سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2003ع (مرزا قليچ بيگ نمبر)

مضمون

صفحو :25

مرزا قليچ بيگ                                           مقالو

سنڌي شعر

(نومبر 1914ع ۾، ”سنڌي ساهت سوسائٽي“ حيدرآباد جي سهاري هيٺ نڪرندڙ ماهوار سنڌي رسالي ۾ مرزا صاحب جن جي هيٺين صدارتي تقرير، بعنوان: ”سنڌي شعر جي قديم حالت ۽ پوءِ جو سڌارو ۽ انهيءَ جو ٻين ملڪن جي شعر جي حالت سان مقابلو“، هڪ ڪتابچي (بنام ”سنڌي شعر“) جي صورت ۾ شايع ٿيل آهي، جا تقرير مرزا صاحب جن سوسائٽيءَ جي پهرئين افتتاحي جلسي ۾ ڪئي هئي.

انهيءَ ڪتابچه جو مهاڳ، جو سوسائٽي جي طرفان نڪرندڙ رسالي جي ايڊيٽر لکيو هو، سو لفظ بلفظ هيٺ پيش ڪجي ٿو:

مهاڳ

”مرزا قليچ بيگ صاحب انهن ٿورن بزرگن مان آهي، جن سنڌيءَ جي خذمت، ڀليءَ ڀت ڪئي آهي. هن صاحب پنهنجي عمر  هن ڪم ۾ صرف ڪئي آهي، تنهن لاءِ ننڍي وڏي تي اهو فرض آهي ته مالڪ کان مهر مڱي، ته مرزا صاحب کي وڏي حياتي بخشي. سنڌيءَ جو ٻج اڃا مس ڪو وڃي لڳو آهي، تنهنڪري باغائي بلڪل ڪارگر ۽ اورچ کپن. اها اورچائي ته ڪو مرزا صاحب کان سکي! مرزا صاحب شهر جي گهٽ ٻوساٽ کان پري ٺوڙهي جي ٽنڊي جي هڪ ڪنڊ ۾، منهن مڙهي ۾ پايو ويٺو آهي، جت ووٺاڻين هيرن ۾ ۽ شعراڻي شوق جي نرمل نهرن ۾، پيو نت رَمي، اسان سان مرزا صاحب خاص ڀال ڀلايا آهن، جنهن لاءِ اسين سندس نهايت ٿورائتا آهيون. هڪڙي يئ ”موتين جي دٻلي“ اهڙي ڏنائين، جنهن جو هڪ هڪ موتي املهه آهي. اها ”موتين جي دٻلي“، سنڌيءَ جي خاص ۽ چيدن ڪتابن ۾ پنهنجي جاءِ جلد وٺندي.

هيءَ سندس تقرير جا هينئر اسين ڇپايون ٿا، سا مرزا صاحب اسان جي پهرئين سالياني جلسي لاءِ تيار ڪئي هئي پر پهرئين ڏينهن مجلس ۾ ماڻهن جا هئا انبوه ۽ مرزا صاحب جو آواز به آهي ذرا نفيس، تنهنڪري حاضرين چٽو نه ٻڌي سگهن ها ۽ مزو نه وٺي سگهن ها، تنهنڪري، رسالي ۾ ڪري ڇپايو اٿونس ته خوب اسان جا پڙهندڙ لاڀ وٺن. هيءُ ڪتاب، نهايت لياقت ۽ قابليت جو آهي، سنڌي ٻوليءَ ۾ هن جي ضروري گهرج هئي.“

**

سنڌ جي شعر جي بيان شروع ڪرڻ کان اڳي، مختصر طرح، ديباچي طور، ڪِي ڪجهه عام شعر بابت چوڻ ضرور آهي، جو سڀ ڪنهن ملڪ يا قوم يا ٻوليءَ سان لاڳو ٿي سگهي. سڀ ڪنهن مشرقي يا مغربي قوم جو لٽريچر، يعني ڪتابي علم، شعر سان ئي شروع ٿو ٿئي. بلڪ ائين چوڻ به بيجا ناهي ته انسان، جو ”حيوان ناطق“ يعني ڳالهائيندڙ جانور آهي. سو پنهنجي سُڀائي حالت ۾، دل جي شوق مان، جڏهن پنهنجي اندر جا خيال ظاهر ڪري ٿو، تڏهن سندس واتان شعر ٿو نڪري، انهيءَ جو سبب توڙي اثر، اڪثر اهو آهي ته ٻڌندڙن کي اهو مٺو ٿو لڳي ۽ اُنهن جو ڌيان ڇڪي ٿو ۽ انهن جي دل تي اهو ڄمي وڃي ٿو ۽ پوءِ گهڻي وقت تائين اهو آسانيءَ سان ياد رهي ٿو.

شعر لفظ عربي آهي، جنهن جي معنى آهي ڄاڻڻ ۽ پروڙڻ: انهيءَ ڪري شعر، ضد (مخالف) ٿيو جهل يا نادانيءَ جو، ۽ شاعر جو ضد ٿيو جاهل، سڀڪو رواجي ماڻهو ڄاڻندڙ ۽ پروڙيندڙ ڪين هوندو. ڪو دانا يا حڪيم يا فيلسوف يا ڪو پيغمبر ۽ اولياءُ، انهيءَ نالي جو لائق ٿي سگهي ٿو، انهيءَ ڪري قديم وقت ۾ اڪثر شاعر اولياءُ شمار ڪيل هو. سمجهيل هو ته شعر خدائي ڏات آهي ۽ خدا جي الهام وانگي ماڻهوءَ جي دل ۾ ٿو اچي. انهيءَ ڪري، شاعرن يج تعظيم به عارفن ۽ اوليائن جهڙي هوندي هئي. اسان جي قرآن ۾، شاعرن ۽ ڪاهِنن جي نندا لکيل آهي ۽ انهن جي ڳالهه تي ويساهه ڪرڻ يا هلڻوارن کي گمراهه ۽ ڪافر چيل آهي، انهيءَ جو سبب هيءُ آهي ته شعر جو سچائي ۽ حقيقت سان ڪو به واسطو ڪونهي. ڪو قدرتي نظارو يا ڪا خدائي موجودات ڏسي، جيڪي خيال شاعرن يج دل ۾ يا انهن جي واتان پيدا ٿا ٿين، اهو آهي شعر. انگريزي لفظ ”پوئيٽريءَ“ جي به اهائي معنى آهي. پوئيو (Poieo) لفظ جي معنى To create or produce، عني پيدا ڪرڻ ۽ انهيءَ جي اصطلاحي وصف آهي خوش ڪرڻ يا خوشي ڏيڻ، جا ڪنهن به موزون عبارت جي آساني سان سمجهڻ مان اسين حاصل ڪري سگهون ٿا. اها وصف لارڊ جيفريءَ جي آهي. مثلاً رواجي ماڻهو چوندو ته سج اڀريو آهي يا پره ڦُٽي آهي يا صبح جو سوجهرو ٿيو آهي: پر شاعر چوندو ته صبح گهورڙين وانگي، سونو ٿالهه مٿي تي رکي نڪتو آهي، پارسي شعر جو مثال ڏسو، جنهن ۾ شاعر خيالي سبب ڏنو آهي ته محبوب ڇو برقعو وجهي ابغ ۾ ٿو اچي؟ چوي ٿو ته:-

برقه بَه رُخ افگنده بَرَد ناز بباغش،

تا نگهت گل بيخته آيد بدماغش.

پر سچو سبب، برقعي وجهڻ جو، ٻيو آهي.

هاڻي رواجي عام جاهل ماڻهو جيڪي چوي ٿو سو سچ ٿو چوي ۽ شاعر ڪوڙ ٿو ڳالهائي. اگرچه انهيءَ مان دل کي خوشي حاصل ٿئي ٿي، تنهنڪري، جيڪو شاعر جي ڳالهه کي سچو ڄاڻي ويساهه ڪندو، اهو ضرور گمراهه ٿيندو. دنيائي ڳالهين ۾ ته شاعر جي ڳالهه کڻي روا رکبي، پر مذهبي يا خدائي ڳالهين ۾ ته اهڙيون تشبيهون ۽ مبالغا روا رکڻ نه گهرجن، انهيءِءَ هوندي به اسان جو نبي صلعم، شعر کي گهڻو پسند ڪندو هو ۽ حضرت علي، سندن سؤٽ ۽ خليفو، قابل شاعر هو. عربي قول موجب، شاعر ”تلا ميذالرحمان“، يعني خدا جا شاگرد سڏيل آهن. شيخ فريدالدين عطار، مشهور صوفي شاعر چوي ٿو ته:

شاعري جزويست از پيغمبري،

جاهلائش کفر خوانند، از خري.

حقيقت هيءَ آهي ته شعر جي چڱائي يا بڇڙائي يا ان جو روا يا ناروا هئڻ منحصر آهي، انهيءَ جي مضمون تي جو مضمون خدا جي حڪمن جي برخلاف آهي، يا جو انسان جي دل ۾ شيطاني ۽ نفساني خيال پيدا ڪري ٿو ۽ اخلاقي نُور گهٽائي ٿو، سو خراب آهي ۽ ڪفر آهي. پارسي بيت آهي (جو شايد سعديءَ جو آهي) ته:

بَه نطق آدمي بهتر ست اَز دواب،

دواب اَز توبه، گر نگوئي صواب.

شعر علم به آهي ته هنر به آهي. علم يا حقيقت جي نظر تي شعر سائنس يا حڪمت جو ضد آهي، جنهن جو ڪم آهي شين جي سچي حقيقت ڏيکارڻ، جو ڪم شعر جو ناهي. ۽ هنر جي نظر تي، شعر، نثر جو ضَد آهي. انهيءَ وقت انهيءَ کي ”نظم“ ٿو سڏجي. عربي اصل موجب نثر جي لفظي معنى آهي موتي، هيٺ هاري، پکيڙي ڇڏڻ ۽ نظم جي معنى آهي اهي هاريل موتي وري ڌاڳي ۾ پوئڻ. اهو پوئڻ جو ڪم هنر آهي، جو ڪو به ماڻهو سکي سگهي ٿو. نظم ٿيو موزون يا وزندار ڪلام، يعني تُريل ڪلام، نثر ٿيو بي وزن يا اڻ تُريل ڪلام، انهن موتين يا لفظن جي تورڻ جي ساهمي يا ميزان آهي علم عروض يا پراسڊي، انهيءَ جو قانون آهي. نظم جي پورائيءَ يا اڻ پورائيءَ پرکڻ جي ڪسوٽي، نظم چوڻ لاءِ انهيءَ هنر يا قانون جو ڄاڻڻ بلڪل ضروري آهي، نه ته نظم چوڻ وارو اهڙيون غلطيون ڪندو جو کيس بلڪل معلوم ٿي نه سگهنديون پر عروض ڄاڻنندڙ کي هڪدم ڏسڻ ۾ اينديون. انهيءَ هوندي به ڪو نثر وزندار يا قافيي وارو به ٿي سگهي ٿو.  ساڳيا لفظ پهرين نثر آهن، پر انهيءَ هنر موجب اهي ساڳيا لفظ اڳي پوءِ ٿي، وزن ۾ اچڻ ڪري، نظم ٿي سگهن ٿا. ۽ پوءِ جيڪو اثر انهيءَ جي دل تي ٿو ٿئي، سو اڳي نه ٿي ٿيو. ويتر جي مضمون به مناسب ۽ اثرناڪ آهي، ته پوءِ ته انهيءَ جو اثر تمام گهڻو ٿو ٿئي. قدريت يا سچي شاعر جو ڪم اڪثر دل جي شوق ۽ ذوق ۽ خيال جي نزاڪت سان آهي: لفظن جي تور تڪ، يا پڙهڻ لکڻ واري علم سان نه آهي، انهيءَ ڪري اڳوڻا قدرتي شاعر، بلڪ نبي، اڻ پڙهيل ماڻهو ٿي گذريا آهن. چڱو شاعر چڱو ناظم نه به هوندو ۽ چڱو ناظم ضرور ناهي ته چڱو شاعر هجي. شيخ عطار جي بيت وانگي، شعر، نبوت جو ڀاڱو آهي يا انهيءَ جهڙو آهي. اسان جي نبي صلعم جن جي قول موجب ”نبي علم جو شهر آهي ۽ علي انهيءَ شهر جو در آهي“. پر نبي صلعم جن پاڻ اُمي هئا ۽ لکي پڙهي نه ڄاڻندا هئا.

انهيءَ ڪري شعر يا نظم رڳو چڱن هنرن مان هڪڙو شمار ٿيل آهي – جيئن ڪه نقاشي، عمارت سازي، بُت، تراشي، موسيقي وغيره. انهن سڀني هنرن جو ڪم آهي اڳوڻن استادن کي نقل ڪرڻ ۽ انهن جو مدعا آهي، انهيءَ نقل ڪرڻ سان پنهنجي توڙي ٻين ماڻهن جي دل ۾ خوشي پيدا ڪرڻ، تنهن ڪري قديم استادن جي شعر جي نموني تي شعر چوڻ، جنهن کي تتبع چون ٿا، سو عيب ناهي، پر شعر جو استعمال ۽ ترقي آهي ۽ انهيءَ مان درجي بدرجي ماڻهو چڱو شاعر ٿي سگهي ٿو. سڀني وڏن شاعرن پهرين تتبع تي شعر پئي چيو آهي. سڀني چڱن هنرن جو اهوئي حال آهي پر هر هڪ جا رستا ۽ اوزار علحدا علحدا آهن، اگرچه مطلب ۽ مدعا سڀني جو ساڳيو هڪڙو ئي آهي. جيئن نقاشي جو ڪم رنگن سان آهي: عمارت سازيءَ ۽ بت تراشيءَ جو پَهَڻ يا سنگ مرمر سان: موسيقيءَ يا راڳ جو آواز، سُر ۽ تال سان: تيئن شعر يا نظم جو لفظن ۽ خيالن سان شعر گويا ڳالهائيندڙ نقش آهي ۽ نقاشي گويا بي آواز شعر آهي، ليڪن ٻين سڀني هنرن مان شعر جو واسطو راڳ سان اصل کان زياده رهيو آهي. اڪثر ٻيئي گڏ هلندا آيا آهن، راڳ کي کڻي گهوڙو سمجهو ۽ شعر کي سوار، جڏهن شعر راڳ تي چڙهي سير تي نڪري ٿو، تڏهن تمام سهڻو ٿو لڳي ۽ وڌيڪ پسند ٿو اچي ۽ ماڻهن جي دل تي ڏاڍو عجيب اثر پيدا ڪري ٿو، جيڪا خوشي، چڱي شعر چوڻ ڪري، خود شاعر کي ٿي ٿئي، سا خيال ۾ اچڻ مشڪل آهي! شاعر، شعر جوڙڻ لاءِ فقط ڪنهن ڪنهن مهل ٿو ويهي، مگر حقيقت ڪري، هر هنڌ، هر وقت ۽ هر حال ۾، هُن جي دل ۽ دماغ ۾، شعر يا شاعرانا خيال ائين پيا ڊوڙن ۽ ڀؤن ڀؤن ڪن، جيئن ماکيءَ جي ماناري ۾ مکيون ڪنديون آهن! شاعر جهنگ ۾، يا وڻ جي ڇانو ۾، يا واٽ هلندي، يا اڪيلو ڪوٺيءَ ۾ ويٺل هجي يا هو ڪنگال ۽ خسته حال هجي، يا ڪهڙي به مرض ۽ مصيبت ۾ گرفتار هجي، ته به هو، طبيعت جو سڪندر بادشاهه آهي ۽ دل جو حاتم طائي آهي. هڪ بادشاهه خزانا خرچي ۽ لشڪر مارائي، ملڪ فتح ڪري، خوشي حاصل ٿو ڪري، ليڪن اسان جي هن خيالي بادشاهه کي هڪڙو چڱو يا نازڪ خيال دل ۾ آيو، يا هڪڙي عمدي سنجيدي مصراع دل گهرين لفظن ۾ ۽ مزي جهڙي معنى سان اچي وئي ته هن جي خوشيءَ جي ڪا حد ئي ڪانهي! هو ڀائيندو ته هفت اقليم جي بادشاهي منهنجي آهي!

