سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2004ع

 

صفحو :29

سڄڻ سومرو

شمس توکي ڪٿي ڳوليون؟

(Tragic Death of a Saintly Man)

ڪنهن پر رُوئان پرين کي، روئي نه ڄاڻان،

ڀيڙا   ڪيو   ڀوڻا،  هنجن  هاڻا   هٿڙا.

(لطيف)

ڀاءَ فهيم نوناريءَ جو خط پهتو آهي ته شمس سومري جو چاليهو جنوريءَ ۾ آهي، اُن تي ڪجهه لکي موڪل!

هن مَن ته اڃان اهو قبول به نه ڪيو آهي ته ڪو شمس گذاري ويو آهي، ته پوءِ چاليهو ڪنهنجو؟.... اڃان رات تاج بلوچ سان فون تي ڳالهه ٿي ته هُو اوڇنگار ڏيئي ڍنڍڪي پيو ۽ چيائين ته تون شمس تي لک!...... لطيف نوناري شايد اڃان شاڪ مان نڪتو ئي نه آهي.... شمس سان منهنجي ڏيٺ ويٺ کي صرف ست سال مس ٿيا هئا ۽ اُنهن ستن سالن ۾ شايد ڪل ست ملاقاتون به مشڪل سان ٿيون هونديون، ليڪن پوءِ به ايترو چئي سگهجي ٿو ته:

مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،

تنين سندي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي!

حقيقت بهرحال حقيقت آهي ته شمس جسماني طور تي اسان جي وچ ۾ نه رهيو آهي. اُن درد جي حقيقت لکڻ ڏُکي آهي، جيئن اسرارالحق ”مجاز“ ڪنهن جي وفات تي لکيو هو ته:”اڪثر هماري دور ڪي بيمار مرگئي!“ باقي رسمي ٻه اکر جيڪي وس ۾ آهن، اُهي شمس جي چاهيندڙن لاءِ لکان ٿو.

شمس هڪ شخص جي حيثيت ۾ سچو، بهادر، بيپرواهه، ڏاهو، سهپ وارو، وفادار، گهڻ ڄاڻو ۽ گهڻ پڙهيو سماجي سائنسدان هو، جيڪو ظاهري ڏيک ويک، مڃتا ۽ لالچ کان مٿانهون ٿي پنهنجي ڪرت سان ڪميٽيڊ رهيو. هُن پنهنجي حياتي جا ٿورڙا ڏهاڙا تمام گهڻا سجايا گذاريا، ۽ ڀانيان ٿو ته ڪنهن کي به ڏک ڪونه ڏنائين. آءٌ پيار مان کيس ”مجذوب“ سڏيندو هئس، جيڪو نالو لطيف نوناريءَ(جنهن سان هُن منهنجي پرپٺ سنگت ڪرائي ۽ شمس جو پيارو دوست بلڪه ڀاءُ به هو) کي به وڻيو ۽ پوءِ اسين ٻئي کيس ”مجذوب“ سڏيندا هئاسين. هن ماکيءَ جي مک جيان جيڪا به محنت ڪئي، سا سنڌ ۽ سنڌي ادب جي لاءِ ڪئي ۽ بنا ڪنهن لوڀ جي ڪئي. هُن جو موٽو ڀٽائيءَ وارو هو ته:

ڪانڌ نه ڪنديس ڪو ٻيو، کٿيرو ئي خوب،

ميروئي محبوب، اسان مارو مڃيو،

جڏهن ته هن منتشر دور ۾ ڪيترن ئي کي قبلو بدلائيندي ڏٺو ويو آهي. ليڪن شمس جي لاءِ شيون پنهنجي ”اصلي جوهر“ ۾ ئي باقي هيون ۽اُنهن جي پويان عام ماڻهوءَ جي ڀڄ ڀڄان مارڪيٽ اڪانوميءَ ۽ ملٽي نيشنل جي جادوگريءَ جو ڪارنامو آهي. پنهنجي اعليٰ ادراڪ جي ڪري شمس هئڻ ۽ نه هئڻ واري مونجهاري کان مٿڀرو هو ۽ هن هڪ دفعي چيو هو ته زندگيءَ ۾ هِن کي ڪوبه روايتي نشو پنهنجو مطيع نه ڪري سگهيو آهي. هڪ اديب جي حيثيت ۾ جيئن مون سمجهيو آهي ته شمس ڀلي گهڻ – پاسائون هجي، پر بنيادي طور تي هو تنقيد جي ميدان جي بجاءِ تجرباتي تحقيق (Analytical Research) جو دانشور هو. اگر اسان وٽ ادارا ۽ اُنهن وٽ ماڻهوءَ جو قدر هجي ها ته شمس ڪڏهوڪو بين الاقوامي مڃتا جي صاحب (Man of International Acclaim) هجي ها. پر جيئن ته اسان جو سماج ئي ٺوهيو آهي، انهيءَ ڪري ئي شايد هو پاڻ کي ڪڏهن ڪڏهن ”ٺوهيو“ چوندو هو.

هو چوندو هو ته اسين ڪجهه به نه آهيون، پر اُهو مواد ئي فيصلو ڪندو، جيڪو انسان جي ذهن ۾ سرجي ٿو، تنهنڪري شمس جي ادبي پورهيي جو ڪاٿو هن جي لکيل مواد مان ئي ڪري سگهجي ٿو. الميو اِهو آهي، جو موت هُن کي منزل تائين مهلت نه ڏني، نه ته شمس پنهنجو ثبوت پاڻ ضرور لهي ها.

هڪ دوست جي حيثيت ۾ شمس ڪيئن هو، اِهو لکڻ جي لائق آءٌ ته گهٽ ۾ گهٽ ڪونه آهيان، ڇاڪاڻ ته منهنجا سڀيئي لفظ شمس جي قد کان ڇوٽا آهن، شمس جا دوست ئي اهو ٻڌائين ته هو ڇا هو؟.... آءٌ ته فقط ايترو چوندس ته:

ڪنڊي ڪِلين وچ ۾، جڏهن هنيائون،

موت نه ماريائون، ڏور ڏئي ويا ڏک جي.

سو، منهنجي لاءِ شمس جهڙي دوست کان محرومي زندگيءَ جي وڏين محرومين مان هڪ آهي. الله شال ڪنهن سان ائين نه ڪري!

 

”مون کي چاڙهي چيئن ويو وڻجارو اوهري“

”پڙيا“ ڳوٺ (ضلعو دادو) جو هي شمس ازل کان پنهنجن حالتن کي بدلائڻ جا جتن ڪندو رهيو. پورهيت پيءُ جي هيءَ سج، سچ ۽ ڏاهه جو ساکي ۽ متوالوهو. هن جي سمجهه پينگهي کان وٺي قبر تائين سرشاريءَ جا داستان ڦهلائيندي رهي. پنهنجي پرائمري تعليم جي استادن کان وٺي پنهنجي سوچ جي ساٿين تائين هن هميشه روشن خياليءَ جا ڪرڻا پکيڙيا.

سن 1984ع جي اها شام هٿ جي لڪيرن جيان چٽي پيئي ڏسجي، جڏهن مون نوابشاهه جي گورنمينٽ ڪاليج جي ڪوارٽرس ۾ شام جي ڪچهري لاءِ عبدالله مگسيءَ جو انتظار پئي ڪيو.”نوناري ڪٿي آهين؟ اچ ته توکي نئين ٽهيءَ جي بادشاهه سان ملايان.“ ته عبدالله در مان داخل ٿيندي ئي هوڪرو لائي ڏنو. سندس ڀرسان هڪ سمارٽ ڪلين شيو نوجوان هو.”هن سان مُل. اسان جو سياڻو ۽ ٻوليءَ جو بادشاهه دوست ڊاڪٽر شمس سومرو!“ مون هٿ وڌائي کيڪار ڪئي ۽ پنهنجي من اندر ملندڙ هٿ جي نرمي ۽ گرميءَ کي اوتجندو محسوس ڪيو. عبدالله مگسي جي ڊڪشنريءَ ۾ ”اسان جو دوست“ واري فقري جو مطلب هوندو هو” You better behave”. شمس جي تعارف ۾ ٻه وڌيڪ صفتون ڳنڍڻ جو مطلب هو: ”Be more careful” سچ پچ آءٌ هيسجي ويس. رات جي ماني جي وقت تائين هو اسان سڀنيءَ جو دوست ٿي چڪو هو. عبدالله مگسيءَ جي ڪچهري جو مطلب هوندو هو هر هر چڙندڙ پرندڙ شيءِ تي مادي جدليات کان وٺي روحاني رمزن تائين روشن خياليءَ جي ڏي وٺ. بعد ۾ ٻڌايائين ته هن جو اهو دلربا سلسلو سائين ابوبڪر مگسيءَ جي خيالن کان اتساهيل  هو.

شمس جي منطقي ڌارائن ۾ ديس جي شين کي تاريخي پس منظر ۾ ڏسڻ جو ڏانءُ ازل کان اوتيل هو. تنهن وقت به هن اندر هڪ طبيب کان وڌيڪ هڪ اديب جي موجودگي نظر ايندي هئي. تن ڏنهن ۾ ئي هن خاڪي  جويي جي ”آسڻ جن آريج“ جو مهاڳ لکيو ۽ اسان سڀني کي پنهنجي ڏانءُ سان ڇرڪائي ڇڏيو. هن جي اندر ۾ موجود هڪ ڊراما نويس، تاريخدان، شاعر ۽ سياسي  ڪارڪن جو همه گير موجودگي مون کي حيران ڪندي هئي.

ادب ۾، سياست ۾، چاهت ۾ غير ذميوار رويا شمس جي ماٺار ۾ اُڀار آڻيندا هئا. هو زماني جي ڄاڻ کي اوتڻ گهرندو هو ۽ اوتڻ بعد اوڳاڇڻ کي بدهضمي شمار ڪندو هو. ادبي تحريڪون هجن يا سياسي نظريا، هو هر شيءِ کي انساني حال ۽ آئندي جي تناظر ۾ ڏسندو هو. غربت جي آسيس  ۽ آسائش لاءِ جنگ جو هو ازلي ويڙهو هو. وسيلن جي ڏکوئيندڙ کوٽ جي باوجود هن پنهنجي ساڃاهه ۽ صبر سان پڙهائي جا مرحلا طئي ڪيا ۽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڊاڪٽري جي سند ورتي.

