سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2004ع

 

صفحو :15

هاڻي اِنهن فقيرن جي ذڪر جو ”آزي“ ۾ اچڻ ڪا رواجي ڳالهه نه آهي، اِهي فقير ميان نصير محمد جي وقت ۾ ”ميانوال تحريڪ“ جا سرگرم ڪارڪن، بهترين محافظ ۽ وفادار سپهه سالار هئا. هي ٻئي فقير – شاهه گودڙيو ۽ شاهه پنجو- ۽ پڻ ٻيا به ڪي فقير – گاجي شاهه، فوجو فقير سومرو وغيره- ميان نصير محمد سان گڏ تحريڪي جدوجهد ۾ لاهور تائين ويا ۽ پوءِ اُتان ٿيندا جهنگ، ڊيره غازي خان، راجن پور وارن علائقن کان ٿيندا وري واپس ”ڳاڙهي“ آيا. اڄ به اُنهن شهرن ۾ اُنهن بزرگن جا ”دائرا“ موجود آهن. جتي اُنهن پنهنجي رهائش سان گڏ تحريڪ جا مرڪز قائم ڪيا. عام طرح جتي گهاٽا ٻيلا هوندا هئا، اُتي ”دائرا“ قائم ڪري فقيرن جي تربيت پئي ڪيائون، جنهن ڪري فقيرن جي تعداد ۾ واڌارو ايندو رهيو ۽ ڪافي نوان مريد پڻ ٿيا جن مان تربيت يافته جٿا تيار ڪيا ويا. اُنهن جهنگن ۾ ڪاٺي وڍڻ کان اڄ به پرهيز ڪئي ويندي آهي. ”ميانوال“ وارا اُنهن جهنگن جي وڻن هيٺان پنهنجن ٻارن جي ”جُهين“ (نون ڄاول ٻارن جي مٿي جا پهريان وار لاهڻ کي ”جُهي“ چئبو آهي) لاهيندا آهن. ڪيڏو به جهنگ وڌي وڃي، پر ڪوبه ماڻهو اُنهيءَ جهنگ مان ڪابه ڪاٺي نه وڍيندو آهي. اُنهن شهرن ۾ اڄ به اُتي ”ميانوال فقيرن“ جا ڪئين دائرا ۽ جهنگ موجود آهن. هينئر به هنن علائقن ۾ فقير ڏکئي وقت ۾ يا بيماري جي صورت ۾ شاهه پنجي، شاهه گودڙئي، گاجي شاهه ۽ فوجو فقير کي پنهنجي مٺڙي سرائڪي ٻوليءَ ۾ ياد ڪندا آهن. هنن جو اِهو عقيدو اڄ به قائم آهي ته اُنهن مجاهد مردن کي ياد ڪرڻ کان پوءِ اُنهن جي تڪليف دور ٿيو وڃي. اُن کان علاوه، پنهنجي ارادت جي حساب سان ٽنهي ويلن جي پهرين ماني اُنهن فقيرن(شاهه گودڙيو، شاهه پنجو، گاجي شاهه ۽ فوجو فقير) جي نالن سان منسوب ڪري، ڳڀا ڳڀا ڪري ننڍن ٻارن ۾ اِنهن بزرگن جي نيت ڪري ورهائيندا آهن.

پروفيسر عبدالله مگسي جديد طريقي سان ”سنڌي زبان“ ۾ ”آزي“ لکي آهي. ”آزي“ بنيادي طرح سان سرائيڪي زبان ۾ پڙهي ويندي آهي ۽ اُن جا ڏهاڪو کن مختلف نمونا آهن، جن ۾ ڪلهوڙن مرشدن کان پوءِ وڏن فقيرن جي مختلف نالن سان پڻ ”آزي“ پڙهي ويندي آهي. اُنهن وڏن فقيرن کي پڻ اهڙين ”آزين“ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جن کي مريد رکڻ جو اختيار ميان صاحبن جي طرفان مليل هوندو هو. ليڪن اُنهن سڀني فقيرن ۾ شاهه گودڙيي(نالو عبدالله ذات کوسو ۽ لقب شاهه گودڙيو) ۽ شاهه پنجي جو ذڪر تقريباَ گهڻين”آزين“ ۾ ملي ٿو. مثلاَ ميان الياس محمد تي ٿيندڙ”آزي“ ۾ شاهه پنجي جو ذڪر ملي ٿو:

يارو! ڪرو الله توهار،

ميان شاهل محمد،

ميان الياس محمد،

ميان نصير محمد

ميان پنجا ڌوءنڪ دا ڌڻي(شاهه پنجو سلطان)

