سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2003ع (مرزا قليچ بيگ نمبر)

مضمون

صفحو :17

آزاد قاضي

شمس العلماء جي ڪتاب ”پکي“ جو مطالعو

شمس العلماء مرزا قليچ بيگ سنڌ جي ادب جو هڪڙو اهڙو دورانديش خدمتگار هو، جنهن هڪ خاص مقصد سان، سوچي ويچاري، سنڌي ٻوليءَ کي هر قسم جي علمن سان مالا مال ڪرڻ وارو اهم ۽ نيڪ ڪم هٿ ۾ کنيو، ڇاڪاڻ ته کيس پرڏيهي ادب ۽ فن جي بغور مطالعي منجهان اِن ڳالهه جو اندازو ٿي چڪو هو، ته ڪابه قوم اُن وقت تائين ترقي ڪري نٿي سگهي، جيستائين اُها علم جي ميدان ۾ اڳتي نه هوندي ۽ اُن ميدان ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ مختلف قسمن جي علمي مواد جو موجود هئڻ نهايت ضروري آهي. اِن عظيم مقصد جي حاصلات لاءِ هن بزرگ پنهنجو قيمتي وقت تخليقي ڪم لاءِ استعمال ڪرڻ کان وڌيڪ ترجمي، تصحيح، ترتيب ۽ اختصاري مواد تيار ڪرڻ تي صرف ڪيو. هن معامله فهم عالم کي اِن ڳالهه جو چڱي طرح اندازو هو ته تحقييق ۽ تخليق واري عمل سان ٿورو مواد ڏيئي سگهجي ٿو، ان ڪري سنڌي ٻوليءَ جي ضرورت کي نظر ۾ رکندي هن مختلف ٻولين منجهان اعلى معيار وارو مواد سنڌيءَ ۾ آندا. اهڙيءَ ريت مرزا صاحب علم و ادب، تاريخ، فلسفي، اقتصاديات، قانون، مذهب، لسانيات، نفسيات، علم الانسان، علم نباتات، علم الحيوان، طب ۽ زراعت وغيره جهڙن موضوعن تي سوين ڪتاب سنڌيءَ کي ڏنا. ان سلسلي م اهو ذڪر ڪڻ به مناسب آهي ته مرزا صاحب جنهن مقصد سان ڪم ڪيو پئي، اُن موجب پاڻ جيڪي به ترجما ڪيائين، اُهي ”لفظي ترجمو“ هئڻ بجاءِ، مقامي ماحول ۽ محاوري جي روشنيءَ ۾ ڄڻ ته ”اصلوڪا“ پيا محسوس ٿين. مرزا صاحب جي اُن گهڻ پاسائين ڪوشش جو هڪڙو رخ علم الحيوانات (Zoology) بابت ڪم ڪرڻ پڻ هو. ان سلسلي ۾ مرزا صاحب مختلف حوالن سان اٽڪل ٻارنهن ڪتاب تيار ڪيا، جن منجهان نوَ ڇپجي سگهيا، ٽي اڃا اڻ ڇپيل صورت ۾ سندن ڪتب خاني ۾ موجود آهن.

هن مضمون ۾ ”علم الحيوان“ بابت سندس ڪتاب ”پکي“ جو مطالعو پيش ڪجي ٿو.

مرزا صاحب جڏهن ڪوٽڙي جو ڊپٽي ڪليڪٽر هو تڏهن هي ڪتاب لکيائين، هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر مرڊاڪ جي لکيل انگريزي ڪتابن تان مدد وٺي لکيو ويو، جنهن جو پهريون ڇاپو 1898ع ۾ شايع ٿيو، جنهن لاءِ تصويرون پڻ ڊاڪٽر مرڊاڪ ئي مرزا صاحب کي ڇپرائي ڏنيون هُيون (1) ڪتاب جو ٻيو ڇاپو سيپٽمبر 1914ع ۾ شايع ٿيو، ته اُن وقت مرزا صاحب کي تصويرون ملي نه سگهيون، جنهن ڪري ٻيو ڇاپو تصويرن کان سواءِ شايع ڪيو ويو. اُن کانپوءِ صرف ٻن مهينن بعد، ساڳئي ئي سال ۾ ٽيون ڇاپو ساڳئي طريقي سان شايع ڪرايو ويو. هيءُ مضمون اُن ٽئين ڇاپي کي نظر ۾ رکي لکيو ويو آهي. هن ڪتاب جي مطالعي منجهان اِها پڻ پروڙ پوي ٿي ته مرزا صاحب سنڌ جي حيوانن جي موضوع تي هڪ مڪمل ڪتابي سيريز لکڻ شروع ڪيو هو، جنهن وقت هيءُ ڪتاب ”پکي“ شايع ٿيو، اُن وقت تائين مرزا صاحب اِن سلسلي جا هيٺيان ڪتاب لکي چڪو هو.

(1)     زميني جيتن بابت ”حشرات الارض“. (هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي.)

(2)    نانگن بابت ”سُرندڙ ساهه وارا“ (1895ع)

(3)    مڇين بابت ”عالم آبي“ (1916ع).

مرزا صاحب جو هيءُ چوٿون ڪتاب ”پکين“ بابت آهي. هن ڪتاب ۾ اِن ڳالهه جو پڻ اظهار ڪيو اٿس ته پاڻ هڪ ڪتاب ”جانورن“ بابت به لکڻ جي خواهش رکي ٿو.(2)

پکين ۾ اُهي ڪهڙيون خوبيون آهن، جن بيدار دماغ مرزا صاحب جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو ۽ کيس اِنهن ساهوارن تي ڪتاب لکڻ لاءِ آماده ڪيو، اُن نُڪتي جو ذڪر ڪندي پاڻ لکي ٿو ته”… جهان ۾ جيڪي تمام عجيب ۽ مزي جهڙيون شيون ڌڻي سڳوري پيدا ڪيون آهن، تن مان اُڏامندڙ ساهه وارا پکي به آهن، هو نهايت گهڻن قسمن ۽ شڪلين جا آهن. هنن جا کنڀ تمام سهڻا ۽ چمڪندڙ رنگن جا ٿين ٿا ۽ هنن جا آکيرا عجب جهڙا ڏسجن ٿا. هِنن جون ٻوليون مٺيون ۽ موهيندڙ ٿينديون آهن. هنن جي اُڏامڻ جي سگهه ۽ چالاڪي حيرت جهڙي ٿئي ٿي. اُنهي سڀني ڳالهين ڪري هو اسان جو ڌيان ڇڪين ٿا،“(3). اِنهن ڳالهين جي ڪري مرزا صاحب جو پکين جي مطالعي طرف ڌيان ڇڪيو ۽ پاڻ هي ڪتاب تيار ڪرائي ورتو.

هن ڪتاب جو مواد ٽن حصن تي مشتمل آهي: هڪ ’عام پکي‘، جيڪو ڪتاب جو مرڪزي مواد آهي، ٻيا ’ولايتي پکي‘ ۽ ٽيان اُهي پکي، جيڪي سنڌ ۾ ڏٺا وڃن ٿا. اُن ڳالهه طرف اشارو ڪندي مرزا صاحب لکي ٿو ته ”پهرين اُنهن مان رڳو ڪن مکيه ۽ مشهور پکين جو مختصر بيان ڏينداسين ۽ پوءِ ڪن ٻين ولايتي پکين جو ذڪر ڪنداسين. پڇاڙيءَ ۾ جي پکي سنڌ ۾ اچن ٿا، تن جا نالا ڏينداسين.“ (4). مٿئين مواد تيار ڪرڻ جي سلسلي ۾ مرزا صاحب جيتوڻيڪ ڪافي محنت ڪئي، پر پوءِ به اُن ڪيل ڪم کي پاڻ مڪمل نه پئي سمجهيائين، ان ڪري اطلاع طور شروعات ۾ ئي لکيائين ته ”هن ڪتاب ۾ رڳو نموني لاءِ ڪي مکيه قسم ڏنا ويا آهن، جن بابت ڪو عجيب غريب احوال ڏيڻو هو. پڇاڙيءَ ۾ جي پکي سنڌ ۾ ڏسبا آهن، تن جا نالا نشان ڏنا ويا آهن.“(5)

ڪتاب ۾ ڏنل ٽن حصن تي مشتمل مواد جي پهرين حصي طور مختلف پکين جي عام جسماني بيهڪ، جهڙوڪ جسم جا حصا، پکين جون ٻوليون، پکين جي رهائش (آکيرا) ۽ پکين جا آنا وغيره جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ٻئي حصي طور ولايت کان سنڌ ۾ ايندڙ پکين جي ذڪر ڪرڻ سان گڏ اُنهن کي عادتن جي حوالي سان هيٺين ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي.

(الف) گهرن ۾ پالجندڙ پکي، اهڙن پکين ۾ ڪڪڙ، بدڪ، ٽرڪي يا فيل مرغ، قاز، ڪبوتر، قمريون، لوريون، ڪانءَ، جهرڪيون، ڪاڪوٽا، بگڙا ۽ تتڙا (ڪارڙا) تتر، چڪور (اِهو آهي ته جبل جو پکي پر پالبو پڻ آهي) اچي وڃن ٿا.

(ب) جهنگلي پکي، جن جو گهرن سان به واسطو هوندو آهي، اهڙن پکين ۾ مور، هنس يا هنج ۽ چتون يا مٺو وغيره.

سنڌ ۾ ٻاهران آيل پکين کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪڙا ٻاهران  آيل/ آندل اهڙا پکي، جيڪي مقامي ماحول ۾ هري مري وڃن ٿا ۽ ٻيا اهڙا پکي، جن کي موسمياتي يا لاڏائو پکي چئي سگهجي ٿو. اِهي پکي سنڌ ۾ هڪ خاص موسم ۾، ڪن مخصوص جاين/ڍنڍن تي ايندا آهن. اهڙن پرڏيهي پکين مان گهڻن جو تعلق سائبيريا وارن علائقن سان چيو وڃي ٿو. اهي پاڻيءَ وارا پکي آهن. اهڙا پکي مخصوص موسم ۾ سنڌ جي ڍنڍن ۽ ڍورن تي لهندا آهن، جن کي مقامي طور ’سانگ وارا پکي‘ پڻ چئبو آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙا پکي مخصوص مند جي پوري ٿيڻ کانپوءِ واپس اُڏامي ويندا آهن. سنڌ ۾ مستقل طور آباد ٿي نه وهندا آهن.

مقامي ماحول ۾ هري مري ويندڙ ٻاهريان پکي ڪي شوقين ماڻهو ٻاهران آڻي اُنهن کي گهرن يا فارمن ۽ تلائن تي رکندا آهن. اهڙن پکين ۾ ٽرڪي يا فيل مرغ ۽ قاز مشهور آهن، اُنهن کانسواءِ مرزا صاحب ٻاهران ايندڙ پکين جهڙوڪ: لوري، ڪاڪاٽو ۽ ڪن ڪبوترن جو به ذڪر ڪيو  آهي.

ڪتاب ۾ ٽئين حصي طور اهڙن پکين جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪي صرف سنڌ ۾ ڏٺا وڃن ٿا. اُنهن کي مرزا صاحب ”سنڌ جا پکي“ سڏي ٿو ۽ لکي ٿو ته ”اسان جو مطلب آهي ته اُنهن پکين جا نالا ڏيون، جي سنڌ ۾ لڀندا آهن يا ڏسبا آهن… جيڪي آهن تن مان ڪي مکيه ڏيون ٿا ۽ سڃاڻپ لاءِ اُنهن جو مختصر نشان به ڏينداسين.“

هن ڪتاب جو اهم حصو ”پکين جا قسم“ آهي، جنهن جو تفصيل بيان ڪندي مرزا صاحب لکي ٿو ته ”پکين جا هزارين علحده قسم آهن، جي عالمن جدا جدا ذاتين ۽ جماعتن ۾ ورهايا  آهن. هيستائين مڙئي اٽڪل ٻارهن هزار شمار ڪيا اٿن.“ مرزا صاحب جي قول موجب اُنهن ٻارهن هزار پکين کي علم خواص الاشياء جي ڄاڻندڙن هيٺين ٻن وڏين جماعتن ۾ ورهايو آهي: (الف) هڪڙا ٽارين يا ڪاٺين تي ويهڻ وارا پکي، (ب) ٻيا زمين تي يا پاڻيءَ ۾ هلڻ وارا پکي. ٽارين يا ڪاٺين تي ويهڻ وارن پکين ۾ ڳيرو، چتون يا مٺو ۽ ڪانءُ يا ڪانگ وغيره شمار ٿين ٿا. ”جن جا ٻچا جلد آکيرو نٿا ڇڏين ۽ ڪن ڏينهن تائين اُنهن جا مائٽ اُنهن کي کارائين ٿا.“ اُهي اڏامڻ ۾ چالاڪ آهن. زمين يا پاڻي تي هلڻ وارن پکين جا ”ٻچا جلد آکيرو ڇڏين ٿا ۽ مائٽن جي نظر هيٺ کاڌو ڳولين ٿا“ اُهي پويان ڊوڙڻ يا ترڻ ۾ چالاڪ آهن.

پکين جي مٿي ذڪر ڪيل ٻن وڏن گروپن کي مرزا صاحب مختلف نشانين جهڙوڪ: چهنب ۽ پيرن وغيره جي نشانين جي بنياد تي نون قسمن ۾ ورهايو آهي، جن مان پنج پهرين جماعت جا ۽ چار پوئين جماعت جا آهن. پهريان پنج هي آهن:

(1)            شڪاري پکي (چهنب وريل يا چهنبن ۾ ننهن)

(2)    پيرن مان مٿي چڙهندڙ پکي (چهنب چتونءَ وانگي وريل ۽ پيرن ۾ تکا آهن)

(3)    سڱ جهڙي چهنب وارا پکي ۽ ڪنگري جي ذات وارا

(4)    ڳائيندڙ پکي (چهنب نوڪدار ۽ پير تکن ننهن وارا، جن سان هلي يا ٽپي سگهن)

(5)    ڪبوتر جي ذات وارا پکي (چهنب سنئين، نڪ تي نرم کل ۽ پيرن جون آڱريون مُرئي وٽ ڌار ٿيل)

اهڙيءَ ريت پکين جي پوئين جماعت جا چار قسم هي آهن:

(1)     خانگي پکي ۽ ٻيا جي شڪار ڪبا آهن. (چهنب جو مٿيون ڀاڱو هيٺين تي چڙهيل، پيرن ۾ چار آڱريون، ٽي اڳيان هڪ پٺيان).

(2)    ڊوڙندڙ پکي (کنڀ ننڍا، ٽنگون ڊگهيون ۽ مضبوط)

(3)    پاڻي ۾ هلندڙ پکي (ٽنگون ڊگهيون ۽ پيرن جون آڱريون چمڙيءَ سان ڳنڍيل)

(4)    ترندڙ پکي (پيرن جون آڱريون چمڙيءَ سان ڳنڍيل)

مرزا صاحب مٿي ذڪر ڪيل پکين جي نه رڳو نشاندهي ڪئي آهي، پر اُنهن جي قسمن ۽ اُنهن جي عادتن ۽ سڃاڻپ وارين نشانين جو پڻ ذڪر ڪري اُنهن بابت بنيادي قسم جي معلومات ڏني آهي. ان حوالي سان وٽس وسيع مطالعي سان گڏ گهرو مشاهدو پڻ نظر اچي ٿو. سندس اُن وسيع مطالعي ۽ مشاهدي جو هيٺين مثالن منجهان بخوبي اندازو ٿئي ٿو.

