سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2004ع

 

صفحو :22

اسان جي ٻي ملاقات شام جي وقت صدر ۾ ٿي. مان پارٽ ٽائيم جاب جي ڳولا ۾ در در ڌڪا کائي رهيو هئس ته عبدالله هارون روڊ تي ساڻس اوچتو ملاقات ٿي ويئي. مون کي ڏسندي منهن تي مرڪ اچي ويس. چيائين:” ڪيڏانهن نڪري پيا آهيو؟“ پهرين سوچيم ته ساڻس ڪوڙ هڻي کيس ٻڌايان ته خريداري ڪرڻ نڪتو آهيان، پر هوءَ اهڙي هستي هئي جنهن سان ڪوڙ هڻي نٿي سگهيس. مون ساڻس سچ ڳالهايو، چيومانس:”مان پارٽ ٽائيم جاب جي تلاش ۾ آهيان!“ چيائين:”ڪهڙي جاب لاءِ پيا ڪوشش ڪريو؟“

چيومانس:” جيڪا به ملي وڃي، ڪنهن دڪان تي سيلزمين لڳي سگهان ٿو يا ڪنهن هوٽل تي بيراگيري به ملي سگهي ٿي.“

هوءَ مون کي ڏسندي رهي. پوءِ ڪجهه سوچيندي چيائين:”هينئر ته ڪافي دير ٿي ويئي آهي، جاب جي ڪوشش سڀاڻي کان ڪجو. هينئر اچو ته چانهن پيئون!“

مان ساڻس انڪار نه ڪري سگهيس. اسين ”چلتن ريسٽورنٽ“ ۾ وڃي ويٺاسين. بدقسمتيءَ سان اُن ڏينهن به منهنجا کيسا خالي هئا. جيڪڏهن مون وٽ پئسا هجن ها ته مان سميرا کي پنهنجي طرفان چانهن پياريان ها. اوچتو مون کي پنهنجي حالت ياد آئي. مون کي ميري ۽ کٿل پينٽ شرٽ پاتل هئي ۽ پيرن ۾ بنا پالش جي سيڪنڊ هئنڊ بوٽ هو. جڏهن ته سميرا کي نيري رنگ جا مهانگا ڪپڙا پاتل هئا، جن تي نفيس ڀرت به ڀريل هو. اسان جي اُن عجيب و غريب جوڙي کي هوٽل ۾ ويٺل ماڻهو حيرت سان ڏسي رهيا هئا ۽ مان شرم ۾ ٻڏي ويس.

چانهن مان سُرڪ ڀريندي سميرا چيو:” توهان جي جيئري رهڻ جي جدوجهد مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو آهي. ڪي ماڻهو مصيبتن سان جنگ جوٽي هڪ ڀرپور زندگي گذاريندا آهن ۽ ڪي ماڻهو زندگيءَ جي هر سهولت هوندي به موت کان اڳ مري ويندا آهن.“

چيومانس:”مس سميرا، ڪهڙي جهان ۾ ٿيون رهو. اسان جي سماج ۾ بي صلاحيت، ڄٽ ۽ اڻ پڙهيل ماڻهو ئي ڀرپور زندگي گذاريندا آهن. جنهن سماج ۾ عزت ۽ وقار پئسي جي ماپي سان ماپيو وڃي، اُن سماج ۾ ڪابه جدوجهد ڪارگر نه ٿيندي آهي.“

مون پنهنجو  جملو ادا ڪري پڇتايو. سوچيم ته هڪ پاسي دنيا منهنجي غربت تان چٿرون ڪري ۽ ٻئي پاسي هڪ پرَين جهڙي ڇوڪريءَ کي منهنجي غربت پسند اچي ته مون کي اهڙا جملا نه ڳالهائڻ گهرجن. مون سميرا جي اکين ۾ جهاتي پاتي ته ڇرڪي پيس. مون سندس اکين ۾ پنهنجي لاءِ پيار ڇلڪندي ڏٺو. منهنجي دل زور سان ڌڙڪڻ لڳي. پر مون پاڻ تي ضابطو ڪندي چيو؛”توهان جي مهرباني جو توهان منهنجي لاءِ اهڙن جذبن جو اظهار ڪيو آهي. پر مون کي خبر آهي ته سڄي عمر جي هڻ هڻان ۽ جدوجهد کان پوءِ به اسان بدنصيبن کي سک ملڻو ناهي.“

هن مون کي پوءِ به ڪو جواب نه ڏنو.ڪنهن اونهيءَ سوچ ۾ ٻڏي ويئي. جڏهن بيرو بل کڻي آيو، تڏهن هُن بل ڏنو ۽ پرس سنڀاليندي چيائين:” هاڻي هلڻ گهرجي.“

ٻاهر روڊ تي کانئس موڪلائيندي ائين لڳو ڄڻ کيس صدين ۽ جنمن کان سڃاڻندو هجان. خبر ناهي ته ڪيتريون خوش فهميون ۽ خوبصورت خواب منهنجي دماغ کي ڀوانٽيون ڏيندا رهيا، پر مان پاڻ کي سمجهائيندو رهيس ته ڀلا هڪ ڪليگ سان گڏ چانهن پيئڻ جو اِهو مطلب ته ٿي نٿو سگهي ته هوءَ پيار به ڪري.