گاجي گنج بخش لکين دا ڏاتار

سا واليان دي شيءِ ٿيوي

يارو! ڪرو الله توهار

هن ”آزي“ ۾ ميان شاهل محمد، ميان الياس محمد ۽ ميان نصير محمد جو ذڪر اچي ٿو ۽ فقيرن ۾ شاهه پنجي سلطان ۽ گاجي شاهه جو ذڪر اچي ٿو. اهڙيءَ طرح ميان نصير محمد تي پڙهي ويندڙ ”آزي“ ۾ وري ڦتو پخالي ۽ يارو ريڍر جو ذڪر اچي ٿو، جيڪي پڻ ميان نصير محمد جا ويجها سرگرم ڪارڪن ۽ عوام دوست فقير هئا، يارو ريڍر(يارو ريڍار)  جو مقبرو  جبل جي وَٽ ۾ آهي، جنهن کي ”يارو جي ڏاٺ“  ڪري سڏيو ويندو آهي. ڦتو پخالي وارو قبرستان وري ميان نصير محمد جي قبرستان کان هڪ ميل اوڀر طرف آهي. يارو ريڍر ”رند“ هو ۽ ڦتو پخالي”لغاري“ آهي. اهڙيءَ طرح ٻين به ڪيترن ئي جري ۽ بهادر، وفادار ۽ سرفروش فقيرن جو ذڪر ملي ٿو. سرائڪي خطي ۾ ميان عبدالنبيءَ تي ”آزي“ ۾ وري اهڙن فقيرن جو ذڪر ملي ٿو، جيڪي ساڻس لاڳاپيل هئا.”آزي“ جي مختلف صورتن (متن) کي اڳيان رکڻ کان پوءِ اِهو نقطو بلڪل واضح ٿئي ٿو ته شاهه پنجي ۽ شاهه گودڙيي جي اهميت ٻنهي فقيرن جي نسبت ۾ وڌيڪ آهي، جو هنن ٻنهي فقيرن جو ذڪر تمام گهڻو ۽ اهميت سان ملي ٿو. اِهو ئي سبب آهي جو جديد طرز جي هن ”آزي“ ۾ اُنهن ٻنهي فقيرن جو ذڪر نمايان ڪيو ويو آهي:”آزي“ جا اڳتي ٻول آهن ته:

اچو ساٿيو! آزي ڪيون،

چئو الله توهار!

اچو ته جهولي ڦهلايون،

ڌڻيءَ جي در،

مولا شل خير هجي،

هن ڌرتيءَ جو.

هنن سٽن ۾ خدا جي در تي جهولي ڦهلائي  دعا گهري وڃي ٿي ته ”اي خدا! هن ڌرتيءَ جو خير ڪجانءِ“ اهو نقطو سراسر حب الوطنيءَ جو جذبو ڏيکاري ٿو ته اگر هي ڌرتي يا وطن رهندو ته اسان به رهنداسين. اگر ڌرتي يا وطن ئي نه رهندو  ته قوم ۽ حڪمرانن جو وجود ئي مٽجي ويندو، تنهنڪري قومي بقا لاءِ ”ڌرتيءَ“ جو هجڻ لازمي  امر آهي ڪلهوڙا دور ۾ پيدا ٿيل سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي فرمايو آهي ته:

سائين! سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سُڪار

دوست مٺا دلدار، عالم ســڀ آباد ڪــرين

جنهن ۾ پڻ ساڳي ڳالهه ورجائيندي ڀٽائي سائين خدا جي رحمت جو طلبگار ٿيندي سنڌ ڌرتيءَ  جي سکئي ستابي هئڻ لاءِ ۽ سنڌ جي سڪار واسطي دعا گهري ٿو، ۽ پنهنجي وطن جي سُڪار کان پوءِ عالم جي آسودگيءَ لاءِ پڻ دعاڳو آهي.

 

هاڻي اِها ڳالهه چٽيءَ  طرح سان ثابت ٿئي ٿي ته ”ڌرتيءَ سان محبت“ جي درس جي شروعات ڪلهوڙا دور ۾ ٿي، چاهي اُها ”ميانوال تحريڪ“ وارن جي دعا ”آزي“  هجي  يا ڀٽائيءَ جي شاعري هجي. جڏهن ڀٽائيءَ سنڌ کان پوءِ ”عالم“ جي ڳالهه ڪري ٿو ته ميانوال تحريڪ وارن پنهنجي ”آزي“ ۾ ”جڳ“ جي سلامتي جي ڳالهه ڪئي آهي.