اڄ جي جديد سائنسي ترقيءَ سبب پکين جي آنن کي مقرر وقت لاءِ هڪ خاص درجهء حرارت تي رکي، مصنوعي طريقي سان ٻچا ڦوڙايا وڃن ٿا. جديد سهولت سبب اِها سڌريل سائنسي طريقو آهي، پر اِها ڪا نئين ڳالهه ناهي. مرزا صاحب هڪ صدي اڳ ان ڳالهه جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ”آنن کي ڦٽڻ لاءِ ڪو ساڻِ گهرجي، تنهن ڪري ته پکي مٿن ويهندا آهن. پر ڪٿي ڪٿي آنن کي گرم رکڻ لاءِ ماڻهو هٿرادو تجويزون ڪندا آهن ۽ تنور جي ڊول کي هڪڙي خانن واري پيتي ٺاهي ڪم آڻيندا آهن. مصر جا ماڻهو قديم وقت کان وٺي اُنهيءَ اٽڪل لاءِ مشهور آهن.“

ڪتاب جي ص 11 تي پکين جي ٻچن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ”گهن پکين جا ٻچا جڏهن ڦٽندا آهن، تڏهن کنڀ ڪو نه ٿيندا اٿن. ٻوٽيءَ جي ٻوٽي ٿيندا آهن ۽ ضعيف به اهڙا هوندا آهن جو سندن مائٽ هنن کي ڏينهن جا ڏينهن پيا کارائيندا آهن. ٻچا ايترو گهڻو کائيندا آهن جو وڏا پکي، سندن ماءُ پيءُ، سارو ڏينهن کين کاڌي پهچائڻ ۾ مشغول رهندا آهن، جڏهن ماءُ آکيري ۾ ايندي آهي تڏهن ٻچا ’چُون چُون‘ ڪري وات پٽي آڻي وڪوڙيندا اٿس، پر هوءَ واري سان هر هڪ کي کارائيندي آهي. جي پکي چهنب سان کوٽڻ وارا آهن، تن جا ٻچا ڦُٽندي شرط هيڏي هوڏي ڊوڙي سگهندا آهن. اُنهن کي کل جي مٿان ٿوري ڀرَ کنڀن جي ٿيندي آهي، جا هُنن کي گرم رکندي آهي.“

ڪانوَ جو ذڪر ڪندي مرزا صاحب اُن جي اهڙي ته منظر ڪشي ڪئي آهي، جو ائين پيو لڳي ته ڄڻ اجهو هاڻ اِهو منظر پڙهندڙ جي اکين اڳيان پيو ڦري. لکي ٿو: ”ڪانگ صبح جو سوير اُٿند اآهن، گهڻي تائين ڪان ڪان ڪري پوءِ ٽوليون ٽوليون ٿي اُڏندا ويندا آهن. ٽوليءَ ٽوليءَ ۾ ٻن ٽن کان وٺي ويهن تائين، بلڪ وڌيڪ به هوندا آهن، جن کي پري وڃڻو هوندو آهي، سي سوير ئي اُٿي روانا ٿيندا آهن ۽ جي کاڌي ڳولڻ لاءِ ڪنهن ويجهي پنڌ تي وڃڻا هوندا آهن، سي آرام سان سَنبت ڪندا آهن ۽ پاڙيسرين سان ڳالهيون ٻولهيون ڪري پوءِ اُڏامندا آهن، جڏهن ڪو مُئل ڪانگ ڏسندا آهن يا ڪنهن ٻي شيءِ تي چِڙندا آهن ته وڏو گوڙ مچائيندا آهن ۽ ماڻهوءَ کي ڪڪ ڪري ڇڏيندا آهن.“

اهڙو ئي وڻندڙ مثال چتونءَ بابت سندس پيش ڪيل مشاهدي مان ملي ٿو. چتونءَ جي رنگين پَرن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو، ”هي پکي جدا جدا رنگن ۽ شڪلين ۽ قدن جا ٿا ٿين، هنن جا کنڀ اڪثر سهڻا ۽ چمڪندڙ ٿا ٿين. ڪي منجهان ڳاڙها آهن،، ڪي ساوا ۽ ڪن تي ڪيترن ئي قسمن جا عمدا رنگ نڪتل هوندا آهن. چتون ميلاپي طبيعت جا ٿيندا آهن ۽ سنگت ڪري رهندا آهن. جڏهن گهڻا اچي گڏ ٿيندا آهن، تڏهن پنهجن رڙين ۽ چرڪي سان اُهو هنڌ مٿي کڻي ڏيندا آهن.“

چتونءَ جي عمر واري حوالي سان ته تعجب خيز معلومات ڏني اٿس، ”ڪنهن چتونءَ جي عمر اسي ورهين کان به مٿي ٿيندي آهي.“

سنڌ ۾ پرديس کان ايندڙ نهايت مشهور ۽ لوڪ پسند پکي ”ڪونج“ جي سنڌ  ۽ اچڻ ۽ روانگيءَ واري حوالي سان ذڪر ڪندي مرزا صاحب لکي ٿو ته اُهي ”سياري جي موسم ۾ ولرن جا ولر ڪري اينديون آهن ۽ مارچ مهيني جي آخر ۾ موٽي اڏامي اتر هندستان جي ٽڪرن ۾ وڃن ٿيون، جتي هو ٻچا ڪنديون آهن“ اڻ وڻندڙ پرديسي پکي کي سنڌ ۾ هڪ خاص پيار سان ڏٺو وڃي ٿو، جنهن جو ادب توڙي سماجي روايتن ۾ نمايان تذڪرو موجودآهي. ڀٽائي صاحب توڙي ٻين شاعرن اُن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ ياد ڪيو آهي. سنڌ مان ڪونج جي واپسيءَ جو ذڪر به دلچسپ آهي، اُن بابت مرزا صاحب لکي ٿو ته ”وطن وڃڻ مهل هُو اڪٿر رات جو اُڏامنديون آهن ۽ هوا ۾ تمام مٿي چڙهي وينديون آهن. هو وڏي رَڙ ڪنديون وينديون آهن، جا ڏورانهن پنڌ تان ٻڌڻ ۾ ايندي آهي. اُڏامڻ مهل اُنهن مان ڪي مهندار ٿينديون آهن ۽ سڀني جي اڳ ۾ ٿي اُڏامنديون آهن ۽ پنهنجي ٻوليءَ سان ٻين کي سڏي پنهنجي پٺيان لايو وينديون آهن. ٻيون به هن کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ جواب ڏينديون وينديون آهن، ڄڻ هن کي ٻڌائين ٿيون ته ”اسين صحيح سلامت آهيون، تون هلي هل‘“.

پکين جي بناوت، رنگ، زيب و زينت، اُنهن جون قسمين قسمين ٻوليون ۽ سُريلا آواز غور ڪندڙ انسان لاءِ ڪيئي نصيحت آميز نقطا ظاهر ڪن ٿا. پکين جي هڪٻئي سان همدردي ۽ وفاداري، محبت ۽ ٻَڌي وارين صفتن ته روشن ضمير شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي ايترو ته متاثر ڪيو جو بي اختيار چئي ڏنائين:

وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،

پسو پکيئڙن، ماڙهنئان ميٺ گهڻو.

اهل دل مرزا صاحب کي پڻ اهڙن نصيحت آميز گُڻن پاڻ ڏانهن متوجهه ڪيو، جنهن جو ڪتاب جي بنهه آخر ۾ ذڪر ڪندي لکي ٿو:  جهڙو تمام وڏي پکيءَ کي ڏسي اسان کي عجب لڳي ٿو، تهڙو وري تمام ننڍي پکيءَ کي سندس رنگ، روپ ۽ خوبصورت شڪل ڏسي اسان جون اکيون سَرهيون ٿين ٿيون. هُنن جون مٺيون ٻوليون ٻُڌي اسان جا ڪن خوش ٿين ٿا. هر ڪيئن آکيرا جوڙين ٿا، ڪيئن آنا لاهين ٿا، ڪيئن مٿن آرو ڪري پوري وقت تي اُنهن کي ڦوڙين ٿا، ڪيئن پنهنجن ٻچن کي پالي وڏو ڪن ٿا. ڪيئن هنن کي پيار ڪن ٿا ۽ هنن کي ايذاءُ کان بچائين ٿا، ڪيئن پنهنجو کاڌو ڳولين ٿا ۽ ڪيئن پنهنجن همجنس سان وهنوار رکن ٿا، اُنهن ۽ ڪيترين ٻين ڳالهين تي ويچار ڪبو ته عقل حيران ٿي ويندو.“

پکي ڪهڙا به سهڻا، سيبتا، وڻندڙ ۽ طرح طرح جون لاتيون لنوندڙ هجن، پر اُنهن جي حضرت انسان جي روحاني رمزن ۽ عقل واري انداز سان ڪائي ڪٿ نٿي ڪري سگهجي. ان ڳالهه جي اهميت کي نظر ۾ رکندي، مرزا صاحب پکين بابت لکيل هن معلوماتي ڪتاب جي پڄاڻي هنن جملن سان ڪري ٿو: ”جهرڪيءَ کي اِها خبر نه پوندي ته کيس ڪنهن جوڙيو آهي. مگر انسان کي روح ۽ عقل مليل آهي. اسان کي اها خبر پئجي سگهي ٿي، تنهن ڪري اسان تي فرض آهي ته اسان اُنهيءَ خالق جي تعريف ڪريون، اُنهيءَ جي بندگي ڪريون، اُنهيءَ کي پيار ڪريون ۽ اُنهيءَ جي فرمانبرداري ڪريون“.

مخمور بخاري

مرزا قليچ بيگ تي مواد جي ببليوگرافي

شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي جنم وقت سنڌ مٿان انگريزن جو تسلط قائم ٿي چڪو هو. نون حڪمرانن سنڌ جي صوبي واري حيثيت ختم ڪري، اُن کي بمبئي کاتي سان ملائي انتظامي ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ مسٽر پرنگل کي سنڌ جو پهريون ڪمشنر مقرر ڪيو. اُن کانپوءِ 1951ع ۾ سربارٽل فريئر سنڌ جو ٻيو ڪمشنر مقرر ٿيو. انگريزن پنهنجن سمورن عملدارن کي ”سنڌي“ سکڻ جو پابند ڪيو ته جيئن اُهي مقامي ماڻهن جي ڳالهه آسانيءَ سان سمجهي سگهن. انگريزن کي سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي ٻولي سان محبت خير ڪا هئي، اُنهن پنهنجي حڪومت توڙي گرفت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اهڙي پاليسي اختيار ڪئي هئي، پر سندن پاليسيءَ مان سنڌي ٻوليءَ کي وڏي هٿي ملي. بمبئيءَ جي گورنر سر جارج ڪلارڪ سنڌي ٻوليءَ کي دفتري ٻولي بنائڻ جو حڪم جاري ڪيو. 1851ع ڌاري انگريز عملدارن لاءِ لازمي ڪيو ويو ته اُهي سنڌي ٻوليءَ جو امتحان پاس ڪن. 1953ع ڌاري انگريزن سر بئرو ايلس جي سربراهيءَ ۾ مقامي عالمن تي مشتمل هڪ ڪميٽي جوڙي، جنهن ٿوري ڦير گهير سان ”سنڌي الف- ب“ مقرر ڪئي. ان کانسواءِ سرجارج اسٽئڪ 1949ع ۾ انگريزي – سنڌي لغت ۽ سنڌي گرامر لکي شايع ڪرايا. انگريز دور ۾ اڳتي هلي ناول، افساني، ڊرامي ۽ مضمون انگريزي ادب مان سنڌي زبان ۾ جاءِ والاري. اِن ڏس ۾ مرزا قليچ بيگ اُهو واحد جاکوڙي ۽ دُورانديش اديب هو، جنهن نثر ۽ نظم جي مڙني صنفن تي نه رڳو وڏي پيماني تي طبع آزمائي ڪئي پر پرڏيهي ادب مان اڪيچار ترجما ڪري سنڌي ٻوليءَ کي مالا مال ڪيو. مرزا صاحب ناول، افساني، ڊرامي ۽ مضمون سان گڏوگڏ تاريخ، لطيفيات ۽ لسانيات تي پڻ سير حاصل ڪم ڪيو. نه رڳو فارسي ۽ سنڌي ۾ شاعري ڪيائين، پر انگيرزي جي بهترين شاعري به سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين. سندس لکيل ڪتابن جو تعداد هڪ اندازي مطابق ساڍا چار سؤ کان به وڌيڪ هو.

اسان سندس باري ۾ لکيل مواد جي هڪ فهرست ڏئي رهيا آهيون ته جيئن هن عظيم شخصيت متعلق ٿيل علمي ڪم جو اندازو ڪري سگهجي. (1) مرزا قليچ بيگ تي ڇپيل ڪتاب، (2) اڻڇپيل ڪتاب، (3) رسالن جا خاص شمارا، (4) مختلف ڪتابن ۾ آيل مضمون ۽ مقالا، (5) رسالن ۾ شايع ٿيل مواد.

 (1) مرزا صاحب تي ڇپيل ڪتاب:

1-        محمد صديق مسافر: ”قرب قليچ“، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي 1936ع، ٻيو ڇاپو ”آگم“، 1997ع.

2-       مرزا همايون بيگ ”فائق“: ”حيات قليچ“، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، 1937ع.

هيءُ ڪتاب مرزا صاحب جي فرزند جو لکيل آهي. هن ڪتاب لکڻ جو ڪارڻ محمد صديق ”مسافر“ جي مذڪوره ڪتاب ۾ آيل ڪجهه مواد جي درستي آهي. هن ڪتاب ۾ مرزا صاحب جي سوانح سان گڏ سندس همعصرن: حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، حافظ احسن چنا ۽ مير مقبول خان جا مرزا صاحب تي رايا، نظم ۽ پڻ مرثيا ۽ خاندان جو شجرو ڏنو ويو آهي.

3-       مرزا اسد بيگ: ماهنامه ”قليچ“ اداره قليچ، حيدرآباد، 1952ع- 1955ع تائين.

4-       مرزا اسد بيگ: ”ڪلام قليچ“، 1941ع، ٻيو ڇاپو، ڀڳوانداس ائنڊ ڪمپني، حيدرآباد سنڌ.

5-       مرزا اسد بيگ: ”عجيب جواهر“، (متفرقه تاليف)

6-       مرزا اسد بيگ: 1952ع- 1955ع واري عرصي ۾ ماهنامه ”قليچ“ جي اشاعت سان گڏ، پنهنجي قائم ڪيل ”ادارهء قليچ“ پاران، شمس العلماء جا 23 ڪتاب به شايع ڪرايا: 1- شيطان علاؤالدين ۽ راڻي پدمڻي، 2- جمشيد ۽ حميده، 3- علم قحف يا فرينيالاجي، 4- فوائد الاخلاق، 5- چڱي خيال جي ڪرامت، 6- عالمگير مذهب، 7- انسان جا محافظ ملائڪ ۽ ٻيا غيبي مددگار، 8- اسلامي تعليم نامو، 9- اسلام جا ٽيهتر فرقا، 10- تحفة السالڪين، 11- ذبح عظيم، 12- منهنجو عجيب قدرتي گهر، 13- موت کانپوءِ حياتي، 14- موئن سان ڪيئن ڳالهائجي، 15- زناني تعليم، 16- چيستانه، 17- مائون ۽ ٻار، 18- علم بديع ۽ علم عروض، 19- خورشيد، 20- خورشيد جو نيلام (ڀاڱون پهريون)، 21- حسينه بيگم، 22- عاقل ۽ فاطمه، 23- زيب النساء بيگم.

7-       ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو: ”مرزا قليچ بيگ- سنڌي ادب جو سدائين روشن سج“، (مختصر سوانح حيات)، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڊسمبر 1984ع.

هيءُ ڪتاب ٻارن لاءِ لکرايل سيريز تحت انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي طرفان شايع ٿيل آهي، جنهن ۾ ٻارن لاءِ مرزا صاحب جي سوانح حيات عام فهم ۽ اثرائتي انداز ۾ لکي وئي آهي.

8-       ڊاڪٽر نواز علي شوق: ”مرزا قليچ بيگ“، سنڌ ثقافت ۽س ياحت کاتو 1990ع.