...... ۽ پوءِ منهنجا خواب ساڀيان ٿي پيا!.......سميرا سان ملاقاتن جو سلسو وڌندو رهيو....... اسان هڪٻئي کي ايترو ويجهو اچي وياسين جو حجاب جون سموريون ديوارون ڊهي پيون. سميرا ڪالهه مون کي پنهنجي گهر اچڻ جي دعوت ڏيندي چيو هو:”خبر اٿئي، مون تنهنجي باري ۾امان کي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو آهي. سڀاڻي توکي منهنجي گهر اچڻو پوندو.“ سميرا جي دعوت ٻڌي مون ائين محسوس ڪيو، ڄڻ منهنجي مرده جسم ۾ روح موٽي رهيو هجي. سوچيم:سميرا به عجيب ڇوڪري آهي! جيون ساٿيءَ لاءِ هن هڪ اهڙي شخص جي چونڊ ڪئي آهي، جيڪو کيس ڪوبه سک ته ٺهيو پر چند سئو رپين جي شاپنگ به نٿو ڪرائي سگهي. سميرا چري آهي، بيوقوف آهي، کانئس وڌيڪ ته هاڻ اڻ پڙهيل ڳوٺاڻي ڇوڪري مومل ذهين هئي.

مان وعدي مطابق سميرا جي گهر پهتس. سندس ننڍڙو گهر بيحد سهڻُو ۽ سليقي سان سجايل هو. سميرا جي ماءُ به هڪ شفيق ۽ پيار ڪندڙ هئي. جنهن منهنجو آڌرڀاءُ ڪري وڃي چانهه ٺاهي ۽ اسان ٻنهي کي اڪيلو ڇڏي ويئي. اڄ سميرا جي خوشي انتها تي پهتل هئي. هوءَ اڄ ڏاڍي چرچائڻ بنجي ويئي هئي ۽ هر ڳالهه تي ٻڌا ٽهڪ پئي ڏنائين.

چانهن جو ڪوپ ختم ڪري مان سميرا ڏانهن ڏسڻ لڳس. هن به چانهن ختم ڪئي ۽ ٻئي ڪمري ڏانهن هلي ويئي ۽ اُنهن ئي پيرن تي هڪ چئن سالن جي معصوم ڇوڪريءَ کي کڻي آئي، چيائين:” خان، هي شمائله آهي.“

چيومانس:” ڪنهن جي ڌيءُ آهي.“

چيائين” منهنجي ڌيءُ آهي!“

”تنهنجي ڌيءُ!..... پر.....“ لفظ نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا. مون کي محسوس ٿيو ته ڌرتيءَ تي سوين هزارين ائٽم بم ڪري پيا آهن. مون پاڻ کي ڀورا ڀورا ٿيندي محسوس ڪيو. منهنجي اڳيان ڌرتي لاٽون جيان ڦرڻ لڳي. زهر تي مومل ۽ فوزيه به ڏنو هو پر سميرا جي تازي زهر لاءِ مان بلڪل تيار نه هئس.

”خان!...... مون کي افسوس آهي جو مون توکي پنهنجي پاڻ بابت ڪجهه به نه ٻڌايو.... اڄ مون توکي سڀ ڪجهه ٻڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.“

مون ٽٽل لفظن کي جوڙيندي چيو؛” هاڻي ڪجهه ٻڌڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي آهي... مونکي هتي وڌيڪ ترسڻ جي ضرورت ناهي.“ ائين چئي مان وڃڻ لڳس.

سميرا چيو:” پليز خان! ويهي رهه، تو ڪجهه به نه ٻڌو آهي.“ مان رڪجي ويس.سميرا چيو:”خان! منهنجي شادي پنج سال اڳ هڪ اهڙي شخص سان ٿي، جيڪو شاديءَ کان پوءِ جلد منهنجي سموري پونجي کڻي ٻاهر هليو ويو ۽ اُتان ئي هن هڪ خط ذريعي مون سان سمورا ٻنڌڻ ٽوڙڻ جو اطلاع ڪيو. شاديءَ جي هڪ سال کان پوءِ شمائله ڄائي ته ڄڻ يتيم بنجي ڄائي. مون انسانن جي هن رڻ ۾ وڌيڪ دوکو کائڻ نٿي چاهيو، پر شمائله هاڻي پنهنجي پيءُ بابت پڇڻ لڳي آهي. آءُ سمجهان ٿي ته اُهو صرف تون ئي آهين جيڪو شمائله جو پيءُ بنجي سگهين ٿو.“ ٿورو ترسندي وري چيائين:” اڄ پنجن سالن کان پوءِ مون تنهنجي سامهون زندگيءَ سان ڀرپور ٽهڪ ڏنا آهن. خدا جي واسطي هاڻي تون منهنجي ٽهڪن کي سڏڪن ۾ تبديل نه ڪجان!“ سندس ڀنل اکيون ڏسي منهنجي اکين ۾ به بوندون ڀرجي آيون. شمائله پنهنجي ٻاتيءَ ٻولي ۾ ماءُ کي مون ڏانهن اشارو ڪري چيو:”امي! هي ڊيڊي آهي؟“