لطيف نوناري

 

سحر امداد

10- هين سارڪ رائٽرس ڪانفرنس، لاهور

”سدائين گڏ!“

11- مارچ جي خوبصورت، خاموش صبح جو، سمنڊ جي گهميل هوائن جي هلڪي وڻندڙ ٿڌاڻ کي محسوس ڪندي، آءٌ ڪراچيءَ جي خاموش ۽ پرسڪون رستن تان سانول ۽ سَني سان سنگ سنگ گذري رهي هئس. ڪراچيءَ جي ويڪرن، ڪشادن ۽ صاف سٿرن رستن ٻانهون ڦهلائي ڄڻ اسان جو استقبال ڪيو ۽ مان دور ماضيءَ ۾ ڪٿي ليئا پائڻ لڳيس.... جڏهن ڪراچيءَ جا رستا روز صبح جو ڌوپجندا هئا، مون پنهنجي ڏاڏيءَ جي روشن اکين مان ئي اُهو سڀ ڪجهه ڏٺو هو... پر خود منهنجي ننڍپڻ جي ڪراچي ڪيڏي نه خوبصورت ۽ ڪيڏي نه حسين هئي، ۽ مان پُوريل اکين سان اهو سڀ ڪجهه پسان ٿي. اوچتو گاڏيءَ جي بريڪ سان منهنجي يادگيرين کي بريڪ لڳي ٿو، ۽ جناح ٽرمينل جي لابيءَ ۾ امدا ۽ سني کان موڪلايان ٿي. ايئرپورٽ تي ڪراچيءَ کان حيدرآباد تائين ويندڙ ائرڪنڊيشند ڪوچ جي سيٽن کان به خراب سيٽن وارو جهاز اسان کي لاهور وٺي وڃڻ لاءِ تيار بيٺو آهي. جهاز ۾ گهڙندي ئي پهرين سيٽ تي ويٺل چهرو مون کي ڪجهه شناسا لڳي ٿو. دل ٿئي ٿي ته اُن سان ڪجهه هيلو هاءِ ڪجي، پر في الحال مان صرف پنهنجي سيٽ تائين پهچڻ چاهيان ٿي، سو اڳتي وڌي ٿي وڃان.

هن جهاز ۾ ويــٺل سڀ چهرا پنجن پاڻين جي ميلاپ جي خبر ڏين ٿا، اُنهن سمورن چهرن ۾ شايد هڪ منهنجو ئي چهرو مختلف هو، يا وري ڊاڪٽر عشرت حسين جو چهرو، جنهن سان پڻ هڪ مختصر ملاقات ٿي. اصل ۾ مون کي اعتبار نٿي آيو ته اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ۽ اڪانامي ڪلاس ۾! ڊاڪٽر عشرت مون سان صاف سٿري سنڌيءَ ۾ ڳالهايو، مون کي سچ پچ ڏاڍي خوشي ٿي. ڊاڪٽر صاحب کي ڏهين سارڪ ادبي ڪانفرنس ۾ منهنجي شرڪت ۽ سنڌ جي نمائندگي ڪرڻ تي خوشي ٿي. هن منهنجي شعري مجموعي ”چوڏهينءَ چنڊ آڪاس“ کي ڏسي ساراهيو. سنڌ يونيورسٽيءَ جون خبرون چارون ٿيون ۽ وري ڪڏهن ملڻ جو چئي علامه اقبال ٽرمينل لاهور تي اسين الڳ الڳ ڏسن ڏانهن مُڙي وياسين،.

ٻاهر نڪتيس ته ”پروفيسر سحر امداد“ جو ڪارڊ کڻي بيٺل شخص کي هٿ لوڏيم. هن وڌي اچي منهنجي بيگ ورتي ۽ مون کي سائيڊ تي بيهڻ جو اشارو ڪري، بيگ موو ڪندو وري وڃي اُتي بيٺو. پهرين ته مون سمجهيو ته شايد پشاور جي فلائيٽ به ترت ئي رسي آهي، ۽ هو پشتو شاعره حسينه گل لاءِ بيٺو آهي، پر پوءِ ائين بيٺي بيٺي خيال آيم ته ڪٿي هو ڊاڪٽر آصف فرخي ۽ زاهده  حنا لاءِ ته ڪونه بيٺوآهي، سو وڌي وڃي کانئس پڇيم ۽ کيس ٻڌايم ته اُهي ٻئي شام جي فلائيٽ ۾ ايندا.

هوٽل جي آرامده گاڏي لاهور جي صاف سٿرن ويڪرن ڪشادن ۽ بنا رش وارن رستن تي ڊوڙڻ لڳي. لاهور جي خوبصورت رستن جي ٻنهي پاسي ساوڪ ۽ رنگين گلن جي گلڪاري ائين ٿي لڳي ڄڻ انڊلٺ ڌرتيءَ تي لهي آئي هجي. ڪيڏو نه بدليل لاهور منهنجي اکين آڏو هو. هڪ ماڊرن شهر جو ڏيک ڏيندڙ لاهور! ڊرائيور سموري واٽ مون سان لاهور جي رستن، جاين ۽ اهم عمارتن جو تعارف ڪرائيندو هليو. لاهور جا نقش نگار ڪٿي ته مون کي جدي جهڙا ٿي  لڳا ته، ڪٿي اُهو ڪراچيءَ  جهڙو ٿي ڏسڻ ۾ آيو ته ڪٿي مون کي حيدرآباد وانگي بنهه شناسا شهر ٿي لڳو.

هوٽل پهچي، ڪائونٽر تي چيڪ- ان ٿيندي ئي مون اسٽرابيري فريش جوس جي سِپ ڀريندي منتظمين جي پڇا ڪئي، ته خبر پيئي اجهو هيئنر اُهي ”الحمرا“ وڃي چڪا آهن. بهرحال، آءٌ ته ڪمري ۾ وڃي سمهي پيس، چئين سوائين چئين وڳي ڌاري ڪنهن ڪمري جي در کي هلڪو ناڪ ڪيو، در کوليم ته سامهون حسينه گل اڇي چڪن جي چادر ۾ ويڙهيل سيڙهيل بيٺي هئي. هن چهري تان نقاب به اُتي اچي هٽايو هو. اسين هڪ ٻئي سان ڀاڪر پائي اُڪير مان ملياسين. اسين هڪ ٻئي سان اڳ ۾ ملي به چڪا آهيون ۽ هڪ ٻئي کي ٻُڌي به چڪا آهيون،ان ڪري اسين ٻيئي هڪ ٻئي لاءِ اجنبي مُور نه هئاسين. حسينه گل کي چيم: مان شاور وٺان ته پوءِ گڏجي هلون ٿا ڪافيءَ جو ڪپ پيئڻ. شاور وٺي، فريش ٿي، ڊائننگ هال ۾ آياسين. ته اُتي اڪادمي ادبيات لاهور جي جميل اسان

جو استقبال ڪيو. ۽ هن ئي ٻڌايو ته هتي جا اديب هندوستاني اديبن کي وٺڻ لاءِ واهگا بارڊر ويا آهن. بس اِجهو ايندا ئي هوندا. اسان سئنڊوچ ۽ ڪافي وٺي واندا ٿياسين،تڏهن ڏٺوسين گلن جا هار پاتل ڪجهه ماڻهن جي جهڳٽي ۾ ڪشور ناهيد لفٽ مان ٻاهر آئي. اسين به اڳتي وڌياسين. ڪشور ناهيد وڏي محبت سان گلي ملي ۽ چيائين: اسان کي هوٽل ڪائونٽر وارن ٻڌايو ئي ڪونه، اوهان کي به واهگا بارڊر تي هِنن کي رسيو ڪرڻ لاءِ وٺي هلڻو هو. بهرحال هڪ ٻئي سان ملڻ جو، ۽ تصويرن نڪرڻ جو هڪ سلسلو شروع ٿيو ۽ ائين اجنبي چهرن سان شناسائيءَ جو هڪ سلسلو هليو. نصرت شيخ سان فون توڙي موبائل تي ٿيل رابطا هڪ رشتي ۾ بدلجڻ شروع ٿيا. هن سنهڙي سيپڪڙي ڇوڪري پنهنجي نازڪ ڪلهن تي ڀاري ڀرڪم ذميواريون کنيو هيون. چانهه جي دور کان پوءِ هن پهريون حڪم ڏنو ته:”اوهين سڀ تيار ٿي اٺين وڳي لابيءَ ۾ پهچو، انارڪلي فوڊ بازار هلڻو آهي.“

 

 

 

 

 

 

 

 

 


 

سارڪ ملڪن – انڊيا، ڀوٽان، بنگلاديش، پاڪستان، سري لنڪا، مالديپ ۽ نيپال .... مان پهتل وفدن جي پاڻ ۾ پهرين خوشگوار ملاقات

”انارڪلي فوڊ بازار“ جو ماحول پنجابين جي محبت، گرمجوشي ۽ زنده دليءَ جو چٽو ثبوت هو، پکين جي صورت ۾ بجليءَ جي ننڍڙن قمقمن سان سينگاريل، لاهور جي اها فوڊ بازار موسيقيءَ جي سُرن ۽ کاڌي جي خوشبوئن سان مهڪي رهي هئي. ٻنهي پاسن تي لڳل ڪرسين تي ڪيتريون ئي فيميليز،جوان جوانڙيون، ٻار، ٻُڍا، سڀ موجود هئا. انهن ۾ ڪيترائي فارينرز، گورا توڙي ڪارا سڀئي موجود هئا. ۽ بازار ۾ پيهه لڳل هئي. دڪاندارن گراهڪن کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ لاءِ سازندا بيهاريا هئا، ڪٿي ڍولڪ تي، ڪٿي شهنائي تي، ڪٿي وائلن تي سازندن گراهڪن جي پسند مطابق ڌنون ٿي وڄايون. اُن رات سارڪ جي اديبن لاءِ پنجاب سرڪار پاران  خاص انتظام ڪيل هو، ۽اُتي جا آفيسر (ڊائريڪٽر ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر رئنڪ جا) مهمانن جي آجيان ۽ آڌرڀاءُ لاءِ موجود هئا. بِنا مرچن جي به کاڌو ڪيترو سوادي ٿي سگهي ٿو، اهو اُتي وڃي خبر پيئي. چڪن تڪه  ۽ مٽن ڪڙاهي کان وٺي پالڪ پنير، پالڪ گوشت، فِش فراءِ، ساڳ ۽ دال تائين موجود هئا، مٿان گرم خستانان، فائڊ رائس، سلاد،ڏهي، لسي، ڪوڪ، جيڪو وڻي ۽ پڇاڙيءَ ۾ ٺڪر جي وٽين ۾ ٿڌي کيرڻي- پر کاڌي کان پهرئين ئي اسان جي ”بانگلابونڌو“ زبيده گلشن آڙا جي سُريلي روح اُڇل کاڌي ۽ هوءَ اونهن سازن سان هم آواز ٿي ڳائڻ لڳي. ائين اُن مستيءَ ۾ گهڻو جو روح رسڪيو ۽ آواز سان آواز ملندا ويا. تاڙين سان تاڙيون ملنديون ويون ۽ سڀ هڪڙي ئي لهر ۾ لُڙهڻ لڳا. ڪشور ناهيد، افتخار عارف، احمد فراز، اجيت ڪور، ثروت محي الدين، نيلم، حسينه گل، انتظار حسين، منُو ڀائي، اشوڪ واجپائي، اڀي سُبيدي، ڊورجي، ٽيشا، رحيم،عباس ابراهيم، رينوڪا ۽ مان- اسين سڀ اُن سُر لهر ۾ لڙهندا وياسين. ائين روح جي غذا ۽ جسم جي غذا گڏوگڏ هلندا رهيا. واپسي تي اُتي ئي خاص طور سان هڪڙي ننڍڙي محفل جو اهتمام ڪيو ويو هو. ڪن روايتي فقراءَ جي لباس ۾ فقيرن ماڌو لعل حسين، خواجه فريد ۽ بلهي شاهه جي سُريلين ڪافين کي آلاپي اُن شام کي دوآتشه بڻايو. فنڪارن کي گهور ڏيڻ اسان جي روايت آهي- اُن روايت کي اجيت ڪور، احمد فراز، مون  ڪجهه ٻين نڀايو. اجيت ڪور ته گهور وجهڻ ۽  جادو جي جپي وجهڻ ۾ سڀني کان اڳ ڀري هئي. اديبن جي ان وسيع وفد جو هر ميمبر هن سان گهڻي محبت ۽ آڌر جو اظهار ڪري رهيو هو ۽ هوءَ اهو لهڻي پئي. واپسيءَ تي ڪنهن اولياءَ جي مزار جو ڏيک ڏيندڙ پان جي مانڊڻي سڀني جي توجهه جو مرڪز بڻجي ويئي- ۽ اديبن اُن تان پان ائين پئي ورتا ڄڻڪو تبرڪ وٺندا هجن. اِن ريت”زنده دلان لاهور“ ۾ اسان جي پهرين شام هڪ يادگار شام بڻجي ويئي.

