سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2003ع (مرزا قليچ بيگ نمبر)

مضمون

صفحو :10

1.           معصوم شفيع جي سوانح عمري 1926ع 1979ع

2.          مصيبت ماريا سائينءَ سنواريا 1961ع

3.          مقالات الاويا 1910ع، 1927ع، 1956ع

4.          مقالات الحڪمت 1886ع، 1896ع، 1928ع، 1955ع، 1958ع

5.          مقدس ڪلام-----؟

6.          مقناطيس حيواني 1916ع

7.          ملڪ جي مفلسيءَ جا سبب ۽ قرض جون خرابيون-----؟

8.          مُلن جو تعليم نامو 1915ع، 1917ع، 1922ع

9.          من موج-----؟

10.      منهنجو قدرتي گهر 1953ع

11.       موت کانپوءِ حياتي 1953ع

12.      موتين جي دٻلي 1914ع 1966ع

13.      موسى جو پهريون ڪتاب 1918ع

14.      مولانا جلال الدين رومي-----؟

15.      مومل راڻو ناٽڪ 1891ع

16.      مومل راڻي جو قصو 1921ع

17.      مومل راڻي جي قصي جي ڏکين لفظن جي معنى 1922ع

18.      موهني 1924ع

19.      مُئن سان ڪيئن ڳالهائجي 1952ع

20.     ميراث المسلمين 1910ع، 1912ع

21.      نادر شاهه 1900ع

22.     نانگ وغيره ۽ سرندڙ ٻيا ساهوارا 1895ع، 1997ع

23.     نصيب پنهنجي وس-----؟

24.     نصيحت المسلمين 1916ع

25.     نصيحت نامو امام غزالي 1916ع 1919ع

26.     ننڍڙو سنڌي ويا ڪرڻ جلد-1، 1926ع، چوٿون دفعو 1941ع

27.     ننڍڙو سنڌي ويا ڪرڻ جلد-2، 1929ع، 1926ع

28.     نورجهان ۽ جهانگير 1900ع

29.     نئون انگي حساب 1937ع

30.     نئين ٽئين ڪتاب جي معنى 1928ع، ڇهون دفعو

31.      نيپولين بوناپارٽ 1923ع

32.     نيڪي ۽ بدي 1911ع، 1959ع، 1971ع، 1982ع

33.     نيلو پکي 1911ع، 1960ع، 1969ع، 1974ع

34.     نيم طبيب خطره جان نيم ملا خطره ايمان 1896ع

35.     وامق ۽ عذرا 1925ع، 1960ع، 1969ع

36.     وڏو شاهه جو رسالو 1914ع، 1923ع

37.     ورزش نامو 1921ع

38.     هدايت النسوان 1889ع

39.     هرڻيءَ جو قصو 1305هه/1889ع

40.     هڪڙي انڌي شريف زال 1918ع

41.      هڪڙي سگهڙ زال 1916ع

42.     هند جون ڏيهي آکاڻيون-----؟

43.     يادگيريون 1958ع

44.            يسوع مسيح جي حياتيءَ جو احوال-----؟

45.             يسوع مسيح جي سوانح عمري شعر ۾-----؟

اڻ ڇپيل ڪتاب:

1.           ائٽلانٽس: هڪڙو قديم گم ٿيل کنڊ 1919ع

2.          باب ۽ بابي-----؟

3.          بابل ۽ نينوا 1927ع

4.          بدايع الوقايع 1919ع

5.          بيماريءَ جا سچا ۽ ڪوڙا سبب 1920ع

6.          پٽ ڄڻڻ پنهنجي وس 1928ع

7.          حجت الشيعه 1922ع

8.          حسن ۽ عشق، ڀاڱو پهريون، 1928ع

9.          حسن ۽ عشق، ڀاڱو ٻيو، 1928ع

10.      حقيقت الربى 1922ع

11.       حيواني عقل ۽ يادگيريون 1919ع

12.      جارجيا يا گرجستان 1917ع

13.      چين ۽ چيني ماڻهو 1926ع

14.      خصوص الخصوص 1926ع

15.      خطبا 1927ع

16.      دستاري جادو 1927ع

17.      رواجي حڪمت يا روزمره جي ڪمن نسبت سائنس 1919ع.