مون سميرا کان شمائله وٺي کيس پنهنجي سيني سان لڳايو ۽ چيومانس:”ها شمائله!....... مان ئي تنهنجو ڊيڊي آهيان!.... تمام گهڻو پري کان سالن جو سفر ڪري اڄ مس تو وٽ پهتو آهيان!“

منصور ٻرڙو

هرفن مولا

اٽڪل پنجن سالن کان پوءِ ساڳي آفيس ۾ بدلي ٿيڻ ڪري اچان ٿو ته ڪا خاص تبديلي ڪانه ٿي نظر اچي. ٻن ٽن ملازمن جي رٽائر ٿيڻ کان سواءِ ساڳيا چهرا ساڳين ئي جاين تي ويٺل نظر اچن ٿا. جڏهن ته مان پنهنجي پاڻ ۾ اِها تبديلي ضرور محسوس ڪريان ٿو ته مان هينئر جونيئر ڪلارڪ مان هيڊ ڪلارڪ آهيان. مونکي ائڊمنسٽريشن برانچ جي چارج ڏني وڃي ٿي. تنهنڪري حاضري رجسٽر سنڀالڻ پڻ منهنجي ذميواري ۾ شامل ٿي وڃي ٿو. مان ڪجهه ڏينهن کان نوٽ پيو ڪيان ته آفيس جو سينيئر ڪلارڪ نواز اڪثر آفيس ٽائيم کان ٻه ٽي ڪلاڪ دير سان پهچي ٿو ۽ مون کي ٻڌايو وڃي ٿو ته ڪجهه سالن کان اِها سندس پڪي عادت بڻجي چڪي آهي. ڪيترائي ڀيرا سندس پگهار بند به ڪئي ويئي پر ڪوبه فرق نه پيو. مونکي پڻ حيرت پيئي ٿئي ته مونکي هتي آئي هفتو ڏيڍ ٿي ويوآهي، پر هو مون سان ڪونه مليو آهي ۽ مان جڏهن ڪنهن مهل ڪم سان پنهنجي سيٽ ڇڏيان ٿو ته هو حاضري رجسٽر تي صحيح ڪريو ٿو ڇڏي. اڄ مون پڪو ارادو ڪيو ته نواز کي گهرائي حال احوال وٺبو ته آخر هن کي ڇا ٿي ويو آهي. اِهو ويچاريندي هڪ سوچ ذهن ۾ گردش ڪرڻ لڳي ته متان هو مون کي اِن ڳالهه تي ناراض هجي ته منهنجو پروموشن هن کان اڳ ۾ ٿيو آهي. اِن پريشان ڪندڙ سوچ کي دور ڪرڻ لاءِ مان نواز جو پرسنل فائيل گهرائي پڙهان ٿو، جنهن ۾ سندس ٻن سالن جي سالياني ڳجهي رپورٽ ۾ آفيسر ڄاڻايو هو ته ؛” هو پروموشن لاءِ فٽ نه آهي.“

مان جڏهن هن آفيس ۾ نئون ڪلارڪ ڀرتي ٿيو هوس ته مون کي آفيس جو ڪم سيکارڻ لاءِ نواز وٽ ويهاريو ويو هو، جيڪو مون کان ڪجهه سال سينيئر هو. ساڻس گڏ آفيس جو ڪم ڪندي ٽي سال ڏاڍا بور گذريا هئا. هو آفيس جو ڪوبه ڪم سُرَ سان ڪرڻ ئي ڪونه ڏيندو هو. بس چاهيندو هو ته سندس ڳالهيون پيا ٻڌون ۽ ها ۾ ها ملائيندا رهون. اسان ڪهڙي به موضوع تي ڳالهائڻ شروع ڪندا هئاسين  ته ڳالهه وچ ۾ ڪٽي چوندو هو:” اِن جي ته مون کي خبر آهي. مان ٿو اوهان کي ٻڌايان.“ ۽ جيڪڏهن ڪير سندس ڳالهه نه مڃيندو هو ته صفا ڪروڌ ۾ ڀرجي ٻانهن مروڙڻ، قميص جي ڳچيءَ ۾ هٿ وجهي ڇڪڻ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي عجيب حرڪتون شروع ڪندو هو، تنهنڪري مجبورن سندس جهڙي تهڙي راءِ کي مڃڻو پوندو هو.

هڪ ڀيري منهنجي هٿ ۾ ڪهاڻين جو ڪو ڪتاب ڏٺائين ته مون کان ڦري چيائين:”اهڙيون ڪهاڻيون ته مان به لکي سگهان ٿو.“ ۽ ڪهاڻي لکڻ شروع ٿي ويو. ڪهاڻي جو خلاصو ڪجهه هن طرح هو ته هڪ نوجوان کي روڊ تان پيادل گذرندي ڏسي ڪار ۾ ويٺل هڪ خوبصورت اڪيليءَ  ڇوڪري متاثر ٿي پوي ٿي ۽ کيس ڪار ۾ ويهاري شهر جو سير ڪرائي ٿي. نئون وڳو وٺي ڏئي ٿي ۽ امتحان جي فارم ڀرڻ لاءِ پئسا پڻ ڏئي ٿي. اصل ۾ نواز  ڪجهه ڏينهن کان بي اي پارٽ ٽو جي امتحان جو فارم ڀرائڻ لاءِ پريشان هو. گذريل سال به هو فارم ڀرائي نه سگهيو هو ۽ هن سال به آخري تاريخ گذري چڪي هئي ۽ هاڻي ليٽ في سان فارم پئي ڀريا.

