اختر راهي ٻن ترجمن جو ذڪر ڪيو آهي(39) اختر راهي، محمد حسين واري ترجمي جو صرف نالو ڄاڻايو آهي ۽ ان متعلق ڪو تفصيل نه ڏنو آهي. هت ان جو تفصيل ڏجي ٿو.

مترجم: ميون محمد حسين.

80-  ترجمو: سئر بوستان: تاليف جو سنه (1763ع/1177هه) بمبئي. انڊيا: مطبع ڪريمي.(1913ع) ص -201

حوالو: سنڌ جي ديني ادب جو ڪيٽلاگ: سنڌي عالمن جو قلمي ذخيرو. 1971ع، ڪتاب نمبر:3/ص-2

سئر بوستان. بمبئي، انڊيا(1771ع) ص-4، 276.256

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري شڪاگو يونيورسٽي نمبر:49443

سئر: بوستان بمبئي. انڊيا.(1873ع) ص-276.256

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري. شڪاگو يونيورسٽي. نمبر:49444

* قطعات ابن يمن/ امير فخرالدين محمود(ابن يمن)

مترجم: علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو(7/1796-1958ع)

81-   ترجمو: قطعات ابن يمن: (منتخابات، تعليقات ۽ ترجمو)

حوالو: وياسي وينجهار/غلام محمد گرامي. سنڌي ادبي بورڊ. 1977ع. ص-5

* ڪنوز المعارف/نامعلوم

مترجم:ميان گل محمد هالائي_1784-1856ع)

82-  ترجمو:سنڌي ترجمه ڪنوز المعارف.اوائل 14 صدي جي تاليف،ص-103

 حوالو: سنڌ جي ديني ادب جو ڪيٽلاگ.سنڌي عالمن جو قلمي ذخيرو.1971ع ڪتاب نمبر:2/ص18

* ڪيميائي سعادت:/ابو حامد محمد ابن محمد امام الغزالي (1058-1111ع)

ڪيميائي سعادت، امام غزالي جو جڳ مشهور ڪتاب آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ هن جا ٻه ترجما مشهور آهن. هڪ مرزا قليچ بيگ جو، ٻيو غلام حسين جلباڻي جو، اختر راهي غلام حسين جلباڻيءَ جي ترجمي جي هڪ ڇاپي جو ذڪر ڪيو آهي(40) اُن ترجمي جو پهريون ڇاپو سنه 1960ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو سنه 1970ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ وارن شايع ڪيو. غلام محمد لاکي، مرزا قليچ بيگ جي ترجمي جو ذڪر ڪيو آهي ۽ لکيو آهي ته حصو اول سسنه 1981ع ۾ ۽ حصو ٻيو سنه 1985ع ۾ شايع ٿيو.(41) اصل ۾ مرزا صاحب جو ترجمو پهريون دفعو سکر مان سنه 1904ع ۾ ۽ ٻيو دفعو سنه 1928ع ۾ شايع ٿيو. محمد ادريس السنڌي ٻن ترجمن جو ذڪر ڪيو آهي(42) مرزا صاحب واري ترجمي جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.

مترجم: مرزا قليچ بيگ(1853-1929ع)

83-  ترجمو: ڪيميائي سعادت. ڀاڱو پهريون. سکر، سنڌ: هري سنگهه تاجر ڪتب.(1904ع) ص-134

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري.

(Shelf mark: 14164.a.28(1)OIOC)

ڪيميائي سعادت.سکر. سنڌ.(1928ع) ص؟

حوالو: انڊيا آفيس لئبرريءَ ۾ موجود سنڏي ڪتابن جو ڪيٽلاگ، هٿ جي لکيل لسٽ، (1989ع) ص -300

* گلستان / شيخ مصلح الدين سعدي شيرازي(وفات:1292ع/691هه)

مترجم: جيرام ڪوڏو مل.

84-  ترجمو: گلستان يا گلن جي جاءِ: گلستان جو منتخب سنڌي ترجمو.ڇاپو پهريون.

شڪارپور. سنڌ: پوڪرداس ٿانورداس تاجر ڪتب.(1908ع) ص -48.

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري.

(Shelf mark: 14164.a.a.a. OIOC)

* گل صنوبر/نامعلوم

مترجم: جيٺانند.

85-  ترجمو: اصل وڏو قصو گل صنوبر جو. ڇاپو چوٿون. سکر نئون. سنڌ: هيمنداس اينڊ سنس. (1915ع) ص-82

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري.