18.      سچي مردانگي 1927ع

19.      سعادت نامو 1923ع

20.     سلطان علاؤ الدين ۽ راڻي پدمڻي 1928ع

21.      شعر جو شرف ۽ بيان-----؟

22.     علم الڪشف -----؟

23.     علم حيوانات – 1924ع

24.     علم رمل 1925ع

25.     علم نباتات 1925ع

26.     علم نجوم ۽ هيئت 1924ع

27.     علمي گلدستو-----؟

28.     ڪتاب اللسان الغيب 1927ع

29.     ڪي اشعار-----؟

30.     گلدسته حمد و ثنا 1927ع

31.      مثنوي ترڪيب الانسان 1924ع

32.     مجمع المذاهب 1926ع

33.     مصر نامو 1926ع

34.     مفتاح الرمل 1925ع

35.     نه ڄاول ماڻهن جو روح، ٻه ڀاڱا، 1927ع

حميد سنڌي                         (يادگيرين جو سفر)

مرزا قليچ بيگ جا ناٽڪ

هيءَ اُنهي زماني جي ڳالهه آهي، جڏهن سماجي ۽ پنگتي مسئلن جي تبليغ ۽ انسان جي جوڙيل سماج ۾ سارن ۽ نون پنڌن پيچرن لاءِ ڪتاب ته هئا پر سڌو سنواٽو تُز پيغام ڏيڻ لاءِ ”ناٽڪن“ وسيلي به ماڻهن کي اهڙي آگاهي ڏني ويندي هئي، جنهن سان هنن جي تفريح طبع به ٿي ويندي هئي.

مان اڃا ٻار هئس، جو ورهاڱي کان ڪجهه اڳي نوشهري فيروز ۾ پنهنجي چاچي مرحوم سيٺ عبدالغني (جيڪو بابي جو سؤٽ هو ۽ جنهن کي اسين ”ڏاڏو“ ڪري چوندا هئاسين) سان گڏ ٿيئٽر ڏسڻ ويو هئس، جنهن کي اُن زماني ۾ ”ٺيٽر“ چوندا هئا. عجب ”ٺيٽر“ هو!… هڪ پراڻي جاءِ جي اڱڻ جي هڪ حصي ۾ ننڍي کڏ کڻي اُن ۾ هيٺ ويهارڻ لاءِ جاءِ ٺهيل هئي، باقي ۾ ٿلهو ٺهي ويو هو، جيڪا ڄڻ اسٽيج ٺهيل هئي. اسان سيبتن کي ته کڻي ڪرسين تي ويهاريائون، باقي ماڻهو هيٺ ويٺل هئا. هڪ ڊائلاگ ياد ٿي ويو هئم، جنهن سان بعد ۾ خبر پيئي ته اُهو آغا حشر ڪشميري جو ڊرامو هو.

”رفيق کس حال مين هي؟“

”شير پنجري کي جال مين هي.“

نوشهري ۾ نوجوانن جي هڪ ناٽۡ منڊلي هئي، جنهن ۾ گهڻو تڻو هندو ديوان هئا، منهنجو سڳو چاچو ۽ مرحوم عبدالرؤف، جنهن کي ناٽڪ ۾ اداڪاري ڪرڻ جو جنون هو، سو رات جو دير سان گهر موٽندو هو ته کيس حويليءَ جا در بند ملندا هئا. پوءِ هو ننڍي هوندي کان ئي مون کي ڀائيندو هو ۽ مون کي هنج ۾ کڻي بازار مان ٽول وٺي ڏيندو هو. وڏڙو ٿيس ته به سندس اِهو پيار قائم رهيو، تنهنڪري منهنجي کٽ سندس ڀرسان ئي هوندي هئي. آهستي اچي منهنجي ڀرسان آهلي پوندو هو ۽ مٿي تي هٿ ڦيري پڇندو هو:

”مِٺل! جاڳين پيو؟“

مان گهڻو ڪري سندس انتظار ۾ هوندو هئس ته هو اچي ۽ مون کي اُنهيءَ رات واري ناٽڪ جي باري ۾ ٻڌائي. اسان ننڍن لاءِ ناٽڪ تي وڃڻ جي منع هوندي هئي. خود چاچو رؤف، جيڪو ڇوڪراٽ هو، اُنهيءَ تي به بندش هئي، تنهنڪري هو به لڪي ويندو هو. کيس وڏا وار هوندا هئا، جيڪي پويان چهنبڙيون ٺاهي بيهندا هئا ۽ سندس شڪل بجاءِ هر ماڻهوءَ جي نظر اُنهن زلفن تي پوندي هئي. وڏڙا کيس ٽوڪيندا هئا يا وار لهرائڻ جي ڪندا هئس، پر هو ڀڄي ويندو هو. هو سڄي عمر پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ به ناٽڪن جو ڪرادر رهيو. ڪڏهن گيڙو رتا ڪپڙا پائي، وڏيون ڪنٺ مالائون وجهي، ملڪان ملڪ گهمندو هو ته ڪڏهن سفيد اَلفي پائي بزرگ بابا بڻجي، ماڻهن کي دُعائون ڏيندو هو. اُن وقت تائين سندس ڪيل ناٽڪن ۽ اداڪاري کي ڏٺو ڪو نه هئم. سو ٽپ ڏيئي اُٿي ويهندو هئس.

”چاچا! اَڄ ڪهڙو کيل هو؟“

هو آڱر چپن تي رکي شُش…شُ…شُ… ڪندو هو ۽آهستي ڳالهائڻ لاءِ چوندو هو ته متان اوريان پريان وڏڙا جاڳي نه پون. پوءِ هو ڀڻ ڀڻ ڪري ناٽڪن، اُنهن جي ليکڪن ۽ پنهنجن پارٽن متعلق ٻڌايئندو هو.

”اَڄ مان هئمليٽ هئس… اَڄ مان خانچند درياڻيءَ جي ڊرامي ’زمينداري ظلم‘ ۾ دلمراد هاريءَ جو پارٽ ڪيم… اڄ نل دمينتيءَ ۾ دمينتيءَ جو پارٽ ڪيم… اڄ مرزا قليچ بيگ جي ’حسنا دلدار‘ ۾ حسنا هئس…“

جڏهن زالاڻو پارٽ کڻندو هو ته سندس منهن تي زنڪ آڪسائيڊ جو پائوڊر جي اَڇاڻ ڪجهه سرس لڳل هوندي هئي. هُن جي واتان ڪيترن ئي ناٽڪن ۽ ناٽڪ نويسن جا نالا ٻڌم. جيئن وڏو ٿيندو ويس، تيئن اُهي نالا ياد بيهندا ويا. خانچند درياڻي، ديوان ڪوڙو مل چندنمل، احمد چاڳلا، ليکراج عزيز، ڄيٺمل پرسرام، منگهارام ملڪاڻي، اُڌو جهانگياڻي، عثمان علي انصاري ۽ … مرزا قليچ بيگ! مرزا صاحب جا اصلوڪا ۽ ترجمو ٿيل ٽيهارو کن ڊراما آهن، جن مان گهڻا اسٽيج تي آيل آهن.

بابي مرحوم جي چاچي لالا (خان صاحب) مرحوم عبدالفتاح جي هڪ وڏي اوطاق، مال متاع ۽ مڏي الڳ هئي. هڪ الڳ بنگلو به ٺهيل هو. سندس هڪ فرزند سيٺ اعجاز حسين، جيڪو مون کان سال کن ننڍو هو، اُن سان منهنجي مڙوئي گهڻي لڳندي هئي ۽ اڄ به ساڻس اُهائي قرب ۽ محبت جي واٽ آهي. اُن اوطاق تي گهڻو ڪري اعجاز حسين سان ويندو هئس. اوطاق جي ڀرسان جوڙيل بنگلي تي مولا عليءَ جا قدم رکيل هئا. اُهي به عقيدت وچان پسند هئس. هڪ ڏينهن چيائين، ”هل ته سنڌ جي مشهور اديب مرزا قليچ بيگ جي خاندان جي هڪ هستي مرزا سڪندر بيگ سان ملايانءِ، بابي وٽ وڏي ڪچهري لڳي پيئي آهي.“ مرزا قليچ بيگ جي ڊرامن، ناولن ۽ ڪتابن جو گهڻو ٻڌو هُئم ۽ اسڪول جي ڪتابن ۾ سبق به پڙهيو هئم، سو ٽپ ڏيندو سندس اوطاق تي ويس.