انهيءَ طرح ڏسڻ ۾ ايندو ته سڀ ڪنهن ملڪ يا قوم جي شروعات جي تصنيف اڪثر شعر ۾ آهي ۽ انهيءَ جو مضمون اڪثر بهادري يا جنگ جي شوق بابت آهي، يا وري مذهبي جوش بابت آهي. شوق ۾ حد کان زياده خوشي يا غم اچي وڃي ٿو. مدعا آهي قوم کي همٿائڻ، قومن جي تواريخ پڙهڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته سڀ کان قديم شعر ”:هندستان“ جو ئي آهي، ڇالاءِ جو آرين کي، سڀني کان اڳي سُڀائي قابليت حاصل هئي، انهن ۾ به شعر، درجي بدرجي، سڌرندو ويو. پهرين ويد، پوءِ رامايڻ ۽ مهاڀارت، پوءِ پُران، پوءِ ڪاليداس جو سنجيدو شعر ظاهر ٿيو. سڀني قومن کانپوءِ انگلينڊ جي ماڻهن کي سُڌاري سان گڏ شعر جو حوصلو پيدا ٿيو.

قدامت ۾ پوءِ ايراني آيا، جي پڻ آرين هئا، انهن جو قديم شعر گُم ٿي ويو هو، جو وري عربن جي فتح کانپوءِ ظاهر ٿيڻ لڳو، انهن ۾ پهرين فردوسي آيو ۽ عرصي کانپوءِ سعدي ۽ حافظ پارا شاعر آيا، ايرانين کان پوءِ عبراني يا هيبرو ماڻهن جو شعر، قديم آهي. پهرين، حضرت دائود جو زبور آهي، پوءِ ٻيو شعر ظاهر ٿيو. انهيءَ کانپوءِ يونانين جو شعر قديم آهي، جو سڪندر جي وقت ڌاري ظاهر ٿيو. يونانين جي نقل ڪرڻ ۽ صحبت ڪرڻ مان، رومن ماڻهن، شعر جي قابليت پرائي، پوءِ جرمنن، پوءِ پورچوگيزن، پوءِ اسپين جي ماڻهن، پوءِ فرانس وارن شعر جي ميدان ۾ قدم رکيو. فرانس کان پوءِ نارمن فرينچ ۽ انهيءَ کانپوءِ اسڪاٽلينڊ ۾ شعر جو حوصلو پيدا ٿيو.

انهيءَ مان معلوم ٿيندو ته هند جا رهاڪو، جي هاڻ رعيت آهن سي علمي قابليت يا شعر جي نظر تي اول نمبر هئا ۽ انگريز ماڻهو، جي هاڻ انهن تي حاڪم آهن، سي آخرين نمبر هئا. زماني جي بلندي ۽ پستي ۽ اٿل پٿل جو اهڙو مثال ٻيو ڪو مشڪل ملندو ۽ هيءَ ڳالهه به انهيءَ مان ظاهر آهي ته هر قسم جو اوائلي شعر، اڻ سڌريل ۽ جهنگلي قسم جو هو ۽ اڪثر اڻ پڙهيل ماڻهن جو چيل آهي ۽ ڪنهن نه ڪنهن ساز تي ڳائڻ ۾ پئي آيو آهي. پوءِ اُهو جهنگلي شعر ويو آهي سڌرندو ۽ جيڪي اثر وقت جي ٻوليءَ تي پئي ٿيا آهن، سي ويا آهن ان وقت جي شعر تي به ٿيندا – يعني، ٻين پاڙي وارن يا فتح ڪندڙن قومن جا لفظ ويا آهن داخل ٿيندا ۽ انهن جا ڪتاب ويا آهن ترجما ٿيندا. مٿال لاءِ سڀ کان پوئينءَ سُڌريل قوم جو شعر وٺو، جنهن ان اسين زياده واقف آهيون، يعني انگريزي هاڻي انگريزن ۾ پهريون شخص جو شاعر چوڻ ۾ ٿو اچي، سو آهي سيڊمن، جو عيسوي ستين صديءَ جي پڇاڙي ۾ پيدا ٿيو ۽ انهي جي شعر ۾ رڳو بائيبل جو مضمون آهي ۽ ٻين ڪن وقت جي جنگين جو بيان ڏنل آهي پوءِ ناليرو شاعر چاسر آيو جو چوڏهين صديءَ ۾ پيدا ٿيو. اهو اهو زمانو هو، جڏهن هندستان تي تغلق گهراڻي جي بادشاهن راڄ ٿي ڪيو. چاسر جي شعر تي وري، فرانس ۽ اٽلي جو اثر پيو، انهيءَ کانپوءِ وري سڌارو تڏهن ٿيو، جڏهن ڪئڪسٽن ڇاپڻ جو هنر ڪڍيو ۽ قديم مصنفن جا ڪتاب ترجمو ٿيا ۽ پهرين مذهبي بحث ۽ پوءِ علمي بحث شروع ٿيو. اتي اٽليءَ جي معرفت، عشق جو مضمون به اچي سهڙيو. اهو زمانو راڻي ايلزز بيٿ جي راڄ جو هو، جنهن ۾ اسپينسر پيدا ٿيو، جنهن اڃا به چاسر جي تتبع تي شعر چيو. پوءِ شيڪسپيئر آيو ۽ انهيءَ طرح قصن ۽ ناولن ۽ ناٽڪن منهن ڪڍيو، پوءِ سترهن ۽ ارڙهين صديءَ ۾ ملٽن، گري، ورڊسورٿ ۽ پڇاڙي ۾ ٽينسن جهڙا شاعر پيدا ٿيا، جن شعر کي ڪماليت جي درجي تي پهچايو ۽ جن جو اثر خوب وقت ۽ قوم ۽ ٻوليءَ تي پيدا ٿيو. هاڻي ڏسو ته سڀڪنهن هنڌ، پهرين جهنگلي شعر آيو، جنهن کي بئلڊ ٿا چون، جنهن جو خاص واسطو راڳ سان هو ۽ اڪثر تاريخي ننڍيون لڙايون انهيءَ ۾ ڏنل آهن. پوءِ وڏن قصن ۽ داستانن جو شعر آيو، جنهن کي ايپڪ پوئيٽري چئجي ٿو، جيئن ته اِليڊ، آڊسي، مهاڀارت، شاهنامو – جي مجلسن ۾ پڙهبا به هئا ۽ ڳائبا به هئا. پوءِ ڊراما يا ناٽڪ آيو، جنن ۾ اهي قصا نقل ڪري ڏيکاربا ها، جنهن جي ڪري ماڻهن تي زياده اثر پيدا ٿي ٿيو، سڀ کان پوءِ عشقيه ۽ ٻئي قسم جو شعر آيو، جو دل جي حالت ۽ شوق ۽ جوش بابت هو، جنهن کي لرِڪ پوئيٽري ٿا چون. غزليات وغيره انهيءَ ۾ داخل آهن، جي ساز ته به ڳائبا هئا ۽ پڙهي به ٻڌائبا هئا.

انهيءَ مٿئين بيان مان مون کي هيءُ ڏيکارڻو هو ته اسان جي سنڌي ٻوليءَ جي شعر جو گهڻو ڪري ساڳيو اهڙو حال آهي، جهڙو ٻين قومن ۽ ملڪن جي شعر جو آهي. اسان جو گهڻو واسطو ٻين پرانهن ملڪن سان ڪونهي، هندستان سان آهي. هند جا اصل رهاڪو آرين ماڻهو هئا. جي هماليه جبل جي پريان، جبل لنگهي پهرين پنجاب ۾ آيا ۽ پوءِ هندستان ۾ پکڙيا: ۽ سنڌ اڳي پنجاب سان گڏ شمار ٿيندي هئي. عجب جي ڳالهه اها ته وري جڏهن عرب فتح ڪندڙ آيا، تڏهن به پهرين سنڌ ۽ پنجاب سان گڏ شمار ٿيندي هئي. عجب جي ڳالهه ته وري جڏهن عرب فتح ڪندڙ آيا، تڏهن به پهرين سنڌ ۽ پنجاب ۾ آيا. تڏهن هند جي اصل  ٻولي آرين هئي، جا بدلجي نيٺ سنسڪرت ٿي ۽ آرين جي ٻي شاخ، يعني ايرانين وٽ، اها ساڳي آرين ٻولي زندوستا ٿي. انهن ٻنهي جا اصلوڪا گهرو لفظ وغيره هڪ جهڙا آهن. اهي ٻئي انهيءَ اصلوڪيءَ آرين ٻوليءَ جون ڌيون چئبيون ۽ پاڻ ۾ ڀيڻون ٿيون. اُهي ٻئي قديم هئڻ ڪري پاڪ ٻوليون شمار ۾ آيون ۽ فقط ڪن خاص ڌرمي ماڻهن جي ڪم جون ٿيون، نيٺ، انن ماين، وري ٻيون ڌيون ڄڻيون – هڪڙيءَ پراڪرت ڄڻي ۽ ٻيءَ پهلوي يا پارسي – جي رواجي ماڻن لاءِ مقرر ٿيون. هند جي خاص اصل ٻولي برج ڀاشا هئي، جا سنسڪرت مان نڪتل ناهي. مگر سنسنڪرت جو اثر پوءِ انهيءَ تي پوڻ لڳو، پر جڏهن اسلام جي فتح جو اثر پهرين ايران تي ۽ پوءِ هندستان تي پوڻ لڳو، تڏهن اهو ساڳيو اثر اصلوڪين ٻولين جي ڌين ۽ ڏهٽين تي به پوڻ لڳو. اسان جي سنڌي سڌي سنسڪرت مان نڪتل ناهي، پر پارڪرت مان نڪتل آهي، تنهن ڪري سنڌ جي ٻوليءَ توڙي شعر جي حالت پراڪرت ۽ ڀاشا جهڙي پئي رهي آهي. قديم سنڌي کريل پراڪرت يا کريل ڀاشا هئي، جيئن بلوچڪي کريل پارسي آهي. عربي ٻوليءَ جو اثر ته اڳئي پارسيءَ جي معرفت پراڪرت يا کريل ڀاشا هئي، جيئن بلوچڪي کريل پارسي آهي. عربي ٻوليءَ جو اثر ته اڳئي پارسي جي معرفت پراڪرت ۽ برج ڀاشا تي پيو هو، ويتر عربن جي سنڌ تي سڌي فتح هئڻ ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ پاڻ زياده عربي لفظ داخل ٿيڻ لڳا، يارهين عيسوي صدي جي پڇاڙي ۾، جڏهن شهاب الدين غوري کي پرٿوي راءِ تي فتح حاصل ٿي، تڏهن انهي وقت جي ڪضوين جي ڪلام ۾ پارسي ۽ عربي لفظ موجود آهن – جيئن ته پيگام، فرمان، حجرت، سُرطان، باتشاهه، سلام وغيره، اڪبر جي زماني ۾ جڏهن مسلمان ۽ هندو پاڻ ۾ شير شڪر ٿيڻ لڳا ۽ جڏهن هندو مسلماني پوشاڪن ڍڪڻ کان عار نه ڪندا هئا ۽ مسلمان ڏاڙهين کي صفائي ڏيندا هئا ۽ جڏهن مسلمان، راجائي جي لقب کي فخر سمجهندا هئا ۽ هندو مرزا ۽ نواب جي خطاب کي مانُ سمجهندا هئا. تڏهن مسلمان، چاهه سان هندڪا لفظ ڪم آڻڻ لڳا ۽ هندو مسلمان جا لفظ، انهيءَ وقت برج ڀاشا جو شعر اڪثر دُهرن جي صورت ۾ هوندو هو. جو نمونو، تڏهن ”سنڌ جي شعر“ جو به هو. مسلمان شاعرن جو مثال، امير خسرو دهلوي مشهور پارسي شاعر آهي، جنهن کي ”طوطئ هند“ چوندا هئا ۽ جو چوڏهين صديءَ جي شروع ۾ هو، تنهن جو به انهيءَ نموني جو ڀاشا ۾ شعر آهي. اسان وٽ سنڌ ۾ جو اڳي آمدن نامي ۽ ڪريما سان دووايو ۽ سوايو پڙهندا هئا سو به امير خسروءَ جو آهي. شروع هيئن ٿئي ٿو:

خالق باري سر جنهار – واحد ايک بدا کرتار.

مرد مَنَس، زن هي استري – قحط کال، وبا هي مري.

بيا برادر! اَري ڀائي!- بنشين مادر! بيڻهه ري مائي!

آتش آگ، آب هي پاني – ڇاک دُهول جو باؤ اَڙاني.

 (۽ آخري بيت) مولوي صاحب سرن پناه – گدا بهکاري خسرو شاه.

مَلڪ جائسي، هڪ ٻئي مشهور شاعر، جنهن پدماوت جو قصو پارسي شعر ۾ لکيو آهي، تنهن گهڻا ڀاشا جا لفظ ڪم آندا آهن. هندو شاعرن جو مثال وري اڻ پڙهيل ڪبير شاعر بنارس واري جو وٺو، جو سڪندر لوڌيءَ جي زماني ۾ هو، انهيءَ کانپوءِ گرونانڪ صاحب آيو، جنهن جو جَپ صاحب آهي. بابا تلسيداس برهمن، جنهن رامايڻ جو ڀاشا ۾ ترجمو ڪيو، بابا سورداس جنهن سر ڪرشن جو ذڪر شعر ۾ لکيو آهي – اهو سڀ شعر، ڀاشا جي دُهرن ۾ آهي، انهن سڀني ۾ عربي ۽ پارسي لفظ موجود آهن. نمونو هيءُ آهي: ڪبير صاحب جو دهرو:

دين گنايو دُني سي، دُني نه آيو هاتهه،

پير کهاڙي ماريو، گايهل اپني هاتهه.

اِتي دين ۽ دُني يا دنيا ۽ غافل، عربي لفظ آهن.

ٻيو دهرو:

کبير! سرير سراءِ هي، کيون سوئي سکهه چين؟

کوچ نگارا سانس کا، باجت هي دن رين!

اتي، ڪوچ ۽ نغاره پارسي ۽ عربي لفظ آهن.

گرو نانڪ صاحب جو دهرو:-

ساس ماس سب جيو تمهارا لوهي کهرا پيار-

نانڪ شاعر ايو کهت هي، سچي پروردگار.

جپ صاحب ۾:-

وارن جاؤن ايڪ بار!

تو سدا سلامت جي نرنکار.

اِتي پروردگار ۽ سلامت، فارسي ۽ عربي لفظ آهن.

بابا تلسيداس جي دهرن ۾ به، گريب، نواج ۽ کله جهڙا لفظ ملن ٿا:

مايا کو مايا ملي، کر کر لمبي هاتهه،

تلسيداس گريب کو، کوئي نه پوچهي بات.

سورداس جي هڪڙي شعر ۾ ته قافين جا لفظ ساج، آواج، جهاج، گريب نواج آيا آهن، سي ته ٺهيا پر پڇاڙيءَ واري مصراع ۾ آهي ته:

سنت سبهي جانت هون، تو نه آيو باج.

يعني تون باز نه آئي، پارسي اصطلاح ”باز نيامدن“، عجب جهڙو آهي!

تيرهين عيسوي صديءَ ۾ شيخ فريد آيو، تنهن جا به دهرا اِنهيءَ نموني جا هئا:

فريدا! جوتي مارن مڪيان تنان نه ماري گُهم،

اپنڙي گهر جائئي پير تناندي چُم،

رکي سُکي کاءِ ڪي، ننڍا پاڻي پي،

فريدا! ديکه پرائي جهوپڙي، نا ترسائي جي.

فريدا! دک سک اڪ ڪر، دل ئي لاهه وڪار،

الله ڀاوي سو ڀلا، تا لڀي دربار.

اهي آهن ڀاشا جي دهرن جا نمونا. اِها ڀاشا ئي آهي، جنهن کي اسين هندستاني ٻولي ٿا سڏيون، انهيءَ هندستاني مان شاهجهان بادشاهه جي زماني ۾ اُردو پيدا ٿي. ارردو جي معنى آهي اُڙد يا لشڪر جي بازار، لشڪر جي بازار ۾ جدا جدا قومون جون زبانون ڳالهائڻ ۾ آيون – سنسڪرت، ڀاشا، عربي، پارسي سڀ گڏ تنهن ڪري ”ريخته“ به انهيءَ کي چوندا هئا، يعني جدا جدا قسم جا ذرا ذرا يا ڪِريل ٽُڪر، سگهوئي، اردو سرڪاري دفترن جي ٻولي ٿي، برج ڀاشا مان ڪتاب اردوءَ ۾ ترجمو ٿيا.ل انهيءَ وقت جي پارسي شعر ۾ هندي ڀاشا جا لفظ اچڻ لڳا، جهانگير بادشاهه پنهنجي تُزڪ جهانگيريءَ ۾ لفظ ”لاڏله“ ڪم آندو آهي:

اين خواهر، خود ڪه لاڏله من ست.