ان ريت”انارڪلي فوڊ بازار“ کان موٽندي، سڀئي اجنبي چهرا اجنبي مُور نه رهيا هئا. هر چهري جو هڪ نالو هو ۽ اُهو هر ڪنهن جي ميموري باڪس ۾ محفوظ ٿي  چڪو هو. هي ڪمليشور جي آهي،  هندي توڙي اردوءَ جو وڏو ڪهاڻيڪار ۽ مون هن جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون پڙهيون آهن، ۽ اڄ هن سان ساڳئي ڪوسٽر ۾ موجود آهيان- سڀ تاڙين جي ڦهڪي تي زبيده گلشن آرا ۽ رينوڪا جي سُر سان سُر ملائن پيا. زبيده گلشن آرا بنگالي ٻوليءَ جي ليکڪا، شعر ۽ ادب جي اُستاد آهي- مون وانگي ئي. هن سان گڏ بنگالي وفد ۾ عبدالرحيم به شامل آهي، جيڪواديب ۽ صحافي آهي. هن اڇن وارن وارو نهايت وضعدار ۽ خوش لباس شخص ڊاڪٽر عابد حسين آهي. هن کي ڏسي مون کي ڊاڪٽر الياس عشقيءَ ياد ٿو اچي وڃي، مقناطيسي شخصيت جو مالڪ ڊاڪٽر عابد حسين انگريزي ۽ هنديءَ جو وڏو عالم، اديب ۽ تعليمدان آهي.پروفيسر امير بٽ ۽ وائيس چانسلر، پر وڏا بنهه نه- اسي پنجاسي سالن ۾ ماڊرن لُڪ ڏيندڙ ڊاڪٽر عابد حسين جي ابتڙ هڪ سادو سوڌو ڌوتيءَ ڪڙتي ۽ واسڪوٽ ۾ ملبوس هي قدآور ماڻهو ڊاڪٽر نامور سنگهه آهي-پنهنجي نالي وانگيان نامور- ۽ هڪ شاهڪاري شخص. 13 مارچ تي پنجين سيشن ۾ پنهنجي ڪنهن نوٽ ۾ هڪ هڪ صديءَ کان هڪ هزار صديءَ تائين ادب جي تاريخ کي ڇاڇولي رکيو. هن ڏيڍ ڪلاڪ ايڪسٽميپو ڳالهايو- ۽ ڇا ته ڳالهايو! ادب، اُن جي جزئيات ۽ تفصيل- ۽ پورو هال پنهنجي ان گمشده ورثي کي اُن سان گڏجي کوجيندو رهيو- نهايت خاموشيءَ سان- هن جڏهن ”سنديس راشا“ ملتان جي ”ادو رحمان“ جي حوالي سان ذڪر ڪيو، يعني هندي/اردوءَ جي پهرين دستياب شاعريءَ جي ملتان مان ملڻ-ملتان جي تاريخ جي اُن دور ۾ ”سنڌ“ هو- ۽سنڌ جو دارالحڪومت پڻ رهيو هو- ۽ هو هتان مليل ”سنديس راشا“ کي هندي ۽ اردوءَ جي ابتدا مڃين ٿا-  ۽مان سوچيان ٿي اِهو ته سو سيڪڙو قديم سنڌي ڪلام ئي هوندو - ۽ مون کي ساڳي سن سال جي حوالي سان ”سنڌ“ جا ٻه راسا ياد اچن ٿا””همير راسا“ ۽ “دودل راسا“- سنڌ جا اِهي ٻئي راسا چندر بردئي جي ”پرٿوي راج راسا“ جا همعصرآهن. سنڌ جي ”رزم“ ۽ ”بزم“  سان مرصع اِها شاعري- جيئن ڊاڪٽر نامور سنگهه به ”سنديس راشا“ لاءِ چيو- ٻارنهن ماسن تي مشتمل آهي. سارڪ اديبن جي انهيءَ وفد ۾ ڪيرل(ڪيرالا) جو ڊاڪٽر اشوڪ ڪوشي به آهي- عالم، اديب ۽ رٽارئرڊ آفيسر- نهات سنجيد ۽ ريرزوڊ شخص- هو مونکي پنهنجين ڌيئرن ديا ۽ ڇايا جون تصويرون ڏيکاري ٿو- ته اِهي مون کي پنهنجي ڌي ”سنڌيا“ جهڙيون ئي لڳن ٿيون، ۽ مان سوچيان ٿي اسان جا نالا، اسان جا مهانڊا، اسان جا رنگ، اسان جون عادتون، اسان جي ٻولي  ۽ اُن جي جڙ ۽ ان جو ٿڙ سڀ هڪ آهن- پوءِ به اسان ۾ ڪيڏا نه ويڇا آهن! بشنو جو نالو ٻڌي مون کي لڳي ٿو ته هي ته ڪو اسان جو پنهنجو آهي. اسان وٽ سنڌيءَ ۾ عام طرح دال ڀاڄي کائيندڙن کي ”ويشنو“ چيو وڃي  ٿو. اسان پڻ دال ڀاڄي کائڻ پسند ڪندا آهيون. ان ڪري اسين خود پنهنجي پاڻ لاءِ به ائين چوندا آهيون ته:اسين ويشنو آهيون- يعني سبزي خور آهيون. هتي انهيءَ ”و“۽ ”ب“ جي ادل بدل جي چٽي صورت موجود هئي. عام طرح سنڌي، پنجابي، توڙي هندي/ اردو ٻوليءَ ۾ اها تبديلي نهايت عام آهي، جنهن جو هڪ بنهه سادو مثال آهي لفظ:بال-وال/وار“ بمعني هيئر. بشنو مهاپاتري جڏهن پنهنجي نهايت مادري ٻولي ”اُريا“(اُڙيسه جي ٻولي) ۾ پنهنجي شاعري ٻڌائي ٿو، ته روح رڳن مان ڇڪجي ٿو. هو جڏهن ان خوبصورت شاعريءَ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ٻڌائي ٿو ته ائين لڳي ٿو، ڄڻ اسان جا خواب، خيال، نظم جو آڪار، اُن جي نغمگي ۽ سُريلائپ سب اسان جا پنهنجا آهن! پروفيسر افضل حسين قاضيءَ جو نالو جڏهن مون قاضي افضل ٻڌو ۽ هن کي ڏٺو، ته مون کي ائين لڳو ته هي ڪو سنڌ جو قاضي آهي. اُن کان اڳ جو آءٌ هن کان سندس پار پتا پُڇان، ته هو ڪهڙن قاضين مان آهي-تيسين مون کي تعارف ڪرائيندڙ  ٻڌايو، ته هي علي ڳڙهه يونيوررسٽيءَ ۾ اُردو شعبي جو سربراهه آهي. 14- مارچ تي ستين سيشن ۾ قاضي افضل جي مقالي”گلوبلائيزيشن ۽ ادب ۾ اُن جو عڪس“ هڪ اهم مقالو هو. ڊاڪٽر شميم حنفي هندي / اردوءَ جو وڏو نقاد آهي. هن جا ڪجهه مقالا ڊاڪٽر آصف فرخيءَ جي ”دنيازاد“ ۾ مون پڙهيا آهن. هو پنهنجي  مقالي ۾ ڪمال علميت ۽ دليل جو صاحب نظر اچي ٿو، ته هو پنهنجي شاعريءَ جي گداز ۽ نغمگيءَ جي ڪري هڪ درد آشنا آرٽسٽ لڳي ٿو. ۽ اجيت ڪور جيڪا اُن ست رنگي انڊلٺ جو سڀ کان سهڻو ۽ نمايان رنگ آهي- نيلو رنگ- سچ جو رنگ-نيڪي جو رنگ، يقين جو رنگ، محبت جو رنگ. هوءَ سڀني کي پنهنجي ڳلي سان لڳائي ٿي، ڀاڪر پائي ٿي، پٺي ٺپري ٿي، سڀني جو گهڻُو خيال رکي ٿي ۽ جڏهن هوءَ پيار مان مٺو ٻولي ٿي، تڏهن هوءَ  پنهنجي زبان جي ڪيميا سان ورح جا سمورا رنگ لاهي ٿي ۽ روح اُجاري ٿي. هڪ سچي اديب ۽ شاعر جو ”مقصد حيات“ اِهو ئي آهي- تار تار روح جي رفوگري ڪرڻ ۽ ميري من کي اُجورو ڪرڻ- ۽ روح جي ناپاڪين ۽ ڪثافتن کي پاڪ ڪرڻ ۽ اندر اُجارڻ- ۽اجيت ڪور اُهو ئي ڪجهه ڪري پئي. 1987ع کان وٺي-”خانه بدوش“ جي اجيت ڪور پنهنجي روح جي رڙ کي خانه بدوشيءَ ۾ دفن ڪري، هاڻ سڀني ۾ کِل جي کستوري ورهائي ٿي- اِهائي هن جي جيون ڀرجي حاصلات آهي. اُن وفد ۾ هڪ سانوري سلوڻي مدراسڻ به آهي-رينوڪا نرائنن، جا هر وقت جهرمر جيان جهرمرائيندي رهي ٿي. هوءَ ڳالهائي ٿي، جهونگاري ٿي ته ڄڻ روشنيءَ جا ڦول ڇڻن ٿا، هوءَ واقعي ڦول جَهڙي آهي. هوءَ ڪڏهن ترنگ ۾ اچي ڀڳت ڪبير جا دوها ٿي جهونگاري ۽ ڪوسٽر تي واپسيءَ ۾ هوءَ پنجابين کان وڌيڪ سُريلا پنجابي ڪلام ڳائي سگهي ٿي- هن کان رابيدر ناٿ ٺاڪر(ٽئگور) جو بنگالي ڪلام ساڳيئي بنگالي ايڪسنٽ ۾ ٻي زبيده گلشن آرا سيد وسريو وڃي.