آباد رهن

هر جنجل کان آزاد رهن

منهنجا مارو،

منهنجا ماڻهو،

خوشحال رهن،

ڀاڳين جا ڀاڻ سلامت،

عظمت جا اُهڃاڻ سلامت

مارو مرڪن،

چهرا چمڪن

شال اسان جي پڳ سلامت،

دنيا ساري جڳ سلامت،

راڄ سلامت، ڀاڳ سلامت،

پورهيو،

پنڌ ۽ ماڳ سلامت،

ڌرتيءَ ماءُ! او ڌرتي ماءُ،

شل نه لڳيئي ڪو سو واءُ.

”آزي“ جي هن حصي ۾ ڌرتي ۽ عوام جي خوشحالي جو ذڪر آهي. پنهنجي عوام جي خوشحاليءَ سان گڏ سموري جڳ جي ماڻهن جي خوشحالي لاءِ پڻ دعا آهي. اقتصاديات جي پهلو کان نظر ۾ رکندي”آزي“ ۾ چيو ويو آهي ته پورهيو ۽ محنت ڪندوء ته خوشحالي ايندي، راڄن ۾ ٻڌي ۽ ايڪو پيدا ٿيندو، يعني باهمي اتحاد کي تقويت ملندي، اتحاد رهندو ته  پڳ يعني اقتدار پڻ سلامت رهندو ۽ اگر اقتدار سلامت رهندو ته عظمت برقرار رهندي ۽ ٻاهرين دشمنن توڙي مقامي عوام دشمن قوتن سان مهاڏو اٽڪائي سگهبو ۽ اتحاد سان اُنهن دشمنن کي شڪست ڏيئي سگهبي. اِن طرح ”آزي“ ۾ ڌرتيءَ سان ماءُ جهڙو پيار بيان ڪيو ويو آهي.

”آزي“ جي آخر ۾ سڀني طبقن، يعني پورهيت طبقي کان وٺي مٿانهين طبقي يعني حڪمران طبقي تائين، ”ميانوال تحريڪ“ جي سڀني فقيرن ۽ مريدن طرفان وچن ڪيو وڃي ٿو ته ”اي ڌرتي ماءُ! اسين اولاد آدم شاهه  جا، ميان نصير محمد جا، شهيدن فقيرن جي رت جي ساک کڻون ٿا ته اسان تنهنجي جهوليءَ ۾ پلجون ٿا ۽ نپجون ٿا، تنهنجي آزادي، ڌرتيءَ جي آزادي ۽ خوشحالي لاءِ هر قرباني ڏينداسين ۽ مسلسل جدوجهد ڪندا رهنداسين. اسين شهيدن جي ڏسيل راهه کي روشن رکنداسين ته جيئن اي امڙ، ڌرتي! توکي ڪوبه ڪوسو واءُ نه لڳي. اسين اڳتي وڌنداسين ۽ تنهنجي خاطر پنهنجي خون جو پڻ نذرانو ڏينداسين.اگر انهيءَ جدوجهد دوران اسان کي شهادت نصيب ٿي ته اسين خوشنصيب هونداسين ۽ شهادت جي بدلي اسان کي تو امڙ جي جهولي(يعني وطن جي مٽي) نصيب ٿيندي. ڌرتيءَ جي جهولي ۾ جهُلڻ معنيٰ هڪ ماءُ جي پيٽ مان جنم وٺڻ ۽ ٻي ماءُ (يعني ڌرتي يا وطن) جي جهولي(مٽي) تائين پهچڻ. هڪ فرض جي ادائگي جي لاءِ هڪ حلالي پٽ ۽ اولاد جيان  پنهنجي ڌرتي جي حفاظت ڪنداسين ۽ هرقرباني ڏينداسين.

”آزي”  اول ڪنهن تخليق ڪئي، تنهن جي ڪابه حتمي خبر ڪانه ٿي پوي، البته گمان آهي ته اُن جو خالق عظيم سنڌ دوست ميان نصير محمد جو ڪو صداقت شعار فقير هو، جنهن پنهنجي روشن ضميري ۽ شاعرانه دلپذيري وسيلي”آزي“ تخليق ڪئي ۽ اِها دعا پنهنجي مضمون آفريني ۽ فڪر انگيزي وسيلي وطن دوست فقيرن جي دل جو آواز بنجي ويئي. جنهن کي سنڌ جي ساڃهه وند محب وطن حلقن پنهنجي روح جي ڌڙڪڻ محسوس ڪيو. ”آزي“ سُرندي جي ساز تي ڳائي وڄائي وڃي ٿي. سُرندو ميانوال طريقت جو پسنديده ساز آهي، جنهن جي اجازت ميان نصير محمد ڏني هئي ۽ جنهن ۾ الله ۽ رسول جو نالو وٺجي ٿو. ”آزي“ جي محبوبيت هڪ ”وطني تراني“ وانگر آهي، جنهن جي پڙهڻ وقت هر ٻُڌندڙ احترام ۾ اُٿي بيهندو آهي. ”آزي“ پڙهڻ دوران  ٻي ڪنهن به  گفتگو کان پرهيز ڪئي ويندي آهي ۽ مڪمل خاموشي اختيار ڪبي آهي. ڪنهن به قسم جو نشو يا ٻي ڪابه نشيدار شيءِ ممنوع آهي. جسماني طرح به پاڪ ۽ صاف هئڻ بيحد لازمي آهي. عام فقير”الله توهار“ جي وراڻيءَ ۾ صرف”الله توهار“ ڪندو رهندو. ختم ٿيڻ تي فقير هڪ ٻئي سان ڀاڪر پائي ملندا آهن ۽ هڪ ٻئي جو هٿ چُمندا آهن.