(Shelf mark:14164.bb.5 OIOC)

ڪيفيت: (اصل فارسي ڪتاب تان ترجمو ڪيل)

* گل بڪاولي/ عزت الله بنگالي(وات:1711 يا 1712ع) نهال چند لاهوري.

قصه گل بڪاولي، عزت الله بنگالي جو فارسي ٻوليءَ ۾ لکيل مشهور قصو آهي. هن قصي جا ڪجهه ترجما سڌو عزت الله بنگاليءَ جي فارسي ڪتاب تان ڪيل آهن ۽ ڪي ترجما نهال چند لاهوريءَ جي اردو ترجمي تان ورتل آهن. انهن ترجمن جو  تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.

مترجم: نامعلوم.

86-  ترجمو: قصو گل بڪاولي(گرمکي خط ۾، فارسي تان ترجمو ڪيل) شڪارپور. سنڌ: پوڪرداس ٿانورداس ڪتب(1911ع) ص -243

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا لئبرري.

(Shelf mark: 14164.b.46.(4) OIOC)

مترجم: ميان واحد بخش ”مشتاق“

87-  ترجمو: قصو تاج الملوڪ ۽ گل بڪاولي. ڇاپو پهريون.(1895ع)

قصو تاج الملوڪ ۽ گل بڪاولي. ڇاپو ٽيون. شڪارپور. سنڌ: پوڪرداس ٿانورداس.(1915ع) ص-160.

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري.

(Shelf mark: 14164.bb.9. OIOC)

ڪيفيت ( نهال چند لاهوريءَ جي اردو ڪتاب تان ترجمو ڪيل، جيڪو اصل فارسيءَ تان ترجمو ٿيو.)

مترجم: احمد خان تڳيو جلباڻي بلوچ.

88-  ترجمو: قصو گل بڪاولي نثر. ڇاپو پهريون(1890ع) ص ؟

قصو گل بڪاولي نثر، ڇاپو ٽيون. سکر سنڌ: هريسنگهه پينشنر ڇاپخانه.(1906ع) ص -169

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري.

(Shelf mark: 14164.b.52. OIOC)

اصل وڏو قصو گل بڪاولي ۽ تاج الملوڪ جو. سکر، سنڌ: هريسنگهه ڪتبخانه ڇاپخانه.(1927ع) ص-152

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري.

(Shelf mark: 14164.b.46(4) OIOC)

ڪيفيت: (نهال چند لاهوريءَ جي اردو ڪتاب تان ترجمو ڪيل، جيڪو اصل فارسيءَ تان ترجمو ٿيو.)

* منهاج العاشقين / غلام محمد خانزئي

منهاج العاشقين غلام محمد خانزئي جو فارسيءَ ۾ لکيل ڪتاب آهي، جنهن ۾ هن شاهه لطيف جي بيتن جا روحاني راز ٻڌايا آهن. اختر راهي منهاج العاشقين مترجم ڊاڪٽر دائود پوٽي جي ترجمي جو ذڪر ڪيو آهي. پر ان جي ڇپجڻ جو هنڌ ۽ سال ناهي ڄاڻايو.(43) محمد پنهل ڏهر ضميمي ۾ ٻڌايو آهي ته اهو ترجمو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪتاب رسالو غلام محمد خانزئيءَ جي صفحي 559 کان 558 تي ڇپيل آهي.(44) ڊاڪٽر دائودپوٽي جي ڪيل ان ترجمي جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.

مترجمل ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو(7/1896-1958ع)

89-  ترجمو: منهاج العاشقين. سنڌي ترجمو. ڇاپو پهريون. ڪراچي. سنڌ: ايجوڪيشنل پبلشنگ.(1934ع) ص -32

حوالو: شاهه لطيف تي ببليو گراف/ ڊاڪٽر در شهوار سيد. 1997ع، ص

منهاج العاشقين، سنڌي ترجمو. ڇاپو ٻيو. ڪراچي. سنڌ: سنڌي ادبي سوسائٽي.(1964ع) ص -32

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري.

(Shelf mark :SAC. 1986.a.6928 OIOC)

* مجموعه ٽي ڪتاب ؛ (نماز فراض، حيرت الفقه، سراج السلام) / نامعلوم

90-  ترجمو: مجموعه ٽي ڪتاب: نماز فرائض. حيرت الفقه ۽ سراج السلام جو سنڌي ترجمو.