هيءُ ڪتاب ٻاراڻي ادب جي ترقيءَ لاءِ لکرايل سيريز ۾ سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي 1990ع ۾ شايع رڪايو.

9-       اعجاز مرزا: ”گلدستهء قليچ“…؟

 (2) مرزا صاحب تي اڻڇپيل ڪتاب:

1-        حبيب الله رحيم بخش مرزا: ” شمس العلماء مرزا قليچ بحيثيت نثر نويس.“

هي تحقيق 1987ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ڊاڪٽريٽ لاءِ ڪئي وئي هئي، جنهن جو رهبر ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو هو. هن ٿيسز ۾ مرزا قليچ بيگ جي اصل نسل، خاندان، سوانح حيات، علمي ادبي خدمتن ۽ سندس نثر نويسي متعلق لکيو ويو آهي. ٿيسز جي آخر ۾ محقق طرفان تيار ڪيل مرزا صاحب جي ڪتابن جي فهرست، مسٽر موتيرام رامواڻيءَ جي تيار ڪيل مرزا صاحب جي ڪتابن جي فهرست ۽ خانه فرهنگ ايران حيدرآباد پاران مرزا صاحب جي ڪتابن جي تيار ڪيل انگريزي فهرست پڻ ڏني وئي آهي.

2-       محترمہ نعيمه جمع تيجاڻي طرفان مرزا صاحب تي لکيل ٿيسز اڻ ڇپيل آهي. (بحواله: مرزا حبيب بيگ)

3-       حاڪم چانڊيو: ” شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي ڊرامن جو جائزو“.

هي تحقيق سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ ايم. اي. جي لاءِ ڪئي وئي آهي، جنهن جو رهبر پروفيسر ڊاڪٽر قاضي خادم هو. هي مونوگراف مکيه پنجن حصن ۾ ورهايل آهي. پهرئين حصي ۾ ارپنا، تصوير ۽ پنهنجي پاران، ٻئي حصي ۾ مرزا صاحب جي شخصيتن، ٽئين حصي ۾ مرزا صاحب جي ناٽڪ نويسي ۽ چوٿين حصي ۾ مرزا صاحب جي ڊرامن جو احوال ۽ پنجين حصي ۾ ڊرامن جي تاريخوار فهرست وغيره ڏنل آهي.

4-       ” شمس العلماء مرزا قليچ بيگ ۽ سندس خاندان جون ادبي خدمتون“ جي عنوان تي شمس العلماء جي پوٽي، محترم اعجاز علي بيگ ولد مرزا اسد بيگ جي ڊاڪٽريٽ لاءِ ٿيسز تياري هيٺ آهي، جنهن لاءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر ڊاڪٽر نواز علي ”شوق“ سندس رهبر آهي.

(3) مرزا صاحب تي رسالن جا خاص شمارا:

(الف) ”نيئن زندگي“، سيپٽمبر 1964ع (ايڊيٽر: عبدالواحد سنڌي)

(1)     شمس العلماء مرزا قليچ بيگ            محمد ابراهيم جويو

(2)    قليچ، پنهنجي ڪلام جي آئيني ۾     شيخ عبدالحليم ”جوش“

(3)    قليچ بيگ، ست پٽيتو اديب             ضياء الدين. ايس ”بلبل“

(4)    سنڌي ادب ۽ مرزا قليچ بيگ            تسنيم جل

[5] قليچ، سنڌ جو لاثاني نثر نيوس          انور هالائي

[6]    قليچ، ٻارڙن جو اديب ۽ شاعر          احمد خان ”آصف“

[7]    قليچ، سنڌ جو شيڪسپيئر            پروفيسر منگهارام ملڪاڻي

[8]    فخر قوم (نظم)                       حافظ محمد ”احسن“ چنا

(ب) ”نئين زندگي“، جولاءِ 1991ع (نگران: علي محمد چنا)

(1)     مرزا قليچ بيگ- انسان دوست اديب      محمد ابراهيم جويو

(2)    مرزا قليچ بيگ- هڪ مثالي شخصيت  مراد علي مرزا

(3)     مرزا قليچ بيگ جي شاعري ۽ نثر       پروفيسر نعيمه جمع تيجاڻي

(4)    قليچ بيگ- سنڌي ناٽڪ جو باني       ڊاڪٽر محمد يوسف پنهور

(5)     ”مقالات الحڪمت“ جو مطالعو           ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

(6)    مرزا قليچ بيگ، سنڌي ٻولي جو نثر نويس عبدالجبار ”عبد“

(7)    جديد سنڌي ادبي عمارت ۽ اُن جو معمار

شمس العلماء مرزا قليچ بيگ                    شمس العلماء ڊاڪٽر دائودپوٽو

(8)    مرزا قليچ بيگ جي زندگي جا اهم واقعا علي نواز ڀٽو

(9)    هُو جي هِت هئا                   ادارو

(10)       قليچ (غزل)                               ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل

(11) ادب جو رهبر (نظم)                      مرزا سلطان حيدر بيگ

(12)   زنده سدائين نام نشانبر قليچ جو (نظم)       حافظ محمد حسن چنا

(13)         نظم                           مرزا اسد بيگ

(ج) ٽماهي ”سنڌي سولي“، 1997ع (مرتب: تاج جويو ۽ امين لغاري)

(1) شمس العلماء مرزا قليچ بيگ          شمس العلماء ڊاڪٽر دائودپوٽو

(2)    مرزا قليچ بيگ                        جي. ايم. سيد

(3)    اچو ته رڪارڊ رکون (تقرير)            ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

(4)    مرزا قليچ بيگ: انسان دوست اديب   محمد ابراهيم جويو

(5) مرزا قليچ بيگ: سنڌي نثر جو ابو       ڊاڪٽر غلام علي الانا

(6)    قليچ ساڌو سنت                       ليلاوتي هرچنداڻي

(7)    لطيفيات ۾ مرزا قليچ بيگ جو حصو ڊاڪٽر نواز علي شوق

(8)    قليچ: جيئن ٻُڌو هو مون               ايم. ايڇ. پنهور

(9)    مرزا قليچ بيگ ۽ خيرپور رياست     محمد علي حداد

(10) سنڌي ٻولي جو محقق: مرزا قليچ بيگ ڊاڪٽر هدايت پريم

(11) مرزا قليچ بيگ ۽ سنڌي ٻولي          ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو

(12) قليچ جا صوفياڻا ۽ فڪري لاڙا         محمد حسين ڪاشف

(13) مرزا قليچ بيگ: هڪ شخصيت سڪندر علي لاڙڪ

(14) قليچ ۽ اڄ جو آفيسر                    ڊاڪٽر غلام قادر سومرو

(15) قليچ بيگ ۽ افسانوي ادب             ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي

(16) قليچ بيگ ۽ اسٽيج ڊرامو              مراد علي مرزا

(17) ”مقالات الحڪمت“ جو مطالعو         ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

(18) قليچ: سنڌي شاعريءَ ۾ نون لاڙن جو ترجمان نصير مرزا

(19)  مرزا قليچ بيگ جي غزل گوئي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

(20) مرزا قليچ بيگ ۽ سنڌي رباعي        مرزا ڪاظم رضا بيگ

(21) قليچ ۽ سندس قلمي مسودا            محمد حبيب بيگ مرزا

(22) قليچ جنم ڏينهن                   شفيق احمد کوسو (ڪمشنر حيدرآباد)

(23) قليچ ادبي سيمينار (اکين ڏٺو احوال)   امين لغاري

هن خاص شماري ۾، سنڌي ٻولي اختياري پاران 4- آڪٽوبر 1997ع تي ملهايل ”قليچ ادبي سيمينار“ ۾ پڙهيل مقالا به شامل ڪيا ويا آهن.

(د) ”ڪينجهر“، سنڌي شعبو سنڌ يونيورسٽي، 1999ع (مرتب: هدايت ”پريم“)

(1) پيش لفظ                         ڊاڪٽر قاضي خادم

(2)    شيڪسپيئر جو مترجم                پروفيسر منگهارام ملڪاڻي

(3)    شاهه جي رسالي جو محقق            ڊاڪٽر الياس عشقي

(4)    مرزا قليچ بيگ جي ناول نگاري      ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ

(5) قليچ: سنڌي ناٽڪ جو باني              ڊاڪٽر محمد يوسف پنهور

(6)    ٻه تقريرون                              عبدالقيوم صائب

(7)    ”سائو پن يا ڪارو پنو“ (اڀياس)               ڊاڪٽر نور افروز خواجه

(8)    مرزا قليچ بيگ جي ڪلام ۾ تصوف        ڊاڪٽر هدايت پريم

(9)    مرزا قليچ بيگ جي اولاد جون ادبي خدمتون ڊاڪٽر قمر جهان مرزا

(10) مرزا قليچ بيگ بحيثيت آکاڻي نويس  ڊاڪٽر تهمينه مفتي

(11) مرزا قليچ بيگ، شڪارپور ۾           ڊاڪٽر انور ”فگار“ هَڪڙو

(12) شاهه جو محقق، مرزا قليچ بيگ        غلام مصطفى کهڙو

(4) مرزا صاحب تي مختلف ڪتابن ۾ آيل مواد:

(1)     ……؟ ”سنڌي سونهارا“، 1932ع.

(2)    نارائڻداس ميوارام ڀمڀاڻي: ”ادبي گلشن“، سنڌ پبلشنگ هائوس، ڪراچي، 1946ع

(3)    جي. ايم. سيد: ”جنب گذاريم جن سين“، (جلد پهريون)، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع.

(4)    مولانا دين محمد وفائي: ”تذڪره مشاهير سنڌ“ (جلد پهريون)، سنڌي ادبي بورڊ، 1974ع.

(5)    ڊاڪٽر غلام علي الانا: ”سنڌي نثر جي تاريخ“، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، 1977ع.

(6)    علامه عمر بن محمد دائودپوٽو: ”مضمون ۽ مقالا“، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪاميٽي، 1978ع.

(7)    پير علي محمد راشدي: ”اُهي ڏينهن اُهي شينهن“، (جلد ٽيون)، سنڌي ادبي بورڊ، 1981ع.

(8)    ڊاڪٽر اياز قادري: ”سنڌي غزل جي اوسر“، (جلد ٻيو)، سنڌالاجي ڄامشورو، 1984ع.

(9)    خورشيد. ايم. عباسي: ”ادبي اُهڃاڻ“، (”شاهه ايليا“ ڊرامي جو ادبي جائزو)، ڪافي پبليڪيشن ڪراچي.

(10)         اڪبر لغاري: ”سنڌي ادب جو مختصر جائزو“، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد، 1993ع.

(11) مخدوم محمد زمان ”طالب المولى“: ”ياد رفتگان“، سنڌي ادبي بورڊ، 1994ع.

(12)         ڊاڪٽر هدايت پريم: ”سنڌي ٻوليءَ جا محقق“، سنڌ تحقيقي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1994ع.

(13)         ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو: ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1994ع.

(14)         ڊاڪٽر غلام محمد لاکو: ”سنڌ جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو“، مارئي سماجي سنگت ڪراچي، 1997ع.

(15)خانبهادر محمد صديق ميمڻ: ”سنڌ جي ادبي تاريخ“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 2000ع.

(16)         ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي: ”فن، شخصيت ۽ انداز“، (سنڌ جو قومي عالم ۽ اديب) ڪتابي دنيا اِشاعت، حيدرآباد،  2003ع.

(5) مرزا صاحب متعلق رسالن ۾ شايع ٿيل مضمون/مقالا:

(1)     محمد صديق مسافر: ”مرحوم مغفور شمس العلماء خانبهادر مرزا قليچ بيگ جي سوانح حيات“، ملان اسڪول ٽنڊو باگو جي مخزن، شمارو 7، 1935ع.

(2)    مولانا دين محمد وفائي: ”مرزا قليچ بيگ“، ”الوحيد“ (سنڌ آزاد نمبر)، 1936ع.

(3)    مولانا غلام مصطفى قاسمي: ”مرزا قليچ بيگ مرحوم“، نئين زندگي، آگسٽ 1952ع.

(4)    شفيع محمد علوي: ”مرزا قليچ بيگ جي شاعير“، نئين زندگي، جولاءِ 1953ع ۽ آگسٽ 1954ع.

(5)    لطف الله بدوي: ”مرزا قليچ بيگ نثر نويس جي حيثيت ۾“، نئين زندگي، آگسٽ 1954ع.

(6)    عبدالغفور انصاري: ”مرزا قليچ بيگ مزاحيه نگار جي حيثيت ۾“، نئين زندگي، جولاءِ 1955ع.

(7)    افضل بيگ مرزا: ”مرزا قليچ بيگ جا اڻ ڇپيل ڪتاب“، نئين زندگي، آگسٽ 1955ع.

(8)    مهرالنساء عبدالله: ”مرزا قليچ بيگ ۽ زنانو ادب“، نئين زندگي، جولاءِ 1956ع.

(9)    ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل: ”مرزا قليچ بيگ جي شاعري“، نئين زندگي، جولاءِ 1956ع.

(10)         موتي رام. ايس. رامواڻي: ”شمس العلماء مرزا قليچ بيگ“، نئين زندگي، جولاءِ 1956ع.

(11) عزيز الرحمان ٻگهيو: ”مرزا قليچ بيگ جي ناٽڪ نويسي“نئين زندگي، جولاءِ 1956ع.

(12)         موتي رام.ايس.رامواڻي: ”قليچ جا لکيل ڪتاب“نئين زندگي، آگسٽ 1956ع.

(13)         شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو: ”مرزا قليچ بيگ: سندس سوانح ۽ ڪلام تي مختصر تذڪرو“ (14) شيخ عبدالعزيز قنڌاري: ”شمس العلماء مرزا قليچ بيگ“، نئين زندگي، جولاءِ 1958ع.

(14)         شيخ عبدالعزيز قنڌاري: ”شمس العلماء مرزا قليچ بيگ“، نئين زندگي، جولاءِ 1958ع.

(15)غلام شبير: ”ديوان قليچ جو مطالعو“، نئين زندگي، جولاءِ 1958ع.

(16)         حسين جمع تيجاڻي: ”ديوان قليچ جو مطالعو“، نئين زندگي، آگسٽ 1958ع.

(17)         منير سولنگي: ”مرزا قليچ بيگ جو اردو ڪلام“، نئين زندگي، جولاءِ 1959ع

(18)         ٽماهي ”مهراڻ“: ”تحفة النسوان“، ”شاهه ايليا“، ”مقالات الحڪمت“ (تبصرا)، 1959ع.

(19)         مرزا اجمل بيگ: ”قليچ جي زندگي جو زائچو“، نئين زندگي ۽ جولاءِ 1968ع.

(20)        محمد ابراهيم جويو: ”مرزا قليچ بيگ- انسان دوست اديب“، نئين زندگي، جولاءِ 1967ع.

(21)         مرزا افضل بيگ: ”مرزا قليچ بيگ اديب اعظم“، نئين زندگي، آگسٽ 1968ع.

(22)        رسول بخش پليجو: ”سنڌيءَ جو محسن اعظم“، نئين زندگي، آگسٽ 1968ع.

(23)        ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: ”مرزا قليچ بيگ جو تخليقي ادب“، نئين زندگي، آگسٽ 1968ع.

(24)        ميمڻ عبدالغفور سنڌي: ”مرزا قليچ بيگ جو تخليقي ادب“، نئين زندگي، آگسٽ 1968ع.

(25)         ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: ”مرزا قليچ بيگ- سنڌي ادب جو عظيم محسن“، نئين زندگي، جولاءِ 1969ع.

(26)        ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: ”شمس العلماء مرزا قليچ بيگ“، نئين زندگي، جولاءِ 1971ع.

(27)        محمد علي حداد: ”شمس العلماء مرزا قليچ بيگ ۽ رياست خيرپور“، ”نئين زندگي، 1972ع.