”آزي“ پڙهڻ جي اجازت فقط اُن فقير کي هوندي آهي، جنهن کي ڏاڙهي رکيل هجي. ان طرح پاڪ باز هئڻ به شرط آهي ۽ جنهن کي مرشد (ميان صاحبان) جي طرفان سڳي ڌاڳي جي اجازت هوندي آهي. ”آزي“ پڙهندڙ بزرگ سٺي اخلاق ۽ ڪردار جو مالڪ، سچار، اهل دل ۽ ديني ڄاڻ رکندڙ هجي. ان طرح منجهس جماعت يا قافلي جي سرواڻي ڪرڻ جي اهليت هئڻ به ضروري آهي. (اِن سلسلي ۾ ميان نصير محمد، ميان يار محمد ڪلهوڙو تاريخي ثقافتي ڪميٽيءَ جو چيئرمين ميان امير بخش خان ڪلهوڙو خانپور، ضلع دادو نمايان حيثيت رکي ٿو.)

”آزي“ پڙهندڙ(اڳواڻ يا سرواڻ) جماعت اندر اُٿي بيهي ڳچيءَ ۾ ”ڪاري کٿي“ يا ڪارو ڪپڙو وجهندو، جيڪا ”ميانوال“ طريقي جي خاص نشاني آهي.”آزي“ دوران عام جماعت اُن کان ٿورو پوئتي هٽي بيهندي. هڪ ٻيو فقير جيڪو سڄي جماعت ۾ ٻئي نمبر  تي تسليم ٿيل هوندو، اُهو پڻ پڙهندڙ فقير جي ڀرسان بيهندو، جتي جتي ”الله توهار“ لفظ ايندو، اُتي سموري جماعت هڪ ئي آواز ۾ ”الله توهار“ اُچاريندي رهندي. جڏهن ”آزي“ پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچندي ته تسليم ٿيل فقير پڙهندڙ فقير جي ڳچيءَ مان ڪارو ڪپڙو يا کٿي ڪڍي سوال ڪندو ته”الله سائين، پاڪ رسول يا پنجتن پاڪ جي صدقي، مرشد راضي ٿيو؟ الله وٽ اسان سڀني جي پاران فرياد ڪيائين؟“ جنهن جي جواب ۾ پڙهندڙ فقير چوندو ته” مرشد راضي ٿيو. الله وٽ فرياد ڪيائين. آزي قبول ٿي. هاڻي شادمانو ورهايو.“ پوءِ ٻئي وڏا فقير پاڻ ۾ ڀاڪر پائي ملندا ۽ هڪ ٻئي جو هٿ چمندا ۽ جماعت ۾ موجود سڀئي پاڻ ۾ ڀاڪر پائي ملندا ۽ هڪٻئي جا هٿ چمندا ۽ ”شادمانو“ (يعني باس باسيل) مٺائي يا ڀت ورهائبو ۽ سڀ گڏجي کائيندا.(واضح رهي ته ميانوال وارا لوڻ، گيهه ۽ مرچ جو استعمال نه ڪندا آهن.)

پراڻي زماني ۾ ”آزي“ مختلف هنڌن تي مختلف ماڻهو پڙهندا هئا. پڙهڻ لاءِ سڀ کان پهرين اوليت اُن وقت ”ليکي خاندان“ کي هوندي هئي. ڪٿي ڪٿي لاشاري ۽ مگسي قبيلن جي فردن کي پڻ ”آزي“ جي اجازت هوندي هئي.(ليکي خاندان هينئر به ليئه ، تونسه، غازي خان ديرو، راجنپور ۽ ٻين هنڌن تي ”آزي“ پڙهندا آهن. خاندان جو سربرآورده بزرگ فقير الاهي بخش ليکي هينئر به ”آزي“ پڙهندو آهي.) اهڙيءَ طرح ميان نصير محمد ڪلهوڙي تي وري مشوري ذات جا ماڻهو آزي پڙهندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com