ڇاپو پهريون. شڪارپور سنڌ: پوڪرداس ٿانور داس تاجر ڪتب.(1912ع) ص -104

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري

(Shelf mark: SAC.a.1560. OIOC)

* مجموعه ڪتاب؛ (آمد نامه، دووايه، سه وايه) / نامعلوم

مترجم: ميان ڌڻي ڏنو شاهه.

91-   ترجمو: مجموعه ٽي ڪتاب: آمد نامه، دووايه، سه وايه جو سنڌي ترجمو.

ڇاپو پهريون. شڪارپور. سنڌ: پوڪرداس ٿانور داس تاجر ڪتب: (سال؛؟) ص-60

حوالو: سنڌ: اين اينوٽِڊ ببلو گرافي/محمد قاسم سومرو. اسلام آباد.1981ع، ڪتاب نمبر: 229/ ص-70

* مختار نامه/نامعلوم

مترجم: علي محمد جان.

92-  ترجمو: مختيار نامو: امام حسين جو ساٿي مختار ۽ يزيد جي وچ ۾ جنگ جو قصو. بمبئي. انڊيا(1882ع) ص -2

حوالو: برٽس لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري. شڪاگو يونيورسٽي. ڪتاب نمبر:49416

ڪيفيت: علي محمد جان جو ڪيل هي ترجمو کوجا / کوجڪي سنڌي رسم الخط ۾ لکيل آهي.

* مفتاح الصلوات/ محدث فتح محمد سنڌي برهانپوري

مفتاح الصلوات، محدث فتح محمد سنڌي برهانپوري جو فقه ۾ لکيل فارسي ڪتاب آهي. جيڪو مصنف 1061هه ۾ لکيو. هي ڪتاب سنڌ ۽ هندوستان جي ديني مدرسن ۾ پڙهايو ويندو هو. هن جو منظوم سنڌي ترجمو عبدالصمد جو ڪيل آهي. هن ڪتاب جو هڪ قلمي نسخو(1061هه) سنڌي ادبي بورڊ جي لئبرريءَ ۾ موجود آهي.(45) ۽ ٻيو قلمي نسخو (1063هه) سنڌ يونيورسٽي جي لئبرريءَ ۾ موجود آهي.(46) هن ڪتاب جو منظوم اردو ترجمو خزانه حسنات جي نالي سان سيد امام الدين علي دهلوي سنه 1182هه ۾ ڪيو.(47) ان جو ٻيو اردو ترجمو شاهه سعيد الدين ڪرنولي مصباح الصلوات جي نالي سان سنه 1241هه ۾ ڪيو. جيڪو مطبع رحماني سنه 1264هه ۾ شايع ڪيو(48) عبدالصمد جي ڪيل ترجمي جي هڪ ڇاپي جو تفصيل ڊاڪٽر محمد ادريس السنڌي ڏنو آهي(49) ان ترجمي جي ٻين ڇاپن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.

مترجم: مخدوم ميان حاجي عبدالصمد.

93-  ترجمو: مفتاح الصلوات سنڌي. بمبئي. انڊيا: سيٺ جمناداس ڀڳوانداس.(1884ع) ص-292

حوالو: سنڌ جو ديني ادب جو ڪيٽلاگ. 1971ع. ڪتاب نمبر: 519/ ص-24

مفتاح الصلوات سنڌي. بمبئي. انڊيا: سيٺ  جمناداس ڀڳوانداس(1886ع) ص-292

حوالو: سنڌ جي ديني ادب جو ڪيٽلاگ.1971ع. ڪتاب نمبر:242/ ص-11

مفتاح الصلوات سنڌي. بمبئي. انڊيا: قاضي نور محمد مطبع ڪريمي. (1927ع) ص-264

حوالو: سنڌ جي ديني ادب جو ڪيٽلاگ.1971ع.ڪتاب نمبر:520/ ص-24

* مثنوي معنوي/مولانا جلال الدين رومي(1207-1273ع)

مترجم: محمد بخش واصف(1892-1952ع)

94-  ترجمو: آغاز مثنوي: مولانا رومي جي مثنوي جو منظوم سنڌي ترجمو (اڻ پورو قلمي نسخو) ص -41

حوالو: محترم عبدالقيوم ”صائب“ وٽ هن جو قلمي نسخو موجود آهي.جتان راقم پنهنجي لاءِ فوٽو ڪاپي ڪرائي.