لالا (ڏاڏا) عبدالفتاح سان پيرين پئي مليس، سندس ڀاءُ لالا عبدالرزاق (مرحوم غلام شبير ترابيءَ جو پيءُ) کي به پيرين پيس، لالا عبدالفتاح اشارو ڪيو. سندس ڀرسان مُوڙي تي هڪ ڀورو، چٽو، هڏ ڪاٺ جو مضبوط ۽ ڀريل، منهن تي ڏيا ۽ حشمت، سنواريل اَڇين مڇن ۽ ترڪي ٽوپي سان شخص ويٺل ڏٺم. مان کيس پيرين پئي مليس، هو پاڻ اُٿي مليو. مون ڏي ٿوري دير چتائي ڏٺائين ۽ پوءِ چيائين:

”بابل!… تون اَبي سيٺ محمد اسماعيل جو پٽ ته ناهين. مهانڊا ته اُهي ئي اٿئي.“

مون ها ڪئي، پوءِ هُن مون کي شفقت وچان پنهنجي ڀرسان هڪ موڙي تي ويهاريو. هُن بزرگ پوءِ ڳالهه کي وري اُتان کنيو جت ڇڏيو هئائين. وڏي مدبرانه ۽ مفڪرانه گفتگو هئي. مون کي في الحال ته سمجهه ۾ ڪانه آئي پر پوءِ جڏهن سنڌي ادب، ناٽڪن ۽ خاص طرح مرزا قليچ بيگ جو ذڪر ڪيائين، ته منهنجا ڪن کڙا ٿيا ۽ منجهس منهنجي دلچسپي وڌي ساڻس ڪيتريون ملاقاتون به رهيون. اُن سببان مون ’عبرت‘ لائبرري نوشهر فيروز مان مرزا صاحب جا ڪجهه ناول ۽ ڪجهه ڊراما وٺي پڙهيا. هيءُ لائبرري محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جي تحريڪ هيٺ قائم ڪيل سنڌ اندر شهر شهر ۾ ”عبرت“ سيريز جي لائبررين جو هڪ حصو هئي، جيڪو ڏيپلائي صاحب جي ڪارنامن مان اهم ڪارنامو هو.

هاءِ اسڪول جيڪب آباد ۾ پنجين انگريزي پڙهندي، استاد عبدالرشيد (ڊرائنگ ٽيچر) جي ٺاهيل ”اسڪول ڊراميٽڪ سوسائٽي“ پاران ڪرايل خانچند درياڻيءَ جي ڊرامي ’بک جو شڪار‘ ۾ پارٽ مليو. ٽريننگ لاءِ اُستاد عبدالرشيد ڪڏهن ڪڏهن ناٽڪن جا پراڻا ڊائريڪٽر يا اداڪار گهرائيندو هو. سندن ڳالهائڻ ۽ هلت چلت مان ئي لڳندو هو ته هي ماڻهو  ناٽڪ جي دُنيا جا رهواسي آهن! اڌڙوٽ عمر جو هڪ ديوان آيو ته محفل ئي مست ڪري ويو. هُن مرزا قليچ بيگ جي منظوم ناٽڪ (اوپيرا) ”ليلى مجنون“ (جيڪو 1880ع ۾ سرجيو ويو هو) مان ڪجهه حصو پاڻ ڪري ڏيکاريو. واهه جي دلپذير ادائگي هئس. بُت مان سيسراٽيون نڪري ويون، مون هن مهل تائين اسٽيج تي به اهڙو دل کي ڇُهندڙ منظر نه ڏٺو آهي. پاڻ ئي ليلى پيو ٿئي، ته پاڻ ئي مجنون پيو بڻجي! ”آپي هير هوئي آپي رانجها“ وارو منظر هو. بيٺي پير هو ليلى آهي، ته اچانڪ زپڪو کائي زمين تي ڪري مجنون بڻجي ڳالهائڻ شروعڪري ڏئي. ليلى جو آواز زالاڻو ڪڍي ته اُتي ئي اوڏيءَ مهل مرداڻو ڪري. اِهو وڏو ڪمال هوس!