خسرو دهلويءَ جو بيت:

پان خورده بمن داده اگال آن بت، هندي-

اين بوسه به پيغام، چه رنگين مزه دارد؟!

اشرف شاعر جي هڪڙي بيت ۾ آهي ته:

چوکهنڊي شکوهش اگر سايه افگند.

عرفي شاعر جي هڪڙي بيت ۾ آهي ته:

سير گشتم ز کچره ايام.

پوءِ ايران ۽ ترڪستان جا لفظ ۽ اصطلاح ۽ شاعرانا خيال اچي داخل ٿيا ۽ اُنهن اهڙو مزو ڏنو جو هندستان جون خاص اصل ڳالهيون گم ٿي ويون ۽ انهيءَ وقت جون پارسي قديم مشابهتون وغيره اردو شعر ۾ ڪم پيون اچن. سنڌي ٻولي ۾ شعر جو به ساڳيو اِهو ئي حال آهي. پهرين، ستين صديءَ ۾، آرين يعني برهمڻ ۽ ٻُڌ ڌرم جا راجا هئا. ڏهين صديءَ تائين سيميٽڪ يعني عربي ۽ عجم جا حاڪم آيا، پوءِ مونگل اي مغل آيا، پوءِ وري به موٽي آرين حاڪم آيا، يعني انگريز انهن سڀني طبقن ۽ حڪومتن جو اثر سنڌ جي ٻوليءَ ۽ شعر تي رهيو. ڀاشا وانگي، پهرين انهي ۾ سنسڪرت ۽ پراڪرت لفظ پيا. پوءِ عربي، پارسي ۽ ترڪي لفظ پيا. پوءِ افغاني يا پٺاڻڪا، ۽ بلوچڪا ۽ سرائڪا لفظ پيا. پڇاڙي ۾ انگريزي لفظ به اچي داخل ٿيا. نج سنڌي حرف – ٻ، ڄ، ڃ، ڏ، ڳ، ڇ، ڻ- اصل واري تَرَ جي ٻوليءَ جون نشانيون آهن. ڪوڏر، گڏهه، ڏٻرو، ڄمڻ وغيره سنسڪرت لفظ، پراڪرت منجهان، حرف بدلائي آيا. ٿوم، دٻلو، سُٽ، ڪڃر، ڀنڀو، ڏڌ، ڍولڪ وغيره عربيءَ ۽ پارسي مان آيا. اوطاق، چقمق، تڪمون، چلمچي، بورچي وغيره ترڪيءَ مان آيا. ٻوڙو، ڊکڻ، سوٽهڙ، چڱو، ڌاڳو، وغيره، هندستاني يا ڀاشا مان آيا. ڏون، ڏهاڙو، ڀرائي، ڪنا، وغيره سرائڪي مان آيا. وڳ، اٽالو، ڄانگهو، گهٽو، ليڙو، ڊوم وغيره بلوچيءَ مان آيا، ڊوڊو، ڌاڙو، گيدي، گهل، ڍال، وغيره پٺاڻڪيءَ يا پشتوءَ مان آيا. ٻاٽلي، پلٽڻ، ڇاپ، درجن، بٽن، ڪيٽلي، اسپتال، رپورٽ وغيره انگريزي مان آيا. اها آهي اسان جي اڄوڪي سنڌي يا سنڌ جي اردو يا ريخته، جا نثر ۽ نظم ۾ آئي آهي.

انهي طرح جيڪو سنڌي شعر پهرين چوڻ آيو، سو ٻين ملڪن جي شعر وانگي قصن ۽ جنگين بابت هو ۽ اڪثر اڻ پڙهيل ماڻهن جو چيل هو ۽ اهو ڀٽ يا چارڻ يا مڱڻهار چوندا هئا ۽ ڳائي پنندا وتندا هئا، جيئن انگريزي ۾ بارڊ ڪندا هئا ۽ اڃا تائين به، سُرندائي، اهي چوندا وتندا آهن. راءِ ڏياچ، سسئي پنهون، عمر مارئي، هير رانجهو، سهڻي ميهار، مومل راڻو، دودو چنيسر، ليلان چنيسر، شاهه بهرام ۽ ٻيا اهڙا قصا، سڀ لوڙائو بيتن جي صورت ۾ هوندا هئا. جي پوءِ لکجڻ ۾ آيا. انگريزن ۽ ميرن جي جنگ به انهن سُرندائين کان اوهان ٻڌي هوندي:

مير صنيروُءِ جنگ ته لائي سڙيئ صوبدار،

۽ لڳو گورو، ڀڳو ٺوڙهو، لَسَ لغارين لائِي.

اڄوڪي وقت جو بچو بادشاهه ۽ پيرو وزير کي به ماڻهن نه ڇڏيو آهي ۽ اهڙي شعر ۾ وجهي ڇڏيو آهي.

ساڳئي انهيءَ وقت ۾، مداحون ۽ معجزا ۽ مولود به چوڻ ۾ ايندا هئا، جيئن هندستاني يا ڀاشا ۾، اوائل جو شعر، دهرن ۾ هو ۽ مضمون جنگي يا ڌرمي هو، تيئن سنڌي ۾ به دهرا يا ڏوهڙا هئا، يعني ٻه سٽون يا مصرائون، ساڳي طرز تي قافين سان، ابو الحسن جي سنڌي، مخدوم ضياءُ الدين جي سنڌي، مخدوم ابراهيم جي سنڌي، ميان عبدلرحيم گرهوڙ واري جي سنڌي، شاه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي سنڌي، شاهه عنايت صوفي جي سنڌي، انهن سڀني قديم بزرگن جو ڪلام انهيءَ قسم جو شعر آهي، يعني دهرن ۾ ۽ مضمون اڪثر مذهبي آهي، يا جي قصن بابت آهي ته به تصوف يا مذهب جي پيرائي ۾ آهي. مثال لاءِ ٻه چار دهرا يا بيت ابوالحسن جي سنڌيءَ مان ڏجن ٿا، جن مان طرز توڙي ٻوليءَ جو نمونو ملي سگهي ٿو:

جيئرن کي جان ڏئي مئن کي مرهي،

ايڏا احسان رب ري ٻيو ڪير ڪري؟

اُت اُپايا پاتشاهه عالم گهڻا الک،

ڪي هلن، ڪي سُرن، ڪن ڏنائين پک.

هاڻ سڻ سڄاڻ تون هنئين جي ڪَنن،

ته صحي پُڇبو، سڀڪو، ڪارڻ پاڻ ڪمن.

پر پڇ پهرين قيام ڏينهن وحدت ڌڻيان پوءِ،

ٿيندي صحي صلواة جي شڪ مَ ڀائي ڪوءِ.

تا ته ترسي پانهنجا، شط سڀيئي سک،

ڪندا ڄيري ڄڀئين، پاڻ پراهون رک.

۽ شاهه ڪريم جي سنڌيءَ جو مثال:

(1) هنيون ڏجي حبيب کي، لڱ گڏجن لوڪ،

کڏيون ۽ کروتون، ايءُ پڻ سَڳَر ٿوڪ.

(2) مُٺ ڀيڙيائي ڀلي، جي اَپٽين ته واءُ،

جَم پَڌر وِڌيئي ڳالهڙي، ته ڇڏي وڃي ساءُ.

(3) ڪَنَ هي وڪڻي، ڪَنَ ڪي ٻيا کڻيج،

سنڌي پريان ڳالهڙي، تني سان سڻيج.

(4) پڙهيا جي پاڻان، سيئي سيلهه ٿيام،

اکر اڳيان اُڀري، واڳو ٿي وريام.

اهو سنڌي شعر سترهين صديءَ جي شروعات تائين هليو. پوءِ، انهن دهرن ا بيتن ۾ هيتري ڦير گهير ٿيڻ لڳي، ته هر هڪ بيت جي جدا جدا قافين هئڻ جي بدران ڳچ جيترن بيتن جو هڪڙو قافيو رکيو، پوءِ وري ٻيو قافيو وِڌائون، جيئن مخدوم عبدالمصد نورنگ پوٽي جي ڪتاب ”بيان العارفين“ يا ڪتاب ”تنبيه الجاهلين“ يا ”نورنامي“ ۾ آهي. نمونو هيءُ آهي:

هاڻي هِنيان پوءِ ٿو سو ڪري بيانا،

۽ ٿو فرمائي ان رسالي ۾ ڪري اعلانا،

ته جڏهن رسالو فارسي آءُ ڪندس تماما،

تڏهن مور نه رهندو مخفي طالبن ڪنا.

جهنگلي شعر جي نشاني مٿئين بيت ۾ آهي ته، يعني قافيو اڪثر الف جو آهي ۽ ڪنهن به لفظ جي پڇاڙي ۾ الف ٽنبي قافيو ڪري آڻيندا هئا.

ٻيو نمونو هيءُ آهي، جو ”نُور نامي“ مان آهي:

تِن سڀني کي ٿو رسائي، مون ڌڻي رزقا،

ڪو نه وساري ڪٿهين، برين منجهه بحرا،

توڻي نيڪ بندا هُون سو، عبادت وارا،

توڻي سي بخيل هون، توڻي متڪبرا،

توڻي ظالم هون سي، ڪه وري فقيرا،

توڻي صالح هون سي، ڪه وري بدبختا.

ٻي ڦير گهير، وري مداحن جي حالت ۾ ٿيندي هئي، جن ۾ هر هڪ دهري ۾ ننڍيون ننڍيون تُڪون رکندا هائ ۽ مهڙ واري مصراع ”بند“ يا ”ڪورس“ وانگي بيت بيت جي پٺيان آڻيندا هئا. ميان سرفراز ڪلهوڙي جي مداح، نبي صلعم جن بابت ڏسو:

ڀلا ڄام! هن غلام، سندو سوال سڻين تون!

اهو آهي ”ڪورس“ يا ”بند“ جو ذري ذري اچي ٿو.

آهيان ڏڏ، غمن گڏ سچا سڏ، سڻين تون،

پسي پاڻ، ڪرم ساڻ، ڏکيا ڏاڻ، ڏئين مون – ڀلا ڄام…

لنگهيا لَڪ، لٿا شَڪ، هلي حق گڏياسون،

۽ في الحال، منجهه وصال، اچي مُحب ملياسون- ڀلا ڄام…

سرفراز کي، اداس، آهي آس اوهان ڏهن،

رهه راس، بند خلاص، خوبي خاص ڏئيون مون – ڀلا ڄام…

جُمن چارڻ نابين واري ٻي مشهور مداح، پيران پير کان اکين جي روشنائي گهرڻ بابت:

”يا پير پيران بادشاهه! رحمته الله علي“،

اهو آهي بند.

 

فرزند آهين حسنين جو – آءُ سائل تنهن ثقلين جو،

درگهه مٿي دِن رَين جو – اوجر مڱان عينين جو،

دارو ٿئين دارين جو – يا پير پيران بادشاهه!

”جُمن“، چوي جاهل آهيان – ڪرتن ڪچو ڪاهل آهيان،

تو در سندو سائل آهيان – يا پير پيران بادشاهه!

انهيءَ طرح بند بند ڏيندو هليو ويو آهي.

اهو آهي عام نج سنڌي شعر جو اوائل وارو نمونو، جو عيسوي سورهين ۽ سترهين صديءَ تائين هليو. ارڙهين صدي جي شروعات ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪلام ظاهر ٿيو، سو به دهرن يا بيتن ۾. پوءِ هو انهن ۾ نئين ڦير گهير ڪرڻ لڳو. مضمون به بدلجي، ظاهري قصن جي صورت ۾، مگر باطني طرح مذهب يا تصوف جي صورت ۾ ٿيو، جو زياده اثرناڪ ٿين لڳو. اهي بيت، ماڻهو دل وندرائڻ لاءِ وڏي آواز سان، سُر بيهارڻ لاءِ پوئين مصراع جو پويون اڌ، قافئي وارو، يا ڪڏهن پهرئين جو به اڳي ڪري چوندا هئا، يا وري ٻيو ڀيرو چوندا هئا. پوءِ انهيءَ طرح بيتن چوڻ جو رواج پئجي ويو. مثال طور:-

سک منهنجا سپرين! نهائينءَ کان نينهن،

ٻاهر ٻاڦ نه نڪري، سڙي سارو ڏينهن

انهيءَ دُهري يا بيت کي، چوڻ يا ڳائڻ ۾، قافئي وارا اڌ، پهرين چوڻ ۾ آيا. هن طرح:

نهائينءَ کان نينهن، سک منهنجا سپرين!

سڙي سرو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.

انهيءَ ڦير گهير ڪري زياده لذت ٿي اچي ۽ مضمون جو اثر دل تي زياده ٿو ويهي. شاهه صاحب جي دهرن، يعني ٻن مصراعن وارن بيتن جا ٻه چار مثال ڏيڻ گهرجن، جنهن مان انهنجي ٻوليءَ يا مضمون جي خوبي معلوم ٿيندي:

(1) ڪانهي جاءِ جلڻ جي، جان جئين تان جَل،

ڪانهي ويل وهڻ جي، تتيءَ ٿڌيءَ هل.

(2) ويٺن ڪونهي وراڪو، ستن ڪونهي سنگ،

هوت هلندن کيو، جن انگن چاڙهيو انگ.

(3) روزا نمازون، ايءُ پڻ چڱو ڪم!

او ڪو ٻيو فهم، جنهن ۾ پسجي پرينءَ کي.

(4) ستي نه سرندياءِ، ڪر پچار پرينءَ جي،

وهامي ويندياءِ، گهڻا هڻندين هٿڙا.

(5) اٺئي پهر اَرٽ سين، جي ڪَتِن ۽ ڪَنبَ،

تِن جو صرافن، ڦورو ڦولهيو ڪينڪي.

(6) هنج نه رهيو هيڪڙو، ويا مور مري،

وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانيرن جو.

(7) يار سڏائي سڀڪو، جاني زباني،

آهي آساني، پر ڪم پئي ٿي ڪل پوي.

ٻي ڦير گهير شاهه صاحب هيءَ وڌي ته ٻن مصراعن جي بدران وڌيڪ مصراعون وجهڻ لڳو، چئن، پنجن، اٺن، ڏهن تائين مثال طور:-

اڻ چوندن ڪيم چؤچوندن چيو وسار،

اٺئي پهر ادب سين، پر اهائي پار،

پايو منهن مونن ۾، غربت ساڻ گذار.

مفتي منجهه وهار، ته قاضي! ڪانيارو نه ٿين.

۽ ڪنهن مصراع ۾ ڪا وڏي آيت يا ڪنهن ٻئي شاعر جي مصراع وجهي، وزن کان وڌائي، تمام ڊگهي ڪري به آندائين: مثلاً:

ڪونهي قادر ڪو ٻيو، انهيءَ جو اڀاڳ،

قل لن يسيبنا الاڪتب الله لنا هو مولئَنا، اِيءُ معذرت ماڳ،

سڀوئي سڀاڳ، مارئيءَ مساوي ڪيو.

يا: ”سر در قدم يار فدا شد، چه بجا شد، وصل اَهوئي ونگُ.“

اهي آهن اوائل جي شعر جون نشانيون، اگرچه شاه صاحب پارسي شعر مان واقف هو ۽ بحر ۽ وزن جي خبر پئجي سگهيس ٿي، ته به هن نئون پارسي طرز پسند نه ڪيو ۽ نه وري پارسي لفظ استعمال ڪيائين. پراڻو، دهرن وارو طرز وٺيو آيو. انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته سندس ڪلام تي جلال الدين روميءَ جي مثنوي جو گهڻو اثر پيل هو. خصوصاً شعر جي مضمون تي، انهيءَ ڪتاب جي پڙهڻ کانپوءِ رسالي چوڻ جو شوق ٿيس ۽ انهيءَ جو مضمون ڪم ۾ آندائين. پهريون بيت، جو انهيءَ خيال سان چيائين، سو مثنويءَ جي پهرئين بيت جو ترجمو هو. مثنويءَ جو پهريون بيت هيءُ آهي:

بشنو از ني چون حکايت ميکند؟

از جدائيها، شکايت ميکند.