* مثنوي تحفته العاشقين/ نامعلوم

مترجم: آخوند فقير محمد عاجز(1846-1918ع)

95-  ترجمو: مثنوي رحمته اللعالمين. مثنوي جو منظوم سنڌي ترجمو(قلمي)

حوالو: گلشن بهار/آخوند فقير محمد عاجز. سنڌي ادبي بورڊ.1971ع، ص-6

* مثنوي يوسف زليخا/ مولوي عبدالرحمان جامي(1414-1492ع)

مثنوي يوسف زليخا، مولوي عبدالرحمان جامي جي مشهور تصنيف آهي. هن مثنويءَ جا سنڌي ٻوليءَ ۾ به ترجما ٿيا آهن. ڊاڪٽر غلام محمد لائي مرتضائيءَ جي ترجمي جو ذڪر ڪيو آهي، پر ان متعلق مڪمل تفصيل ناهي ڏنو(50) ان ترجمي جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو. چئن ترجمن جو تفصيل ڊاڪٽر محمد ادريس السنڌي ڏنو آهي. جنهن ۾ غلام الله عباسي جو ترجمو به شامل آهي(51) ان ترجمي جي هڪ ٻئي ڇاپي جو ذڪر هيٺ ڪجي ٿو.

مترجم: غلام الله عباسي.

96-  ترجمو: يوسف زليخا ترجمو سنڌي. مفيد عام پريس. لاهور(1910ع) ص -320

حوالو: نيشنل ببليو گرافي آف انڊين لٽريچر:1901-1953ع.

NBIL NUMBER: 39575)

مترجم: غلام مرتضيٰ شاهه مرتضائي ٺٽوي(1843-1910ع)

97-  ترجمو: سنڌي يوسف زليخا منظوم. ڪراچي. سنڌ ؛ مطبع جليل پريس(1890ع) ص-616 ۽ 10

حوالو: برٽس لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري.

(Shelf mark: 14164.b.24 OIOC)

* ميزان الطب/ حڪيم محمد اڪبر ارزاني(وفات:1722ع/1134هه)

ميزان الطب، حڪيم محمد اڪبر ارزاني جي علم طب جي مشهور تصنيف آهي. هن جا سنڌي ٻوليءَ ۾ به ترجما ٿيا آهن. ڊاڪٽر محمد ادريس السنڌي حڪيم آئل مل نصرپوريءَ جي ترجمي جي ٽن ڇاپن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ لکيو آهي ته هي ترجمو پهريائين منشي پوڪرداس شڪارپور مان سنه 1928ع ۾ شايع ڪيو(52)  اصل ۾ هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو سنه 1893ع کان پهرين جو ڇپيل آهي جو ان جو ٻيو ڇاپو سنه 1893ع ۾ شايع ٿيو. هن ترجمي جي ٻن وڌيڪ ڇاپن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.

مترجم: حڪيم آئل مل نصرپوري.

98-  ترجمو: ميزان الطب، آئل مل. ڇاپو ٻيو. سکر نئون سنڌ: هريسنگهه ڊينگو مل(1893ع) ص-272

حوالو: برٽس لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري

(Shelf mark: 14164.a.8(2) OIOC)

ميزان الطب الطب. ڇاپو ٻيو. شڪارپور. سنڌ: مولوي محمد عظيم ائنڊ سنس. ص-204

حوالو: ڇپيل سنڌي ڪتابن جي ببليو گرافي. 1972ع. ڪتاب نمبر-103. ص-353

* مخزن الاسرار/نظامي گنجوي(1140-1202ع)

مترجم:مرزا قليچ بيگ(1853-1929ع)

99-  ترجمو: مخزن الاسرار.سنڌي ترجمو.

حوالو: ببليو گرافي آف سنڌ اينڊ بلوچستان/ بليموريا. ڪراچي. 1929ع ص-

* نحو مير/مير سيد شريف جرجاني(وفات:816هه)

مترجم؛حافظ عبدالرزاق سڪندري

100-       ترجمو: مهراڻ منير. شرح نحو مير. سانگهڙ، سنڌ: مڪتبه حزب الحناف، جامع مسجد پوليس لائين(2000ع) ص-152

حوالو: تبصر: مهراڻ (1/2001ع) سنڌي ادبي بورڊ. ص-188

* نامه حق/ شرف الدين بخاري

مترجم: نامعلوم

101-        ترجمو: نامه حق فارسي، ترجمه سنڌي. صفحا-3

حوالو؛ انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي لئبرري ۾ موجود قلمي نسخن جي فهرست. ڪتاب نمبر-157(3)

* نور الهديٰ/ نامعلوم

مترجم: غلام مرتضيٰ شاهه ٺٽوي(1843-1910ع)

102-       ترجمو: نورالهديٰ جو سنڌي ترجمو.