(28)        پير حسام الدين راشدي: ”مرزا قليچ بيگ جي ڪتب خاني ۾ چند گهڙيون“، ”سنڌي پبليڪيشن“ مرتب: خان محمد پنهور جو ”پير حسام الدين راشدي نمبر“، اپريل 1973ع (۽ پڻ ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ ۾ آيل).

(29)        رشيد فرزانه پور: ”شمس العلماء مرزا قليچ بيگ“، نئين زندگي، مئي – جون 1974ع.

(30)        محمد ابراهيم جويو: ”منهنجا بزرگ، منهنجا دوست“، ٽماهي ”مهراڻ“، 3-4/1974ع.

(31)         ڊاڪٽر اياز قادري: ”شمس العلماء مرزا قليچ بيگ“، نئين زندگي، جنور- فيبروري 1976ع.

(32)        علي نواز ڊي لغاري: ”مرحوم مرزا قليچ بيگ“، نئين زندگي، جون-جولاءِ 1977ع.

(33)        ميمڻ عبدالغفور سنڌي: ”مرزا قليچ بيگ“، پيغام، جولاءِ 1978ع.

(34)        ابن الياس سومرو: ”مرزا قليچ بيگ، هڪ شخصيت“، نئين زندگي، جولاءِ………؟

(35)         نعيمه جمع تيجاڻي: ”مرزا قليچ بيگ، سنڌ جي اوپن يونيورسٽي“، نئين زندگي، جولاءِ 1979ع.

(36)        نعيمه جمع تيجاڻي: ”انڪوائري آفيسر تي هڪ نظر“، پيغام، جولاءِ 1980ع.

(37) ڪريم بخش خالد: ”شمس العلماء مرزا قليچ بيگ“، پيغام، جولاءِ 1981ع.

(38)        نعيمه جمع تيجاڻي: ”قليچ جي ڪتابن جو تعارف“، نومبر-ڊسمبر 1982ع.

(39)        سليم سهتو: ”مقالات الحڪمت تي تبصرو“، پيغام، نومبر-ڊسمبر 1982ع.

(40)        مراد علي مرزا: ”مرزا قليچ بيگ جي شخصيت“، پيغام، 1983ع.

(41)         نعيمه جمع تيجاڻي: ”مرزا قليچ بيگ اڳ به رهبر، اڄ به رهبر“، پيغام، مئي 1983ع.

(42) دادا سنڌي: ”قليچ خاندان ۽ سنڌي ڪتاب“، نئين زندگي، جولاءِ 1984ع.

(43)        نعيمه جمع تيجاڻي: ”مرزا قليچ بيگ ۽ غلام علي چاڳلا“، نئين زندگي، نومبر-ڊسمبر 1984ع.

(44)        علامه دائود پوٽو: ”مرزا قليچ بيگ“، نئين زندگي، مئي-جون 1985ع.

(45)         ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي: ”مرزا قليچ بيگ بحيثيت نقاد“، پيغام، جولاءِ 1985ع

(46) الطاف سومرو: ”مرزا قليچ بيگ سنڌي ادب جو ابو“، پيغام، جولاءِ 1986ع.

(47)        ڊاڪٽر غلام محمد لاکو: ”ڪيميائي سعادت تي تبصرو“، ٽماهي ”مهراڻ“، 4/1986ع.

(48) ڊاڪٽر غلام محمد لاکو: ”مرزا قليچ بيگ“، ماهوار ”گل ڦل“، مارچ 1987ع.

(49)        نعيمه جمع تيجاڻي: ”مرزا قليچ بيگ“، نئين زندگي، اپريل 1987ع.

(50)         مراد علي مرزا: ”مرزا قليچ بيگ“، نئين زندگي، اپريل 1987ع.

(51)ڊاڪٽر غلام رسول بلوچ: ”مرزا قليچ بيگ“، نئين زندگي، اپريل 1987ع.

(52)         الياس عشقي: ”شاهه جي رسالي جو پهريون محقق- مرزا قليچ بيگ“، ”مهراڻ“، 1/1987ع.

(53)         علي احمد بروهي: ”مرزا قليچ بيگ“، پيغام، جولاءِ 1987ع.

(54)         سحر امداد: ”مرزا قليچ بيگ، سنڌ جو سپوت“، ”ڪينجهر“ 1993ع، سنڌي شعبو سنڌ يونيورسٽي.

(55)         مرزا مراد علي بيگ: ”مرزا قليچ بيگ جي شخصيت“ ٽماهي ”سنڌي ادب“، سنڌالاجي، 1994ع.

(56)  ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو: ”مرزا قليچ بيگ – سنڌي ٻولي ۽ ادب جو سدا روشن سج“، ”مهراڻ“، 1/1997ع.

(57)         سڪندر علي لاڙڪ: ”مرزا قليچ بيگ“، نئين زندگي، مارچ – اپريل 1997ع.

(58)         ڊاڪٽر قمر جهان مرزا: ”مرزا قليچ بيگ جو نثري اسلوب“، نئين زندگي، ڊسمبر 2002ع.

(59)         ڊاڪٽر مهرالنساء لاڙڪ: ”عالمن جو آفتاب مرزا قليچ بيگ“، ”عبرت“ ميگزين 15 آڪٽوبر 2003ع.

ايوب عُمراڻي

مرزا قليچ بيگ ۽ ٻاراڻو ادب

سنڌي ادب ۾ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو نالو تمام گهڻو مٿانهون آهي. مرزا صاحب جي نالي کانسواءِ سنڌي ادب جي تاريخ اڻپوري آهي. مرزا صاحب هڪ فرد ٿي ڪري سنڌي ادب جي ترقي لاءِ تحريڪ جو ڪردار ادا ڪيو ۽ جديد سنڌي ادب جي پيڙهه جو مضبوط پٿر رکيو. مرزا صاحب جي دور ۾ سنڌي ادب نومولود ٻار جيان جنم ورتو هو. انگريزن سنڌ کي بمبئي پرڳڻي سان ملائي ڇڏيو هو. ان ۾ ڪاليج، يونيورسٽيون ۽ اشاعتي ادارا ۽ ڇاپخانا ته درڪنار پر اسڪول به آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس هئا. سچ پچ ته اهڙي ڀڙڀانگ ۽ سُڃ واري دور ۾ ادب تخليق ڪرڻ ۽ ٻولي کي زور وٺائڻ تمام وڏي دل گردي جو ڪم هو، پر مرزا صاحب اهو ڪارنامو صرف ويهن سالن جي عمر ۾ ڪري ڏيکاريو. مرزا صاحب اُن ننڍي عمر ۾ سنڌي ادب جي سُڪل باغ کي پنهنجي محنتن سان پاڻي ڏيئي سائو بڻايو ۽ عمر ڀر ادب جي باغ جي آبياري ڪندو رهيو. اهي مرزا قليچ بيگ جون محنتون ۽ ڪاوشون ئي آهن، جو اڄ جو سنڌي ادب نه صرف برصغير جي ٻين ٻولين جي ادب ۾ نمايان حيثيت رکي ٿو، پر اُن عالمي ادب ۾ به پنهنجي حيثيت مڃائي آهي.

مرزا قليچ بيگ چار سؤ کان به مٿي ڪتاب لکيا ۽ ترجمو ڪيا، اُنهن ڪتابن ۾ ٻاراڻي ادب جو به چڱو خاصو حصو آهي،  جيئن ته دنيا جي هر ترقي ڪيل ۽ معياري ادب ۾ ٻاراڻي ادب جو به چڱو خاصو حصو ٿئي ٿو، مرزا صاحب اِها ڳالهه محسوس ڪندي سنڌ جي ٻارن لاءِ به قلم کنيو. هن ٻارن لاءِ پاڻ به لکيو ته ترجمو به ڪيائين. هن ٻارن لاءِ نظم، ڪهاڻيون، ناٽڪ، قصا ۽ آکاڻيون لکيون. سندس لکڻيون گذريل هڪ سو سالن کان وٺي ور ور ڪري ڇپجي رهيون آهن ۽ اڄ به وڏي احترام سان پڙهيون وڃن ٿيون. ٻارن لاءِ لکيل سندس نظم اڄ به درسي ڪتابن ۾ موجود آهن ۽ مقبول آهن.

مرزا صاحب جي ٻارن لاءِ لکيل ادب جو جيڪڏهن گهرائيءَ سان جائزو وٺبو ته اسان کي اُهو چئن حصن تي مشتمل نظر ايندو.

1-        ترجمو ٿيل ڪهاڻيون ۽ قصا

2-       جديد ادب جون ترجمو ٿيل ڪهاڻيون ۽ ڊراما

3-       سائنسي ڪهاڻيون

4-       ٻارن لاءِ شاعري

ترجمو ٿيل قصن ۽ ڪهاڻين ۾ مرزا صاحب ٻارن لاءِ سڀ کان پهريائين جيڪو ڪتاب لکيو، اُهو آهي ”رستم ۽ سهراب“. هي ڪتاب 1880ع ڌاري ترجمو ڪيو ويو، پر اُن جي پهرئين ڇاپي جي خبر نه پئجي سگهي آهي. جيئن ته ڪتاب جي نالي مان ئي پڌرو آهي ته اِهو ڪتاب ايران جي مشهور نيم تاريخي جنگي داستان بابت آهي، جنهن ۾ ٻه پهلوان (پيءُ پٽ) هڪٻئي جي خلاف اڻ ڄاڻائي ۾ ويڙهه ڪن ٿا. جيتوڻيڪ هي قصو سنڌ جي ٻهراڙين ۾ سگهڙن طرفان به عام طور تي ٻڌايو ويندو آهي، پر مرزا صاحب اُن کي ڪنهن سگهڙ جي واتان ٻڌي پنهنجي نالي سان ڇپرائڻ بدران اُن کي ايران جي نامياي ڪلاسيڪل شاعر فردوسيءَ جي ”شاهنامي“ تان ترجمو ڪيو. مرزا صاحب هن قصي کي نه صرف ترجمو ڪيو پر ان کي نظم مان نثر ۾ به منتقل ڪيو. مرزا صاحب اِهو ڪارنامو صرف ويهن سالن جي مختصر ڄمار ۾ سرانجام ڏنو! هن قصي کي پڙهي اسان کي اهو معلوم ٿي سگهي ٿو ته فردوسيءَ جهڙي عظيم شاعر، سُلطان محمود غزنويءَ کان سونين اشرفين جي لالچ ۾ ايران جي تاريخ کي ڪيئن نه ڏند ڪٿائن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. جو سندس بيان ڪيل سمورا ڪردار ديومالائي ۽ جڙتو لڳن ٿا.

مرزا صاحب جا ترجمو ڪيل قصا گهڻو ڪري مختلف ملڪن جي لوڪ ڪهاڻين ۽ داستانن تي مشتمل آهن، اُنهن ۾ عرب جو داستان ”وامق عذرا“، ايراني داستان ”شهزادو گل منير“، الف ليلوي ڪهاڻيون شمرانه عرف ”شيطان جي ناني“ (هي ڪتاب مرزا صاحب جي سمورن ڪتابن مان وڌيڪ دلچسپ ۽ گهڻو پڙهيو يوندڙ آهي)، ”ٻه جاڙا ڀائر“، ”قدم برگ شهزادي“، ”نيلو پکي“، ”لبا خان درزي ۽ خليفو ڪهنگ“ ۽ ٻيا ڪتاب اچي وڃن ٿا. مرزا صاحب جي ترجمن ۾ نهايت سليس، آسان ۽ عام فهم زبان استعمال ٿيل آهي، سواءِ چند جاين تي فارسيءَ جي ڪجهه لفظن جي استعمال ڪرڻ جي. (اُنهن جي به حاشيي ۾ معنى ڏني وئي آهي). مرزا صاحب جي اِنهن ترجمن ۾ ڪٿي به جنن ڀوتن، جادوگرن ۽ خونريزيءَ جو ذڪر ناهي، پر ڪهاڻين جو بنيادي خيال اخلاق ۽ نيڪيءَ تي ٻڌل آهي. ان طرح جنن ڀوتن وارين ڪهاڻين کي (جن جو اڄڪلهه اردو جي ٻاراڻي ادب ۾ تمام گهڻو ذڪر آهي) سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ داخل ڪرڻ کان مڪمل طور تي پاسو ڪيوويو آهي. اِهو رجحان خوشقسمتي سان اڄ به سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ موجود آهي.

”جديد ادب“ جي ڪهاڻين ۾ اُهي ڪهاڻيون ۽ ڊراما اچي وڃن ٿا، جيڪي يورپ جي صنعتي انقلاب کانپوءِ اُتي لکيون ويون. اُنهن جي موضوع گهڻو ڪري جديد صنعيتدور جي مسئلن سان آهي. اهڙي طرح مرزا صاحب خاص طور تي اهڙن ماڻهن جون سچيون ڪهاڻيون لکيون آهن، جيڪي ننڍي هوندي ڏاڍا غريب هئا. هُنن پنهنجي زندگيءَ ۾ وڏيون مصيبتون ۽ ڏک ڏاکڙا ڏٺا، پر پنهنجي محنتن ۽ مسلسل جدوجهد سان آخر وڏن عهدن تي پهتا.

اِها نهايت خوشيءَ ۽ حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته مرزا صاحب ٻارن لاءِ سائنسي ڪهاڻيون به ترجمو ڪيون آهن. مرزا صاحب جي سائنسي ڪهاڻين کي پڙهڻ سان خوشيءَ سان گڏ حيرت به ٿئي ٿي ته اڄ کان هڪ سو سال اڳ جو سنڌي ٻاراڻو ادب ڪيترو نه صحتمند ۽ شاهوڪار هو، جو اُن ۾ سائنسي ڪهاڻيون به شامل هيون! افسوس رڳو اِن ڳالهه جو آهي ته مرزا صاحب کانبپوءِ ان سلسلي کي ڪو ٻيو ليکڪ جاري رکي نه سگهيو، جيڪڏهن اِهو سلسلو مستقل طور تي جاري هجي ها ته هن وقت سنڌي ٻاراڻي ادب جي صورت ئي ڪجهه ٻي هجي ها. سائنسي ڪهاڻين ۾ ”ٽي ڀوت يا راڪاس“ هڪ شاندار ڪهاڻي آهن. هن ڪهاڻيءَ جو عنوان ته جنن ڀوتن وارو آهي، پر آهي سائنسي ڪهاڻي. هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ سو سال اڳ توانائي جي ٽن اهم ذريعن ٻاڦ، پاڻي ۽ هوا کي علامتي انداز ۾ ٽن ڀوتن جي حيثيت ۾ پيش ڪيو ويو آهي، جن جي زور تي مشينون هلن ٿيون ۽ هنن راڪاسن کي انسانن قيد ڪري پنهنجي ڪم آندو آهي. هن ڪهاڻي جو اندازِ بيان ايترو ته دل کي ڇُهندڙ آهي جو پڙهندڙ جيئن جيئن اڳتي پڙهي ٿو تيئن سندس دلچسپي وڌندي وڃي ٿي. مرزا صاحب جي هڪ ٻي سائنسي ڪهاڻي ”پٽيل اکيون ۽ پوريل اکيون“ آهي. هن ڪهاڻيءَ جو عنوان به ديومالائي قسم جو آهي. هيءَ ڪهاڻي ٻارن ۾ سائنسي تحقيق ۽ کوجنا جو لاڙو پيدا ڪرڻ لاءِ لکيل معلوم ٿئي ٿي. هن ڪهاڻيءَ ۾ مرزا صاحب ٻن ٻارن جي دلچسپ ڳالهه لکي آهي، جيڪي سير تي نڪتا آهن. اُنهن مان هڪ ٻار رُلي پني موٽي اچي استاد کي ٻڌائي ٿو ته کيس رستي تي ڪابه دلچسپ شئي نظر نه آئي، جڏهن ته ساڳئي رستي تان گهمي ايندڙ ٻيو ٻار پنهنجي مشاهدي جي بنياد تي ڪيتريون ئي دلچسپ شيون ڏسي آيو آهي، اُنهن ۾ وڻ ٽڻ، پکي، پکڻ، جيت جڻيا، پاڻي جا جانور وغيره سڀ اچي ٿا وڃن. هن ٻئي ڏينهن پنهنجي مشاهدي ۾ آيل حيوانات ۽ ٻين شين بابت پنهنجي استاد کان ڪيترائي سوال ڪيا ۽ پنهنجي معلومات وڌائي. مرزا صاحب آخر ۾ ڪهاڻي ختم ڪندي چوي ٿو ته جيڪي اکيون پنهنجي آسپاس جي شين جو مطالعو ۽ مشاهدو ڪن ٿيون. اُهي ئي پٽيل اکيون آهن، باقي جيڪي اکيون سامهون واري شئي جي ڪو به نوٽيس نٿيون وٺن. اُهي پوريل يا انڌيون آهن،ڇو ته اُهي علم ۾ واڌارو آڻڻ ۾ مدد نٿيون ڪن، جيتوڻيڪ هي ٻئي ڪهاڻيون ترجمو ٿيل محسوس ٿين ٿيون. پر هڪ ماهر سنڌيڪار جي حيثيت ۾ مرزا صاحب پڙهندڙ کي ڪٿي به اِهو محسوس ٿيڻ نٿو ڏئي ته اِهي ڪي ترجمو ٿيل آهن، ڇو ته هنن ڪهاڻين ۾ سڄو ماحول ۽ نالا مقامي ڏنا ويا آهن. هنن ڪهاڻين کي اسان ’آزاد ترجمو‘ چئي سگهون ٿا.