اڄ جيڪر اسين انهيءَ جو ترجمو ضرور هيئن ڪريون – ساڳئي بحر ۽ ۾ مضمون ۾:

نَڙَ کان ٻُڌ، جڏهين صدائون ٿو ڪري،

۽ جدائيءَ جون گلائون ٿو ڪري.

پر شاهه صاحب ائين پسند نه ڪيو. دهري جي صورت ۾ هيئن چيائين:

وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪٺل ڪوڪاري،

هن پڻ پنهنجا ساريا، هو هنجون هڏ هن لئي هاري.

يا وري مثنويءَ جو بيت آهي ته:

آن نِدا که اصل بربانگ و نواست،

خود نِدا آنست و اين باقي صداست.

تنهن جو ترجمو شاهه صاحب دهري ۾ ڪهڙو نه سهڻو ڏنو آهي!

سو پَڙاڏو سو سڏ، وَرَ وائيءَ جو جي لهين،

هئا اڳهين گڏ، پر ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.

يا وري مثنويءَ ۾ آهي ته:

صبر را باحق قرين کرد اي فلان!

آخر، والعصر را آگه بخوان.

۽ شاهه صاحب وڌائي ٽن چئن مصراعن ۾ هيئن ٿو چوي ته:

پر ۾ پڇيائون، عشق جي اَسباب کي،

دارون هن درد جو ڏاڍو ڏسيائون،

آخر والعصر جو، انهين اتائون،

تنهان پوءِ آءُ، سڪان ٿي سلام کي!

آخر والعصر جو دارون يا علاج آهي صبر، جيڪو لفظ قرآن جي ”والعصر“ واري سوره جي آخر ۾ اچي ٿو.

انهيءَ طرح رومين ۽ چينين وارو مثنويءَ جو ذڪر ڪيترن بيتن ۾ هن آندو آهي، جن ۾ منڍ جي مصراع آهي:

طالب قصر، سونهن سراي روميءَ جي روءِ

( يا روميءَ جي راهه، يا روميءَ جي رهاڻ وغيره).

انهيءَ ۾ بلڪل شڪ ڪونهي ته مثنويءَ جو اثر شاهه صاحب جي ڪلام تي گهڻو پيو، پر مضمون تي پيو ۽ نه بحر يا طرز تي ٻيون به ڪي ڦيريون گهيريون آهن، جن جي ذڪر ڏيڻ جي ضرور ڪونهي، جيئن ته مداحن وانگي هر بند جي مصراع، ”ڪورس“ وانگي ذري ذري آڻڻ جيئن ڪاپائتي جي بيت ۾ آهي ته:

چرکو چوري، ڪت ڪا تار.

اگرچه شڪ آهي ته اهو شاهه صاحب جو ڪلام نه آهي، يا ڍٽڪي يا بلوچڪي ٻوليءَ ۾ شعر چوڻ، يا بيتن کانپوءِ وايون آڻڻ. سنڌي بيتن جي رواج وجهڻ سان گڏ، شاهه صاحب، سنڌي راڳ جو به پايو وڌو. هندستاني ڳائڻا، شاهه صاحب وٽ رهندا هئا ۽ ٻيا ڪلام ڳائيندا هئا. جي شاهه جي رسالي جي 15، 16 ۽ 17  سُر ۾ ڏنل آهن، جدا جدا راڳنين ۾ پهرين ڪي ڏوهڙا ڳائي، پوءِ غزل يا ٺمري يا لاوڻي ڳائيندا هئا. انهيءَ نموني تي، شاهه صاحب به جدا جدا سرن ۾ بيت چئي پڇاڙي ۾ ڪي وايون آنديون ۽ انهن واين وري پوءِ سنڌ ۾ ڪافين جو بنياد وڌو.

هڪڙي ننڍڙي وائيءَ جو مثال هتي ڏجي ٿو، جا اڪثر ڪافيءَ جي سُر ۾ ڳائبي آهي:

پَسِي ڳاها گل، مٿان ڪو چانگي کي چاري!

1-مَلڪَ به ايندئي موت جا، ڪري هيبتون هُلَ،

2-           نيئي ڌريندئي ڌوڙ ۾، مٿئون پڙحندئي ڪُلَ،

3-           اديون! شاهه لطيف چئي، مون تان لاهج ڀُل.

دل پيئي چوي ته شاهه صاحب جي ڪلام مان ڪي چونڊيل خيال ٻڌايان، پر وقت ڪونهي، اهو ئي هڪڙو شاعر آهي. جو هن پوئين صديءَ لاءِ شعر جو استاد يا ڏاڏو شمار ۾ اچي ٿو – جيئن فردوسي پارسي ۾ ۽ چاسر يا پوءِ شيڪسپيئر انگريزي م شمار ڪجي ٿو9 ۽ جنهن جو ڪلام اڄ تائين هر دلعزيز آهي ۽ ان جو گهڻو ڀاڱو گڏجي حل ٿي ويو آهي ۽ انهيءَ جون اڪثر مصراعون، ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾، چوڻين ۽ پهاڪن وانگي ڪم اچن ٿيون. انهيءَ قديم استاد جي ڪلام تي اڃا به وڌيڪ ڌيان ڏيڻ ۽ ڪوشش ڪري ان جي وڌيڪ خوبين کي ڪڍي ظاهر ڪرڻ لاءِ سڀني سنڌي ٻوليءَ ۽ شعر جي خير خواهن کي منهنجو عرض آهي. مون پنهنجي وت آهر ٿوري گهڻي ڪوشش ڪئي آهي. سندس تاريخي احوال لکيو اٿم. سندس رسالو، جو اڳي اڻ پورو هو، سو وري نئون ڇاپايو اٿم. سندس رسالي جي خلاصي لغت، ”لغات لطيفيءَ“ جي نالي سان ڇپائي اٿم. سندس رسالي جون جيڪي مصراعون ضرب المثل ٿي ويون آهن، سي ”ليفي لات“ جي نالي هيٺ ڇپايون اٿم. سندس رسالي ۾ ڪهڙو مضمون يا ڪهڙو بيت ڪٿي لڀندو، تنهن لاءِ ”رسالي جي ڪنجي“ ٺاهي اٿم، نموني لاءِ سندس هڪڙي سُر سهڻي جي مفصل شرح ۽ سمجهاڻي ڏني اٿم ۽ سسئيءَ وارن سُرن جا ڀاڱا، جي مئٽريڪيوليشن امتحان لاءِ مقرر آهن، تن جي مختصر شرح ٻارن لاءِ ڏني اٿم. ۽ سندس چونڊيل بيتن جو منتخب ڪڍيو اٿم. اهو سڀ ڪم شاهه صاحب جي ڪلام سان محبت جي پٺيان ڪيو اٿم. سنڌ جي ڪن ٻين صاحبن به اهڙو پورهيو ڪيو آهي. اميد آهي ته اسان جا نوجوان پڙهندڙ انهيءَ قسم جي اڃا به زياده محنت ڪندا ۽ پڪ آهي ته انهيءَ مان کين خوشي ۽ ٻين کي فائدو حاصل ٿيندو.

شاهه صاحب جي وقت جا، يا اُنهيءَ کانپوءِ جا شاعر به سندس پيروي ڪرڻ لڳا ۽ اڃا تائين ه اڪثر قصن يا جنگين جهڙو بيان انهيءَ نموني جي بيتن ۾ چوڻ ۾ ايندو آهي، جو نج سنڌي شعر جو نمونو آهي. شاهه صاحب کانپوءِ، سگهوئي يعني ارڙهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾، ٻيو هڪڙو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي، جو درازن وارو سچل فقير فاروقي هو، انهيءَ جو به سنڌي ڪلام، گهڻو ڪري، شاهه صاحب جي تتبع تي چيل آهي. باقي سندس ٻيو ڪلام سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي. جا رياست خيرپور جي ٻولي آهي ۽ درازا، رياست ۾ آهي، مضمون جي ڪري سارو ڪلام تصوف جو آهي، چڱو ۽ اثرناڪ آهي. ڏوهيڙا ۽ بيت به آهن ۽ واين جي بدران ڪافيون آهن. جي جدا جدا سُرن ۾ آهن. سچل فقير جا ڪي مشهور ٻالڪا يا مريد ۽ شاگرد ٿيا، جي پڻ مشهور آهن – جيئن ته يوسف فقير کوکر، گهرام فقير جتوئي، عثمان چاڪي، خير محدم جسڪاڻي ۽ ٻيا انهن سڀني جون ڪافيون ۽ ٻيو ڪلام مشهور آهي، سچل فقير جي پارسي غزلن جو ديوان به آهي، جنهن کي ”ديوان آشڪارا“ ٿا چون، جو انهيءَ ۾ سندس تخلص ”آشڪارا“ آهي.

سچل فقير جي سرائڪي ڏوهڙي يا بيت جو نمونو هيءُ آهي:

خيال بزرگي ڏهون نه ميرا، نامنگان مخدومي،

ناوت پير مشايخ ٿيوسي، ناوت نانئن نجومي،

دعوت دي دائري نه سکيو سي، ناوت علم رسومي.

ناوت هندي سنڌي شامي، بناوت زنگي رومي،

سچو! ڪٿ نهين ڪوئي يپدا هوندا وچ معدومي.

۽ سندس سنڌي بيت جو نمونو هيءُ آهي:

الهه لڳ اُڏام، تون  موٽي محبوبن ڏي،

وڃي ڏيج پرين کي، پاڄيءَ جا پيغام،

ڪري قدمن تي پئي سؤ لک ڏيج سلام،

آهي اوهان ري پرين! هت مڙئي ماتام،

اچڻ جو انجام، ڪر سگهو طرف سچوءَ جي

۽ سندس هڪڙي ننڍي سنڌي ڪافي به نموني لاءِ ڏجي ٿي، جا اڪثر سُر بروي مان ڳائبي آهي:

 

ڀول نه ٻئي ڪنهن ڀل – تون ته آدم يار ناهين!

1-مَلَڪن ٿي سجدا ڪيا،واهه مٽي! تنهنجو ملهه،

2-           لِڪو ٿو لاتيون ڪرين، جيئن باغ اندر بلبل،

3-           ڪير ٽپائي، ڪير ڪُڏائي، شاه بنا دلدل؟

4-           اَحد منجهارون عبد سڏايئي، هوئين پاڻ اَصل،

5-            سچل چوي، سچ ٿي آئين، ڪونهي تنهنجو تُل.

سرائڪي ڪافيون زياده عمديون اٿس.

سچل فقير جو ٻالڪو يوسف فقير، جنهن کي نانڪ يوسف سڏيندا هئا، توڙي روحل فقير ۽ مراد فقير ڪنڊڙيءَ واري جو ڪلام نه رڳو سنڌيءَ ۽ سرائڪي ۾ آهي، پر هندي ڀاشا جي نموني تي ”ٻاڻين“ وانگي به آهي ۽ انهيءَ ڪري هندو ماڻهو انهن کي گهڻو چاهيندا آهن. نمونو هيءُ آهي – روحل فقير جو سنڌي بيت:

هڪ هندو، ٻيو مسلمان، ٽيو وچ وڌائون وير،

انڌن اوندهه نه لهي، تن کي سچ چوندو ڪير،

روحل! راهه پرينءَ جو، جان گهڙي ڏٺوسين گهير،

ته رب مڙوئي هيڪڙو، جنهن ۾ ڦند نه ڦير،

سا ڪاڏي ڪندي پير، جا سُتي ڪعبة الله ۾؟

۽ ٻاڻيءَ وارن ڏوهيڙن جو نمونو هيءُ آهي:

جل ڀيتراڪ اگن جلت هي اجواڙا بن ڏيوي،

انبرت ڌارا امين پڙت هي ڪوجن ورلا پيوي،

پريم پياس لڳي آرانتر، اور ڪڇو نيهن ڀاوي،

ڏيهڙي ڀيتر الک براجي، جو کوجي سو پاوي.

--

امرا پور ۾ آسن ڪينا درجن مار هٽايا،

روحل! رات گئي دن پايا منشا منگل گايا،

--

چِت ڪو ڪَهيو نه مَن ڪري، مَن ڪو ڪَهو نه چِت،

ڪايا ننگري گام مهه، دونون جهڳڙن نِت.

سنڌي بيتن ۾ ڪن هندو شاعرن به تمام چڱو ڪلام چيو آهي، جيئن ته لعلو ڀڳت جو ڪامسين ڪامروپ وارو قصو ۽ سوامي مينگهراج يا سندس ٻالڪي ڀائي چينراءِ (”سمي“) شڪارپوريءَ جا سلوڪ، انهن جو نمونو به ڏسڻ گهرجي:

(1) ٻيائي منجهه ٻُڏي، مورک ويا ڪيترا،

ڪو سامي ساڌ لنگهي پيو، ڪرپا ساڻ ڪُڏي،

چاڙهي جنهن گُر گيان سان، گَگَن منجهه گڏي،

توڙي ڪري لاڏ لڏي، ته به سيتل رهي سڀاءُ ۾.

(2) مومن مسلمان، ڪوڙئن ۾ ڪو هڪڙو،

جو واصل ٿي وحدت ۾، ڪڍي غير گمان،

نور محل جي نانو تي، سيل ڪري سُبحان،

تنهن کي سڀ جهان، ڄاڻي دوست خدا جو.

(3) جاڳي جنهن جوڌي، جيتيو من مواس کي،

ڪڍيو تنهن ڪلپت جو، لشڪر سڀ لوڌي،

سامي لايئين لک ۾، پنجئي پرٻوڌي،

ويٺو گهر سوڌي، ساکي ٿي سنسار جو.

اِهو ڳوڻي نج سنڌي شعر جو نمونو ڪلهوڙڻ جي صاحبيءَ ۽ ميرن جي صاحبي جي اَڌ تائين هليو. پوءِ انهيءَ ۾ ڦير گهير ٿيڻ لڳي، مير ڪرم علي خان ٽالپر جي راڄ ڌاري، يعني ارڙهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ڌاري، پارسي ٻولي گهڻي رواج ۾ اچڻ لڳي، ايران جا قابل ماڻهو سنڌ ۾ اچڻ لڳا ۽ پارسي غزل، قصيدا، مسدس وغيره، رواج ۾ اچڻ لڳا. پارسي شعر جي بحرن ۽ وزنن تي خود مير صاحب ۽ ٻيا ڪي سکر ماڻهو شعر چوڻ لڳا، پارسيءَ جي تتبع تي، ساعر، سنڌي شعر به پارسي وزنن تي چوڻ لڳا، انهيءَ وقت ڌاري سيد ثابت علي شاهه ظاهر ٿيو. هن مرثيا ۽ منقبت پارسي نموني تي تمام عمدا چيا. بلڪ ڪي هجوون، سفرناما ۽ ٻين قسمن جو شعر به چيائين. تمام گهڻو شعر چيو اٿس، جو سڀ پارسي بحرن تي آهي، منجهس پارسي لفظ ۽ جمال بلڪل آزاديءَ سان ڪم ۾ آندا اٿس. ڪنهن مرثيي ۾ ته سڀ ڪنهن بند جو بيت پارسي زبان ۾ چيو اٿس، ٻيو سنڌيءَ ۾ ۽ ڪنهن بند ۾ ديوان حافظ مان مصراعون تضمين ڪري آنديون اٿس. شاهه صاحب جي ڪلام وانگي ثابت علي شاهه جا مرثيا به سُر سان ڳائيندا آهن. مرثين جا ٻه – ٽي بند نموني لاءِ هيٺ ڏجن ٿا:-

بيدرد کؤن مَ پُڇ غم، دردِ دِل يتيم،

دردِ دلِ يتيم کي ڄاڻي دلِ دُونيم،

عرشِ عظيم ۾ پيو نت غلغلو عظيم،

عابد يتيم و بيڪس و بيمار کي غنيم،

بابس ۽ ڀائُرن رِڻَ ڪُهي، قيدي ڪري عيال،

ٿيا شام ڏي روانا، وٺي مصطفى جو آل.