13- مارچ تي لاهور جيمخاني کان ڊنر تي واپسيءَ تي آءٌ زاهده حنا ۽ رينوڪا جي روم ۾ وڃي ويهان ٿي ۽ پنهنجي شولڊر بيگ مان ٽيپ ريڪارڊ ڪڍي سامهون رکان ٿي- زاهده حنا مذاق جي انداز ۾ رينوڪا کي چئي ٿي ته ”تون اسان جي ملڪه پکراج آهين“ ۽ رينوڪا ملڪه پکراج وانگيان هٿن جي لهرن سان آلاپي ٿي:”اڀي تو مين جوان هون......“ حفيظ جالنڌريءَ جو خوبصورت ڪلام رينوڪا ڏاڍي رچاءُ سان ڳائي ٿي ۽ اوچتو رينوڪا مون کي حيرتن جي سمنڊ  ۾ لوڙهيو ڇڏي، جڏهن هوءُ شُڌ سنڌيءَ ۾ ڏاچي واليا موڙ مهار وي، هو ڏاچي واليا موڙ مهار وي...“ آلاپي ٿي. هوءَ لٽريچر، ڪلچر، تهذيب ۽ تاريخ تي وڏي دستور رکي ٿي- هن جون تحريرون ڪيترائي پاڪستاني انٽرنيٽ تي پڙهن ٿا ۽ ساراهين ٿا.

بقول اجيت ڪور...”بنگالي بلبل“ زبيده گلشن آرا، رابيندر ناٿ ٺاڪر(ٽئگور) جو دلگداز ڪلام ۽ نذرالاسلام جو جوشيلو ڪلام ٻڌائي ٿي. ته انسان جي دل ساڳئي وقت گداز ۽ جو ش سان ڀرجيو اچي. هن جا بنگالي ڪلام مون کي ڏور ماضي ڏي ڌڪي وڃن ٿا، جڏهن پنهنجي ٽين ايج ۾ دريا جي مٿاڇري تي ترندڙ ٻيڙيءَ ۾ ”ڀويا“ ڳائيندڙ ۽ ونجهه هلائيندڙ مانجهيءَ جا آلاپ منهنجي رڳن مان روح ڇڪي وٺندا هئا، ۽ مون کان ساهه کڻڻ ئي وسري ويندو هو، جڏهن حيدرآباد جي ريشم ڳليءَ ۾ بنگالي”ڪانجي ورم“ جون ساڙهيون هتي جي لوڪل ڪپڙي جي جوڙي کان ته وڌ سستيون ملنديون هيون.- ۽ مون پنهنجي ٽينس ۾ ساڙهيون پائڻ شروع ڪيون هيون: ڪانجي ورم جون ساڙهيون- ۽ مان تصور ۾ پاڻ کي ڍاڪا يونيورسٽيءَ جي شاگردياڻي سمجهندي هئس.، تڏهن جڏهن ما ريڊيو پاڪستان تان بنگالي سيکارڻ وارو پروگرام خاص طور ٻڌندي هئس ته جيئن مان ٽئگور کي رڳو ڊبليو بي  يٽز جي ڪيل ترجمي ۾ نه، پر هن جي پنهنجي ”ماتر ڀاشا بنگلا“ ۾ پڙهي سگهان، سمجهي سگهان ۽ محسوس ڪري سگهان. ته هن جي سٽ سٽ، لفظ لفظ، اکر اکر ڪيئن ٿو روح جي تارن کي ڇُهي... بنگال جو جادوءَ مان خود تي گذرندي، خود محسوس ڪيان...... پر هي ظالم وقت!

ساڳيئو ظالم وقت اڄ ڪيتري قدر مهربان آهي- مان ٽئگور کي ٻُڌان پئي ۽ اُن جي جادوءَ ۾ جڪڙجان پئي- مان زبيده ۽ رحيم جي بنگالي ڳالهه ٻولهه مان معنيٰ جا موتي جهٽيان ٿي، ۽ بنگالي لهجي ۾ ويڙهيل لفظن جا سمورا وڪڙ کولي اُن کي سنڌيءَ ۾ آڻي سامهون بيهاريان ٿي- ۽ هوءَ حيران ٿئي ٿي- ۽ اسين هن پوري خطي جي ٻولين جا روٽس ڳولڻ لڳون ٿا، پر ڇا اِها اسان تي صرف وقت جي مهرباني آهي؟ ان مهربانيءَ ۾ ڇا انسان جو ڪو هٿ ناهي؟ يقيناَ اجيت ڪور 1987ع کان هڪ خواب اُڻڻ شروع ڪيو هو. اُن سپني کي ساڀيان ڪرڻ لاءِ هو ڪٿي ڪٿي، ڪيئن ڪئين وڙهي هئي-اِها ڪهاڻي هوءَ هر ڀيري، ورائي ورائي ٻڌائي ٿي. ان خواب کي هتي آڻي حقيقت جي روپ ڏيڻ ۾ ڪشور ناهيد جي غير مشروط محبت به شامل آهي- ته افتخار عارف جو افتخار به شامل آهي- ته ڊاڪٽر فوزيه سعيد جي ايڊ جو ته گهڻو عمل دخل آهي ته نصرت ۽ محسن جن جي محنت ۽ اوجاڳا به شامل آهن- ۽ ان ۾ اجيت ڪور جو شهزادو احمد فراز به شامل آهي ۽ احمد نديم قاسميءَ جون دعائون به شامل آهن- ۽ شامل هجڻ وارن ۾، انهن سڀني سان وک سان وک ملائيندڙن ۾ انتظار حسين به آهي، منوڀائي ، شعيب هاشمي، سليمه هاشمي، ڊاڪٽر انور سجاد، نيلم احمد بشير، جاويد شاهين، فرخنده لوڌي، عبدالله حسين، شائسته، وحيد احمد، افضل توصيف، نيلم حسين، ثمينه رحمان، منصوره احمد، ڊاڪٽر روبينه ترين، نسرين انجم ڀٽي، امتياز عالم، مستنصر حسين تارڙ، مسعود اشعر، ثروت محي الدين، حسينه گل، حڪيم بلوچ، ڊاڪٽر آصف فرخي، زاهده حنا ۽ مان- اسين سڀ قدم سان قدم ملائي هلندا رهياسين ۽ قافلو ٺهندو ويو.

 


 

ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس ۾ همه تن گوش سامعين

پاڪستان ۾ ”سارڪ اديبن جي ڪانفرنس“ ٿيڻ هڪ وڏو واقعو هو. 12 مارچ جو صبح ”الحمرا“ جي ڳاڙهين سِرن جي ٺهيل، قلعي نما خوبصورت عمارت جي خوبصورت آڊيٽوريم ۾ ستن ملڪن جي ننڍڙن رنگين جهنڊن جي وچ ۾ رکيل خوبصورت رنگارنگ گلن جي ”ٻُڪي“ اڄ جو استعارو بڻجي ويو هو. سڀ کان پهرين ڪشور ناهيد هال ۾ ويٺل سمورن اديبن کي اسٽيج جي ٻنهي پاسن تي لڳل وڏي فريم ٿيل پني تي ”امن“ لاءِ صحيح ڪرڻ جي وينتي ڪئي. اسٽيج جي هڪڙي پاسي احمد فراز پنهنجي شعر ۽ آٽو گراف سان ”امن لاءِ دستخط“ جي ابتدا ڪيئي ته ٻئي پاسي افتخار عارف پنهنجي شعر ۽ صحيح سان امن جي  سفر جو آغاز ڪيو. زبيده گلشن آرا انگلش ۾ امن جي دعا ڪئي ته مون ”عالمي امن ۽ سلامتيءَ“ جي حوالي سان دنيا جو خوبصورت ترين شعر اُتي لکيو- شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو سنڌي ٻوليءَ ۾ چيل اِهو شعر دنيا جي امن جو اعليٰ ترين منشور آهي:

سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار،

دوست تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين!

سموري دنيا جي سُک ۽ سلامتيءَ جو اهو خواب شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ اڄ به زنده آهي.

آڳاٽي دور جي ڏند ڪٿائن موجب، هي ڪائنات ستن سمنڊن، ڌرتيءَ جي ستن تهن، ستن آسمانن، ستن ڏينهن ۽ ستن سُرن جو تال ميل آهي- ۽ اُن ڏينهن اسٽيج تي ستن ملڪن جي ستن جهنڊين ۽ ستن نمائندن جو هجڻ هڪ حسين استعارو ٿي لڳو. اسٽيج تي بنگلاديش جي نمائندگي عبدالرحيم ٿي ڪئي. ڀوٽان جي نمائندتي تِشرنگ ڊورجي ٿي ڪئي. انڊيا جي نمائندگي سارڪ اديبن جي انجمن جي صدر اجيت ڪور ٿي ڪئي. مالديپ جي عباس ابراهيم، نيپال جي اڀي سُبيدي، پاڪستان جي نمائندگي ڪشور ناهيد ٿي ڪئي ۽ سري لنڪا جي نمائندگي ابيسڪراٽسا ٿي ڪئي. جڏهن ته پريزڊيم ۾ پاڪستان جي وزير تعليم محترمه زبيده جلال صاحب به موجود هئي. ڊاڪٽر جاويد اقبال به موجود هو، احمد نديم قاسمي پنهنجي ناچاڪيءَ جي ڪري اچي نه سگهيو- هُن جو ريڪارڊ ٿيل پيغام ٻڌرايو ويو.

”ڏهين سارڪ اديبن جي ڪانفرنس لاهور“ جو باقاعده آغاز فيض احمد فيض جي نظم تحت اللفظ پڙهڻ/ڳائڻ سان ٿيو. شعيب هاشمي ۽ شازيا اِها خوبصورت ذميواري نڀائي، احمد فراز پنهنجي نظم”دوستي ڪا هاٿ“ ٻڌائي خوب داد پاتو. هنديءَ جي مشهور شاعر اشوڪ واجپائي پنهنجو نظم ٻڌائي ٿو ۽ اُن ۾ واعدو ڪري ٿو ته: هاڻ هو ڪڏهن به سمنڊ جي ڪناري گل ڪونه پوکيندو، ڇو ته سمنڊ سدائين هن جي سال کن جي محنت پاڻ سان وهايو وڃي .”ان ڪري آءٌ سمنڊ ڪناري گل ڪونه پوکيندس!“ اها سندس نظم جي ٽيپ جي لائين هئي.

ڀوٽان جي تشرنگ ڊور جي کي ”شاعري“ ڪرڻ جي سزا جي طور پرنسپل جي آفيس جي سامهون گاهه لڻڻو پيو هو، جڏهن ته هو شاعريءَ ۾ گاهه ڪونه ٿو لُڻي، پر گل پوکي ٿو، جڏهن ته اسان وٽ اڄڪلهه شاعرن جي گهڻائي رڳو گاهه ئي لُڻي پئي، گل پوکڻ بدران!