مرزا قليچ بيگ صاحب پنهنجي دور ۾ ٻارن لاءِ جيڪو ادب لکيو، اُن سان سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻارن لاءِ ادبي عمارت جو پڪو پختو بنياد پيو، ٻارن ۾ معطالعي لاءِ تمام گهڻو شوق جاڳيو ۽ سنڌ جي تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ وڏي هٿي ملي.

مرزا صاحب جيئن ته هڪ بهترين نثر نويس سان گڏ هڪ بي مثال ۽ قادرالڪلام شاعر به هو، ان ڪري پاڻ شاعري جي ميدان ۾ به سنڌ جي ٻارن کي نه وساريائون. ٻارن لاءِ سندس شاعريءَ جو جيتوڻيڪ هن وقت ڪو الڳ ڪتاب موجود نه آهي پر پاڻ پنهنجي آتم ڪهاڻي ”سائو پن يا ڪارو پنو“ ۾ لکيو اٿس ته سندس پهريون ڪتاب ٻارن لاءِ شاعري جو مجموعو ”ٻاراڻا ٻول“ جي نالي سان آهي، جيڪو پاڻ 1870ع ۾ لکي مڪمل ڪيو هئائون. ان ڪتاب جي باري ۾ وڌيڪ معلوم نه ٿيو آهي ته ڇپيو يا نه، بهرحال سنڌيءَ جي مختلف درسي ڪتابن ۾ اڄ به سندس وڻندڙ ناصحانه شاعري موجود آهي. مرزا صاگھحب پنهنجي ٻاراڻي شاعريءَ ۾ ٻارن کي بنيادي طرح سان اخلاقيات سان گڏ فطرت جا راز پروڙڻ، محنت ڪرڻ ۽ اڳتي وڌڻ جي تلقين ڪري ٿو، جيڪڏهن مرزا صاحب جي ٻارن لاءِ ڪيل شاعري کي سهيڙي ڪو الڳ ڪتاب تيار ڪجي ته اُهو ٻارن لاءِ شاعري جو هڪ بهترين گلدستو بڻجي سگهي ٿو.

افسوس، اڄ اسان جو ٻاراڻو ادب ان سطح کان گهٽ هيٺ آهي، جنهن سطح تي مرزا صاحب جي دور ۾ هو يا مرزا صاحب جيڪو معيار قائم ڪيو هو. ضرورت اِن ڳالهه جي آهي ته مرزا صاحب جي ٻاراڻي ادب تي تحقيق ڪري اُن کي نئين ۽ جديد انداز سان ٻارن جي آ0ڏو آندو وڃي. اسان جي اڄ جي ليکڪن کي به گهرجي ته وڏن لاءِ لکڻ وقت ٻارن کي ڪنهن به صورت ۾ نه وسارين، خاص ڪري ٻارن لاءِ سائنسي ڪهاڻيون لکن ۽ ترجمو ڪن، جيئن اڄ جي ٻارن ۾ سائنسي سوچ پيدا ٿي سگهي ۽ اڳتي وڌي سگهن.

عنايت ميمڻ

مرزا قليچ بيگ

هڪ تاريخ ساز شخصيت

مهذب قومون پنهنجن مسيحائن کي قرب جي ڪينواس ۾ قيد ڪري، پنهنجي لاءِ نيون منزلون ۽ نيون راهون جوڙينديون آهن. سنڌي قوم جي ادبي ۽ تاريخي پسمنظر، اُن جي بُڻ بنياد ۽ جوڙجڪ جو جائزو وٺجي ٿو ته اسان کي سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جا ڪيترائي محسن ملن ٿا، جن سنڌي ادب جي خاص ڪري نثر جي ابتدا اڻويهين صديءَ جي پهرين ڏهاڪي کان شروع ڪئي، جنهن جا اثر ايڏا ته پائدار ثابت ٿيا جو اڄ اسان ايڪويهين صديءَ ۾ به اُنهن جي احسانن، خدمتن ۽ پائدار اثرن کي دل جي گهراين سان قبول ڪريون ٿا ۽ پنهنجي بنيادي ادب جو حصو سمجهي پنهنجي وجود جو حصو بڻايون ٿا ۽ پوءِ اُنهن ئي مضبوط ادبي بنيادن تي موجوده ادب جي تعمير ڪريون ٿا. اِهي سڀ وکر سانڍيندي اسان هن ٽهيءَ جا اديب، ڪي روايتي قدر نٿا نباهيون پر پنهنجي لازوال تاريخي بنيادن ۽ روايتن کي پختو بڻايون ٿا ۽ ائين پنهنجي زنده هجڻ جو پختو دليل ڇڏيندا وڃون ٿا.

مرزا قليچ بيگ اُهو انسان دوست ليکڪ هو، جنهن پنهنجي علمي ۽ ادبي سگهه کي عام ماڻهن تائين پهچايو ۽ دنيا جهان ۾ جيڪو ڪجهه وهي واپري ٿو، اُن کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ باوقار طريقي سان ۽ مڪمل سنڌي رنگ ڍنگ ۽ مزاج سان شامل ڪري سنڌي ادب کي هرپاسي کان سگهارو بڻايو. مرزا صاحب جي وڏي ۾ وڏي خوبي اِها هئي ته هُن هڪ ئي وقت، نوجوانن لاءِ، ٻارڙن لاءِ، عورتن لاءِ ۽ سماجي توڙي اقتصادي حوالن سان سنڌي ماڻهن کي (Update) ڪرڻ لاءِ، عربي، فارسي، هندي ۽ انگريزي ادب کي سٻاجهي سنڌي ٻوليءَ جو ويس ڍڪائي عام ماڻهن تائين عام ڪيو ۽ ٻاهرئين ادب کي اهڙي ته نج سنڌي انداز سان پيش ڪيائين، جو اُن مان اوپرائپ جو احساس ختم ٿي ويو. نتيجي ۾ علمي ۽ ادبي ساڃاه رکندڙ ماڻهن اِنهيءَ سموري مواد کي جلدي ’پنهنجو‘ بڻايو ۽ مڪمل فيض حاصل ڪيو ۽ پوءِ اُن جا نفسياتي اثر اِهي ظاهر ٿيا ته سنڌي ادب نئين دور جي تقاضائن موجب سرجڻ لڳو، جنهن جو تسلسل اڄ جي پيڙهيءَ تائين هلندو اچي ٿو.

مرزا قليچ بيگ جي وڏي ۾ وڏي خوبي اِها آهي ته هُن، هِن وقت تائين جيڪي ڪتاب تخليق ڪيا آهن، اُهي سڀيئي ڪتاب موضوعن ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان انوکا آهن ۽ مواد جي لحاط کان اڄ به نڪور ٿا لڳن. اُنهن جو تعداد محدود ناهي، پر ججهو آهي. يقيناً ايترا ڪتاب اڄ جي هن جديد ترقي يافته دور ۾ به ڪنهن تخليق ڪو نه ڪيا آهن. سندس اها خاص خوبي آهي، جيڪا ڪنهن به ٻئي اديب جي حصي ۾ ڪانه آئي آهي.

1853ع ۾ پيدا ٿيندڙ هي عظيم ۽ ناميارو اديب پنهنجي خاندان لاءِ ته روشن راهن ۽ معتبر منزلن جو خالق بڻيو، پر عظمت سان ڀرپور سندس ڪردار، اڳتي هلي سڄيءَ سنڌ کي پنهنجي علم ۽ ادب جي نه وسامندڙ لاٽ سان روشن رکيو. نتيجي ۾ ادبي سفر جا اسين سڀ پانڌيئڙا پنهنجن اونداهن رستن تي اڄ به مرزا قليچ بيگ کي ئي پنهنجو سونهون سمجهون ٿا.

مرزا قليچ بيگ نه صرف هڪ اديب ۽ محقق هو، پر هُو هن صديءَ جو وڏو عالم به هو. هن کي سائنس، سماجيات، اقتصاديات، ايناٽامي، فزالاجي، آسٽرالاجي ۽ فطرت جي ٻين کوڙ سارن علمن جي ڄاڻ هئي، جن جي بنيادن تي هن پنهنجن ننڍن توڙي وڏن ڪتابن ۾ اُن دور توڙي هر دور جي ماڻهن لاءِ بلندين ڏانهن پرواز جا رستا کولي ڇڏيا. اِن سلسلي ۾ هن فطرت جي ڪيترن ئي رازن تان پڙدو کنيو، جن جو بنياد علمي ۽ منطقي هو ۽ ساڍا چار سؤ کان به وڌيڪ ننڍا وڏا ڪتاب لکي سنڌي ادب تي دائمي احسان ڪيو. مرزا صاحب جا اڃا تائين ڪيترائي اڻ ڇپيل مسودا موجود آهن. اُهي جيڪڏهن مرزا صاحب جي پونئيرن کان وٺي ڇپرائبا ته ڄڻ هڪ عظيم تاريخي هستيءَ جو لڪل خزانو منظر عام تي اچي ويندو ۽ گڏوگڏ هڪ عظيم هستيءَ جي خواب کي حقيقت جو روپ به ملي پوندو ۽ اِن ۾ ڪو شڪ ناهي ته عام ماڻهو فطرتي رازن کي پروڙي لاڀ حاصل ڪندا. تازو اِن سلسلي ۾ هڪ فوٽو ڪاپي وارو مسودو پڙهڻ جو موقعو نصيب ٿيو. ڪتابڙي جو عنوان هو: ”پُٽ ڄڻڻ پنهنجي وس ۾.“ ڪتاب 1912ع ۾ لکيل آهي، پر جي اِهو ڪتاب اڄ جي هن ايڪويهين صديءَ ۾ پڙهجي ٿو ته هي ڪتاب اڄ به نئون ٿو لڳي؛ وڏي ڳالهه ته فطري ۽ سائنسي ٿو لڳي، ڇو ته هن ڪتاب کي پڙهڻ کانپوءِ مون کي ۽ منهنجن ڪيترن ئي دوستن کي پُٽ جو اولاد پيدا ٿيو! (اِها هڪ حقيقت آهي).

اِهو مسودو ۽ اُن کان علاوه ٻيا به ڪيترائي علمي ادبي ۽ سائنسي رنگ ۾ رڱيل مسودا اڄ به ”باب قليچ“ ۾ موجود آهن. جن مان سنڌ واسين کي ڀرپور نموني ۾ فيض حاصل ڪرڻ گهرجي، ڇو ته هن وقت تائين اِن قسم جو علم ڪٻٽن جي زينت بڻيل آهي. علم جي ڄاڻ جو اِهو سگهارو فطري پاسو خبر ناهي ته ڇو مبهم آهي! اسان سڀيئي مرزا صاحب جا وارث آهيون ۽ اِهي سمورا علمي ۽ ادبي ذخيرا پاڻ عام ڪرڻ لاءِ لکيائون، ته جيئن علم، عقل ۽ دانش جو عام ڦهلاءُ ٿي سگهي، ڇو ته هُو پنهنجي طويل تاريخي پسمنظر ۾ هڪ ”کُليل ڪتاب“ ٿو لڳي.

مرزا صاحب تي روايتي جملن، روايتي مضمونن ۽ دستوري مقالن جي ضرورت کي ڀل اهم سمجهيو وڃي، پر اِها به هڪ حقيقت آهي ته مرزا صاحب جي هيڏي ساري ڪم جي حوالي سان هن تي ڪو جامع قسم جو ڪم اڃا ڪو نه ٿيو آهي. مرزا صاحب تي تحقيق ٿيڻ گهرجي. اُها تحقيق گهڻ رخي هجي ۽ گڏوگڏ مرزا صاحب جو سمورو مواد منظر عام تي اچڻ گهرجي. اِها وقت جي اهم ضرورت آهي، ڇو ته هو نه صرف ٻاراڻي ادب ۽ عورتن جي ادب جو خالق هو پر هن جي وڏي ۾ وڏي خوبي اِها به آهي ته هو مردن جي مسئلن ۽ اُنهن جي نفسياتي ۽ فطري پهلوئن ۽ اُن جي جوڙجڪ تي سٺو اڀياس رکندڙ هڪ محترم عالم ۽ اڪابر هو، جنهن سنڌي ادب کي نوان نوان موضوع ڏئي شاهوڪار ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻين ڪيترن ئي سماجي ۽ نفسياتي مسئلن تي ڪاميابي سان علم جا جوهر ڏيکاريا.

اِها هڪ کليل حقيقت آهي ته هندو اديبن جو سنڌ جي بنيادي ادب تي سگهارو ۽ دائمير اثر رهيو آهي، پر مرزا صاحب پنهنجي خداداد صلاحيتن جي ڪري اُنهن سڀني کان گوءِ کڻي ويو آهي. کانئس اڳ جيڪي اديب ۽ عالم موجود هئا، اُنهن ۾ ديوان ننديرام، ديوان اُڌارام ۽ ڪيولرام جهڙيون سگهاريون شخصيتون هيون، پر مرزا صاحب جو قلم ڪڏهن به مذهب جي بنياد تي اختلافي رخن ڏانهن کڄيو. نتيجي ۾ هڪ بهتر، متوازن ۽ سڀني لاءِ قابل قبول ادب جو بنياد پيو، جنهن جو ڦل اسان اڄ به کائون پيا.

مرزا صاحب جي ٻي اهم خوبي اِها به هئي ته هن سان هندو به ايتري ئي محبت ڪندا هئا، جيتري پنهنجا. ان جو وڏي ۾ وڏو ثبوت اهو آهي ته هن جا ڪيترائي ڪتاب هندو پڙهندا به هئا ته ڇپرائيندا به هئا، ڇو ته مرزا صاحب جي علم ۽ ادب جو بنياد ”ماڻهپي“ تي ٻڌل هو.