موسيقيءَ جو ذڪر نڪرندو هو ته پوءِ نواز مان جند ڪير ڇڏائي! هر فنڪار جي باري ۾ سندس مخصوص راءِ ٻڌڻي پوندي هئي. ۽ سندس آواز ۾ هڪ اڌ ڪلام به ٻڌڻا پوندا هئا. پوءِ ته نواز کان سواءِ اسان سڀني جا ڪنن تي هٿ هوندا هئا. جڏهن نواز کي ڪننن تي هٿ رکي ڳائڻ جي عادت ڪانه هئي. سندس هڪڙو موسيقي جو استاد به هو، جنهن کان هو روز شام جو راڳ جي سکيا وٺندو هو. سندس اُستاد پنهنجي خرچ تي هڪ ڪيسيٽ به رڪارڊ ڪرائي مارڪيٽ ۾ آندي هئي. جيڪا نواز مون کي زوري وٺرائي هئي. ڪيسيٽ ۾ رڳو ساز پئي ٻڌڻ ۾ آيا، استاد جو آواز ٻڌڻ لاءِ وڏا جتن پئي ڪرڻا پيا. هڪڙي دوست جي شاديءَ ۾ مون سان گڏ نواز کي به دعوت هئي، اُتي هڪ ميوزيڪل گروپ کي گهرايو ويو هو، جيڪو مشهور انڊين گانا ڳائي رهيو هو. اُتي مون سان گڏ ٻين دوستن نواز تي زور ڀريو ته هو به پنهنجي سندر آواز سان محفل کي رونق بخشي. پهرين ته هو ڏاڍا نخرا ڪرڻ لڳو، پر جڏهن دوستن جا چيلهه ۾ هٿ پيس ته مجبورن هن کي اسٽيج تي وڃڻو پيو ۽ ڪشور ڪمار جو ڳايل مشڪل ترين گانو:” پگ گهنگهرو باندهه کي ميران ناچي تهي....“ ڳائڻ شروع ڪيائين. شروع ۾ ئي آواز جي سازن سان هم آهنگ نه هئڻ ڪري ساز بند ڪيا ويا، پر ايڪو سائونڊ سسٽم تي سندس ”گهڻي“ آواز خلق کلائي ڇڏي. ماڻهن جا کِلَ ۾ کليل وات ڏسي هن سمجهيو ته محفل کي لٽي ڇڏيم، پر جڏهن اسٽيج تي آڻيندڙ ساڳين دوستن جا هٿ چيلهه ۾ پيس ته صفا وائڙو ٿي ويو. مائيڪ ڇڏي واپس اچي چيائين: هتي موسيقي جو قدر ڪونهي. انڊيا ۾ ماڻهو فنڪارن کي پوڄيندا آهن.“

وري هڪ اسٽيج ڊرامي ۾ اداڪاري ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ شروع ڪيائين. ڊرامي جي ريهرسل ۾ ڪيترائي ڏينهن مصروف رهيو. تنهنڪري آفيس جي ڪم لاءِ پنهنجي مصروف ترين وقت مان ڪجهه گهڙيون ڏيڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيائين. آفيس ۾ ڊرامي جو اسڪرپٽ ساڻ هوندو هئس ۽ اُن کي پيو ياد ڪندو هو. نيٺ ڊرامي واري اُها يادگار رات به اچي پهتي مون کي به مفت ۾ ڪارڊ ڏنائين سو وڏي  جوش ۽ جذبي سان وڃي پهتس. ڊرامو ڇا هيو، بس ٽي ڇوڪريون ۽ ٽي نوجوان هيا، جيڪي واري واري سان ٿورو ڳالهائي جوڙي جي صورت ۾ انڊين گانن تي ڊانس ڪري رهيا هئا. اُنهن ٽن ۾ هڪ جوڙي نواز جي به هئي. هڪ ڪورس ۾ انڊين گانو شروع ٿيو ته اسٽيج جي هڪڙي طرف کان هڪ خوبصورت ڇوڪري ڊانس ڪندي ظاهر ٿي ته ٻئي پاسي کان نواز ٽپا ڏيندو ظاهر ٿيو. ڇوڪري ڊانس دوران ڦيرو کائيندي نواز جي ويجهو پئي ويئي ته هن کيس ٻانهن ۾ وڪوڙڻ کان پوءِ، ڇڏڻ جي ئي نه پئي ڪئي، تنهنڪري ڇوڪريءَ  کي زوري هن کان پاڻ ڇڏائڻو پئي پيو، پر آخر ڪيستائين. بس نواز ڦيرو ڏيئي پئي ڇوڪريءَ جي مٿان ڪريو. نيٺ هوءَ بيزار ٿي پئي ۽ اڌ گاني ۾ ئي واپس پردي پويان هلي ويئي. ماڻهن جا هوڪرا ٿي ويا. وڃي جو اندر جهاتي پائي ڏسون ته ڇوڪري سئنڊل هٿ ۾ کنيو بيٺي آهي ۽ وچ ۾ هدايتڪار ٻانهون ٻڌيو بيٺو آهي”هاڻي معاف ڪرينس، ڊرامو نه ڦٽاءِ، نئون آ، ٺيڪ ٿي ويندو.“ ڇوڪري ڪاوڙ ۾ باهه هجي:”اهڙي ڄٽ کي اوهان ڊرامي ۾ کنيو ڇو آهي؟ چوانس پئي ته ڇڏ ڇڏ، پر هٿ ئي نه پيو ڪڍي.“ ڊرامي هلڻ ۾ دير ٿي ته ماڻهن اچي ڪرسيون ٽوڙيون ۽ اڇلايون ۽ ائين ڊرامو ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿي ويو. ۽ نواز جي مستقبل جو بهترين اسٽيج اداڪار ٿيڻ جو خواب اڻپورو رهجي ويو.