حوالو: مرتضائي ٺٽوي جون ادبي خدمتون/ ڊاڪٽر ديدار حسين شاهه. مهراڻ 3-4/1988ع. ص -153.

ضميمو-1

هيٺيان ڪتاب گهڻو ڪري فارسي – انگريزي ترجمي تي مشتمل آهن. ٿي سگهي ٿو ته اُنهن ۾ سنڌي ترجمو به شامل هجي پر جيئن ته اهي ڪتاب منهنجا ڏٺل ناهن. تنهن ڪري مان اِنهن متعلق ڪجهه چئي نٿو سگها. البته جيئن ته اهي ترجما به سنڌي عالمن جاڪيل آهن. انڪري هن مقالي ۾ شامل ڪجن ٿا.هيٺيان سڀ ڪتاب انڊيا آفيس لئبرري لنڊن ۾ موجود آهن. سنڌ ۾ اهي ڪهڙن ڪتبخان ۾ ملي سگهن ٿا،ان لاءِ وڌيڪ جاکوڙ جي ضرورت آهي. (ڪراچيءَ جي ڪنهن قديم ڪتبخاني ۾ شايد ملي وڃن)

*  اخلاق محسني/ ملا ڪمال الدين حسين بن علي واعظ ڪاشفي (5-1504ع/910هه)

مترجم: ايل ڊي ڪيسواڻي

(29)        ترجمو: اخلاق محنسي(باب 1 کان 31) سڌاريل ۽ وڌايل(متن، معنيٰ تمهيد ۽ ترجمو) حيدرآباد. سنڌ: ڪرائون پرنٽنگ ورڪس. (1930ع) ص-91، 50،102.

حوالو: ڪيٽلاگ آف انڊيا آفيس لئبرري(واليو2، پارٽ 6) فارسي ڪتاب. ص -30

مترجم: ايم جي ٺاڪر

(30)        ترجمو: اخلاق محسني(بابت 33 ۽ 31 کان 40) تمهيد: ايم . آر . شيرازي. ترجمو ۽ سمجهاڻي: ايم جي ٺاڪر. حيدرآباد سنڌ: ڪرشنا پرنٽنگ ورڪس.(1924ع) ص -50، 126.

حوالو: ڪيٽلاگ آف انڊيا آفيس لئبرري (واليوم -2، پارٽ -6) فارسي ڪتاب. ص-30

* الفراج بدايع الشيدا/تنوخي

مترجم: ايم آر شيرازي

(31)         ترجمو: ديهستاني فراجل بدايع الشيدا، باب چوٿون ۽ پنجون( حصو -3، فارسي متن، ترجمو ۽ سمجهاڻي)

ٽي حصا- ڪراچي، سنڌ: يونين اسٽيم پريس.(1918ع( ص-92.

حوالو: ڪيٽلاگ آف انڊيا آفيس لئبرري (واليوم 2، پارٽ -6) فارسي ڪتاب ص 134

* البدايع/ شيخ مصلح الدين سعدي شيرازي(وفات:292/691هه)

مترجم: ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي(1884-1947ع)

(32)        ترجمو: منتخب از ڪتاب البدايع: غزل 1-60، (فارسي متن، مهاڳ، ترجمو ۽ سمجهاڻي) ٻه حصا. ليٿو.

ڪراچي. سنڌ؛ نيشنل ۽ هاشمي پريس(1913ع) ص-10،30،37،23

حوالو: ڪيٽلاگ آف انڊيا آفيس لئبرري(واليوم 2، پارٽ 6) فارسي ڪتاب. ص-60 (2/3738)

* بهارستان/مولوي عبدالرحمان جامي (1414-1492ع)

مترجم: آر ڊي جوشي.

(33)        ترجمو: جامي جو بهارستان(فارسي متن ۽ سمجهاڻي)

حيدر آباد سنڌ، ڪرائون پبليشنگ ڪمپني(1931ع) ص 15 ،73

حوالو: ڪيٽلاگ آف انڊيا آفيس لئبرري(واليوم 2، پارٽ 6) فارسي ڪتاب، ص -65

* ديوان حافظ/شيخ مصلح الدين سعدي شيرازي(وفات:1292/691هه)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com