مالديپ جي عباس ابراهيم جي نظم ۾”هڪ اديب جون گهڻيون ئي ذميواريون آهن. انسانذات جي بهتري ۽ ڀلائي، دنيا ۾ امن ۽ سڪون قائم ڪرڻ جي ذميواري هڪ اديب ئي بهتر طور نڀائي سگهي ٿو.“ نيپال جو اڀي سبيدي هندوستان ۽ پاڪستان جي اديبن جي هڪ ٻئي سان محبت ۽ اُنهن جي جوش جذبي کي ساراهي ٿو. هو چئي ٿو”انهن ٻنهي ملڪن جي مشترڪه تاريخ ۽مشترڪه تهذيبي ۽ ثقافتي ورثي جي ملڻ جو مشترڪه نقطو نيپال آهي.“  بنگلاديش جي عبدالرحيم کي سڀئي چهرا شناسا ٿا لڳن ۽ هو پهريون نڪتو ئي اِهو کڻي ٿو ته، ڏکڻ ايشيا جي سمورن ملڪن جي تهذيب هڪڙي آهي- اُنهن جي تاريخ، ثقافت، منهن مهانڊا- ٿوري فرق سان ساڳيا ئي آهن، ان ڪري هنن سڀني ملڪن کي هڪ ٿيڻ کپي- ۽ اُن لاءِ اسان کي پنهنجا سمورا اختلاف وساري، هڪ ٿيڻ جي راهه ڪڍڻي پوندي، ڇو ته اسان سڀني کي هن پوري وڏي خطي جي امن ۽ محبت لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي. سري لنڪا جو ابيسڪرا ٽسا پنهنجي ملڪ جي ڪشيده حالتن لاءِ ڏک جو اظهار ڪري ٿو ۽ پوءِ ذري گهٽ اِهي ئي ڳالهيون ڪري ٿو، ته ڏکڻ ايشيا جي سڀني ملڪن جون ڪيتريون ئي ڳالهيون هڪجهڙيون آهن. هن خطي جو ڪلچر هڪ آهي. هو پڻ هندستان ۽ پاڪستان جي اديبن جي محبت ۽ يگانگت جو ذڪر ڪري ٿو ۽ چئي ٿو ته تاريخ جي وڏي ستم ظريفي  چئجي جو اِهي ٻيئي هڪ ٻئي سان کلي ملي نٿا سگهن. فن ۽ ثقافت ته قومن کي ملائيندا آهن، ڌار ته نه ڪندا آهن- مون کي ته ائين ٿو لڳي ڄڻ مان ڪنهن جادوئي ڪهاڻيءَ ۾ پيو جيان.

ڊاڪٽر مبشر حسن پڻ پريزيڊيم ۾ موجود هو. هو پنهنجي مخصوس رنگ ۾ حالتن جو تجزيو ڪري ٿو ۽ ايڊورڊ سعيد جي حوالي سان ادب ۽ سياست کي گڏ کڻي هلڻ ٿو چاهي، ۽ اديب کي سياستدان به ڪرڻ ٿو چاهي. هن جي خيال ۾ قومپرستي نه، بلڪه محبت جو مذهب ئي سمورن مسئلن جو حل آهي.

ڊاڪٽر جاويد اقبال، ڊاڪٽر مبشر  جي ايڊورڊ سعيد جي حوالي کي کڻي ڳالهه اڳتي وڌائي ٿو. هو چئي ٿو ته سارڪ جي سڀني ملڪن ۾ صرف بُک ۽ غربت ئي هڪ مشترڪه شيءِ آهي. اديب ۽ شاعر محبت جا پيامبر آهن، صرف اديب ۽ شاعر ئي سياستدانن کي هڪ نئون وزن ڏيئي سگهن ٿا. قومون شاعرن جي دلين ۾ پيدا ٿين ٿيون، ان ڪري اديب جنگ جو نه پر محبت جو پيغام ڏي.

اجيت ڪور پڇاڙيءَ ۾ ڳالهايو ۽ پنهنجي دل چيري کڻي رکيائين....! هن جا لفظ شديد محبت ۽ شديد درد ۾ دٻجي ٿي ويا. هن چيو” منهنجي دل ٿئي ٿي ته اوهان سان پنجابيءَ ۾ ڳالهايان پر مان اُنهن ڪبوترن جو ڇا ڪيان، جن کي مون وڏين مشڪلن سان هٿ ڪيو آهي- ۽ اُنهن ”امن جي ڪبوترن“ جي ڪري ئي مان هِتي جي ۽ هُتي جي بندوق بردارن سان وڙهي آهيان. مون جڏهن به اديبن/شاعرن جي ملڻ جي ڳالهه ڪئي ته مون کي اِهو ئي جواب مليو ته اديب ملي ڇا ڪندا؟ اِهي سياستدان آهن؟ يا اِهي ڪي تاجر ۽ واپاري آهن؟ ٻيا سڀ ڀلي ملن، ڌنڌو ته ڪندا- اديب ملي ڇا ڪندا!“ هن امن جي اُنهن ڪبوترن کي گڏ ڪرڻ جي مشڪل ۽ ڊگهي ڪهاڻي ٻڌائي:”  ڀوٽانوارن چيو، اسان جي زبان ڏاڍي قديم آهي، مشڪل آهي- اسان وٽ مونڪجس ته ملندا، پر اديب نه ملندا ۽ اُتان وڏي مشڪلن سان مون کي اِهو ”ڊورجي“ مليو. مالديپ وارن ته حيران ٿي پڇيو ته:”اديب ڇا؟ اسان وٽ ماڻهو جام پيسا پيا ڪمائين- سياحت مان، واپار مان ته پوءِ ادب ڇو؟“ اجيت ڪور مڇڏ ٿيندي چيو؛ اوهين پنهنجي ائرڪنڊيشنڊ ڪمري جي دري کولي ٻاهر نهاريو- ڇا سامهون ميدان ۾ گاهه ڦٽي ٿو؟ ڇا سامهون لڳل ٻُوٽن ۾ گل ٽڙيل آهن؟ ڇا وڻن تي پکي چرچر ڪن پيا؟ جي ها ته پوءِ شاعر به ضرور ڪٿي ڪجهه جهونگاريندو هوندو. اديب ڳوليو! ۽ هاڻ منهنجي دامن ڀريل آهي، ۽ اُنهن کي مان هِتي هُتي گهمايان ٿي پئي. اجيت ڪور وڌيڪ چيو: سورج اُڀري ٿو ندي وهي ٿي ۽ شاعر گيت جهونگاري ٿو. اُن کان سواءِ اسان اديبن کي ڇا ڪرڻو آهي؟ اسان اديبن ۽ شاعرن کي ٻن مان هڪ ڪم جي چونڊ ڪرڻي آهي چُپ رهو – يا ڳالهايو- جيئن ڳڻيا وڃو! اسان جا ٻيئي ملڪ هاڻ غربت ۽ بُک سان گڏ هڪ بم به شيئر ڪن ٿا! اسين ڪهڙي بم جي پاسي ٿيون؟ هندو بم جي – يا مسلمان بم جي! پر اهو سڀ ڇا لاءِ؟ اسان کي اسان جي پاڙيسرين کان بچائڻ لاءِ! جيڪي مصيبت ۽ تڪليف جي لمحن ۾ سڀ کان پهرين هڪٻئي جي ڪم اچن ٿا- هڪٻئي جي مدد کي رسن ٿا. ان ڪري جنگيون ڇو؟ پر اُنهن جنگين ۾ جيت ته هميشه سرڪار جي ٿئي ٿي. عوام ته هميشه هارائي ٿو! اسان ٽن عورتن، ڪشور ناهيد، فوزيه سعيد ۽ مون گڏجي هڪ خواب کي حقيقت بڻايو آهي. عورت هڪ ماءَ آهي، جنتي آهي، هو ءَ تخليق ڪندڙ آهي، ان ڪري هوءَ تباهه نٿي ڪري سگهي. بلڪل اهڙيءَ طرح هڪ شاعر ۽ اديب به تخليق ڪري ٿو، هو تهذيبن کي سنواريندڙ آهي. هو ستارن جون پرندن جون، بادلن جون، هوائن جون، خوشبوئن جون ڳالهيون ڪري ٿو. زندگي اڳتي هلندي رهڻ ۽ وڌندي رهڻ جو نالو آهي- ۽ اسين وک سان وک ملائي هلندا ئي رهنداسين پاڪستان منهنجي به جنم ڀومي آهي، منهنجي ناڙ هن ڌرتي ۾ دفن ٿيل آهي. اسين هڪ قديم تهذيب جا امين آهيون- ۽ اسين اُنهن ماڻهن جي هٿان استعمال ٿي رهيا آهيون جن کي پنهنجي ڪا سولائزيزشن ئي ناهي؟ جن جي ڪُل تاريخ پنج سئو سالن کان وڌيڪ ناهي. جيتوڻيڪ مان هتي لفظ يوني سولائيزڊ استعال ڪرڻ ٿي چاهيو، پر منهنجي دوستن مون کي ايتري سخت ٿيڻ کان روڪيو ۽ مان هتي اُنهن لاءِ پيزدو سولائيز يا ليس سلوائيزڊ لفظ استعمال ڪريان ٿي. اسين موهن جي دڙي ۽ هڙپه جي تهذيبن جا امين، اُنهن جي هٿ ۾ رانديڪو بڻيل آهيون، جن وٽ ميزائل پاور(هٿيارن جي طاقت) آهي، جن وٽ پني پاور(پئسي جي طاقت) آهي. ماڻهو اسان کي ذرو ذرو ڪري ڇڏيندا. هو اسان کي لاڳيتو ڌڪي رهيا آهن.... فاشزم ڏانهن، پر پري ڪٿي نقرئي گهنٽيون وڄن پيون- اُهي مڌر گهنٽيون ڪنهن جي لاءِ وڄن پيون؟ اُهي اسان لاءِ وڄن پيون! پر اسان کي وقت جي ڌارا جي ابتڙ ترڻُو پوندو!،

اجيت ڪور کي پوري هال ڏاڍي خاموشيءَ سان ۽ ڏاڍي ڌيان سان ٻڌو. سندس آخري کان پهرين ڳالهه ۾ هينگوي جي
 
For whom the bell tolls کي استعارو بڻايو  ويو  هو- ۽ سندس آخري ڳالهه تي مون کي بي اختيار شاهه سائينءَ جي هي خوبصورت سِٽ ياد آئي:

لهوارو لوڪ وهي، تون اوچو وَهه اوڀار

اجيت ڪور ويندي ويندي وري آئي ۽ چيائين:”اڄ اسان هڪ واعدو ڪريون. اسين سارڪ ملڪن جا سمورا اديب هڪ جسم وانگيان اُٿي بيهون ۽ هڪ آواز ٿي چئون ته اسين اُنهن سمورن مرڻ وارن سان گڏ آهيون، جن کي بي گناهه ماريو ويو. اسان اڄ هتي هڪ وچن ڪريون ته اسان پنهنجي ٻولي ۽ ادب کي مرڻ نه ڏينداسين. اسين پنهنجي اڇن تنبوئن ۾ امن جا خواب ڏسنداسين. اسين موت جي هر سامان کي تباهه ڪنداسين. اُنهن بمن کي تباهه ڪنداسين، پنهنجي زندگيءَ ۾ نه سهي، پنهنجن ٻارن جي زندگيءَ ۾ سهي!“

پڇاڙي ۾ محترمه زبيده جلال کي سڏيو ويو، جنهن جو مڪمل سهڪار سارڪ اديبن جي ڪانفرنس کي حاصل هو. مان جڏهن به بلوچي گهگهو پاتل، اُن پڙهيل ڳڙيل ٻروچياڻيءَ کي ڏسندي آهيان، ته منهنجو ڳاٽ فخر کان اوچو ٿي ويندو آهي- ڇو ته اُن فخر جو ڪجهه حصو مون ڏانهن به اچي ٿو. زبيده جلال بلوچستان جي ذهين ماڻهن جي پاڪستان ليول تي نمائندگي ڪري ٿي- پر هوءَ پنهنجي انفرادي حيثيت ۾ پڻ هڪ عظيم خاتون آهي. هن ڪسرنفسيءَ جو مظاهرو ڪندي چيو:”ايترن پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جي وچ ۾ ڳالهائيندي، آءٌ ڪجهه نروس پئي ٿيان. مون کي يقين آهي، اِهي هيترا عمل ۽ ادب جا صاحب هتي ويهي محض زباني جمع خرچ نه ڪندا، بلڪه ڪجهه عملي ڪم به ضرور ٿيندو. اسين سڀ امن ۽ اخوت چاهيون ٿا. اسان سڀني کي گڏجي امن ، محبت ۽ سک سلامتيءَ سان رهڻُو آهي. اسان سڀني کي گڏجي سڏجي غربت، بُک، بدحالي، نسلي مت ڀيد، سماجي تنزلي ۽ انساني حقن جي بحاليءَ لاءِ وڙهڻو آهي. اديب هڪ سماجي اڳواڻ به آهي. اسان کي اهو به ڏسڻو آهي ته هو ڪنهن جي پاسي آهي؟ ڇا هو جنگ ۽ لڙائي جهڳڙي جي پاسي آهي، يا هُو امن جوطرفدار آهي! هڪ اديب جي زندگيءَ جو مقصد يقيناَ امن جي طرفداري ئي آهي. آءٌ دعا ڪريان ٿي ته سارڪ جي اديبن جو هي ميڙاڪو هن پوري علائقي لاءِ امن ۽ سُک آڻي.“

افتتاحي اجلاس کي ڪشور ناهيد ڏاڍي سهڻي نموني ڪنڊڪٽ ڪيو. منجهند جي ماني برٽش ڪائونسل پاران لاهور جي هڪ خوبصورت هوٽل ”وليج“ ۾ هئي. ٻهراڙيءَ جي ماحول ۾ ڏيئن ۽ لالٽينن جي روشنيءَ ۾ کاڌي جي ايتري ته ورائٽي هئي، جو مون جهڙي ٿور-کائو رڳو شيون ڏسي پيٽ ڀريو. اصل ۾ اُنهن لنچز ۽ ڊنرس پڻ اديبن جي ويجهڙائپ کي وڌايو- ۽ هتي گهڻو ڪري کائڻ کان وڌيڪ ڳالهائڻ کي ترجيح ٿي ڏني سڀني – نه ته هِتي اسان جي ڪانفرنس ۾ مون ماڻهن کي کاڌن تي ائين ڪرندي ڏٺو آهي، جو ڪنڌ شرم کان جهڪيو وڃي! اُتي اُهو سڀ اُنهن جي سويلائيزيشن جو ئي حصو هو.

پوري اڍائين وڳي ڪانفرنس جو پهريون باقاعده سيشن شروع ٿيو، جنهن جو موضوع هو:”سارڪ خطي جي ادب جون جڙون ۽ تصوف“ مک ڳالهائيندڙ ڊاڪٽر عابد حسين هو ۽ پاڪستان مان ”اداس نسلين“  جو عبدالله حسين هو. پريزيڊيم ۾ عباس ابراهيم مالديپ بشنو مهاپاتري انڊيا آڙيسا، ابيسڪرَر ٽسا سري لنڪا، ڊاڪٽر سهيل احمد جن شامل هئا. اُن سيشن کي اردوءَ جي انوکي لهجي واري خوبصورت شاعره ياسين حميد ڪنڊڪٽ ڪيو. ڊاڪٽر عابد حسين توڙي ٻين جي حوالي سان پويان ڪجهه مختصر طور آءٌ اڳ ۾ ئي لکي چڪي آهيان. چانهه ۽ آئسڪريم جي پندرهن منٽن جي مختصر وقفي کان پوءِ چئين وڳي ڌاري ٻيو سيشن شروع ٿيو، جو ”نسائي ادب“ بابت هو. اُن جي مک ڳالهائيندڙ بنگلاديش جي زبيده گلشن آرا هئي. پريزيڊم ۾ زاهده حنا، ٽيسا، ڪمليشور ۽ اجيت ڪور هئا. ان پروگرام کي سليمه هاشميءَ نهايت سهڻي نموني ڪنڊڪٽ ڪيو. زبيده گلشن آرا پنهنجي مقالي جي ابتدا ۾ چيو:”مان بنگلاديش واسين پاران سارڪ جي سڀني ملڪن لاءِ امن جو پيغام کڻي آئي آهيان.“ هن پنهنجي مقالي جي اصل موضوع تي ايندي چيو:” هر ملڪ اقتصادي ۽ تعليمي ترقيءَ ۾ وک وڌائي ۽ نوان خيال ۽ تصور متعارف ڪرايا. پر عورت جي تعليمي ۽ معاشي ترقيءَ بابت ڪجهه نه سوچيو ويو- اها عورت جيڪا ٻني ٻارو ڪري ٿي، گهر جا ڪم ڪار ڪري ٿي، ڪپڙو اُڻي ٿي، پورهيو ڪري ٿي ۽ ٻار پالي ٿي، پر ويهين صدي عورت لاءِ ترقيءَ جو هڪ نئون پيغام کڻي آئي- هاڻ هوءَ هر ميدان ۾ پنهنجن حقن لاءِ وڙهي پيئي. بيٽي فرائڊن اينجلا ڊيوس، ڪيٽ ملر، گِلا آئنسٽائن عورتن جي حقن لاءِ بنيادي ڪم ڪندڙ ۽ نشانبر عورتون هيون. عورتن پنهنجي عزت ۽ وقار لاءِ سدائين پئي پاڻ پتوڙيو آهي.“ زبيده گلشن آرا بنگاليءَ ۾ عورتن سان لاڳاپيل موضوعن تي وڏي بهادريءَ سان لکيو آهي. هن پڇاڙيءَ ۾ چيو:” مون کي فخر آهي ته مان هڪ عورت آهيان. مون کي فخر آهي ته مان هڪ اديب به آهيان- ۽ مون کي فخر آهي ته آءٌ توهان سان گڏ آهيان.“ زاهده حنا هڪ مختصر ڪالم ننڍي کنڊ جي شاعرائن ۽ اديبائن بابت لکيل پڙهيو ۽ چيو ته اسين سڀ ان تخليقي وراثت جون امانتدار آهيون. ڪمليشور جي هڪ انسٽنٽ اسٽوري ٻڌائي. رات جو پنجاب جي گورنر خالد مقبول پاران ڊنر هئي. آءٌ ته گورنر هائوس جي ڊائنگ هال جي درن، درين، شهتيرن، ڇڄن، پلرن ۽ آبنوس جي ڪاٺ جي پئنلن تي ٿيل قديم ۽ قيمتي اُڪر جي ڪم کي ڏسي حيران پئي ٿيس. هال هڪ نادر ۽ انٽيڪ  لُڪ ٿي ڏني- ۽ مون سوچيو اُنهن پنهنجي قديم ورثي کي ڪيڏي نه محبت سان سنڀاليو آهي، پوءِ ڀل اُن ورثي جو تعلق رنجيت سنگهه سان ئي ڇو نه هجي. هن اڌ منو ڪلاڪ ايڪسٽيمپو ڳالهايو. سو به اديبن، شاعرن ۽ دانشورن سان! سندس تقرير علمي ۽ معروضي حقيقتن سان ڀريل ويل پنچوئيٽيڊ هئي. هو ايڏو شارپ هو، جو تقرير ڪندي احمد فراز کي مخاطب ٿيندي چيائين:”فراز صاحب! اوهان کي اسان جي وردي نٿي وڻي، پر اسين ايڏا به بُرا ماڻهو ناهيون. اِن سچائيءَ کي ته اوهين به مڃيندوء ته سول حڪومتن اوهان سان جيڪي جُٺيون ڪيون آهن- سي اسان ناهن ڪيون- بلڪ اسان ته اوهان شاعرن، ۽ اديبن کي هر طرح جي آزادي ڏني آهي.“ اجيت ڪور اوتي به ڏاڍي دلچسپ تقرير ڪئي. غالباَ نائين ڪورسز ڊنر هئي، ماني ۽ موسيقي ٻئي ايز يويوئل زبردست هئا. ائين لاهور ۾ علميت سان ٽمٽار هڪ حسين ڏينهن کان پوءِ هڪ خوبصورت رات، لاهور جي رستن تي اتاڙين جي ٿاپ ۽ گيتن جي آلاپ سان گُنگنائيندي گذري رهي هئي. هوٽل اچي ٻارن سان فون تي ڳالهايم ته سمورا ٿڪ لهي ويا.