هڪڙي ڏينهن هڪ سنڌي پروڊيوسر جي پيءُ  جي چٺي کڻي ڪراچي ٽي وي اسٽيشن ڏانهن روانو ٿيو ۽ پندرهن ڏينهن کن آفيس مان موڪل ڪيائين. جنهن ڏينهن سندس ڊرامو ناٽڪ رنگ ۾ هلڻو هو، اُن ڏينهن بابت مون پنهنجي دوستن توڙي مائٽن کي ٻڌائي ڇڏيو هو ته مون سان گڏ ڪم ڪندڙ ڪلارڪ جو ڊرامو ضرور ڏسجو. اُهو ڏينهن به آيو. سنڌي خبرون ختم ٿيون ته ڊرامون به شروع ٿيو. ڊرامو ختم به ٿي ويو پر نواز ڪٿي به نظر ڪونه آيو. ڏاڍي ڪاوڙ ورتم ۽ مائٽن توڙي دوستن آڏو شرمندو به ٿيس. مليو ته پهرينءَ سٽ ۾ چيومانس:”ڏاڍو خوار ڪرايئي.“

چيائين: ”تو ڊرامو ڏٺو ئي ڪونهي.“

”اڄ مان تنهنجي ڪنهن به ڳالهه ۾ اچڻ وارو نه آهيان.“

”ٺيڪ آ، تو ڊرامو ڏٺو هو ته پوءِ ٻڌاءِ ته ڊرامي ۾ هڪڙي گهر مان چوري ٿئي ٿي؟“

چيم:”ها، بلڪل ٻن ٻُٽ ٻڌل چورن مان هڪ اندر گهڙي ٿو ۽ ٻيو گهر جي ٻاهران بيهي ٿو.“

چيائين:” اڙي چريا، گهر جي ٻاهران بيٺل چور مان ئي ته هئس.“ اُهو چوندي هن جي چهري تي مايوسي پکڙجي ويئي، تنهنڪري پڇيومانس:”پوءِ ڀلا مايوس ڇو ٿي ويو آهين.“

چيائين:”بس يار، مان وري ٽي وي اسٽيشن تي ڪونه ويندس. جواُتي اداڪار جو قدر ڪونهي.“

پر اصل معاملي جي خبر ڦرندي ڦرندي مون تائين به پهتي ته پروڊيوسر سندس آڊيشن وٺڻ کان پوءِ چيس ”جيڪڏهن بابا جي چٺي نه کڻي اچين ها ته هتي بيهڻ به نه ڏيانءِ ها، صرف هڪڙو ڀيرو توکي ڊرامي ۾ موقعو ڏيان ٿو، پر اُن ۾ توکي ڳالهائڻو صفا ناهي ۽ اُن کان پوءِ وري توکي هتي نه ڏسان.“

هو شهرن ۾ کيڏجندڙ اندرين توڙي ٻاهرين سڀني راندين کيڏڻ جي دعويٰ به ڪندو هو. ڪرڪيٽ جي معاملي ۾ ته ڏاڍي تڪليف ۾ هو. هن کي ڪيپنگ، بيٽنگ ۽ بالنگ سميت سڀني رخن تي مهارت حاصل ڪرڻي پيئي. اُن کان سواءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ  کيڏندڙ رانديگرن جا انفرادي توڙي مجموعي عالمي رڪارڊ به کيس ياد ڪرڻا پئي پيا. ۽ سڀئي رانديون به ڏسڻيون پئي پيون. رات جو مئچ هوندي هئي ته اوجاڳا به ڪاٽڻا پوندا هئاس، آخر”هر فن مولا“ جو هو!

انڊين فلمن ڏسڻ جي شوق ته نواز کي ڳڻتين ۾ وجهي ڇڏيو هو، پاڪستان ۾ جڏهن وي سي آر ڏسڻ جو دور شروع ٿيو ۽ جڏهن کان نواز کي فلمن ڏسڻ جو موقعو مليو، اُن کان پهرين لاتعداد انڊين فلمون ٺهيل هيون، جيڪي وڊيو تي اچي رهيون هيون ۽ ٻيو تازيون فلمون پڻ ڌڙا ڌڙ ٺهي رهيون هيون ۽ نواز کي سڀيئي فلمون ڏسڻيون هيون، پر وقت صفا ٿورو هو، اُن لاءِ هن هڪ دوست جي وڊيو سينٽر تي مفت ۾ شام جو ڊيوٽي ڏيڻ شروع ڪئي، پر سال کن کان پوءِ وڊيو سينٽر جي مالڪ کيس وڌيڪ مهلت نه ڏني، ڇو ته نواز دڪان جي مالڪ جي وڃڻ کان پوءِ پيو فلم ڏسندو هيو، جيڪڏهن ڪو گراهڪ ايندو هو ته هن مان بس جان ڇڏائڻ جي ڪندو هو.