ٻئي مرثيي جو بند، جنهن ۾ پارسي بيت آهي:

هئي هئي! نبيءَ جي باغ جا نوري نَوَل نهال،

هئي هئي عليءَ جا راحتِ جان، فاطمه جا لعل،

اڃ کؤن اسارا ٿي هليا، هئي ظلم! هئي زوال!

ڪُومائي، گُل ڪري پيا، ڀونءِ تي ٿي خسته حال،

بادِ خزان و زيد به گلزارِ اهلبيت،

برقِ ستم رسيد به انبارِ اهلبيت.

هن چؤ مصرعي بند ۾ حافظ جو يبت ڏنو اٿس، انهن جون گهڻيون ئي مصرائون انهيءَ مرثيي ۾ ڏنل آهن:

خوشحال ٿي کڻج ايءَ زاري ۽ زبردستي،

سڀ ڀانئج سربلندي، ايءَ عاجزي ۽ پستي،

هنگام، تنگدسي، در عيش کوش مستي،

کاين کيمياي هستي، قارون کند گدارا.

هن مرثيي جي بند ۾ امام قاسم جي پهلواني جي تعريف ۾ شاهنامي جا اشارا آهن، ڪهڙو نه چڱو چيو اٿس:

هن کي ڇا افراسياب ۽ هن کي ڇا اسفنديار؟

ڇا هي بيزن، ڇا هي برزو، ڇا فرامرزالفرار؟!

گيوُ هت گوشو ڪري، نرمي نريمان جو شعار،

طوس جو ڇا تاب هت، گردرزو گرگين گيرودار،

هي مڃي رب جي رضا، سر ڏئي ته ڏئي، ورنه محال،

ناهي ملڪ الموت کي ان جي تقابل جي مجال!

ثابت علي شاهه جي حياتيءَ جو احوال ۽ سندس مرثيا به مون ڇپايا آهن ۽ ساڳيءَ طرح شاهه ڪريم ۽ سچل فقير جي حياتيءَ جو احوال ۽ سندس ڪلام به ڇپايو ويو آهي.

انهيءَ وقت کان وٺي سنڌي عشقيه يا مدحيه شعر پارسي وزنن تي شروع ٿيو، جو اڄ تائين هليو ٿو اچي. پارسي ديوان جي نموني تي، پريندي پريندي، خليفي گل محمد، هالن واري، گذريل صديءَ جي وچ ڌاري سنڌي ديوان لکيو، جنهن کي ديوان گل چون ٿا. انهيءَ ۾ سنڌي الف – ب جي سڀني حرفن جا قافيا ڏنل آهن ۽ انهيءَ ۾ به گهڻا نج سنڌي لفظ ڪم آندل آهن. نمونو هيءُ آهي:

سور ٿيو سينگار جن جو ڏک تني جو آهه ڏيج،

وِرهه ووءِ ووءِ ٿيو وروهڻ، هاءِ هئي هئي آهه هيج!

مرض محبت جو اندر ۾، ڪُهه ڪندو تن کي طبيب؟

درد ٿيو دارو، دلا! ٻُڪيون ڦَڪيون آزار ايج.

جوش جذبي ۾ زياده، منجه طلب واڌُو وَڌن،

ڪو نه ڪن ٿا ٺاهه ٺرئي، جيئن تَپَن، ڪَن تاءُ تيج.

پوک تن جي پرت پڄرڻ، هيجَ هُرلو، نينهن نار،

برهه باهيون ڪُهڙ ڪاڍو، آب اکين آهه ريج،

ٿيا سُڪي سرها سدا، آباد ۾ اَرها مدام،

ٿيا وتن گلزار ”گل“، کاڻن کٽيو ڪو کوب کيج.

(2)

دَور دنيا جي مٿي، اي دل! ڪئي آيا ويا،

سُک مٿي سورن سَٿي، اي دل! ڪئي آيا ويا.

ڪي سوداگر راتو ڏينهان منجهه وٺڻ وڪڻڻ خراب.

ڪوڙ دنيا جا ڪَٿي، اي دل! ڪئي آيا ويا.

ڪِن ڪيون پوکون، ٿيون ڀرپور، پي پاڻي جڏهن،

پوءِ پڪيءَ هَيون هَٿي، اي دل ڪئي آيا ويا.

ٻانڊ ڪيئي بحر ۾ لُڙهندا وتن پاڻيءَ مٿي،

پيا سُڪيءَ پاڻي لٿي، اي دل! ڪئي آيا ويا.

ويا دنيا جا شاهه ڪئي، دنيا ڇڏي منجهه هيٺ ڀونءِ،

پاڻ مهٽيندا کَٿي، اي دل! ڪئي آيا ويا.

گل! حقيقت ٿو پڇين ڪهڙي دنيا جي دؤر جي؟

ڪا خبر ڪنهن کي اَٿي، اي دل! ڪئي آيا ويا.

انهي کانپوءِ ته انهي طرز تي، هاڻوڪي زماني ۾ گهڻن شعر چيا آهن، جي جدا جدا مضمونن تي آهن، اڳوڻي بيتن واري رز تي به اڃا شعر چوڻ ۾ اچي ٿو، پر اڪثر هاڻ پارسي وزنن تي شعر چوڻ ۾ اچي ٿو. مثنوي، قصيدا، غزل، رباعي وغيره هنن پونين شاعرن مان گهڻن ديوان به لکيا آهن، پر انهن سڀني مان ٻن ماڻهن جو شعر خاص تعريف جوڳو آهي: هڪڙو حمل خان لغاري، جنهن جو گهڻو شعر سنڌي توڙي سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي. سچل وانگي، هن جو به سرائڪي شعر سنڌي شعر کان چڱو آهي. اڳوڻي سنڌي شعر جو تتبع ڪيو اٿس. سندس سنڌي بيت جو نمونو هيءُ آهي:

ياراڻي يارن مؤن، ويئي ڙي ويئي،

گڏيل هئي گمان ۾، سا پڌري ٿي پيئي،

محبت لڏي ملڪ مؤن، ڏک ويا ڏيئي،

دوست ڦري دشمن ٿيا، جانب هئا جييئ،

سڄڻ مٺا هئا ساهه کؤن، سامهون ٿيا سيئي،

”حمل“ هاڻ نيئي، ڪنهن کي سور سڻايان؟

سندس هيءُ سرائڪي بيت چرچي جهڙو ۽ اڄوڪي زماني جي ٽوٽ رولو ۽ ٽنڊي ماڻهوءَ تي ٽوڪ آهي. چوي ٿو ته:

ڏِنگي ٽور تي ڏِنگي پٽڪي، اُنگليان پنج ڇهه ڇَلي!

ٻٽوين ڪڍ ڪڍ تي وٽ ڏيندي ابتي پيچ اوَلي!

طُري ڇوڙ تَڙان تي کڙندي، گانڊو ڪر ڪر گلي!

سارا ڏينهن گهٽئين وچ  گهمندي، وَل وَل ڏيوَن ولي!

ٻاهر ٽور لکان دي ٽرندي، گهر وچ ٺڪر ٺلي!

گهم گهم تي گهر آون سانجهي، پيسا مور نه پلي!

اڳيون آکن ڪيا کٽ آئين؟ ورندي وات نه وَلي!

زالان اڳيون زور سي تنهنڪو، خوب ماريندي کلي!

منٿان ڪر ڪر ماءُ ڇڙواندي، اُگهه اُگهه اکيان ملي!

گهر وچ کَلا بُجا، ٻاهر شير بهادر بلي!

حمل جنهن گهر حال اِهو، سو آک ڪيوين گهر هلي؟

ٻيو آهي ميان محمد قاسم هالائي، جنهن کي مئي ٿورا ورهيه ٿيندا، انهيءَ جو ديوان پڻ ڇپيو آهي. شعر پارسي شاعرن جي تتبع تي اٿس ۽ پارسي شعر تمام گهڻو اٿس ۽ پڪو ۽ سنجيده به اٿس. هن جهڙو هن پونئين وقت ۾ ڪو ورلي هوندو.

ثابت علي شاهه ج ي تتبع تي وري هزهائينس مرحوممير حسن علي خان ٽالپر تمام گهڻا مرثيا لکيا آهن ۽ چڱا چيا اٿس.

انهيءَ مان معلوم ٿيندو ته هينئر اسانجي زماني ۾، جيڪو سنڌي شعر چوڻ ۾ ٿو اچي، سو ٻن قسمن جو آهي – هڪڙو اوائل واري نج سنڌي شعر جي طرز يا نموني تي، يعني بيتن ۽ ڪافين ۾ ۽ اهو آهي شاهه صاحب جي تتبع يا پيرويءَ تي ۽ ٻيو آهي پارسي شعر جي طرز تي، يعني مثنوين قيدن، غزلن وغيره ۾ ۽ اهو آهي تتبع ثابت علي شاهه جي شعر جو انهن ٻن قسصمن جي شعر جا استاد اهي ٻه صاحب آهن، سڀني قومن ۽ ٻولين ۾ ڪن خاص استادن جي شعر تي تتبع ڪرڻ جو دستور اصل کان هلندڙ آهي. عيب ليکجڻ ۾ نٿو اچي ۽ اهائي تجويز آهي، جنهن سان شعر ترقي ڪري ٿو ۽ درجي بدرجي ماڻهو چڱو شاعر ٿي سگهي ٿو. مٿي چيو ويو آهي ته چڱن هنرن جو ڪم آهي، اڳوڻن استادن کي نقل ڪرڻ ۽ ائين ڪرڻ سان پنهنجي توڙي ٻين ماڻهن جي دل خوش ڪرڻ. ڪتابي علم جي سرمائي وڌائڻ لاءِ عمدو اپاءُ آهي. سڌريل قومن جا ڪتاب ترجمو ڪرڻ ۽ عمدي شعر جي سڌارڻ جو اپاءُ آهي استادن جي شعر جو تتبع ڪرڻ، يعني انهن جي نموني تي شعر چوڻ، اوهان کي عجب لڳندو ته انگريزيءَ ۾ عمر خيام جي رباعين جي شوق کان پارسي رباعي جو طرز اچي داخل ٿيو آهي، جيئن سنڌي ۾ به ٿيو آهي – يعني چئن مصراعن جي بند مان پهرين، ٻين ۽ چوٿينءَ مصراع جو قافيو هڪجهڙو ٿو ٿئي.

مثال لاءِ، ٻه چار ربايعون، عمر خيام جون سنڌيءَ ۾ ڏيان ٿو:

(1) آءُ آهيان گنهگار، رضا تنهنجي ڪٿي؟

دل منهنجي ٿي بيمار، شفا تنهنجي ڪٿي؟

ڏيندين جي بهشت تون، عبادت جي عوض،

سودو ٿيو اهو، پوءِ عطا تنهنجي ڪٿي؟

(2) ڪيسين اها عمر، خود پرستيءَ ۾ لنگهي؟

يا روح جي نيستي ۽ هستيءَ ۾ لنگهي؟

مئي پي، جنهن عمر ۾ هجن اهڙا فڪر،

بهتر ته اها خواب يا مستيءَ ۾ لنگهي!

(3) اي قاضي! آهيان توکان خبردار وڌيڪ

نشي ۾ به توکان آهيان هشيار وڌيڪ

ماڻهوءَ جو تون پين رَتُ، آءُ پيان ڊاک جو رَتُ،

چؤ هاڻ ته آهي ڪير خونخوار وڌيڪ؟

(4) خايم! گناهه لئه هي ماتم ڪهڙو؟

غم کاءُ نه، غم سان تنهنجو ٿيو ڪم ڪهڙو؟

جنهن ڪيو نه گناهه، تنهن کي بخشش نه ملي،

بخشش ٿي گناهه لاءِ، پوءِ غم   ڪهڙو؟

(5) شيطان ۽ نفس، شهوت ۽ غصو آهه،

جن چئني ٻڌي ڪري ڪئي مون تي ڪاهه،

يا رب! تون بچاءِ دشمنن کؤن مونکي،

هڪ ڪک آهيان آءُ، ۽ چؤطرف آهي باهه.

انهيءَ طرح انگريزي ناٽڪن جي ڪتابن جي طرز تي هينئر هندستان ۾ بلڪ ورس جو رواج پيو آهي، يعني بي قافيه وزندار شعر جو ۽ ڪيترن انگريزي يونن تي ڏيهي راڳ چوڻ ۾ اچن ٿا، جي سڀ چڱا ٿا لڳن، انهيءَ طرح، استادن جي شعر چوڻ يا ٻين قومن جي عمدي شعر يا راڳ جو ترجمو، انهيءَ شعر جي طرز تي، سنڌي شعر ۾ آڻڻ اها هڪڙي عمدي ڪوشش آهي، سنڌي شعر جي ترقيءَ لاءِ .

پڇاڙيءَ ۾، مثال لاءِ آءُ سچل فقير جي هڪڙي ڪافي اوهان کي ٻڌائيندس ۽ انهيءَ جي تتبع تي پنهنجو هڪ ڪافي به ٻڌائيندس. سچل فقير جي ڪافي هيءَ آهي جا اڪثر سر جهنگلي مان ڳائبي آهي:

ٿل – ڏسو عشق جو انصاف، مڙئي مذهب ڪيئين معاف!

مڪي وڃڻ مقصد ڪيهو؟ ڪريو اندر تَنَ طواف

واديءَ ۾ وحدت جي، جڙي لام نه ڪاف

الانسان سري واناسره، غازين آهي غلاف

جوئي مذهب عشق جو، سوئي آهي صاف

سچو انهيءَ ڳالهه ۾، خس نه آهي خلاف

انهيءَ جي تتبع تي هيءَ ڪافي چئي وئي آهي:

ٿل-   منهنجو عشق ٿيو امام، ڪريان تنهن کي نت سلام

عدم منهنجان آدم آيو، ڄمندي ٿيو ڄام

نوري ناري ذات سنديس خاڪي سندس نام

ڪل شيءِ يرجع – آهي اصل جو انجام

عشق جو مذهب نڪو، نه ڪفر، نه اسلام

الف بنا ٻيو نه سجهي، ميم نڪو لام

سچل ڏنو قليچ کي، جو دؤن ڀري جام!

 

افسوس ويا يار، رکيو جن ٿي تميز،

صحبت ٿي لڳي جني جي راحت آميز؛

ڪنهن وٽ وڃي وڪڻون دل جي يوسف کي اسين،

جو هاڻ انهي مصر مان ويا نڪري عزيز.