مرزا صاحب جون کوڙ ادبي توڙي علمي خدمتون آهن. مرزا صاحب بنيادي طور تي پنهنجي ڏاڏاڻي شجري جي حوالي سان جارجيا جو هو، انڪري هن تاريخ تي جڏهن قدم کنيو ته پنهنجي تاريخي تسلسل ۾ جارجيا کي نه وساريو آهي، اُن تي هڪ ڪتاب ۾ تاريخي جائزو پيش ڪيو اٿس، اُن سان گڏوگڏ سنڌ جي تاريخ، ڀٽائيءَ جو اڀياس ۽ اسلامي تاريخ، ايران ۽ چين جو تاريخي ۽ جاگرافي پسمنظر ۽ سنڌ جي اهم ماڳن مڪانن جو ذڪر ڪري هن هر دؤر جي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ سڄي عالم جو علم ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مرزا صاحب جو اِهو سمورو مواد اڄ به ڄڻ نڪور ٿو لڳي ۽ تحقيق ۽ جستجو ڪندڙن لاءِ اڄ به سندس ڪتاب رفرنس طور ڪم اچن ٿا.

مرزا صاحب روينيو کاتي ۾ هجڻ جي ڪري ڪڏهن به ڪنهن هڪ جاءِ تي نه ٽڪيو، پر هن انتهائي ويجهڙائي کان مختلف سنڌي ماڻهن، ماڳن مڪانن ۽ تاريخي جاين جو باريڪ بينيءَ سان جائزو ورتو. لاڙڪاڻي ۾ ه رهيو. لاڙڪاڻي ۾ هوندي هن تاريخي حوالن سان ڏاڙهياري جبل جي هڪ تاريخ لکي، اڻ سڌي طرح سان ڄڻ مستقبل جي تفريح گاهه طور منزل جي نشاندهي ڪري ڇڏي هئي، پر افسوس ته مرزا صاحب جو اِهو خواب اڃا حقيقت جو روپ وٺي نه سگهيو آهي. سنڌ جي تاريخ ماڳن مڪانن سان مرزا صاحب کي عشق هو. لاڙڪاڻي ۾ نوڪريءَ جي دوران هن کيرٿر جبل تي، خاص ڪري ”ڪُتي جي قبر“ تي، هڪ تفريح گاهه جي پيڙهه جو پٿر رکيو هو. اِهوئي اُهو پٿر آهي جيڪو مستقبل جو هڪ خواب آهي، ڇو ته اُن پٿر تي سنڌ صوبي (لاڙڪاڻي) جي حد جُڙي ٿي ۽ اُن پٿر کان هُن پاسي بلوچستان جي حد شروع ٿئي ٿي. ڏاڙهياري جبل تي سنڌي لکت وارو مرزا صاحب جو لڳايل اُهو پٿر سندس سنڌ سان محبت جو کليل ثبوت آهي.

اِنهن اهم ڪمن کان علاوه مذهبي حوالن سان به مرزا صاحب جو ڏاڍو سگهارو ڪم ٿيل آهي. هن سنڌي ماڻهن جي روايتي مزاج مطابق سندن مذهبي روين جي اپٽار ڏاڍي سلجهيل ۽ سادي انداز ۾ ڪئي آهي. مرزا صاحب مذهبي موضوعن تي تقريبن چاليهارو کن ڪتاب لکي ڪيترن ئي اهم عنوانن کي عام جي ڀلي ۽ بهتر ڄاڻ ڏيڻ جي مقصد سان پڌرا ڪيا، جن جا يقينن ڏاڍا سٺا اثر ظاهر ٿيا ۽ عام ماڻهو مذهبي ۽ ديني علم جي آکاڻين ۽ قصن جي وسيلي ڏاڍو سولائي سان ڄاڻ حاصل ڪندا رهيا. اُنهن ئي بنيادن تي پوءِ اڳتي هلي، ٻين اهل علم حضرات ڄاڻ جو هڪ نئون گس جوڙيو، جيڪو انساني قدرن کي بهتر سماج جي جوڙجڪ ڏانهن هڪ عظيم قدم طور ڄاتو وڃي ٿو.

مرزا صاحب پهلودار ليکڪ هو. ڪهاڻي هجي، ڊرامو هجي، شاعري هجي، مضمون نگاري هجي، هن هر صنف تي ايمانداري سان طبع آزمائي ڪئي. هو جيڪڏهن پنهنجي وجود مان ادب تخليق ڪري ٿو ته پوءِ به هن جي لفظن ۾ بلا جي معنى مقصد ۽ دل ۾ پيهجي ويندڙ معنويت آهي. هو ڀلي شيڪسپيئر کي ترجمو ڪري يا لارڊ بيڪن کي ترجمو ڪري، يا ”زينت“ جهڙو ناول لکي، پر هن جي ٻولي ڪڏهن به پرديسي نه لڳندي، پر اُن ۾ ”پنهنجائپ“ جي مٺاس ۽ چاشني ضرور محسوس ٿيندي، ڇو ته قلم کي جنبش، معنى ۽ مفهوم ڏيڻ وارو مرزا صاحب آهي، جيڪو هڪ ئي وقت انگريزي، فارسي، عربي ۽ هندي ٻوليءَ کي پنهنجي ”سنڌي رنگ“ ۾ ڪنهن نيروليءَ جر رنگن جيان خوبصورتي ڏئي ٿو، ڇو ته اهڙي قسم جي رنگين ۾ ڏاڍي سادگي سمايل آهي. جيڪي مرزا صاحب جي تحريرن کي حقيقي طور دوام بخشين ٿا، نه صرف دوام بخشين ٿا، پر ٻوليءَ جي ادبي ضخامت ۾ به اضافو ڪن ٿا، ڇو ته ان قسم جو ادب ئي سنڌي ادب جي اوسر ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهيو آهي ۽ اُن جو بنيادي ڪارڻ به بڻيو آهي.

مرزا صاحب جي کاتي (Credit) ۾ اهو ڳاڻيٽو به شامل ٿئي ٿو ته هن 1880ع ۾ پهريون سنڌي ڊرامو ”ليلى مجنون“ لکيو، جيڪو هنديءَ مان ترجمو ڪيائين. هن ڊرامي جو بنياد راڳن ۽ شاعري تي رکيل هو. هن منظوم ڊرامي کي ان دور جي تقاضائن مطابق روايتي انداز سان نڀايو هو، جيڪو اهميت جوڳو آهي. هن ڊرامي جي Presentation نج سنڌي رنگ ۾ هئي.

شاعري ۽ موسيقيءَ جي ڄاڻ وارن لاءِ هي ڊرامو ڏاڍو دلچسپ هو. اُن کانپوءِ هن هڪ ٻيو ڊرامو ”خورشيد“ ترجمو ڪيو، جنهن کي به ڏاڍي مهارت سان سنڌي سماج ۽ ٻوليءَ جو ويس ڍڪايائين.

مرزا صاحب سنڌي ڊرامن ۾ هڪ نئون روح ڦوڪيو. نئين ادبي، اصلاحي ۽ عوامي انداز جي فنون لطيفه واري دور جي ابتدا ڪئي، جنهن اڳتي هلي سنڌي ڊرامي کي هڪ نئون ڍنگ ڏنو ۽ نئون روپ بخشيو. مطلب ته مرزا صاحب پنهنجي دور ۾ مطالعي هيٺ آيل هر فڪر کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڇو ته هر قسم جي تعليمي، مذهبي ۽ ادبي ڄاڻ کي عام ڪرڻ ۾ مرزا صاحب جو ڪردار اهم ڄاتو وڃي ٿو ۽ اِن قسم جي ادبي جاکوڙ اڳتي هلي نئون روپ ورتو ۽ نئين ادبي اصلاح ۽ عوامي رنگ جي ابتدا ڪئي.

هن ”شڪنتلا“، ”انڪوائري آفيسر“، ”حسنا دلدار“، ”شاهه ايليا“ ۽ ٻيا ڪيترائي مشهور ڊراما ترجمو ڪري منظر عام تي آندا، جن جا دور رس اثر ظاهر ٿيا ۽ پوءِ جڳ ڏٺو ته هن اڳتي هلي پنهنجا اصلوڪي ٻوليءَ ۾ به ڊراما لکيا، جن ادب جي هن اهم صنف کي مانائتي مڃتا بخشي، جهڙوڪ ”لوڀي ۽ ٺوڳي“، ”نيم حڪيم خطره جان“، ”شيخ چلي“، ”بڪاولي“، وغيره.

هاڻي اِنهن سمورن حوالن کانپوءِ جڏهن اسين پنهنجن موجوده ادب کي ڏسون ٿا ته ٻه سؤ سالن کانپوءِ به تحقيق، تنقيد ۽ ادب جي ترويج لاءِ ڪا وڏي جاکوڙ ڪانه ٿي آهي ۽ نه ئي ڳاڻاٽي ۾ ايندڙ ڪا شيءِ ڏيئي سگهيا آهيون، جڏهن ته اسان وٽ ميڊيا سان گڏ ادب جا وسيلا به ڏاڍا سگهارا آهن.

مرزا صاحب جي دور ۾ سندس سنڌ جي لاءِ تاريخ ساز خدمتن جو جائزو وٺجي ٿو ته هن جو هر پاسو ڀاري لڳي ٿو. مرزا صاحب تاريخ جو ڪو به اهڙو پاسو ناهي ڇڏيو، جنهن تي هن قلم نه کنيو هجي. هن جي علمي ۽ ادبي ڪيريئر کي ڏسجي ٿو ته هو هڪ ”تاريخ ساز شخصيت“ طور اُڀري اچي ٿو. اُها شخصيت، جيڪا صدين کانپوءِ پيدا ٿيندي آهي، مرزا صاحب 3- جولاءِ 1929ع تي اسان کان جدا ٿي ويو، پر هڪ منفرد ”مڪتبِ فڪر“ (School of Thought) جي پيڙهه جو جيڪو پٿر رکي ويو آهي. اُهو علمي حلقن کان وسري نٿو سگهي.

مهذب قومون پنهنجن محسنن کي سندن ڪم ۽ ڪردار جي ڪري ياد ڪنديون آهن ۽ تاريخ جي پيچرن تي سندن قدمن جا نقش ڳولينديون آهن ته جيئن اُن ساڳئي سفر دوران مسافرن لاءِ پيچرا، گس ۽ منزلون آسان ٿي پون.

فهيم نوناري

روشن ضمير قليچ بيگ

توڙي جو قليچ جا اڪابر ۽ ڏاها وڏڙا ايران ۽ ترڪي کان به اڳتي ”جارجيا“ (گرجستان جا رهاڪو هئا، پر اِها سندس جنم ڀومي سنڌ جي مٽي جي زرخيزي ئي آهي جو سندس وجود جي مٽيءَ ۾ مثالي شعور، اڻٿڪ جدوجهد ۽ پاڻ کي ڪنهن عظيم مقصد لاءِ ارپڻ جا جُزا غير معمولي طور شامل هئا.

قليچ سکئي ستابي گهر ۾ پيدا ٿيو ۽ سٺن اُستادن جي نگراني ۾ سکي وڏو ٿيو. علمي لحاظ کان هڪ اَهڙو گهاٽو ۽ چهچ سائو درخت بڻيو، جنهن جي ڇانوَ ۾ هزارين راهه رليل ادبي مسافر اچي آرامي ٿيندا هئا. علم ۽ تعليم جي لحاظ کان قليچ واقعي هڪ تناور درخت ثابت ٿيو، جنهن مُني صدي سنڌ کي ادبي سُڪون ۽ ساءُ بخشيو. 457 ڪتاب لکڻ هڪ انتهائي غير معمولي ڪارنامو آهي ۽ ڪنهن وڏي ضابطي واري دلير ۽ داناءُ انسان جو ڪم آهي. قليچ جي اندر جي باشعور ضمير هن کي ڪڏهن به آرام ڪرڻ نه ڏنو، اهوئي سبب آهي جو هو راتين جا اوجاڳا ڪري ۽ ڏينهن جا آرام قربان ڪري پنهنجا مشاهدا، تجربا، ڏاهپ ۽ حڪمت جا نُڪتا پنهنجي ديس واسين کي آڇڻ لاءِ مسلسل لکندو رهيو. نه صرف پنهنجي ڏات جا ذاتي هيرا ۽ جواهر، بلڪه پرڏيهه جي ڏاهن جي ماڻڪن کي ترجمو ڪري ”موتين جون دٻليون“ پيش ڪندو رهيو. قليچ پنهنجي آتم ڪهاڻي ”سائو پن يا ڪارو پنو“ ۾ اهو ڄاڻائي ٿو ته ”مون نه رڳو راتين جي پر هلندي ڦرندي ۽ سفر ڪندي به لکيو آهي.“ سچ پچ ته قليچ ڪمال جو انسان هو!

قليچ اهڙي دور ۾ پيدا ٿيو، جنهن کي غير يقيني ۽ مُنجهيل دور چئي سگهجي ٿو. هند ۽ سنڌ جي علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي صورتحال ٻڏتر جو شڪار هئي. اهو دور انگريز بهادر وارو دور هو. اُن زماني ۾ سنڌ ۽ سنڌي ادب کي ٻيءَ دنيا وانگر ادبي، سائنسي، تعليمي ۽ فني دنيا ۾ اڳتي وڌڻو هو. سنڌ کي هڪ نئينءَ سڃاڻپ سان متعارف ڪرائڻو هو ۽ سنڌين کي علم، آگهي ۽ شعور جي زيور سان آراسته ڪرڻو هو. اهڙي اهم گهرجائو دور ۾ قليچ ڪهاڻي، ناٽڪ، ناول، ڊائري، روزنامچي، نثر ۽ شاعريءَ سميت فڪر ۽ فلسفي کي مختلف ٻولين مان ترجمو ڪري سنڌي ٻوليءَ کي مالامال ڪيو. يقيناً اهو هڪ وڏو ڪارنامو هو.

قليچ ٻاهرئين دنيا مان علمي موتي ماڻڪ ۽ ادبي لعل ياقوت ميڙي سنڌي ادب کي وڏي جِلا ۽ جوت بخشي، جن مان عمر خيام جو ”رباعيون“ ڏاڍيون مشهور آهن، اُنهيءَ کانسواءِ شيڪسپيئر جا ناٽڪ ۽ بيڪن جي مضمونن کي مقالات الحڪمت“ جي نالي سان آندائين.

قليچ جي نظر سنڌ جي مڙني پهلوئن تي هئي. هُن سماج اندر ڏاڍ ۽ جبر ڪندڙ قوتن کي چڱي طرح سمجهيو. هُن ڄاتو ٿي ته فقط ”علم“ سان ئي سنڌ جو ڇوٽڪارو ٿي سگهندو ۽ ”ادب“ سان ئي وطن مالامال ٿي ترقي حاصل ڪري سگهندو. وطن جي تقدير بدلائڻ لاءِ هُن اِهو لازمي سمجهيو ته ”تعليم“ ۽ شعور ئي اول ۽ آخر شرط آهن، تنهن لاءِ هن ڏينهن رات هڪ ڪري، ڪتاب لکي، علم جا انبار لڳائي ڇڏيا. سچ ته قليچ هروجمہ هڪ نهايت ساڃهه وند ۽ ”روشن ضمير“ سنڌي سپوت هو، جنهن تي بجا طور تي اسان جا ايندڙ نسل به ناز ڪندا.

خليل الرحمان شيخ

مرزا قليچ بيگ – سنڌي ادب جو محسن

سنڌ جي خمير مان جن سپوتن جنم وٺي پنهنجي غير معمولي محنت، اورچائي، همت، مستقل مزاجي ۽ ذهانت سان وقت جي رفتار کي پنهنجن هٿن ۾ قابو ڪيو. اهڙن عظيم ۽ مثالي انسانن مان مرزا قليچ بيگ صاحب هڪ هو.

مرزا صاحب هن دنيا ۾ اُن وقت پنهنجو پهريون ساهه کنيو، جڏهن ٽالپرن جي دؤر جي خاتمي کانپوءِ برطانوي جهنڊو سنڌ مٿان ڦڙڪي رهيو هو. اُن وقت سنڌي ادب جو دامن خالي هو. ماشاء الله شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ ٻين صوفي شاعرن جو فڪر ۽ پيغام ته هو، پر سنڌي نثر بلڪل پوئتي پيل ته ڇا، پر نه هجڻ جي برابر هو. سڀاڳي مرزا صاحب جي اک کولڻ سان سنڌي ادب جي ترقيءَ جا دروازا کُليا. اُن ئي سال، يعني 1853ع ۾، سنڌ جي موجوده رسم الخط سرڪاري طرح منظور ٿي.