نواز جيئن ئي آفيس پهتو ته پٽيوالي کي چئي کيس پاڻ وٽ گهرايم. هو مون کي صفا ڪمزور نظر آيو. چيم: ”نواز ٻه ٽي ڀيرا توکي تنهنجي سيڪشن ۾ جهاتي پائي ڏسڻ جي ڪوشش ڪيم، پر تو منهن ٻئي طرف ڦيري پئي ڇڏيو.“

”بس سائين، معاف ڪندا غلطي ٿي ويئي.“

”تون مون کي سائين چئي نه لڄاءِ، تون ته منهنجو استاد آهين. پر تو پنهنجي هيءَ ڪهڙي حالت ڪري ڇڏي آهي.“ مون ڏٺو پئي ته رکي رکي سندس اکيون ٻوٽيون پئي ويون ۽ سندس آنڱرين ۾ دکيل سگريٽ جو سندس ڪپڙن تي ڪِرڻ جو هر هر کٽڪو پئي رهيو.

چيائين:” بس سرڪار، اچي شوق ٿيو ته نشو به ڪري ڏسجي، سو پان، مين پڙي، گٽڪا، سگريٽ، چرس، ڀنگ، آفيم ۽ ....“ وڌيڪ نه چئي سگهيو ۽ خاموشيءَ سان ڪرسيءَ تان اٿي هليو ويو. ايتري ۾ پٽيوالي اچي ٻڌايو ته: ”سائين هيروئن سندس اهي حال ڪيا آهن.“

اهو ٻڌي مان سموري ماجرا سمجهي ويس ته هيروئن پيئڻ، هر فن مولا جي فن جو آخري مظاهرو هو.

گبرئيل گارشيا ماڪيز

سنڌيڪار رفيق سومرو

پکين جي رات

اسان ٽيئي ڄڻا ٽيبل جي چوڌاري ويٺا هئاسين، جڏهن ڪنهن سِلاٽ(سڪو) پيتيءَ جي سوراخ ۾ وڌو ۽ وُلٽرز هڪ ڀيرو وري ساڳيو رڪارڊ هلايو. جيڪو سڄي رات کان هلي رهيو هو. اِهو سڀ ڪجهه ايترو جلد ۽ ايڏي سيگهه ۾ ٿيو، جو اسان کي سوچڻ جو موقعو ئي نه مليو. اُن کان اڳ جو اسين ياد ڪيون ته اسان ڪٿي هئاسين ۽ پنهنجا وڃايل حواس جائيتا ڪري سگهون، اِهو سڀ ڪجهه شروع ٿي ويو.

اسان مان ڪنهن هڪ پنهنجو هٿ ڦهلائي ڪائونٽر تائين پهچايو(اسين هٿ ته ڏسي ڪونه سگهياسين پر اُن جو آواز ٻُڌي سگهياسين.) اُن هٿ جي ٽيبل تي رکيل گلاس سان ٽڪرائجڻ سبب هڪ کڙڪي جو آواز پيدا ٿيو. پوءِ مڪمل سانت ڇانئجي ويئي. پوءِ ٻيئي هٿ ٽيبل جي مٿاڇري تي آرامي هئا.

پوءِ اسان ٽنهي گگهه اوندهه ۾ هڪ ٻئي کي ڳولڻ شروع ڪيو ۽ پاڻ کي اُتي ئي ويٺل پاتوسين، جتي پهرين هئاسين.

ٽيهن آڱرين جي جوڙن جو ميڙ ڪائونٽر تي هڪ ٻئي مٿان سٿيل هو.

”اچو ته هلون“

۽ اسين چپ چپات  ۾ اُٿي بيٺاسين، ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي نه هجي. اڃا اهڙي گهڙي ڪانه هئي، جو اسين ماحول مان ورچي بددل ۽ بدظن ٿي وڃون.

جڏهن اڳتي وڌي ڪمري جي اڌ پنڌ تائين آياسين، ته پوءِ بنهه ويجهو موسيقيءَ جو سريلو  سُريلو آواز ٻڌوسين ۽ ڪنهن جي اوسيئڙي ۾ ويٺل هڪ غمگين عورت جي خوشبو جهٽيسين. ۽ جڏهن در ڏانهن وڌڻ لڳاسين ته پنهنجي اوسي پاسي هڪ اينگهيل گهرو خاليپڻو محسوس ڪيوسين. اُن کان اڳ هڪ ٻي خوشي اسان جي آجيان ڪئي. هڪ وڻندڙ  ۽ کٽمٺڙي بوءِ جيڪا در جي ڀرسان ڪنهن جي اوسيئڙي ۾ ويٺل عورت جي هئي.

اسان چيو، ”اسين وڃي رهيا آهيون.“

عورت ڪنهن به قسم جو جواب ڪونه ڏنو.