قليچ

مرزا قليچ بيگ                                   سفر نامو

ڏاڙهياري جبل جو سير

(نوٽ: اصل ۾ هيءُ ڪتابچو، رائل سائيز جي اٺاويهين صفحن تي مشتمل، سنه 1900ع، ۾ منشي پوڪرداس ٿانورداس تاجر ڪتب شڪارپور ليٿو ۾، اسلاميه پريس لاهور مان ڇپايو، هن ڪتاب ۾ مرزا صاحب جن، سنه 1885ع ۾ پنهنجي ڏاڙهياري جبل جي سير جو احوال، ڊائريءَ يا روزنامچي جي صورت ۾ لکيو هو ۽ اُن کي سنه 1900ع ۾ ترتيب ڏيئي ڪتابي صورت ۾ آندو ۽ ڇپايو هو. اُن ڪتابچي جو ”منڍ“ يا ديباچو، مرزا صاحب جن ”اطلاع“ جي عناون سان لکيو:-

اطلاع

سنه 1885ع ۾، جڏهن آءُ شڪارپور ضلعي ۾ نصيرآباد تعلقي جو مختيارڪار هوس، تڏهن ٻه ٽي ڀيرا ڏاڙهياري جبل تي ويو هوس. پهرئين ڀيري جي ڊائري ۽ ٻيو متفرقو احوال بروقت لکيو ويو هو. ٿورا ڏينهن يٿندا، جو ڪاغذ اٿلائيندي اُها ڊائري هٿ لڳي ۽ گذريل ڏينهن جو احوال پڙهي گهڻي خوشي حاصل ٿي. ڏاڙهيارو جبل، سنڌ ۾، چڱيءَ ۽ موافق آبهوا جي ڪري مشهور آهي، جتي وڏا وڏا يُورپي آفيسر ويندا آهن، اُتي جي سڀ شيءِ سنڌ ملڪ کان نرالي آهي، تنهن ڪري مون ڄاتو ته ڏاڙهياري جبل جي احوال پڌري ڪرڻ سان ماڻهن کي هڪڙيءَ مشهور ۽ اڻ ڏٺل شيءِ جي واقفيت ٿيندي ۽ اڳتي، جيڪي ماڻهو اُنهيءَ پاسي ويندا، تن کي به گهڻي سهولت ٿيندي. ”قليچ بيگ“

نوشهرو – فيبروري سن 1900ع

تاريخ 6- جون سنه 1885ع ڏينهن ڇنڇر جي، وارهه کان روانا ٿياسين، سامان وارا اڳڀرو روانا ٿيا هئا ۽ آءُ ۽ نائڪ اٺين بجي صبح ڌاري نڪتاسين. ڏيڍ ڪلاڪ ۾ حمل ۾ پهتاسين. سامان وارا پوءِ آيا، ڏينهن گذاري. شام جو ڇهين بجي ڌاري نڪتاسين. علي خان، گانئچن جو چڱو مڙس ۽ عالم خان ڪمدار غيبي خان چانڊئي جو، ٽن اُٺن سان اسان کي اچي گڏيو. هڪڙو سامان جو اُٺ، پنهنجن ٻن نوڪرن صابن ۽ پَرئي سان اڳي روانو ڪيوسين ۽ ٻه گانئچا اٺن وارا به هنن سان گڏيو ۽ آءُ ۽ نبي بخش چپراسي هڪ اٺ تي، علي خان ۽ عالم خان ٻئي اٺ تي چڙهي ڇهين بجي شام جو حمل مان نڪتاسين، ڳچ پنڌ ڪري، سامان واري اٺ کان لنگهي ٽَڪَرن ۾ آياسين. پهريون گَهٽَ، جو لنگهياسين، ان جي اُتر ڏي بدربان ٽڪر هو ۽ ڏکڻ ڏي ڪڪريو ٽڪر هو. بدربان ٽڪر تي اهو نالو ڪيئن پيو، تنهن بابت علي خان ذڪر ڪري ٻڌايو ته ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾، جڏهن ڪلهوڙن، کوسن کي ڀڄايو، تڏهن هڪڙي کوسي جو بدر چانڊئي ساکاڻيءَ سان هڪ گهوڙي ۾ اڌ حصو هو. بدر کي جڏهن اها خبر پيئي ته اُهو کوسو سندس بائٺي گهوڙيءَ تي چڙهيو ڀڳو ٿو وڃي، تڏهن انهيءَ گهٽ ڌاري اچي پهتس ۽ چيائين ته گهوڙي جو اڌ نبيري وڃ! تنهن تي انهيءَ کوسي وراڻي ڏنيس، ”ٻيلي! هينئر ته آءٌ تنگ اچي ڀڳو ٿو وڃان، جڏهن ضلعي سانت ٿئي ته پوءِ توکي تنهنجي پتيءَ وارو اَڌ نبيرو ڪري ڏيندس.“ پر چانڊئي کانئس تنگ طلبي ڪئي، تنهن تي کوسي کي چڙ آئي. بدر کي ترار سان ڌڪ هڻي ماري وڌائين، جنهن کي انهيءَ هنڌ جي آسپاس دفن ڪري ڇڏيو اٿن. انهيءَ ڪري انهيءَ ٽڪر کي بدربان جو نالو مليو. ڪڪريو نالو، انهيءَ ڪري پيو، جو اتي روهين جا پهڻ تمام گهڻا آهن، انهيءَ گهٽ ڌاري ٻه – ٽي قبرون به آهن پر اهي ٻين ساکاڻين جون آهن، اُهو گهٽ لنگهي پوءِ سنگاني جي ٽڪريءَ مان لنگهياسين پوءِ وري اتر ڏي بَنُ ۽ ڏکڻ ڏي چرلو ٽڪر آيو. بن نالو انهيءَ ڪري پيو، جو اتي ٿوٻينُ جهڙا پهڻ آهن، جن تي جابلو ماڻهو ماني پچائيندا آهن، نئين مزاراڻي اڳيان آئي، جنهن ۾ تازو پاڻي آيل پئي وهيو، تهن جي ڀَر ڏيئي سج اچي تيرٿ جي ڍوري وٽ لٿو، جتي ٻڪريون نظر آيون، تنهن ڪري کير جي لالچ تي رهي پياسين.

سماءُ ڪري ڏٺوسين ته پاسي تي هڪڙو ڌڻ ٻڪرين جو به هو ۽ هڪڙو ماڻهو به انهيءَ سان هو. پوءِ اتي، صفا جاءِ ڏسي، اٺ جهوڪائي، هنڌ وڇائي، ويهي رهياسين. سگهوئي سامان وارو اڄ به اچي رسيو. پوءِ ماني رڌي کائي پي سمهي رهياسين. انهيءَ هنڌ هڪڙو چانڊيو ڌڻ سان ويٺل هو، نالو ڪنڊوري هوس ۽ عمر جو نوي کن ورهين جو ۽ هڪڙو ٽيون ماڻهو به ساڻن هو، جو معلوم ٿيو ته ان جي زال جو مائٽ هو، جو ٽن چئن ڏينهن کان وٽن مهمان هو، نه ته فقط زال مڙس، ٻه ڄڻا پنهنجي ڌڻ ۽ هڪ ڪتي سان اهڙي سڃي ٽڪر جي اپڙ ۾ رهندا هئا مون هن کان احوال پڇيو. چيائين ته ”آءُ ڄائو به آسپاس واري ٽڪريءَ جي پاڙ ۾ آهيان. پَڪي خبر نه اٿم. جو منهنجا ماءُ – پيءُ ننڍي هوندي مري ويا هئا. سڄي عمر، هڪڙي هنڌان ٻئي هنڌ ٽَڪرن ۽ چُرن ۾ پئي گذاريو اٿئون.“ کاڌ خوراڪ لاءِ چيائين ته پيرون ۽ ٻير سندن لاءِ غنيمت آهن. عيد يا ٻئي چڱي ڏينهن تي اَٽو يا چانور کائيندا آهن، ٻيو کير ۽ ڏڌ ڪم آڻيندا آهن ۽ مکڻ شهر ۾ وڪڻي ڪپڙو گندي ڪندا آهن. ان ماڻهو کي هڪ جوان پٽ به هو، جو ٿورا ڏينهن ٿيندس ته مري ويو هو، جنهن جو ڏاڍو ڏک هوس. جوڻس لاءِ پڇيومانس ته ههڙي جهنگ ۾ ڪيئن ويامندي هئي؟ چيائين ته جيئن ٻڪريون ٿيون ويامن! دائي ڪانه هئي. پاڻيهي ٻار ڄڻي، ٻئي ٽئي ڏينهن چڱي ڀلي ٿي اُٿي شهر ۾ وڃڻ اصل پسند نٿي آيس، جو چيائين ته چور چڪار جيڪر سندن مال چورائي وڃن.

تاريخ 7- جون، ڏينهن آچر، فجر جو سويرو روانا ٿياسين. سامان وارا اڳڀرو ويا. مزاراڻي نئي جي ڀر ڏيئي، ڇني بٺيءَ تي آياسين، جتي ڳائو مال ۽ ڪي ماڻهو ڏٺاسين، پوءِ ڳاڙهي ڀَر جي ٽَڪرءَ تي آياسين. اِهو ٽَڪر اَڌ مان ڀڳل هو. معلوم ٿيو ته ڏهه پندرهن ورهيه اڳ ڌرتي ڌٻي هي، تنهن ۾ اهو ٽڪر به وچان ڀڄي پيو هو پوءِ ڪرن واري لڪيءَ تي آياسين ۽ پوءِ پيراچه مڪان ۾ آياسين، جتي ٻه ٽي مڙس ۽ ٻه ٽي زالون برپٽ ۾ ويٺيون هيون، هتي جا ماڻهو انهي کي ”ڳوٺ“ سڏيندا آهن، اُتان هڪڙو ماڻهو مزور ڪري کنيوسين، وري اڳيان اونهڙ جي ڏاٺ تي آياسين. هتي ٽڪر جي پاڙ ۾ پاڻي به بيٺل هو ۽ مٿي ٽڪر جي ڀر تي هڪڙو ڊٺل بنگلو به ڏسڻ آيو. اُٺن وارن کي چيوسين ته ٽَڪر جو پاسو ڏيئي اچن، جو وَرُ گهڻو هو ۽ اسين ٽَڪر تان چڙهي هن پاسي ماٿريءَ ۾ لٿاسين، اُنهيءَ ٽَڪر جو نالو ڪاٺي لڪي هو. انهيءَ جي ڏکڻ ڏي زال لَڪڙي هئي. انهيءَ لَڪ جو اِهو نالو، هڪڙيءَ زال تان پيو، چون ٿا ته اُنهيءَ ٽڪر جي هن اپسي، زال مڙس رهندا هئا ۽ هن پاسي ڪنهن زماني ۾ هڪڙو سوداگر اچي لٿو هو، جنهن سان انهيءَ زال جي دوستي ٿي وئي. هو زال ٽڪر تان آرپار چڙهي انهي سوداگر وٽ ويندي هئي ۽ اهو لَڪُ اهڙو سنهڙو ۽ ڏکيو آهي، جو لنگهڻ مشڪل آهي، چون ٿا ته جيسين اُنهي زال جو مڙس پاسي کان ڦري سوداگر وٽ ويندو هو، تيسين اُها زال وري اچي هُن پاسي ويهندي هئي. هڪڙي ڏينهن مڙس پنهنجي زال کي سوداگر وٽ ڏسي شڪيو. وري اچي زال کان پڇيائين، جنهن چيس ته سوداگر جي زال، منهنجي ڀيڻ آهي ۽ نَڪ وٽ تر اٿس، اگرچ ٻي سڄي مون جهڙي آهي. پوءِ زال جڏهن ويندي هئي، تڏهن نَڪ تي مس جهڙو ڪارو چٽو ڪري پوءِ ويندي هئي ۽ مڙسس، ائين ڀائيندو هو ته اِها سندس سالي آهي، نيٺ ائين ڪندي هڪ ڏينهن سوداگر سان ڀڄي ويئي. اُها جاءِ لنگهي، ماٿر ڏيئي، ٻي ڳاڙهيءَ ڀر وٽ آياسين، جتي پاڻيءَ جو اونهو چشمو هو ۽ ٽي چار کٻڙن جا وڻ هئا، اتي ڇانو ڏسي وڻ هيٺ لهي پياسين ۽ جيسين سامان وارا آيا، تيسين پيرون کائي ڍؤ ڪيوسين. جنهن هنڌ اسين لٿا سين انهيءَ کي ”صفر طوق ڍوري وات“ ڪري سڏيندا آهن. سڄو ڏينهن جهولو پئي لڳو پر ڏکيو سکيو وقت لنگهي ويو. شام جو چشمي ۾ وهنجي اڳتي روانا ٿياسين.

اها صفر طوق جي ڍوري نئين دالان منجهان آهي ۽ اوڀارئين پاسي کان صفر طوق جو ٽڪر آهي، سو ڏئي نڪتاسين ته اڳيان سڄي پاسي ٻي ڍوري آئي، جنهن کي رُکي رونئي جي ڍوري سڏيندا آهن، جو رکيو نالو گائنچو گهڻا ورهيه ٿيا جو اتان لنگيو ٿي ويو ته مٿان رَو آيو، سو گهلي کڻي ويس، تنهن کانپوءِ، اها ڍوري، انهيءَ جي نالي سڏبي آهي. پيچرو ڏيئي رستي ۾ هلياسين ته ڪڙوال جي ڏيوري آئي، جتي پاهڻن جو ڍڳ آهي ۽ انهيءَ جاءِ تي ڪڙوال نالي ڪو ماڻهو مري ويو هو، هتي دستور آهي ته جتي ڪو ماڻهو مري ۽ اولاد نه هجيس ته پهڻ جو ڍڳ ڪري، ڏيوري جوڙي ڇڏيندا آهن. پوءِ سندس لاش ٻئي هنڌ نيئي دفن ڪئي هوندائون ته به حرڪت ناهي!، انهي کانپوءِ اسان کي طوفان جهڙي واچ آئي، جا لنگهائي اڳتي وڌياسين، اڳتي جو رستو سڌو، اتر ڏي، ٻن مٿانهن جبلن جي وچان آهي، اوڀر ڏي صفر طوق ۽ اولهه ڏي پڻ گهڻين جاين تي ڏسڻ ۾ آيو ته پهڻ جي ڀت ٻڌل هئي. جا ڏينهن پئي ڊهي پيئي هئي، پر گهڻو ڀاڱو سالم هوس، ظاهر آهي ته پاڻي جي جهلي بيهارڻ ۽ آبادي ڪرڻ لاءِ اها ڪوشش ڪيل آهي، پر هتي مشهور ڳالهه هيءَ آهي ته مولى علي جي ڏينهن ۾ هتي ڪافر ديو رهندا هئا. سي پاڻي بند ڪري آبادي ڪندا هئا. صبح جو پوکيندا هئا ته سانجهن جو فصل پچي تيار ٿيندو هو، پوءِ هڪڙو هڪڙو ديو خرار کن ان جو ڀُڃي، ڌڻيون ڪري، گوڏ ۾ وجهندو هو ۽ ڪاسي ڪاسيج يڏو ڦَڪ ڀريندو هو، انهن کي نيٺ مولى علي ماري مڃايو.

رستي ۾ ٻي بادار جي ڏيوري ملي، انهيءَ کان وري هيٺ ماٿريءَ ۾ لهڻو ٿو پوي. پر ماٿر اهڙي هيٺ آهي، جو ان کي ڏسندي مٿو ڦريو وڃي، انهيءَ ماٿر ۾ جا ڍوري آهي، تنهن کي ”ليهڙي جي ڍوري“ سڏيندا آهن، اتي چيروليءَ جا تهن جا تهه بيٺا آهن، اڳيان وري بن اچي ٿو، جو تمام وڏو جبل آهي پر ڪَچو، چيڪي مٽيءَ جهڙي شڪل جو آهي. پاڙ ۾ چار پنج ڳاڙهي رنگ جا وڏا گولا پيل هئا، جن لاءِ چيائون ٿي ته اڳئين زماني ۾ ڪافر هئا، جو مولا عليءَ جي هڪل کان پنڊ پاهڻ ٿي پيا آهن. پوءِ جيڪو رستو اُترئي اُتر ڏي هليو ٿو هلي. سو ٻن جبلن جي وچان ٿو وڃي، يعني اوڀر ڏي بن جبل ۽ اولهه ڏي زرد جبل جنهن تي پيلي ڳاڙهي رنگ وارن پاهڻن جي ڪري اهو نالو پيو آهي. ٿوري پنڌ ڪرڻ کانپوءِ هڪڙو گائنچو ٻڪرار سؤ کن رڍن سان مليو، تنهن کان کير ڏهائي پي ڍؤ ڪيوسين ۽ ٻيو رات لاءِ به کنيوسين، پوءِ سڌو آياسين، ”منڌري جي ڍوري“ تي، جتي ٽڪر جي چُر ۾ سم جو چشمو هو ۽ ٻه ي گهر به هئا. يعني ماڻهو زالين مڙسين ويٺل هئا، گهر جوڙيل ڪو نه هو، ۽مٿان رات به پيئي، تنهن ڪري اتي لهي پياسين، اتي چار همراهه ٻيا به گائنچن جا اسان کي گڏيا، جو هنن کي اُتي ملڻ لاءِ چيو ويو هو، رات چڱي گذري ۽هوا به چڱي هئي، مڇر به ڪو نه هو، جهڙو اڳينءَ رات هو.