منهنجي زندگيءَ تي ناٽڪ، ٿيئٽر ۽ اداڪاري جي ڇاپ اهڙي ته ڇانئجي وئي، جو اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽيءَ ۾ ڊرامن ۾ لاڳيتو حصو وٺندو رهيس. اڳتي هلي ريڊيو لاءِ به ڊراما لکيم، پر شروع کان وٺي مرزا صاحب جي ناولن ۽ ناٽڪن کي غور ۽ دلچسپيءَ سان پڙهندو پئي رهيس، جن مان گهڻو ڪجهه پرايم، ننڍپڻ ۾ چاچي مرحوم عبدالرؤف جي ڏنل نقلي ڏاڙهين ۽ وارن جي وِگن سان گهر ۾ هڪ منڊلي به ٺاهيم، جيڪي مٽ مائٽ ۽ ٻارڙا شوق سان ڏسندا هئا.

1955ع ۾ حيدرآباد آيس ته ”بابِ قليچ“ وٽان لنگهڻ ٿيندو هو ته سمجهندو هئس ته اُن اوطاق اندر وڃان ۽ قليچ جي دنيا ڏسان. ٿي سگهي ٿو ته اُت اڃان به زندگيءَ جا ڪئين ڊراما سرجندا هجن. ڪي ليکڪ، ڪي ڊرامانگار، ڪي ڪردار، سرجندا هجن!

”بابِ قليچ“ جي اندر جي دنيا مون لاءِ پهريان ڏاڍي پراسرار هي، پوءِ آهستي آهستي اُهو دَرُ کُليو. عزيزم اعجاز حسين ڀانيان ٿو ته مون کي پهريون دفعو وٺي هليو هو، جڏهن هو يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو هو. پهريون دفعو رئيس مرزا سڪندر بيگ وٽ وياسين، ٻيو دفعو وياسين ته مرزا اسد بيگ صاحب نوادرات ۽ لائبرري ڏيکاري، جيڪا شايد موجوده عمارت ۾ نه هئي؛ پر جي هئي، ته اُن لاءِ گهٽين ۽ گهرن اندران لنگهڻو پوندو هو. هڪ ٻه دفعا ٽنڊي ٺوڙهي ۾ مجلس ۾ به ويس. پراسراريت تڏهن ختم ٿي ويندي آهي، جڏهن آگاهي ۽ ڄاڻ اُن جي جاءِ وٺندي آهي ۽ اُن هنڌ جا ماڻهو ويجها اَچي پنهنجا لڳندا آهن.

حيدرآباد ۾ بابو سائين اسسٽنٽ ڪمشڻر هو، ته ڪم سانگي ڪمشنر آفيس وڃڻ پيو ٿيندو هو، محمد اسماعيل نُون جي آفيس سان گڏ خوراڪ کاتي جي هڪ وڏي هال ۾، شايد سپرنٽينڊنٽ جي ٽيبل تي، هڪ ڀورو چٽو نوجوان ويٺل نظر ايندو هو، جيڪو گهڻو ڏٺل وائٺل لڳندو هو. معلوم ڪيم ته شڪ صحيح نڪتو. اُهو مرزا قليچ بيگ جو فرزند مرزا اجمل بيگ هو، جنهن سان پڇاڙيءَ تائين محبت جو رشتو قائم رهيو. مشاعرن ۽ ادبي محفلن جو مور، هميشہ پيار سان ملڻ وارو. محترم اعاجز علي مرزا سان ته نوڪريءَ کان اڳ ئي پنهنجائپ وارو رستو ٿي ويو هو. پوءِ نوڪري دوران ته وڌيڪ ويجها ٿياسين. سندس ننڍو ڀاءُ مرزا حبيب بيگ به اسان سان ادبي محفلن ۽ مجلسن ۾ ملندو آهي، جو نهايت قربائتو  وضعدار آهي. هاڻ ته مرزا قليچ بيگ جو پوٽُ، اسان جو دلبر سهڻو ساٿي نصير مرزا هر گهڙي هر پل اسان سان گڏ آهي ۽ روح ۾ رچيل آهي. سائين شمس العلماء جو گهراڻو اوپرو نه پر ”پنهنجو“ لڳندو آهي. مان وٽن مرڻي پرڻي ته شريڪ ٿيندو آهيان، پر عزا جي مجلسن ۾ به ڪيترا دفعا ويل آهيان. ٿي سگهي ٿو ته مرزا صاحب مرحوم سڪندر بيگ ۽ ٻين سهڻن سيبتن مرزائن سان عقيدت ۽ محبت جي ڪري ائين ٿيندو هجي يا سندن ڏات جي ڏيهه ۾ رهڻ جي ڪري کانئن ڪجهه پرائڻ خاطر هجي.