مرزا صاحب نثر توڙي نظم جي مڙني صنفن ۾ پنهنجي قلم جا جوهر ڏيکاريا. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ ۾ نهايت والهانه ڪيفيت ۾ لکي ٿو ته، ”هُو سنڌي ادب جي نشيلي نار جي نڪ جي نٿ آهي.“ مرزا صاحب جي محنت ۽ پنهنجي جذبي سان سچائيءَ جو چٽو ثبوت ان امر مان ملي ٿو ته پاڻ هڪ ئي وقت ٽي ٽي ڪتاب گڏ لکندا هئا. هڪ ميز تي ڪم ڪرڻ ٿڪجي وڃڻ جي صورت ۾ وري ٻيءَ ميز تي ويهي ڪم ڪندا هئا. کين يقيني احساس هو ته سنڌي ادب کي ترقي ڏيڻ لاءِ جيڪو ڪم ڪرڻو هو، اُن لاءِ عام انساني عمر گهٽ هئي، تنهن ڪري هڪ عمر ۾ ”چئن انسانن“ جي ڄمار جو ڪم ڪرڻ شروع ڪيائون. سندس قلم جي رفتار کي هن جي همعصرن مان ڪو به پهچي نه سگهيو ۽ ڪي گَهرا دوست حُجت مان کيس ”ڪتابن جوڙڻ جي ڪَل“ ڪوٺيندا هئس. نثر جي جن صنفن ۾ مرزا صاحب پاڻ ملهايو، اُنهن ۾ آتم ڪٿا، نباتات، مذهب، اخلاقيات، فلسفو، تاريخ، تحقيق ۽ ٻاراڻو ادب وغيره آهن. روايتن مطابق مرزا صاحب ساڍا چار سؤ کان به وڌيڪ ڪتاب لکيا، جن مان ڪجهه ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته باقي گهڻا ڪتاب اڃا قلمي نسخن جي صورت ۾ اشاعت لاءِ منتظر آهن.

مرزا صاحب نثر سان گڏ شاعريءَ ۾ به واهڙ وهائي ڇڏيا. سندن اڪثر شاعري غزل جي صنف تي مشتمل آهي، سندن متعدد مجموعن مان ”ديوان قليچ“ کي اهميت حاصل آهي.

جيڪڏهن حقيقت جي نظر سان پرک ڪريون ته اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته مرزا صاحب سنڌي ادب کي جيڪو عروج بخشيو، ان جي موٽ ۾ اسان جي طرفان هن عظيم انسان جي مڃتا ۾ ورتل ڪوششون ايڏيون ڳڻپ جوڳيون ڪو نه  آهن. سنڌي ادبي بورڊ کي جس هجي، جنهن پنهنجي محدود وسيلن هوندي به وس آهر مرزا صاحب جا ڪتاب عام پڙهندڙ لاءِ پڌرا ڪيا آهن، جن جو تعداد پنجاهه کن آهي، پر اِن سلسلي ۾ سنڌ جي سڀني علمي ۽ اشاعتي ادارن کي وک وڌائڻي پوندي ۽ پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو آهي. ان کان علاوه سنڌ جي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ ”قليچ چيئر“ قائم ڪرڻ جي ضرورت کي به نظرانداز ڪري نٿو سگهجي ۽ اُن وسيلي اسان پنهنجي هن مهان اديب جي پورهئي کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ ۽ شايع ڪرڻ جي ذميواري نڀائي سگهنداسين.

چاچا محمد علي لغاري

قومي رهنما- ”قليچ“

سنڌ ڌرتيءَ تي اهڙا تمام ٿورا، بنهه آڱرين تي ڳڻڻ جيترا اَملهه انسان پيدا ٿيا آهن، جن پنهنجي بي مثل سچائي، پُخته ڪمٽمينٽ، اڻٿڪ محنت، اعلى ڪردار ۽ مضبوط اصولن جي بنيادن تي پنهنجي جيئري ئي مڃتا ماڻي عزت ڀري پذيرائي حاصل ڪئي ۽ مرڻ کانپوءِ سندن ڇڏيل قومي فڪر يا اثاثو، ايندڙ نسلن جي لاءِ لاڳيتو رهنمائي جو ذريعو ثابت ٿيو هجي. شمس العلماء مرزا قليچ بيگ به انهن مثالي ماڻهن مان هڪ هو.

مرزا صاحب پنهنجي خداداد صلاحيتن۽ حيرت انگيز محنتن وسيلي زندگي ۾ ايتري ته شهرت ماڻي، جو هر طرف کان داد، شاباس ۽ آفرين نه رڳو عام ماڻهن کان حاصل ٿيس، پر معاشري جي هر مڪتبهء فڪر، همعصرن، قداور شخصيتن ۽ اهل علم ماڻهن کان به مرزا صاحب کي وقتاً بوقتاً تعريفي خط ملندا رهيا. اُن وقت جي ڪافي اخبارن ۽ ادارن کيس تحسين جو خراج پيش ڪيو. ماڻهن جي ميڙاڪن ۽ ذاتي ڪچهرين ۾ پڻ مرزا صاحب کي تمام گهڻو ساراهيو ويو.

مرزا صاحب نه رڳو نوڪري کي فرض سمجهي پنهنجين سمورين ذميوارين کي پوري ايمانداري سان نباهيندو رهيو، پر پنهنجين شخصي گهريلو ذميوارين کي پڻ خاطر خواه انداز سان نباهيو، جيئن هڪ مهذب انسان يا شريف شهري کي نباهڻ گهرجي. مرزا صاحب کي جيترو پنهنجي گهر ۽ ٻارن جو فڪر، اون ۽ الڪو هوندو هو، اوترو ئي مرزا صاحب جو پاڙي پتي، ڀاءُ برادري ۽ راڄ ڀاڳ سان سٺو ورتاءُ هو ۽ اُن کان به وڌيڪ کيس ”سنڌي قوم“ کي شعور ڏيڻ جي لوڇ هئي. اُن عظيم آدرش جي ڪري ئي مرزا صاحب لاتعداد ڪتاب لکيا، ناول لکيا، ڊراما لکيا، مختلف ڪتابنجا ترجما ڪيائين، ٻارن لاءِ لکيائين، عورتن لاءِ لکيائين، مستند ۽ معتبر مذهبي ڪتابن جا سنڌي ۾ ترجما ڪيائين، جن ۾ توريت ۽ انجيل به ڳڻائي سگهن ٿا.

مرزا صاحب سنڌي ٻولي سان گڏ انگريزي، فارسي، اردو ۽ ترڪي ٻولين ۾ به شاعري ڪئي ۽ اُنهن مان ڪافي شعر اُن وقت جي اخبارن خصوصاً انگيرزي اخبارن ۾ ڇپيا.

مرزا صاحب هڪ اندازي مطابق چار سؤ کان به وڌيڪ ڪتاب لکيا، جن مان گهڻا اڃا اڻ ڇپيل آهن، اوائلي زماني وارا لکيل ڪتاب ماستر پوڪرداس شڪارپور واري ۽ ماستر هري سنگهه سکر واري ڇپايا، ڪجهه الحق پريس سکر ۽ وڪٽوريا پرنٽنگ پريس سکر ۽ بعد ۾ قيصريه پريس، اسٽينڊرڊ پرنٽنگ ورڪس ۽ پريميئر پرنٽنگ پريس حيدرآباد ۾ ڇپيا ۽ ٻيا ڪي انگريز سرڪار پاڻ ڪمشنر پريس يا ٻين پريسن مان ڇپايا ۽ ڪي ڪتاب ته وري لاهور ۾ به ڇپيا هئا.

مرزا صاحب جي لکڻين ۽ شاعري منجهان اندازو ٿئي ٿو ته مرزا صاحب تي تصوف ۽ صوفي استادن جو اثر گهڻو رهيو آهي. مولانا رومي، مولوي عبدالرحمان جامي ۽ شيخ فريد الدين عطار ڄڻ سندس دل کي قريب آهن.

عام طرح ڏٺو ويو آهي ته اهڙا سنڌي ماڻهو ٿورا آهن، جيڪي ان قسمجي محسسنن کي ياد ڪندا آهن، اُنهن جي لکڻين جو قدر ڪندا آهن ۽ اُنهن کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، نه ته هر ڪنهن کي رڳو پنهنجو فڪر لڳل هوندو آهي ۽ رڳو پنهنجي اون هوندي اٿن ته اسان ڪيئن ڪامياب وڃون. اسان جي ڪيئن ساراهه ٿئي  اسان جي مفاد جو ڪيئن تحفظ ٿئي. هونئن به اڪثر ڪري اسان سنڌي پنهنجي ڪڙم جا ويري ثابت ٿيا آهيون. ڪنهن به ڌڪاڻل قوم کان محسن ڪشي ۾ پوئتي پيل ڪو نه آهيون. دنيا جون سجاڳ ۽ سرفراز قومون پنهنجي اسلاف صالحين جي ڪارنامن کي ڪڏهن به ضايع ٿيڻ نه ڏينديون آهن، بلڪه اهڙن ڪارنامن تي هميشہ فخر ۽ ناز ڪنديون آهن، اُنهن جي ڄمڻ توڙي مرڻ جا ڏينهن وڏي ڌوم ڌام ۽ ادب احترام سان ملهايئنديون آهن. ائين ڪرڻ سان ٻه وڏا مطلب حاصل ٿيندا آهن: هڪڙو پنهنجن وڏن يا بزرگن جي ڪارنامن کي پنهنجي قوم توڙي سڄي دنيا جي آڏو دهرائي، اُنهن جي نيڪ نالي قائم رکڻ ۽ سندن شايان شان طريقي سان قدرداني ڪرڻ ۽ شڪر گذاري بجا آڻڻ ۽ ٻيو پنهنجي قوم جي هر فرد کي ۽ ايندڙ نسلن کي مهميز ڏياري بيدار ڪرڻ ۽ منجهن نئون روح ۽ نئون جوش ڦوڪڻ ته جيئن اُن جو هر فرد، پنهنجي اسلاف صالحين جي نقش قدم تي هلي، پنهنجو ۽ پنهنجي قوم جو نالو روشن ڪري ۽ دنيا ۾ ناموس وڌائي. انگريزي زبان جي مشهور شاعر لانگ فيلو کي مرزا صاحب ڪهڙي نه اثرائتي انداز سان سنڌيءَ ۾ آندو آهي:

ڇڏي جي نامور ويا پنهنجو نالو،

ڪريون تن جا اسين پڻ اڄ ڪشالو.

وٺون موٽي جڏهن رستو رباني،

ڇڏيون ڪا پاڻ پوين لاءِ نشاني.

ته من ڪو رهگذر اُن ڏي نهاري،

لنگهي هن رُڃ منجهان پهچي ڪناري.

ڏٺو وڃي ته هر ماڻهوءَ کي ’وڏو ماڻهو‘ ٿيڻ جي تانگهه۽ لالچ کنيو بيٺي هوندي آهي. هو هر وقت چاهي ٿو ته اهڙو ڪو عمل ڪريان جو رات ڀيٽ ۾ سڀ ماڻهو مون کي ”وڏي ۾ وڏو ماڻهو“ قبول ڪرڻ شروع ڪري ڏين. پر مرزا صاحب جي راءِ آهي ته وڏو ماڻهو اُهو آهي، جنهن ۾ تمام گهڻو ماڻهپو هجي، جنهن ماڻهو ۾ ماڻهپو ڪونهي، تنهن کي فقط ماڻهو سڏڻ به غلط آهي. وڏ- ماڻهپائي ته پري ٿي، اصل ۾ انسان اُهو آهي، جنهن ۾ انسانيت هجي، نه ته اُهو فقط هڪ عام ساهه وارو يا ٻه پيرو جانور آهي. اُهو ماڻهپو يا اُها انسانيت ڇا آهي؟ اُها فضيلت ۽ لياقت آهي، جيڪا انسان جي ذاتي خاصيت آهي. ڪهڙي به وڏي اصل نسل جو ماڻهو دعويدار هجي، پر جيڪڏهن اُنهيءَ ۾ ذاتي انساني فضيلت ۽ لياقت نه هوندي ته اُنهيءَ کي وڏو ماڻهو نه چئبو.

مرزا صاحب پنهنجي متعلق هر شيءِ محفوظ ڪندي هر هڪ شيءِ کي سهيڙيو اٿس، جيڪي پاڻ لکيو اٿائين يا جيڪي ڪجهه سندس متعلق رايا يا تبصرا لکيا ويا، يا جيڪي مرزا صاحب متعلق اخبارن ۾ آيو يا هن کي جيڪي خط لکيا ويا. سي سڀ جمع ڪيا آهن. حيراني آهي ته مرزا صاحب 1914ع کان وٺي باضابطه طور تي، بنا ڪنهن ناغي جي، پنهنجي ڊائير يا روزنامچو لکيو آهي ۽ ان کي به ڪتابي شڪل ۾ آندو اٿس. مرزا صاحب پنهنجون عادتون، خواهشون، خيال ۽ رايا پيرائتا لکت ۾ ڇڏي ويو آهي ته جيئن عام پڙهن ۽ سندس اولاد پڙهي ڪجهه حاصل ڪري سگهن.

اسان سنڌي ماڻهو مرزا صاحب جا نهايت ٿورائتا آهيون، جو پاڻ سنڌي قوم جي سادگي ۽ بيوسي کي سمجهندي سندس همت افزائي ۽ رهنمائي لاءِ گهڻو ڪجهه علمي اثاثو ڇڏي ويو آهي.

مرزا صاحب – هڪ نظر ۾

زندگي سان واسطو رکندڙ مکيه ڳالهين جو سالوار نقشو

1.        منهنجو ڄمڻ                             1270هه مطابق 1853ع

2.       منهنجي والد جي وفات                  1871ع

3.       هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ پرشن ٽيچر ٿيڻ                1872ع

4.       مئٽريڪيوليشن امتحان پاس ڪرڻ              1872ع

5.        بمبئيءَ جي ايلفنسٽن ڪاليج ۾ داخل ٿيڻ      1873ع

6.       منهنجي والده جي وفات 1876ع

7.       بمبئيءَ مان سخت بيمار ٿي نڪرڻ ۽ هندستان

گهمي ڳوٺ اچڻ                          1876ع

8.       ڪراچي ۾ ٻه ورهيه رهڻ ۽ هاءِ اسڪول جو

پرشن ٽيچر ٿيڻ                          1878ع

9.       مختيارڪاريءَ جو ڪم سکڻ ۽ مئجسٽيريل

امتحان پاس ڪرڻ                                1879ع.