تاريخ 8- جون، ڏينهن سومر صبح جو سمير آءُ ۽ علي خان ۽ پريو ڇوڪر، پيادا اڳڀرو نڪري هلياسين، جو اُٺ اڃا نه آيا هئا، اُتي ماٿري ڏيئي اولهه ڏي زرد جبل منجهه هلڻو ٿيو، هن جبل ۾ عجب جهڙيون جايون ڏٺيون سين. چوڌاري ٽَڪر آسمان سان لڳا پيا هئا ۽ ڇانو ئي ڇانو لڳي پيئي هئي. ٽي ڪُتا به اسان سان هئا، جبل ۾ گهڙڻ کان اڳي ٻٻر نالي گائنچي جي قبر آهي، جنهن کي ڪنهن بروهيءَ ماري وڌو هو. پوءِ جبل جي ڏاٺ، جنهن کي ”ليهڙي جو گروک“ چون ٿا، سو آيو، اُهو لنگهي، جبل ئي جبل ڏيو لهندا چڙهندا، ٽڍاڪ تي آياسين، جتي هيٺان پاڻي جو چشمو به آهي ۽ مٿي هڪ ڊٺل سرڪاري بنگلو به آهي، اُتي هڪڙي زال ٻار سان هئي ۽ ٻه گڏهه به ساڻ هئس. معلوم ٿيو ته مڙس ماڻهو پيرون چونڊڻ ويا هئا، اتان لنگهي وري جبل تي چڙهي، ڌياڻي جي جهڪ وٽ آياسين، اُتي ٻه ٽي کٻڙ جا وڻ ڏسي ويهي رهياسين، جو مٿي ٻي ڇانو ڪانه ٿي ڏٺي. ٿوري دير کانپوءِ سامان وارا به آيا. ٻيا اُٺ ٽڍاڪ تي ڇڏي آيا، رڳو هڪڙو اُٺ پاڻ سان آندائون ۽ ٻيو سامان گائنچا مٿن تي رکي کڻي آيا.

شام جو سوير پنجين بجي ڌاري پيادا نڪتاسين، پيرن ۾ کڙٿڻ ڍڪڻا پيا ۽ هٿ ۾ لٺ کڻڻي پيئي، جو مٿي چڙهڻو هيوسين. اُهو ”پينئري جو جبل“، جنهن تي هاڻ چڙهياسين تمام اُچو آهي ۽ چڙهڻ لاءِ اهنجو آهي، پهريائين ”بروهيءَ واري تراري“ لنگهياسين، پوءِ هڪ ڍوري ۾ آياسين، جنهن کي ”ڪارڙو جُهڙ“ چوندا آهن، سا ڏئي وري ڪارڙي ڀَر ڏئي، پيئنئري جي چوٽي تي آياسين. پوءِ وري هيٺ لهي ماٿر ۾ آياسين جنهن کي ”ڪڙڇ جي ڍوري“ چون ٿا، ليڪن انهيءَ لهڻ ۽ چڙهڻ ۾ ڏاڍي مشڪلات ڏٺيسين، جو ساهيون کڻندا ويهندا، پاڻي پيئندا آياسين، رستي تي ڳانڱن جا وڻ گهڻا هئا، جي ڇنندا کائيندا آياسين، گگر، هرمرو ۽ ٻيا ڪيترا مزي جهڙا وڻ ۽ ٻوٽا هئا، هڪڙو گاهه، جنهن کي پوئي سڏيائون ٿي، سو تمام سرهو هو. اُهو ڊڀ وانگي آهي، ۽ انهيءَ وانگي گهڻو ٿئي ٿو. ڪجهه انهيءَ کان سنهو آهي.

چون ٿا ته مولا عليءَ پٿر وڇائي، اُنهيءَ گاهه تي سُتو هو، سو سندس پگهر جي بُوءِ منجهس رهجي ويئي آه. ڪڙڇ ۾ رات پيئي. سامان جو اُٺ اوستائين هليو آيو، پر اهڙا لاها – چاڙها جو هر ڪو اُٺ نه هلي سگهندو، مٿانهينءَ تي لهي پياسين ۽ ڪي ماڻهو، ٿوري پنڌ تان، پاڻي ۽ کير آڻڻ لاءِ موڪلياسين، جو آندائون ۽ ماني کائي سُمهي پياسين. انهيءَ هنڌ جي ڏکڻ ڏي هڪڙو پير آهي جنهن جي قبر به اُتي آهي. مٿانئس پکو آهي هن کي پير حسن تڪڙو چوندا آهن. هن پير تي روٽ ڏيندا آهن، سو پچائي ورهايوسين، ته جيئن خير سان وڃي مٿي پهچون، انهيءَ پير جو پيءُ باري پير وري مٿي کير ٿر ۾ آهي، جو انشاءَ الله تعالى سُڀاڻي وڃي ڏسنداسين. ڪڙڇ جي اوڀر ڏي آهي پينئرو جبل جو لنگهي آياسين ۽ اولهه ڏي آهي کيرٿر، جو انهن سڀني جبلن کان مٿانهون آهي، سنڌ ۾ پري کان ائين پيو ڀانئجي ته ڄڻ اهو هڪڙو ئي وڏو جبل اولهه کان بيٺل آهي پر مٿئين احوال مان معلوم ٿيندو ته هڪڙي جبلن جي قطار لنگهجي ٿي ته ٻي ٿي اچي ۽ ٻي لنگهجي ٿي ته ٽي ٿي اچي!، ائين ڪيتريون ئي جبلن جون قطارون آهن، جيئن پوءِ تيئن وڏيون! جڏهن پوئينءَ قطار جي چوٽيءَ تي چڙهي اوڀر ڏي ٿو ڏسجي، تڏهن ائين ٿو ڀانئجي ته ڄڻ اُهي ننڍڙيون بيٺيون آهن، يعني اُهي ننڍيون معلوم ٿيون ٿين، پر آهن وڏيون!

تاريخ 9- جون، ڏينهن اڱارو – فجر جو سوير، سنبت ڪئيسين. سامان واير اُٺ جي اڳتي هلڻ جي جاءِ نه هئي، تنهنڪري سڀ سامان ماڻهن کي ڪلهن تي کڻڻو پيو. کير ٿر تي چڙهڻ لڳاسين، سڍي ڇهين بجي نڪتاسين وچ ۾ هڪڙي ٿُڙي جبل جي آهي، جنهن کي ٻلي ٿڙي ڪري سڏين ٿا، جو معلوم ٿيو ته هنڊرسن صاحب جي ڪا ولائتي ٻلي اتي گم ٿي وئي هئي. اِتي منزل ڪندي ڪيترو انعام باسيو هئائين، جو ڳولا ڪندي ماڻهن چَر ۾ وڃي ٻلي لڌي، پر وٺڻ نٿي ڏنائين. نيٺ صاحب جا ماڻهو هيٺيان آيا، جن اچي ٻليءَ کي جهليو. انهيءَ ڪري انهي هنڌ کي ٻليءَ جي ٿڙيءَ جو نالو مليو. رستي ۾ ڪهوءَ جا وڻ ۽ پيس جا تمام گهڻا وڻ آهن، چڙهندا چڙهندا، ساهيون کڻندا، ڏهين بجي ڌاري چويءَ تي آياسين، وري هيٺ ميدان وانگي زمين ڏسڻ ۾ آئي، جو کير ٿر جي چوٽي، رڳو ٽڪر ڪين آهي، ميدان لڳا پيا آهن، جهڙا شهرن ۾ ٿيندا آهن. سَوَن جريبن، ڪڻڪ جي پوک بيٺل آهي،  هتي ماڻهو هر ڏيئي، ناڙيون ڪري، ٻج وجهي پوءِ هيٺ لهيو وڃن، وري نائين مهيني اچي لابارو ڪن، جو پوک پچڻ ۾ نو مهينا لڳن ٿا، ۽ پوکيندڙن جي غير حاضري ۾ ڪنهن مال يا ماڻهوءَ جي زيان جو ڊپ ڪو نه ٿو رهي. هي وڏيري غيبي خان جي جاگير جو ڀاڱو آهي. سو ماڻهن کي آبادي لاءِ موڪل ڏيندو آهي ۽ هنن کان ٻيو ڪجهه به ڪين وٺندو آهي، رڳو مٿن اهو ڪم رکيل آهي ته جڏهن ڪو به سرڪاري ماڻهو اچي، تڏهن ان جي خدمت ڪن. جنهن ميدان ۾ پوکن جي ڀرسن سرڪاري بنگلو جڙيل بيٺو آهي، تنهن ۾ وڃي لٿاسين. آسپاس ماڻهو، مڙسين زالين، اَن جي گڏ ڪرڻ، وائرڻ ۽ ٻارين جي صفا ڪرڻ ۾ لڳل هئا، لهڻ سان اسان وٽ گهڻائي ماڻهو اچي گڏ ٿيا. هي ماڻهو ذات جا نومڙيا آهن ۽ خان جي پاسي جا آهن، جي رڳو هتي پوک ڪندا آهن. هنن نومڙين جي پاڙي کي ڇٽا ڪري سڏيندا آهن. هي سڀ دودي چنيسر جا ماڻهو هئا، جنهن کي جڏهن بادشاهه علاؤ الدين شڪست ڏني، تڏهن سڀ اُٿي ڀڳا، اُنهن مان جيڪي جند ڇڏائي ڀڄي ويا، تن کي ڇٽا چوندا آهن ۽ جيڪي کهيا، يعني ڀڄي نه سگهيا پر رهجي ويا تن کي کهاوڙ سڏيندا آهن. هتي مزي مزي جهڙا وڏا درخت بيٺل آهن، ڪَهُو جا وڻ تمام گهڻا آهن ۽ پيس به نهايت گهڻي آهي. شڪل ۾ پيس ننڍي کجيءَ وانگي آهي. پيس توڙي ڪَهُو ٻير جهلي ٿو، جي تمام مٺا ٿين ٿا، ٻيا وڻ ڊُوَڻ ٿرهرو، وڻو ۽ بادام جا به آهن.

شام جو هوا کائڻ وياسين، کير ٿر جي چوٽيءَ تي جيڪو ميدان آهي ۽ جنهن تي پوک به ٿئي ٿي، تنهن کي ڏاڙهيارو ڪري چون ٿا. جبل جي چويءَ تي، هڪ ڦوڙ چُر وانگ ڳچ پنڌ ۾ هليو هلي، جنهن جي مٿان ۽ پاسن کان روهڙي نالي گهاٽا وڻ ۽ اَنجير جا وڏا وڻ بيٺل آهن، منجهن ڦَرُ اَڃا ڪچو هو. روهڙي وڻ جو ڦَر ٻيرنَ وانگي آهي، جو ڪُٽي، کير ۾ وجهي ثعلب مصريءَ وانگي کائين ٿا ۽ منجهس اثر به اهڙو ئي آهي، انهيءَ چُر جي مهڙ وٽ هڪ پهڻ تي، جن صاحبلوڪن جو هتي وقت بوقت اچڻ جو اتفاق ٿيو آهي، تن پنهنجا نالا اَڪيري ڇڏيا آهن. ٻين نالن مان هنڊرسن صاحب (سال 1861ع)، بولٽن صاحب (سال 1862ع) ۽ والٽن صاحب جا نالا به هئا. مون به پنهنجو نالو اُتي اُڪيري ڇڏيو.