13- مارچ جي صبح واري سيشن جو موضوع ڪجهه ڏکيو هو ۽ اُن لاءِ مُک ڳالهائيندڙ ڊاڪٽر آصف فرخي هو. ”11 سيپٽمبر کان پوءِ جنم وٺندڙ جديد حقيقت پسندي“ بابت ڳالهائيندي ڊاڪٽر فرخي اڳ ۾ ئي چيو، ته موضوع جي چونڊ منهنجي ناهي بلڪه مون کي ڏني وئي آهي. بلڪل ائين ئي 11/9 کان پوءِ اڀرندڙ  تبديل ٿيل- هيءَ نئين دنيا اسان مان ڪنهن جي به ذاتي چونڊ ناهي. نئين دور جون پيڙائون ڪيتريون ئي نيون ۽ مختلف ڇو نه هجن، پر هڪ اديب جو رول ريڊيڪل انداز ۾ بدلائي نٿو سگهجي. وقت ۽ حالتون اديب جي موضوعن کي بدلائين ٿا، پر هن جون ذميواريون نٿيون بدلجن- هنکي لکڻو آهي ۽ سٺو لکڻو آهي. پهرين مهاڀاري جنگ وقت هينري جيمس جهڙي مهان اديب جو ڪردار هڪ مثالي ڪردار آهي ۽ زندگيءَ جي اندوهناڪ لمحن ۾ هُو اسان لاءِ مثال هئڻ گهرجي. اسان جهڙين قومن کي پنهنجين اکين سان ٻين جا خواب ڏسڻ سيکاريو ويندو آهي - ۽ اِهو جبر هتي جي اديب کي به ڀوڳڻو پئي ٿو. اهو اسان تي منحصر آهي ته اسين اُنهن لاءِ هڪ نئين لوليتا بڻجون ٿا، يا اسين ان مڙهيل ٿاڦيل کان انڪار ڪيون ٿا ۽ پنهنجي شناخت پايون ٿا. اشوڪ واجپائي جي صدارتي خطبي سان اهو سيشن پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو. اُن سيشن کي ڪنڊڪٽ ڊاڪٽر انور سجاد ڪيو. چوٿون سيشن زميني حقيقتن جي تخليقي  ادب ۾ تصوير ڪشي“ جي موضوع تي هو. ان ۾ مختلف ملڪن ۽ علائقن جي اديبن ۽ شاعرن کي پنهنجي تخليقات پيش ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي. اُن سيشن جي صدارت بهاءُ الدين ذڪريا يونيورسٽي ملتان جي اردو جي پروفيسر ڊاڪٽر روبينه ترين ۽ اڪادمي ادبيات جي چيئرمين افتخار عارف ڪئي. ان سيشن ۾ بشنو مهاپاتري پنهنجي مادري ٻولي اُڙيا ۾ پنهنجي خوبصورت شاعري ۽ ان جي انگريزي ترجمو ٻڌايو. نيپال جي اڀي سُبيدي، ڀوٽان جي تشرنگ ڊورجي پڻ پنهنجي شاعري ٻڌائي. شميم حنفي، ڪونر نرائن هندي ۽ اردوءَ ۾ پنهنجي  شاعري ٻڌائي. منصور احمد پڻ پنهنجو نظم ٻڌايو. ڊاڪٽر وحيد پنهنجو خوبصورت استعارن سان سينگاريل نظم ٻڌايو- ۽ هن پنهنجي شاعريءَ جي هڪ مختصر چونڊ انگريزي ترجمي سوڌي هتي وراهي پڻ. نسرين انجم ڀٽي پنجابيءَ ۾، حسينه گل پنهنجي پشتو شاعري ۽ اُن جو نثري اردو ترجمو ٻڌايو. مون سنڌيءَ ۾ پنهنجي چونڊ شاعري ٻڌائي، هڪ نظم انگريزي ترجمي سان ۽ هڪ اصل اردوءَ ۾ لکيل نظم ”نيرون ڪوٽ“ ٻڌايو. ڪمليشور، زاهده حنا ۽ عبدالرحيم پنهنجي ڪهاڻين جا ٽڪرا ٻڌايا. هن سيشن جي صدر افتخار عارف تقرير ڪرڻ بدران پنهنجي خوبصرت شاعري ٻڌائي. ان نشست کي خود  ڪشور ناهيد ڪنڊڪٽ ڪيو. باغ جناح جي حسين مرغزاد ۾ منجهند جي ماني صغريٰ امام، سوشل ويلفيئر جي وزير جي پاران هئي. فخر امام ۽ عابده حسين جي سهڻي سيبتي ۽ سمارٽ ڌيءُ صغريٰ امام کي ڏسيو ائين پئي لڳو ڄڻ ڪا ڪاليج اسٽوڊنت هجي. اُتي هڪڙي ٻي به ننڍي نيٽي سهڻي جهڙي ڪاليجي ڇوڪري قدسيه لوڌي سان ملاقات ٿي، جيڪا پاٻوهه مان منهنجو هٿ جهلي هلي پئي. اُها ننڍي نيٽي سهڻي ڇوڪري قدسيه لوڌي پڻ پنجاب جي منسٽر هئي. اُنهن نوجوان سهڻين وزيرياڻين کي ڏسي اجيت ڪور ڏاڍي محبت سان چيو هو:”اوهين مون کان سڀ ڪجهه وٺي ڇڏيو- اِهي سهڻيون ننڍيون نيٽيون منسٽر اسان کي ڏيئي ڇڏيو.“ عابده حسين سان ملاقات ٿي. ڪشور ناهيد تعارف ڪرايو. تڏهن عابده حسين سنڌ وڃڻ جي ڳالهه ڪئي- غالباَ شهيد فاضل راهوءَ جي ورسيءَ ۾ وڃڻو هوس- ۽ ڪجهه سياسي ميٽنگون پڻ هيون. ان ڏينهن لنچ تي کائڻ کان وڌيڪ مختلف ماڻهن سان ملڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ، مون لاءِ کاڌي کان وڌيڪ اهم هو. واپس الحمرا اچي ڪانفرنس جون پنجون سيشن شروع ٿيو. ان جو موضوع هو”اديب لاءِ تاريخ جي ڄاڻ“- ان نشست جو ”ڪي نوٽ اسپيڪر“ ڊاڪٽر نامور سنگهه هو. هن ثابت ڪيو ته هو واقعي نامور آهي، هن بنا ڪنهن پني جي ڏيڍ ڪلاڪ ڳالهايو ۽ ڇا ته ڳالهايو!

هن چيو ته:” اڄ! اسين جنهن کي ڏکڻ ايشيا چئون ٿا، اُهو سمورو علائقو قديم دور جو هندوستان آهي(جيتوڻيڪ اُن کي ”هند“ بدران ”سنڌ“ چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو) هن ڏکڻ ايشيا جي سموري خطي جي راڄنيتڪ ۽ ساهتڪ مسئلن ۽ اُتي جي مکيه سڀيتائن ۽ اُتي جي رنگارنگ تهذيب ۽ اعليٰ ادب جو وڏي فخر سان اظهار ڪيو. هن هڪ هزار سالن جي تاريخ تي تفصيلي روشني وڌي ۽ چيو ته هتي جي صوفي شاعرن، عوامي زبان ۾ شاعري ڪري ثابت ڪيو ته عوامي زبان ۾ به شاعري ٿي سگهي ٿي. هن فطري طور ٻوليءَ جي بدلجڻ جي عمل کي واکاڻيون ۽ چيو ته اِها هڪ حقيقت آهي ته ڪالهه جي زبان ۾ اڄ جو سچ نٿو چئي سگهجي.“

 

 

 

 

 

 

 

 

سارڪ اديبن/ شاعرن جي تخليقي رچنائن واري نشست ۾ سحر امداد ”سنڌي شاعري“ پڙهندي

نيپال جي شاعر ۽ پروفيسر اڀي سبيدي پنهنجي مقالي ۾ چيو:”اڄ اسين جنهن مقام تي بيٺا آهيون، اُتان کان آسمان صاف ۽ چٽو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. نيپال پنهنجي تاريخ جي هڪ خوني دور مان گذري پيو. اسان جي ڌرتي رت ۾ ٻڏل آهي. ان ڪري اهڙين حالتن ۾ اسان کان وڌيڪ امن جو گهورو ٻيو ڪير هوندو! نيڪي ۽ بديءَ جي ان جنگ ۾ اديبن ۽ شاعرن لاءِ امڪان جا نوان رستا کليا آهن. اهڙي صورتحال ۾ سوين سوال جنم وٺن ٿا. ڇا تاريخ ڪڏهن بدلي به آهي؟ ڇا ادب، شاعري، فلم ۽ مصوريءَ ۾ ڪا تبديل آئي آهي؟ هي دور خود پنهنجي پاڻ کان سنجيده سوالن ڪرڻ جو دور آهي.

ان  سيشن کي نيلم حسين انتهائي مهارت سان ڪنڊڪٽ ڪيو. هوءَ حسين به هئي ته ذهين به. هن جي انگريزيءَ ۾ ترجمن جا ٽي ڪتاب ڇپيل آهن. رات جو جيمخاني لاهور ۾ ايس اي ايف ايم اي طرفان ڊنر هئي ۽روايتي طرح بيحد ڊليشز ڊنر هئي. اتي به شاعرن کان شاعري ٻڌي وئي. هڪ بيحد خوبصورت ۽ نهايت يادگار ڏينهن پنهنجي پڄاڻي تي پهتو. هوٽل پهتيس ته امداد ۽ سنيءَ فون تي ڳالهايو، گهر ۽ ٻارن جو اُلڪو لٿو ۽ ڏاڍي پرسڪون ننڊ ڪيم.

14- مارچ تي صبح جو ڇهون سيشن شروع ٿيو . انتظار حسين ”زباني ادب جي اهميت“ جي حوالي سان اردوءَ جي قصن ۽ داستانن جو ذڪر مُک مقرر جي طور تي ڪيو. اُن سيشن جي پريزيڊم ۾ ڊاڪٽر شميم حنفي صدارتي ڪلمات ادا ڪيا. ڪمليشور هڪ زباني ڪهاڻي ٻڌائي، هڪ مختصر وقفي دوران سڀئي چانهه پي ۽ آئسڪريم کائي، جهرڪين واري چرچر ڪندا فرش ٿي اچي هال ُ۾ ويٺا سون، ستون سيشن هو:”گوبلائيزيشن ۽ اُن جو ادب ۾ اولڙو“ پروفيسر قاضي افضل حسين(انڊيا) ان جو مُک مقرر هو. مُنو ڀائي، امتياز عالم، ابيسڪِڪرا ٽس، عباس ابراهيم ۽ ڊاڪٽر عابد حسين اُن جي پريڊيڊم ۾ موجود هئا. اصغر نديم سيد اُن سيشن کي ڪنڊڪٽ ڪيو. ڊاڪٽر قاضي افضل حسين پنهنجي مقالي ۾ چيو: جديد ٽئڪنالاجي اسان جي دنيا ئي  بدلائي ڇڏي آهي. اسين سڀ ڄڻ ڪنهن ڪلوز سرڪٽ ۾ هڪڙي ئي تند ۾ ٻڌل آهيون. هن گلوبل وليج جي دور ۾ فاصلا پنهنجي معنيٰ وڃائي چڪا آهن. ڊيوڊ هاروي ان مڪمل مرحلي کي وقت ۽ جاءِ جو ڪو ڪٽجڻ چئي ٿو. ڪمپرشن آف اسپيس اليڪٽرانڪ ميڊيا جي مينيجرن کي ڌرتيءَ جي هر انچسسس تائين رسڻ جي سهوليت ميسر ڪري ڏني آهي.- هڪ ٻئي کان ڏکڻ اُتر ويٺل ماڻهو ساڳي ٽائيم، ساڳي شيءِ ائين ڏسن ٿا، ڄڻ هڪڙي ئي ڊرائينگ روم ۾ ويٺا هجن. ان رسائي سان نوان ڪلچر ڊزائين ڪندڙن کي ”پنهنجي اوليتن“ جي بنياد تي سوشو ڪلچرل(سماجي ثقافتي(روين کي تبديل ڪرڻ ۽ ري فيوزن ڪرڻ ۽ ائين سماج جي پنهنجي مرضيءَ مطابق صورتگريءَ جا، مفاد پرستانه حق حاصل ٿي ويا آهن ۽ ائين هو سڄي دنيا کي پنهنجي مرضيءَ موجب هلائي سگهن ٿا. ان ڪري اڄ جو ادب لٽريچر آف ڊسپورا آهي. ڪڏهن هيڏانهن، ڪڏهن هوڏانهن جي ڪيفيتن مان گذرندڙ ادب، پر ڏکڻ ايشيا جو ادب دنيا جي ٻين تهذيب، تمدن، روايتن، ريتن ۽ پنهنجي قديم ديومالائي تخليقيت آهي. اسان جي اهائي اجتماعيت ۽ گنوگاوني اسان جي طاقت آهي، ان ڪري اها اسان جي ذميواري آهي ته اسان نيون ڌنون ۽ نوان ردم ۽ نوان رنگ ادب ۾ اُڻيون- ۽ پنهنجي پنهنجي حصي جي ان خال کي ڀريون- اهائي هن خطي کي ٺاهيندڙن جي ذميواري آهي. ۽ پوءِ اهي فلم ٺاهيندڙ هجن، ميڊيا لاءِ ڊراما ٺاهيندڙ هجن، اديب ۽ شاعر هجن، ڪنڀر هجن، ڪين مصور هجن!“