10.   تعلقي ٽڳڙ جو مختيارڪار ٿيڻ          1880ع

11.    تعلقي ڪڪڙ جو مختيارڪار ٿيڻ               1881ع

12.   تعلقي ميهڙ جو مختيارڪار ٿيڻ        1882ع

13.   تعلقي جوهي جو مختيارڪار ٿيڻ                1884ع

14.   تعلقي وارهه يا نصيراباد جو مختيارڪار ٿيڻ     1887ع

15.    موڪل وٺڻ ۽ شادي ڪرڻ                        1888ع

16.   تعلقي گهوٽڪيءَ جو مختيارڪار ٿيڻ           1889ع

17.   تعلقي روهڙيءَ جو مختيارڪار ٿيڻ              1890ع

18.   ڊپارٽمينٽل امتحان پاس ڪرڻ                   1890ع

19.   ائڪٽنگ ڊيپوٽي ڪليڪٽر ٿي شڪارپور ۾ سٽي

مئجسٽريٽ ٿيڻ                          1891ع

20.  وري روهڙي ۾ اچڻ                               1892ع

21.   لاڙڪاڻي ۾ ڊيپوٽي ڪليڪٽر ٿيڻ              1893ع

22.  ڪراچيءَ ۾ گهر جوڙائڻ ۽ ٿرپارڪر ۾ به                1894ع

23.  سيوهڻ جو ڊيوپٽي ڪليڪٽر ٿيڻ                1895ع

24.  جيڪب آباد يا سرحد سنڌ جو ڊيپوٽي ڪليڪٽر ٿيڻ 1896ع

25.   حيدرآباد ۾ گهر جوڙائڻ                  1898ع

26.  ٿرپارڪر جو ڊيوپٽي ڪليڪٽر ٿيڻ               1898ع

27.  نوشهري فيروز جو ڊيپوٽي ڪليڪٽر ٿيڻ        1898ع

28.  حيدرآباد ۾ اوطاق جوڙائڻ                        1900ع

29.  ڪوٽڙي جو ڊيپوٽي ڪليڪٽر ٿيڻ               1901ع

30.  ٺٽي ۽ سجاول جو ڊيوپٽي ڪليڪٽر ٿيڻ                1903ع

31.   منهنجي پهرينءَ زال جي وفات                   1904ع

32.  ”قيصر هند“ جو ٻلو ملڻ                  1906ع

33.  منهنجي ٻي شادي                               1907ع

34.  منهنجي ٻيءَ زال جي وفات                      1908ع

35.   منهنجي ٽي شادي                               1909ع

36.  ڪوٽڙي ڊويزن مان فرلو موڪل وٺڻ              1909ع

37.  پينشن وٺڻ                                       1910ع

38.  منهنجي وڏي پٽ نادر بيگ جو بئريسٽر ٿيڻ   1912ع

39.  ڪراچيءَ ۾ چار مهينا وڃي رهڻ         1915ع

40.  ڪراچي ۾ وري چار مهينا رهڻ                   1920ع

41.   هيلتائين حيدرآباد ۾ رهڻ                        1923ع

(”سائو پن يا ڪارو پنو“ تان کنيل)

مرزا قليچ بيگ ۽ خلق جي خدمت!

(سندس هٿ اکر خط ۽ ان جو ترجمو)

نوٽ: شمس العلماء مرزا قليچ بيگ هڪ عالم ۽ اديب جي حيثيت ۾ جتي ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ غير معمولي خدمتون انجام ڏنيون، اتي منصبي لحاظ کان هڪ اعلى سرڪاري عملدار جي حيثيت ۾ عوام جي سک سهنج لاءِ پاڻ پتوڙيندي سندن اهنجن ۽ ايذائن تي خوب ڌيان ڌريو. جو پبلڪ سروس جي معنى ئي آهي ”عوام جي خدمت“. سندس آتم ڪهاڻي ”سائو پن يا ڪارو پنو“ ۾ سندس عدل و انصاف، غريب پروري ۽ خدمت خلق جا هونءَ ته جابجا احوال ملن ٿا، پر ”نوڪري ڪرڻ جو رستو“ جي عنوان هيٺ لکيل سندس احوال نهايت دلچسپ آهي.

هتي مرزا صاحب جو 1896ع ۾ لکيل هڪ خط ڏجي ٿو، جڏهن پاڻ جيڪب آباد جي ڊپٽي ڪليڪٽر جي حيثيت ۾ گشت دوران ڪشمور ۾ منزل انداز هئا. ان خط ۾ ڪشمور ۾ ان وقت عوام سان آزار جو دلخراش نقشو چٽيل آهي. ڪي. ايف. مرزا صاحب جي خط جي حوالي سان، جيڪب آباد جي ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر (ايڇ. سي. ميولس) اهو مسئلو تدارڪ لاءِ اڳتي سنڌ جي ڪمشنر صاحب کي اماڻڻ لاءِ جيڪو خط لکيو، اهو پڻ شامل آهي. مرزا صاحب جو اهو پيرائتو خط سندس ”خلق جي خدمت“ واري فرض ادائي جو هڪ وڻندڙ ثبوت آهي.

اصل انگريزي خط مون پنهنجي پُربهار دوست محمد صلاح الدين (رٽائر سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو سنڌ) وٽان هٿ ڪيو، جنهن کي ڳچ سال اڳ جيڪب آباد ڪليڪٽريءَ جي اولڊ ريڪارڊنگ جي کوٽائي دوران دستياب ٿيو هو. جڏهن هو ان طرف ڪمشنر هو. منهنجي استدعا تي سنڌي ۾ ترجمو ڪري ڏنائين، اِن سان گڏ اصل انگيرزي خط جو عڪس پڻ هتي شايع ڪجي ٿي، جو ان زماني جي دستور موجب مرزا صاحب جو هٿ جو لکيل آهي. (ن.ا.ش)

ڪئمپ ڪشمور

26 اپريل 1896ع

جناب والا،

ڪالهه جڏهن هن هنڌ هتي شهر جي پئنچايت مون وٽ ملڻ لاءِ آئي، تڏهن انهن رجمنٽال سپاهين جي – جيڪي هِت خزاني ۽ جيل جي حفاظت لاءِ مقرر ٿيل آهن – تن جي تپائيندڙ ۽ ڏاڍ مڙسيءَ واري هلت جي دانهن ڪئي. مون ڏٺو ته مُکي اُن موضوع تي ڳالهائڻ کان ڪيٻائي پيو ۽ گهڻي دير مدار کانپوءِ ساڻس گڏجي آيل پئنچايت جي ٻين ماڻهن لب ڪشائي ڪئي، پر آءُ اشارو سمجهي ويس. خانگي ۽ مخفي طور تي پوري پوري جاچ ڪري بعد اِهو نتيجو اخذ ڪيم ته ”هي ماڻهو“، مطلب ته رجمنٽال سپاهي، هت نه فقط هڪڙو آزار بڻجي ويا آهن ۽ هن ڳوٺ جي ماڻهن تي ظلم ٻاري ڏنو. اٿن ۽ هر ڪنهن لاءِ دهشت ۽ خوف جو سبب آهن، بلڪه هتانجي سرڪاري ڪامورن لاءِ پڻ عذاب آهن! سندن جيڪو ظالماڻو رويو منهنجي علم ۾ آيو، اُهو آڳاٽي زماني جي تمام بدڪار ڏوهارين کي به شرمائي ٿو ڇڏي. هو ماڻهن کي وحشيانه طريقي سان ڏاڍي مارڪٽ ڪن ٿا. خانگي گهرن ۾ گهڙيو وڃن ٿا. دڪانن تان جيڪا شيءِ چاهين کڻي وڃن ٿا ۽ جو دل ۾ اچي ٿو سو ڪن ٿا ۽ ڪنهن کي به همت ناهي جو انهن کي روڪي ۽ مخالفت ڪري سگهي! هو شيون پنهنجي مرضيءَ جي اگهه تي خريد ڪن ٿا. مثال طور ڪاسائي انهن کي گوشت جو سير ٻن يا ٽن آنن ۾ وڪڻڻ تي مجبور آهي، جڏهن ته هو ٻين کي چئين آني سير تي وڪڻي ٿو، ٻه ڀيرا هنن عورتون جهنگ ۾ پڪڙي ورتيون ۽ انهن سان لڄالٽ ڪيائون. هن کان اڳئين سپاهين واري دستي منجهان هڪڙو سپاهي هتان جي واڍي جي زال کي ڀڄائي ويو، جيڪا اڃا تائين پنهنجي قانوني مڙس وٽ هجڻ جي بجاءِ وٽس ناحق باندي ٿيل آهي، اُنهن منجهان ڪن زوري هڪڙي ڏهن سالن جي ڇوڪر سان غير فطري فعل ڪيو آهي، جنهن ڪري ڇوڪر کي بادفرنگ ٿي پيو آهي  اسپتال جو اسسٽنٽ ڇوڪري جو علاج ڪري رهيو آهي. هن ڳوٺ جا ماڻهو پنهنجين عورتن کي رفع حاجت لاءِ جهنگ ۾ وڃڻ لاءِ به نٿا ڇڏي سگهن ۽ عورتون گڏ ٿي جٿن جي صورت ۾ انهيءَ ضرورت جي پورائي لاءِ وڃن ٿيون. سپاهي زوري گهرن ۾ گهڙيو عورتن سان لاڳاپا قائم ڪن ٿا ۽ سندن چورين ۾ ملوث هجڻ جا واقعا به سامهون آيا آهن. ڪجهه مهينا اڳ ”پيرا“ سندن ڪوٺين يا باريڪن تائين پهچايا ويا هئا، پر مقامي پوليس انسپيڪٽر سندن ڪمرن جي تلاشي ڪو نه وٺي سگهيو هو، انهيءَ قسم جا دلخراش واقعا مون ٺُل ۾ به ٿيندي ٻڌا آهن. گذريل سال هنگامن جا واقعا پڻ ٿيا آهن. مون ٻُڌو آهي ته مسلمانن جي عيد واري ڏينهن تي بلوو/هنگامو ٿيڻ وارو هو، جڏهن ته انهن جي حوالدار کي ان ڳالهه جي خبر پئجي وئي ۽ هن بندوقون لڪائي ڇڏيون. اهي سڀيئي واقعا ڏينهن ڏٺي جو ٿين ٿا ۽ اهو به ته پوليس ۽ تعلقي آفيسرن جي ذري گهٽ روبرو ۽ اکين جي اڳيان! پوليس، روينيو، ماجسٽريل يا ڪنهن به کاتي جو ڪو به عملدار انهن سپاهين جي خلاف نڪو فرياد داخل ڪرائي ٿو ۽ نه وري ڪا شاهدي به ڏئي سگهي ٿو. رڳو ان ڪارڻ ته انهن جي خلاف ڪابه ڪارروائي عمل ۾ ڪانه ايندي ۽ اٽلندو اهي ان ڳالهه جي سبب ويتر وڌيڪ خونخوار ۽ منتقم مزاج بڻجي پوندا: حتى ڪه مختيارڪار ۽ چيف ڪانسٽيبل به انهن کان ڊڄن ٿا ۽ انهن کي ظاهري طور تي عزت ڏيڻ لاءِ مجبور آهن، جيڪڏهن هت انهن مان ڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي چوي ته مان توکي ڏسي رهندس، ته اهو ماڻهو تيستائينلاڳيتو بي آرام هوندو جيستائين ساڳئي سپاهيءَ کان اٽلندو معافي نه وٺي ۽ جيڪو ڪجهه هو چاهي ٿو، انهي ڪم جي بجاآوري نه ڪري ۽ سندس بيجا گهرج پوري نه ڪير!.

هڪڙي مسڪين حجم کي ٽيون ڏينهن انهن مار ڏني، فقط ان ڳالهه تي ته حجم هنن جي سڏ تي سندن سيرب لاهڻ لاءِ ڪو نه ويو هو. هنن سپاهين کي هتي هڪڙو ٻڪرين جو ڌڻ آهي. اهي ٻڪريون سڄو ڏينهن ماڻهن جي ٻنين ۾، باغن ۾ ۽ خانگي گهرن جي اندر ٻٻرن جي ٽارين تي آل جال چرنديون وتن ٿيون، ايتري قدر جو روڊ تي ڀڪ سان سرڪاري وڻ به انهن ٻڪرين جي آزار کان محفوظ ڪونهن، جڏهن اها ڳالهه منهنجي ڌيان تي آئي ته مون مختيارڪار کي هحڪم ڏنو ته هو وڻن جي حالت تي ڌيان ڏئي. اهي سموريون ڳالهيون خانگي طور تي سرگوشين ۾ ماڻهن جي واتان ٻڌجن ٿيون، جيڪي هنن جي ظلم هيٺ چنگهي رهيا آهن ۽ ان انتها جي باوجود ڪنهن کي به انهن سپاهين جي خلاف کُلي طرح سان ڳالهائڻ جي جراءت ڪونهي. ٽيون ڏينهن منجهند جي مهل مون پنهنجي پيوالي جي واتان ٻڌو ته ڳوٺ ۾ سپاهي ڪنهن ماڻهوءَ کي مارڪٽ ڪري رهيا هئا. مون پنهنجو نائيڪ موڪليو ته وڃي ڏسي اچي ته ڇا معاملو آهي. نائيڪ ويو ۽ انهيءَ مان مار کاڌل ماڻهو کي مون وٽ وٺي آيو. اُن ماڻهوءَ جي بُت تي ڌَڪن جا تازا نشان هئا. هن ماڻهو مون کي ٻڌايو ته کيس سپاهين بيدرديءَ سان ماريو آهي. مون کيس چيو ته منهنجي ڪورٽ ۾ فرياد داخل ڪر. جيتوڻيڪ هو ماڻهو اوڇنگارون ڏئي رنو پئي پر فرياد داخل ڪرائڻ لاءِ راضي نٿي ٿيو. آخرڪار مون کيس فرياد داخل ڪرائڻ تي مجبور ڪيو. هن کي سپاهين (جن هن کي مار ڏني هئي) جي نالن جي خبر به تمام مشڪل سان پئي ڇاڪاڻ ته ڪنهن به فريادي کي اُنهن جي نالن ٻڌائڻ جي همت ڪانه ٿي ٿئي. مون سمن ڪڍرائي ڇڏيا آهن، پر مون کي شڪ آهي ته شاهدن کي جڏهن ملزمن جي روبرو بيان ڏيڻ لاءِ چئبو ته جوابدارن جي خلاف ڪجهه به ڪڇي ڪو نه سگهندا. اڃا سڀني کان وڌيڪ ڏکي ۽ خراب ڳالهه اها آهي ته گورنمينٽ ريزوليشن موجب، سواءِ فرسٽ ڪلاس ماجسٽريٽ جي، ڪو به آفيسر ڪنهن رجمنٽال سپاهي جي خلاف فرياد نٿو وٺي سگهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو همٿ ڪري انهن جي خلاف فرياد خاخل ڪرائي به وجهي، تڏهن به فريادي کي هتان کان اسي ميل پنڌ ڪري جيڪب آباد اچڻو پوندو ۽ شاهدن کي به ساڳيو مفاصلو طئي ڪري اچڻو پوندو. ان ڳالهه جي باوجود ته فريادي، ڪورٽ ۾ انهن جي خلاف ڪجهه به کلم کلا چوڻ لاءِ تيار نه هوندو. منهنجي هت روبرو موجود هجڻ جي ڪارڻ۽ صرف منهنجي طرفان انهيءَ ماڻهو کي ذاتي طرح همٿائڻ جي سبب ئي انهيءَ واقعي جو فرياد داخل ٿي سگهيو آهي. نه ته اهو بلڪل ناممڪن آهي ته انهن جي خلاف کليل عدالت ۾ فرياد داخل ٿئي، ڇو ته سپاهي هتي جيڪو ڪجهه چاهين ٿا، اهو بنا ڊپ ڊاءُ جي ڪري سگهن ٿا ۽ ڪندا ٿا رهن.

ماڻهن کي هڪڙو وڏو سڪون اهو آهي ته انهن سپاهين جي ٽن مهينن کانپوءِ هتان بدلي ٿي وڃي ٿي، پر نوان سپاهي وري نيون عقوبتون پاڻ سان کڻي ايندا آهن! اوهان کي انهن جي ڊيوٽي جي بدلجڻ واري صورتحال بابت ٻڌي ڏاڍو عجب لڳندو ته هڪڙي وڃڻ واري پارٽي جڏهن ڳوٺن منجهان لنگهندي آهي ۽ ٻي اچڻ واري گذرندي آهي ته ٻئي پارٽيون ڦرمار جي مهم تي نڪتل هونديون آهن. سپاهي بازارن مان گذرندي شيون کڻندا، ننڍن ڇوڪرن کي کڻندا، ڪڪڙ چوري ڪندا، ماڻهن کي مار ڏيندا ويندا آهن. مختيارڪار اوهان کي اهو سڀ ڪجهه روبرو ٻڌائيندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com