مرزا قليچ بيگ ڪيترائي ناٽڪ لکيا ۽ اُهي ڇپيا ۽ اسٽيج تي آندا ويا. سندس ناٽڪن جو تعداد ٻين سڀني ناٽڪ نويسن جي تعداد کان گهڻو مٿي آهي. مون کي چٽيءَ طرح سان ياد آهي ته 1980ع ۾ ”سنڌي ناٽڪ صدي“ ملهائي ويئي ۽ اِن سڄي ڳالهه جا محرڪ، سرپرست اعلى ۽ مهندار مرحوم عبدالله ميمڻ صاحب، ڪمشنر حيدرآباد سنڌ، جن هئا ۽ هن پروگرام۾ پاڻ غير معمولي دلچسپي ورتائون. اِها سندن نگاهه هئي، جو سڄي پروگرام جي ذميواري منهنجي ڪمزور ڪلهن تي وڌائون. حسن اتفاق سان مون سان گڏ ساٿي به نهايت ڄاڻو ۽ ناٽڪ جا عاشق هئا. مراد علي مرزا اسڪرپٽ ۽ رڪارڊنگ وغيره جو انچارج هو. مرحوم محمد يوسف پنهور سندس مددگار هو. علي محمد چنا انتظامي ساٿي ۽ ريهرسل وغيره جو بندوبست ڪندڙ هو. عبدالقادر جوڻيجو، مير محمد نظاماڻي ۽ ٻيا ڪيترا ساٿي هئا. ڀاءُ غلام رباني سووينئر سهيڙيو ۽ سُهڻو ڪري ڇاپيو. هيءُ هڪ يادگار سووينئر آهي، جنهن ۾ مراد علي مرزا ۽ محمد يوسف پنهور جا سنڌي ناٽڪ تي ٻي تحقيقي مضمون ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ”حيدرآباد شهر“ تي لکيل يادگار مضمون ۽ اسٽيج تي ٿيندڙ ڇهن ڊرامن جو تفصيل ڏنل آهي. جيئن ته سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون ناٽڪ ’ليلى مجنون‘ مرزا صاحب جن 1880ع ۾ لکيو هو. تنهن ڪري 1980ع ۾ ’سؤ سال‘ پوري ٿيڻ تي، شمس العلماء کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ هيءُ جشن ملهايو ويو، جنهن جي انتظامي ۽ عملي ڪمن جي سعادت منهنجي حصي ۾ آئي.

هن جشن ۾ مرزا صاحب جا ٻه مشهور ڊراما ”ليلى مجنون“ ۽ ”انڪوائري آفيسر“ اسٽيج تي آندا ويا. ’”ليلى مجنون“ منظوم ناٽڪ هو. اُن ۾ مرزا صاحب جا گيت عابده پروين ڳايا هئا. ڪيترن ئي مشهور اداڪارن اُن ۾ حصو ورتو هو. ٻيئي ناٽڪ نهايت ڪامياب ويا. خاص طرح سان ”ليلى مجنون“ ناٽڪ ته ناظرين رُئاري ڇڏيا. عدبالله ميمڻ صاحب ”ليلى مجنون“ پهريائين فائينل ريهرسل دوران ڏٺو ته ڊرامي جي پوري ٿيڻ تي بي اختيار ڳوڙها ڳڙي پيس ۽ ڪي منٽ ته سُن ٿيو ويٺو رهيو. مرزا قليچ بيگ جي قلم ۾ ايڏي ته وڏي طاقت هئي، جو سندس ٻولي، ڏسندڙن جو هيانءُ نپوڙي وڌو!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com