اشوڪ واجپائي، جيڪو بنيادي طور شاعر ۽ نقاد آهي، پنهنجي مقالي ۾ چيو:” جڏهن واپار وڌي ٿو ته تاريخ سڪڙجي (ڪوئجي) ٿي، واپاريءَ جو تاريخ سان ڇا؟ ان ڪري ئي ”مارڪيٽ“ تاريخ کي ماري ٿي. اِهي ئي مارڪيٽ فورسيز نيِن ٽئڪنالاجيءَ جي سهڪار سان هڪ ٻوليءَ جي بادشاهي کي اڳتي وڌائين پيون  ۽ انگريزيءَ کي ڇڏي دنيا جي ٻين سمورين ٻولين لاءِ هڪ نئون خطرو اُڀري آيو آهي. ان ڪري جذباتي گهرائي رکندڙ ۽ روحاني طاقت رکندڙ ادب/ شاعري محض هڪ بيڪار هنر ۽ ڌنڌو ٿي رهجي ويو آهي. ڪيترن ئي ٻين هنرن ۽ ڌنڌن وانگيان! پر ان ٻوڏ اڃا سارڪ ملڪن کي ڪونه ٻُوڙيو آهي، ان ڪري حرص ۽ لالچ جي ان حوس کي روڪي، هڪ مختلف دنيا جا خواب اُڻو- جا مرڪزي نگاهه هجي!“

سري لنڪا جو ٽسا ابيسڪرا گهڻي محبت سان پنهنجي سينيئر ساٿين کي ياد ڪري ٿو، جن جي دور ۾ اڃا عصبيت جو زهر ڪونه گهليو هو ۽ سنهالي ۽ تامل هڪ ٻئي سان کير کنڊ هئا. ان دور ۾ ڊينڊرس ڊي سلوا  رائل ايشاٽڪ جنرل ۾ 1863ع ۾ ليک لکيو هو، جنهن کي لاڊ ميڪائولي ذاتي طور ساراهه ۾ خط لکيو هو، جنهن کان پوءِ هو سيلون ميڪائوليءَ جي نالي سان مشهور ٿي ويو هو. اُن ئي دور جا ٻيا ليکڪ جهڙوڪ آنندا ڪمارا سوامي، جيمس ڊي ايلوس، جيانٿا پدمنڀا، ريگي سري ورڌني ۽ ميرين ڊي سلوا کي هو ياد ڪري ٿو. هو جي وي ڊيسائي جو خاص طور سان ذڪر ڪري ڪري ٿو. آر ڪي نارائن کان پوءِ ايندڙ نسل ۾ هو ڪملا مارڪنڊيا، ويد مهتا، نين تارا سهگل ۽ انيتا ڊيسائيءَ کي ياد ڪري ٿو، سري لنڪا جا گهڻا اهڙا ليکڪ آهن جن جي شهرت ٻئي پار آهي- جيڪي گهڻو ڪري ملڪ بدريءَ جي زندگي گذارين پيا ۽ انگلش ۾ لکن پيا.انهن ۾ ياسمين گونيرتني آهي ته مائيلر آر ڊاچي به آهي ته رينز ڪروز به آهي. ٽسا اُنهن شاعرن جي ملڪ بدريءَ جي عذاب کي گهڻي درد سان پنهنجي مقالي ۾ سمايو آهي. 84 سالن جو مائيڪل آن ڊاچي جيڪو هڪ ڊگهي عرصي کان ڪئناڊا ۾ ملڪ بدريءَ جي زندگي گذاري پيو، ٽسا ابيسڪرا جڏهن هن جو نظم پڙهي ٿو، ته مان پنهنجي اکين جي نمڪين پاڻيءَ کي پنهنجن چپن تي محسوس ڪريان ٿي؛

”آخري سنهالا لفظ جيڪو مون کان وڃائجي ويو هو

اُهو ”پاڻي“ هو

جهنگل ۾ آزاد وهندڙ پاڻي

چُميل چپن تي رهجي ويل پاڻي

۽ رئندڙ اکين مان وهندڙ پاڻي!“

سري لنڪا جو اهو گمشده نسل صرف ڪتابن ۾ رهجي ويل ترجمن ۾ ئي ڳولي سگهجي ٿو. هو هڪڙي حقيقت پسندانه ڳالهه به ڪري ٿو، ته انگلش هاڻي رڳو انگريزن جي زبان ناهي، ۽ نه ئي اُها اسان جي اشرافيه ۽ اَپر ڪلاس جي زبان آهي. بلڪ اُها هاڻ هر اُن ماڻهوءَ جي ٻُولي آهي، جيڪو اُن کي ڳالهائي سگهي ٿو ۽ اُن ۾ سوچي سگهي ٿو.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

اشوڪ ڪوشي (انڊيا)، سحر امداد (پاڪستان)، زبيده گلشن آرا (بنگلاديش)، بشنو مهاپاتري (انڊيا)، ابسيڪرا ٽِسا (سريلنڪا) ۽ ڊاڪٽر دامبر بير ٿاپا (نيپال) هڪ سيشن دوران سماعتن ۾ منهڪه.

هندوستاني ڊيليگيشن ۾ شامل هڪ خوش لباس، وضعدار، خوش گفتار ۽ پنهنجي لُڪ ۾ ماڊرن شخص ڊاڪٽر عابد حسين آهي. هو علم جو صاحب آهي. هو جڏهن ڳالهائي ٿو ته پورو هال هن کي خاموشِيءَ سان ٻڌي ٿو. هن جڏهن گلوبلائيزيشن واري سيشن جي پڄاڻيءَ تي پنهنجا صدارتي ڪلمات ادا پئي ڪيا ته ڪشور ناهيد، جنهن ڪنهن کي منٽ به وڌيڪ مشڪل سان پئي ڏنو- سا پنهنجي چهري کي هٿن جي ڪٽوري ۾ جهليو، اسٽيج وٽ روسٽرم جي بنهه سامهون، گم سم هن کي ٻڌندي ئي رهي، جيستائين ڊاڪٽر عابد حسين پنهنجي ڳالهه مڪمل نه ڪري ورتي. ڊاڪٽر عابد حسين ايڪسٽيمپو ڳالهايو هو. مان خود هن کي ٻڌڻ ۾ ايڏي گم هئس جو مون کان نوٽس وٺڻ ئي وسري ويا هئا. پڇاڙيءَ ۾ جڏهن ياد آيم ته ڪجهه ٿورا نوٽس ورتم. ڊاڪٽر عابد حسين چيو ته مان گلوبلائيزيشن جي خلاف ناهيان- مان اُن جي مينيجمنٽ جي خلاف آهيان. هن پوري خطي ۾ رڳو ٻه ڪلاس آهن. هڪ اهو جو علم/ڄاڻ رکي ٿو ۽ ٻيو اهو جيڪو علم/ڄاڻ نٿو رکي. رڳو ڄاڻ جو اعليٰ معيار ئي ڪنهن تبديليءَ جي اساس بڻجي سگهي ٿو، پر اسان جي حالت اِها آهي ته اسان وٽ اعليٰ درجي جا دانشور ته آهن، پر اسان وٽ ٽئين درجي جا ادارا آهن، اسان کي پنهنجن سمورن مسئلن مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ مضبوط قوت ارادي جي ضرورت آهي- ۽ ان لاءِ اسان کي ذهن جي طاقت درڪار آهي. هن اندرا گانڌيءَ جي حوالي سان هڪ ڳالهه ٻڌائي- جڏهن اندرا گانڌي هن کي چيو:

Mr. Hussain, stop brain draining!

جنهن تي هن جواب ڏنو هو:

Brain Drain is any way better than a brain in drain!

هن چيو:اسين هن دنيا جا اُهي ذهين ماڻهو آهيون، جن ٻُڙي-صفر ايجاد ڪيو، ۽ سموري دنيا جي اِها ترقي ان صفر زيرو جي ڪري ئي آهي- ۽ هو اسان کي زيرو نٿا بڻائي سگهن!“

منجهند جي ماني هڪ جرمن ليڊي ڊار انجيليڪا لوباڪ جن جي هينري بال فائونڊيشن جي تعاون سان ”ضيافت“ جهڙي خوبصورت هوٽل ۾ هئي. اُنهن جي کاڌي ۾ ورائٽي هئي ۽ ذائقو لاجواب هو. مانيءَ کان واپسيءَ تي مقالن جو اٺون سيشن ”لسانيات، آئي ٽي ۽ ادب“ جي موضوع تي هو، جنهن ۾ عطش دراني مُک مقرر هو. هن مائيڪرو سافٽ آفيس ايڪس پي جي ڳالهه ڪئي، جنهن جي ذريعي هتي جي علائقائي ٻُولين ۾ هڪ ٻئي سان رابطو رکي سگهجي ٿو، پر جنهن کي اسان جا  99 سيڪڙو کنگهن به ڪونه ٿا. جيتوڻڪ اسان جون گهڻو ڪري ٻوليون يوني ڪوڊ جو حصو آهن. اسان کي گهرجي ته اسين ان ماڊرن ٽيڪانالاجيءَ کان جوڳو فائدو وٺون ۽ ڪمپيوٽر تي پنهنجي ٻُولين جو هيٺين شين ۾ استعمال رکون.

1.        Word processing ڪي بورڊ تي لکڻ

2.       Word Weaver صحيح لفظ جي چونڊ لاءِ ليڪسيڪن ۽ ٿيسورس

3.       Compupom techniques

4.       Springboard and dialogue software

Spell Check, grammar check

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com