اسان اڳتي پوئتي جهولندڙ راڪنگ چيئر(آرام ڪرسي) جو آواز ٻڌو، جيئن ڪنهن جي ڪرسيءَ تان اُٿڻ مهل ٿيندو آهي. عورت اُتي بيٺي، اسان کي ڍلن قدمن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ۽ وري عورت جو ساڳي جاءِ تي موٽڻ جو آواز پڻ. در جي انجيسن هڪ ڀيرو ٻيهر چيڪاٽ ڪيو ۽ اسان جي پويان کڙڪي سان دروازو بند ٿي ويو. اسان پوئتي مُڙياسين، ٺيڪ اُن جاءِ تي، جا اسان جي پوئتان هئي. ڀنڀرڪي جي نظر نه ايندڙ تکي ۽ وڍيندڙ هوا، ۽ هڪ آواز، جنهن چيو:”رستي کان هٽي پري ٿيو، آءُ دروازي وٽان لنگهي رهيو آهيان.“

اسين پوئتي هٽي وياسين، ۽ آواز وري ڳالهايو:” توهان اڃا تائين دروازي اڳيان بيٺا آهيو!“

۽ جڏهن اسان چئني پاسن کان سِري وياسين ۽ اُن آواز کي هرطرف موجود پاتوسين، تڏهن نيٺ اسان چيو:” اسان هتان هٽي نٿا سگهون.“ ڪرليوز پکين(ڊگهي ٽنگن، ناسي رنگ ۽ ڏاٽي واگر مڙيل ۽ سڱن جهڙين سخت ڄاڙيءَ  وارا پکي) اسان جون اکيون ڪڍي ڇڏيون آهن. اسين انڌا آهيون.“

پوءِ اسان ڪيترن ئي دروازن کُلڻ جو آواز ٻڌو. اسان مان ڪنهن هڪ ماڻهو ٻين هٿن کي ڇڏي ڏنو ۽ اسان کيس اوندهه جي سمنڊ ۾ ٿڙندي، ٿاڦوڙا هڻندي، ڪنهن ڦرندڙ ڦرڪڻي وانگر ڦرندي ۽ سندس اوسي پاسي وارين شين سان ٽڪرائجڻ جا آواز ٻڌا.

 گهه گهه اونداهيءَ مان ڪنهن ڳالهايو:

”ضرور اسان بند ڪيا ويا آهيون.“ هن چيو.

”مون کي چوڌاري تابوتن جي بوءِ ٿي اچي، اسان وري هن جي هٿن جو ڇهاءُ محسوس ڪيو.“

اسان ڀت کي ٽيڪ ڏني ۽ پوءِ هڪ ٻيو آواز آيو، پر اُهو سامهون واري پاسي کان آيو هو.

”ٿي سگهي ٿو ته اُهي تابوت ڪاٺيءَ جون جوڙيل قبرون هجن،“ اسان مان ڪنهن هڪ چيو.

هڪ همراهه، جيڪو  پاڻ کي هال جي ڪنڊ ڏانهن گهلي ويو هو ۽ هاڻي اسان جي ڀرسان ساهه کڻي رهيو هو، تنهن چيو:” اهي پيتيون آهن، ننڍي لاڪون آءُ اسٽور ڪيل ڪپڙن جي ڌپ سڃاڻندو آهيان.“

تڏهن اسان اُن پاسي ڏانهن وڌي وياسين، گرائونڊ نرم، ۽ لسو هو ۽ زمين نهايت عمدي هئي. جنهن تان لڳو ٿي ته اچ وڃ ٿي رهي هئي.

اوچتو ڪنهن اڳتي هٿ وڌايو.، اسان هڪ ڊگهي ۽ زندگيءَ سان ڀرپور چمڙيءَ واري ٻانهن جو ڇُهاءُ محسوس ڪيو. هاڻ سامهون ڪابه ديوار محسوس نه پئي ڪئيسين.

”اِها عورت آهي.“ اسان چيو.

ٻئي شخص، جنهن پيتين بابت ڳالهه ڪئي هئي، تنهن چيو:” مان سمجهان ٿو ته هوءَ ستل آهي.“

اسان جي هٿن هيٺان هن جو بدن لڏيو. اسان اُن کي ترڪندو محسوس ڪيو. ائين نه ته ڄڻ اُهو اسان جي پهچ کان پري هليو ويو هجي، پر ڄڻ ته اُن جو وجود ئي ختم ٿي ويو هجي. ڪجهه گهڙين لاءِ گهري سانت، جنهن ۾ اسان بنا ڪنهن چرپر جي بيٺا رهياسين، بلڪل سيٽيل، هڪ ٻئي جي ڪلهن کي ٽيڪ ڏيو. اسان هن عورت جو آواز ٻڌو.

”ڪير آ هتي؟“ عورت چيو

”اسان آهيون؟“ اسان بنا ڪنهن چُرپُر جي جواب ڏنو.

پلنگ جي چُرپُر صاف ٻڌڻ ۾ ٿي آئي ۽ اونداهي ٻيٽ ۾ سليپر ڳولڻ جو سعيو ڪندڙ پيرن جي اٿل پٿل ۽ چيڪاٽ جو آواز پڻ.

پوءِ اسان تصور ۾ ڪرسيءَ تي ويٺل عورت جي تصوير ٺاهي، اسان ڏانهن ڏسندڙ، ڄڻ ته هوءَ اڃا مڪمل طور ننڊ مان سجاڳ ڪانه ٿي هجي.

”توهان هتي ڇا پيا ڪريو؟“ هن پڇيو.

۽ اسان جواب ڏنو:” اسان ڪجهه نٿا ڄاڻون، ڪرليوز پکين اسان جون اکيون ڪڍي ورتيون آهن.“

ان آواز چيو ته هُن اِن پکيءَ بابت ٿورو گهڻو ٻڌو آهي.

اخبارن لکيو هو ته ٽي ماڻهو هڪ اڱڻ ۾ شراب پي رهيا هئا، جتي پنج يا ڇهه ڪرليوز پکي موجود هئا، يا شايد ست ڪرليوز، اُنهن مان هڪ ماڻهو اُنهن پکين جي نقل ۽ اهل ڪندي اُنهن وانگر ڳائي رهيو هو. اُن ۾ خرابي اِها هئي ته هو پورو هڪ ڪلاڪ پوئتي هو. هن چيو،”اهو ئي وقت هو جڏهن پکي ٽپا ڏيئي اچي ٽيبل تي ويٺا ۽ هنن جون اکيون _ڪڍي ڇڏيائون.“ هن چيو، اها ائي ماجرا اخبارن ۾ لکيل هئي، پر ڪنهن کي به اُن تي اعتبار نه آيو هو.

اسان چيو:” جيڪڏهن ماڻهو اوڏانهن ويا هجن ها“ ۽ عورت چيو:” اُهي ويا هئا، ٻئي ڏينهن سڄو اڱڻ ماڻهن سان ڀريل هو، پر عورت اُنهن پکين کي ڪنهن ٻئي هنڌ کڻي ويئي هئي.“

هُو جڏهن پوئتي مڙيو ته عورت ڳالهائڻ بند ڪيو. هڪ اوچي ديوار کين هڪ ڀيرو ٻيهر ڏسڻ ۾ آئي.

بس رڳو پٺتي مُڙڻ سان اسان هڪ ديوار ڏسنداسين. اسان جي چوڌاري اسان جي آسپاس سدائين هڪ ديوار کڙي هئي، اسان مان هڪ ڄڻي پنهنجا هٿ هڪ وار ٻيهر ڍرا ڇڏي ڏنا.

اسان هن کي وري بانبڙا پائيندي ڏٺو:”هاڻي مون کي ڪا خبر ناهي ته جنازي جون پيتيون ڪٿي آهن. مان ڀانيان ٿو، ته هاڻي اسين ڪنهن ٻيءَ جاءِ تي آهيون.“

۽ اسان چيو:” هيڏانهن اچ، هتي ڪو ماڻهو آهي، جيڪو اسان کي تمام ويجهو آهي.“

اسان هن جي ويجهو اچڻ جو آواز ٻڌو. اسان هن کي پنهنجي ڀرسان بيهندي محسوس ڪيو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر هن جو گرم ساهه اسان جي منهن سان اچي ٽڪرايو.

”هن پاسي ڏانهن وڃ.“ اسان کيس چيو:”اسان ڄاڻون ٿا ته هتي ڪو ماڻهو آهي.“

هو ضرور اُن جاءِ تي وڃي رسيو هوندو. هو ضرور اُن هنڌ ڏانهن ويو هوندو، جيڪو اسان کيس ڏسيو هو، ڇو ته جهٽ کان پوءِ هو واپس اچي اسان کي ٻڌائڻ آيو:” منهنجي خيال ۾ هو ڇوڪرو آهي.“

۽ اسان کيس چيو:” ڏاڍو سٺو. هن کان پڇ ته ڇا کيس اسان جي خبر آهي.“

هن کانئس سوال پڇيو. اسان ان ڇوڪري جو احساس کان خالي ۽ سادگيءَ سان ڀريل آواز ٻڌو، جنهن چيو:”هائو، آءٌ توهان کي ڄاڻان ٿو. توهان اُهي ئي ماڻهو آهيو، جن جون اکيون ڪرليوز پکين ڪڍيون هيون.“

اُن کان پوءِ هڪ ساماڻيل نينگر ڳالهايو.

هڪ عورت جو آواز، جيڪا دروازي پٺيان بيٺل ٿي لڳي، چوڻ لڳي:”توهان وري به پنهنجي پاڻ سان ڳالهائي رهيا آهيو.“

۽ هڪ ٻار جو آواز، جنهن اهڙي انداز ۾ ڳالهايو، ڄڻ ته کيس ڪنهن سان واسطو ئي ڪونه هجي، چيائين”

”نه، اُهي ماڻهو جن پنهنجون اکيون ڪرليوز پکين هٿان وڃايون هيون، هتي موجود آهن.“

وري دروازي جي انجيسن جو چيڪاٽ ٿيو ۽ اُن کان پوءِ ان ڇوڪري جو آواز پهرين کان وڌيڪ ويجهو کان آيو.”هنن کي گهر وٺي وڃو.“ ڇوڪريءَ چيو.

۽ ڇوڪري چيو:”مون کي سندس گهر جي سُڌ ڪانهي.“

۽ جوان ڇوڪريءَ  جو آواز آيو:”ايترو به بي خبرو نه ٿيءُ. جنهن ڏينهن کان پکين سندن اکيون ڪڍيون آهن، تنهن رات کان وٺي هر ماڻهوءَ کي خبر آهي ته هو ڪٿي رهندا آهن.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com