تاريخ 10- جُون، ڏينهن اربع – فجر جو، ڪُتا ساڻ وٺي، ٻه ٽي ڄڻا گهمڻ نڪتاسين. بنگلي جي اولهه ڏي جيڪا حد وارن ٽَڪرن جي قطار آهي، تنهن تي چڙهڻ جو ارادو ڪيوسين رستي تي واڻين جا ٻه هَٽَ آهن، پنج – ڇهه واڻيا هَٽُ ڪڍيو ويٺا آهن. عجب آهي ته واڻيا ماڻهو پنهنجي فائدي جي اميد تي ڪٿي اچي نڪتا آهن! جيڪي پوک ڪندڙ آهن، تن کي، اُهي واڻيا پئسو پنجڙ به ڏين ۽ پوک لاءِ ٻج به ڏين ۽ ڪپڙو گندي به اُڌارو ڏين. پوءِ ڇهه مهينا جيڪي سانوڻ جا هتي رهندا آهن، سي گذاري حساب ڪتاب صفا ڪري هليا وڃن. انهيءَ وچ ۾ پنهنجو واپار به پيا هلائين. هتي گيهه سهانگو آهي. هڪ رپئي ۾ ٻه سير ۽ هڪ آنو گيهه جو ملي. سو به واڻيا وٺن ۽ ڪَهُو جي ڪاٺيءَ جا ٿُلها ۽ ٽي فٽ ڊگها ٽُڪر هڪ رپئي ۾ ٻارهن وٺن ۽ ان سودي هيٺ موڪليندا آهن، ڪڻڪ جو ٻج، هڪ ڪاسو ڏين پوءِ فصل لٿي ان جي عيوض پنج ٽويا وٺن. تمام آسودا آهن. وٽن ماڻهن جي ڏاڍي رُجاعت آهي. ٽَڪر تي چڙهي ڏکڻ ڏي هلياسين. اُنهيءَ قطار جي پريان خان جو ملڪ آهي، سو به ڪوهن ۾، رڳي ٽَڪر ئي ٽَڪر آهن. هن پاسي جيترو جبل لنگهڻ ۾ آيو، انهيءَ کان به گهڻو آهي ۽ ميدان ۾ ڪڻڪ جي پوک به تمام گهڻي ٿئي ٿي. هلندي هلندي هڪڙي هنڌ هڪڙو ننڍڙو غار ڏٺوسين، جو هيٺ هليو ٿي ويو. منجهس وڏو پهڻ اڇلايوسين ته ڏهه سيڪينڊ برابر کڙڪندو هليو ويو پوءِ هيٺ تي آواز ٻڌڻ ۾ نه آيو، انهيءَ ٽَڪر جي پريان اولهه ڏي هيٺ، نئي گاج وَهيِ ڏکڻ ڏي هلي وڃي ٿي، جا ليڪي وانگي پيئي ڏسجي. اِها چوٽي اهڙو مٿي آهي جو هيٺ ماڻهو ڌڻ وٺيو ويٺا هئا ته مٿان موچارن پٿرنوانگي مَسَ ڏسڻ ۾ ٿي آيا. وري هيٺ، هڪ ٻيءَ چُر وٽ آياسين، جا سيهڙن جي ويهڻ جِي جاءِ هئي، جو در تي، سيوهڙ جو گند ۽ کنڀ پيا هئا. گهڻا کنڀ گڏ ڪياسين جي قلمن وانگي آهن، ڪُتا، چُر ۾ گڏ ويا تمام گهڻو اندر ويا ۽ شايد وڃي سيهڙ کي جهليائون، جو ڀونڪيا پئي ۽ ٻاهر سندن ڀونڪڻ جو آواز اهڙو ٻڌڻ ۾ پئي آيو جو ڄڻ ته اڌ ڪوهه پنڌ تي ٿا ڀونڪن، آخر ۾ انهن مان جولي ۽ شمڪي نلي ٻه ڪتا ٻاهر موٽي آيا ۽ روزيءَ نالي ڪُتِي اندر رهجي ويئي، گهڻي وقت تائين ان کي سڏيوسين ۽ مٿا مُونا هنياسين پر نه نڪتي، آخر لاچار ٿي اسين هلڻ لڳاسين، سمجهيوسين ته اندر ڪا غار ۾ ڪِري پيئي آهي، پوءِ اڳيان وري جبل جي سڀ کان مٿانهين چوٽي آئي، تنهن تي چڙهياسين اها چوٽي پينئي جبل جهڙي مٿي هئي، مٿي چڙهندي، رستي ۾ بادام جي وڻ مان لڪڻ ۽ باداميون ڇنيوسين ۽ ڪيترن ئي قسمن جو ٻوٽيون، گلن سان ڏٺيوسين، جن ۾ طرحين طرحين جي سُرهاڻ هئي. نيٺ چوٽي تي آياسين. اُتي دَنگ جو نشانو کُتل هو. پهڻن جي ڍڳ ۾، بانس جي هڪ ٿلهي ڇڙهه کُتل آهي. هُن پاسي خان جو ملڪ ۽ هِن پاسي انگريز سرڪار جي حد آهي، انهيءَ هنڌ جي چوڌاري عجب جهڙو نظارو آهي جو ڳڍ تائين دوربينيءَ سان ويهي ڏٺوسين. ٻه ٽي ڏينهن، هي جبل، جي مٿا هڻي لنگهياسين، سي ماڻهو جي قد جيڏا مَس هئا، عجيب جهڙو ڏيکاءُ هو ۽ خدا جي قدرت ڏسڻ ۾ ٿي آئي! انهيءَ نشان جي ويجهو، اوڀر ڏي وري هڪڙي قبر پهڻن جي ٺهيل آهي انهيءَ کي ”ڪُتي جي قبر“ چون ٿا. روزي ڪُتي لاءِ اسصان ارمان پئي ڪيا ته ڏسون ته اوچتو اها پٺيان اچي نڪتي. ڀانئجي ٿو ته ڏاڍا مٿامونا هڻي نڪتي آهي ۽ پوءِ اسان جو پيرو کڻي هتي اچي پهتي آهي. هن کي ڏسي گهڻو خوش ٿياسين، پنهنجن ٽنهي ڪتن کي ”ڪتي جي قبر جي زيارت ڪرائيسين، جو گويا اُهو ڪتو مڙني ڪُتن جو مرشد هو ۽ اِها ڪتن جي تيرٿ جي جاءِ هئي.  جيئن ماڻهو ڀيٽيندا آهن تيئن ڪتن لاءِ به هيءَ شرف جهڙي جاءِ هئي. انهيءَ ڪتي کي پڻ اصحاب ڪهف جي ڪتي جهڙو شرف حاصل آهي، جو چون ٿا ته ڪنهن ماڻهوءَ وٽ هڪ ڪتو هو، تنهن تي ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جو سؤ رپيا قرض هو. سو قرض ۾ هُن اهو ڪتو کڻي هن کي ڏنو هو – ڳهه وانگي، ٿورن ڏينهن کانپوءِ جڏهن انهيءَ ماڻهو کي پئسا ٿيا، تڏهن قرض موٽڻ لاءِ هن ڏي هليو. ڀانيائين ته قرض ڏيئي پنهنجو ڪتو ڇڏائي ته رستي ۾ اُهو ساڳيو ڪتو گڏيس، جو به ڏانهن ئي ٿي آيو. هن ماڻهوءَ ڀانيوته ڪتو بيوفائي ڪري جنهن کي سندس ٻانهن ڏني هئائين، تنهن کان ڀڳو ٿو اچي، تنهن ڪري غصي مان هن کي بُجو به ڏنائين ۽ ٿُڪ لعنت به ڪيائين، جو سندس نافرماني ڪري ڀڳو ٿي آيو. اها ڳالهه ٻڌندي ڪتو اُتي جو اُتي مري پيو! جڏهن اهو ماڻهو پنهنجي قرض خواه وٽ ويو، تڏهن پُڇا مان معلوم ٿيس ته جنهن ماڻهوءِ وٽ اهو ڪتو ڳَههُ پيل هو، تنهن جي گهر کي چورن کاٽ هنيو هو ۽ تمام گهڻي ملڪيت کنيو ٿي ويا ته ڪتي جي باهوڙ ۽ ٻيءَ ڏاهپ کان ڌڻيءَ کي سجاڳي ٿي ۽ ڪتي جي پٺيان وڃي چورن کي به پڪڙيائيون ۽ مال به ڇڏايائون. اهو ماڻهو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ دل ۾ چيائين ته انهي ڪتي گروي جي پئسن کان به وڌيڪ پاڻ موکيو، تنهن ڪري هن کي آزاد ڪيائين ۽ موڪل ڏني هئائينس، جو پنهنجي اصلوڪي ڌڻيءَ وٽ ٿي ويو. ڪتو اهڙو وفادار هو، جنهن پنهنجي ڌڻيءَ جو قرض موکيو، تنهن کي جو پنهنجي ڌڻيءَ بيوفائي جي تهمت ڏني، تنهن ڪري اهڙو ڏک ٿيس جو اتي جو اتي مري ويو ۽ سندس مرڻ جو هنڌ اهوئي هو، جتي هن کي پوري قبر ٺاهي ڇڏي اٿن. سگهوئي ”ڪتي جي قبر“ کان هيٺ لهڻ لڳاسين. جبل جي پاڙ ڌاري، وري باري پير جو مڪان آهي، جتي زيارت لاءِ وياسين. هيءُ هڪڙي مسيت جهڙي ڪوٺي ۽ اڱڻ آهي. اندر تڏا وڇايا پيا آهن. وچ ۾ جاءِ جي ٿوڻي کُتِي پيئي آهي، جنهن جي پاڙ ۾ خاڪ پيئي آهي. دَر تي هڪ رسي ۽ گهنڊ پيا لڙڪن ۽ ٻاهر هڪڙو پهڻ پيو آهي، جنهن تي خيرات جي لاءِ ٻڪريون ڪُهند آهن. ڀَر ۾ وري هڪ وڏو وڻ ڪَهُو جو بيٺو آهي، تنهن تي انهن پَهُرن جون کَلون ٽنگيون پيون آهن، جيڪي مراد وارن ماڻهن اتي ڪُٺا آهن، اسان به هڪڙو پَهُرو اتي خيرات ڪيو، اتان وري هيٺ ميدان تي لهجي ٿو، جتي ڪڻڪ جي پوک ٿئي ٿي، سا ڏيئي وري منزل وري بنگلي تي آياسين، ڏينهن جو بنگلو ڇڏي، وڃي هيٺ ڦوڙ ۾، وڻن جي ڇانوَ هيٺ کٽولو وجهائي ويٺاسين، جتي ڏاڍي فرحتي هوا پئي آئي ۽ ڏينهن به جُهڙالوهو، هيءَ ڦوڙ، گهڻي پنڌ ۾، اُتر کان ڏکڻ ڏي آهي. ٻنهي پاسن کان اُڀو ٽڪر بيٺل آهي، ڪوٽ جي ڀِت وانگي ۽ انههيءَ سان لڳ، ٻنهي پاسي انجيرن ۽ روهڙي جي وڻن جي قطار آهي، ڄڻ ته ڪنهن هٿن سان اهي وڻ اتي پوکي ڇڏيا آهن. جيئن سڙڪن جي ڪنارن کان وڻن جون قطارون لڳائيندا آهن ۽ وچ ۾ موڪرو به وڏي سڙڪ جيترو آهي، هن ڦوڙ کي بازار ڪري سڏين ٿا جو بازار وانگي آهي. جيئن وڏن شهرن ۾ بازارن جي ٻنهي پاسن کان ماڙيون بيٺل هجن ۽ سندن اڳيان وڻ پوکي ڇڏيندا آهن. سڄو ڏينهن مزي ۾ گذاريوسين، شام جو وري اوڀر ۽ اولهه جي ٽَڪرن ڏي سير لاءِ وياسين، چُکُن ۾ ٽي چار ڳوٺ ڏٺاسين. هڪڙي ڳوٺ ۾ هڪڙو ماڻهو بيمار هو، چئن ڏينهن کان پيٽ ۾ سور هوس، تنهن کي ڦوُدني جون ٽِڪيون ڏنيون ويون، جي ساڻ هيونسين ۽ سنا ۽ گلاب جي ڪَلين جي جلاب جو ڏس ڏنوسين، جي واڻئي جي هَٽ تانملي سگهيا هوندس. رات بنگلي ۾ گذاريسين، مون کي اِهو لکڻ وسري ويو ته هتي شام ڌاري سيءُ پوڻ لڳي ٿو ۽ رات سڄي، سياري وانگي، سيءَ پوي ٿو، جو اندر ڪوٺيءَ ۾ سُمهندا آهيون ۽ مٿان اوڇڻ وجهڻو پوي ٿو. هيٺ سنڌ ۾ هن وقت آرڙهه جو چاليهو ۽ جهولا آهن.

تاريخ 11- جون، خميس جو ڏينهن – فجر جو ڏهاڙيءَ وانگي سير لاءِ نڪتاسين، اُتر ڏي هڪڙو ڦوڙو يا ڦاٽ نڪري ٿو جو ميلن ۾ هليو وڃي ۽ جنهن کي سي رڪري سڏين ٿا، تنهن ي ڀر ڏيئي مٿان هلياسين هيءُ سير وڃي مزاراڻي جي نئين جي منهن وٽ ٿي بيهي، ڳچ پنڌ ڪري وري هڪڙي اتانهين ٽڪري آئي، تنهن جي چوٽيءَ تي چڙهي، چوڌاري جو تماشو ڏٺوسين پوءِ لهڻ لڳاسين. رستي ۾ بادام جا ٻه ٽي وڻ بيٺل هئا، تن مان لڪڻ ڀڳاسين، پوءِ اڳيان هڪڙو ڳوٺ آيو، تنهن مان لنگهندا منزل تي آياسين، ماني کائي وري ڪالهوڪي ڦوڙ يعني بازار ۾ وڃي ويٺاسين. اتي روهڙي جي هڪ وڻ ۾ پينگهه ٻَڌائي ٻارن وانگي سڄو ڏينهن لُڏياسين. في الحقيقت هيءُ ڏاڍي مزي جهڙي جاءِ آهي. ڀانئجي ٿو ته هڪ خدائي باغ پوکيل آهي. وڻن ۾ به عجيب قسم جا ڳائڻا پکي ڏسڻ ۾ آيا. هڪڙي جو مينديءَ جهڙو رنگ هو ۽ ٻيو اڇن ڪارن چٽن سان هو. نَر مادي هئا، نَر کي پُڇ ۾ ٻه ڊگهيون ڪلنگيون هيون. ڏاڍو سهڻو هو ۽ ٻوليون به ڏاڍيون مٺيون ٿي ڪيائين، چوڌاري ماٺ لڳي پيئي هئي. رڳو جيڪو واءُ وڻن کي پيو لڳي، تنهن جو آواز هو ۽ ٻيو انهن پکين جو! هيءُ اهڙي چڱي جاءِ هئي، جو جيڪر هن کي ”ارم جو باغ“ چئجي ته به سونهي! انهيءَ ڦوڙ ۾ به ماڻهو ڪڻڪ پوکين ٿا، پر گهڻي ڇانو جي ڪري چڱي نٿي ٿئي.

تاريخ 12- جون، ڏينهن جمع جو – فجر جو ڇهين بجي موٽڻ و سعيو ڪري روانا ٿياسين. اڍائي ڪلاڪن ۾ کيرٿر جي چوٽيءَ کان ساڳيا وراڪا ڏيئي لهي تَري ۾ آياسين، جتي ”ڪڙڇ جي ڍوري“ آهي، اتان لنگهي وري پينئري جبل تي چڙهي، هُن ڀَر لهي، ”ڌياڻي جي جهڪ“ کان لنگهي ٽڍاڪ تي پوري ٻارهين بجي ڏينهن پهتاسين. اتي جبل جي هڪ چُر ۾ لهي پياسين. اهو پنڌ ٽن منزلن جو هو جو اسان ڪيو. سڀني ماڻهن دانهون پئي ڪيون، پر اسان جو مطلب هو ته جلد هيٺ نڪري اچون. اتي ٻه ٽي پاڻي جا چشما آهن، انهن ۾ وهنجي سهنجي ٿَڪ ڀڳوسين، انهيءَ هنڌ جي چوڌاري اُڀا جبل بيٺل آهن. چئين بجي ڌاري مينهن پوڻ لڳو، ڪلاڪ ٻه موچارو چڱو مينهن پيو. سڀني طرفن کان، جبلن جي مٿان، پاڻي ڪڙڪا ڪندو هيٺ ڍوري ڏي وهڻ لڳو. اهڙو مينهن هوند سنڌ ۾ پوي ته زمين چُهي وڃي، پر جبل ۾ مينهن جو پاڻي ذرو به بيهي نٿو سگهي، انهيءَ سعت پاڻي گهارن وانگي وهڻ لڳو، اسان کي مينهن وسندي ٻِي ڪا لڪڻ جي جاءِ ڪانه هئي. سو هڪ کبڙ جي هيٺان ٻه ٽي ڄڻا تڏو جهلي ويٺا ۽ ٻيا ماڻهو به تڏو مٿان ڪري لڪا ويٺا هئا، جنهن چُر ۾ پريندي ويٺل هئاسين، انهيءَ ۾ پاڻي وهڻ لڳو، اتي اسان کان اڳ اُٺن جو ڪو ساٿ لٿل هو، جو ڏاڙهياري وارن واڻين جو گيهه ۽ سندن ڪَهُو جون ڪاٺيون کنيو ٿي ويو، انهن سان پڻ اها ساڳي جٺ ٿي، پر اسان کي جنهن ٻيءَ ڳڻتي اچي ورايو هو سا هيءَ هئي ته ٽڍاڪ کان جو اڳتي جو رستو هو، سو جبلن جي پاڙ مان ڪيترن ئي ڍورن مان ٿي لنگهيو، جن کي ”لوهيون“ ڪري ٿي سڏيائون، تن ۾ جڏهن اهو مينهن وارو پاڻي پوندو آهي ۽ ڀرجي پونديون آهن ته لنگهڻ جو رستو صفا بند ٿي ويندوآهي. چيائون ٿي ته جڏهن اهي ڍوريون پاڻيءَ سان ڀربيون آهن، تڏهن ست – اٺ ڏينهن، ترسڻو پوندو آهي تنهن ڪري صلاح ڪئيسين ته بسم الله ڪري نڪري پئون. سامان ٻڌوسين. اتي جيڪي سوايرءَ جا اُٺ ڇڏي وياسين. سي به ساڻ کنياسين، اڳڀرووڃي ڏسون ته ڍورن ۾ پاڻي آهي، جو ڪڙڪا ڪريو پيو اچي! اسان کي وڌيڪ انتظار ٿيڻ لڳو، ٻن ٽن لوهين منجهان ڪپڙن سوڌا لنگهي پياسين، چيلهه جيڏو پاڻي هو، اڳيان جيڪي ٻه ٽي ٻيون لوهيون تن ۾ پاڻي تار ٿي ويو هو، اُٺ ئي ٻڏڻ تي آيا هئا! لاچار ٿي وَر ڪري پاسن وارن ٽڪرن تي چڙهي ڏاڍي مشڪلات سان اڳڀرو ٿياسين. سڀ ڪپڙا گنديون ۽ هنڌ خرجينون، ڀڄي ڀَت ٿي پيون! اُٺن کي وڏين جُٺين سان ڌِڪي لنگهيائون. هڪڙي وڏي نئي مٿان پري کان ايندي ڏٺيسين، جا درياهه وانگي ٿي آئي ۽ ڄاتوسين ته جيڪڏهن اها اچي پهتي ته پاڻي وڌي ويندو ۽ پوءِ نه هيڏي ٿينداسين ۽ نه هوڏي! پر خدا ڪيو جو مٿا مُونا هڻي، ڌڪ کائيندا رڙهي، رستي واريون لوهيون لنگهي پياسين ۽ منڌري جي ڍوري واري ميدان تي آياسين، انهيءَ گذرئي ڪلاڪ جيڪا مشڪالت اسان ڏٺي، سا خد اکي خبر آهي! جبل ۽ پاڻيءَ جو رنگ اسان کي جو ڏسڻو هو، سو ڏٺوسين عجب جهڙو ڏيکاءُ آهي! پاڻي ڄڻ ته آسمان تان ٿو ڪري ۽ جيڪو ڪڙڪو ڪري ٿو سو جبلن ج پڙلاءَ يا پڙاڏي سبب ڏهوڻو ٻڌڻ ۾ پيو اچي! يقين آهي ته هيڪلي ماڻهوءَ جو هانءُ ڦاٽي پوي! اه سڀ، جيڪي جبل جا جاکوڙا هئا، تن اسسان کي وچاري سسئي جا سور ٿي ياد ڏياريا. اسان سان جيڪي جابلوماڻهو هئا، تن ڪيترا سسئيءَ جا بيت پئي چيا، جي بلڪل اسان جي حال سان لاڳو هئا. المختصر پوءِ اُٺن تي چڙهي، منڌري جي بٺيءَ جي پاڙ کان لنگهي، زرد جبل ۽ بن جو وچ ورتوسين، جتان آيا هئاسين. ڳچ پنڌ ڪري، رات پوڻ سبب مٿانهين جاءِ ڏسي لهي پياسين، مٿان ٽڪريءَ تي، هڪڙي گائنچي جو گهر به هو، تنهن ڪري کير ملڻ جي به اميد هئي سين، جنهن پُڄنديءَ آهر اسان جي گهڻي خدمت ڪئي.

تاريخ 13 جون، ڏينهن ڇنڇر جو – رات گذاري فجر ڌاري اُٺن تي چڙهي نڪتاسين، جبلن جي وچ ڏيئي زرد جبل کي ڇڏي بن جبل ۾ گهڙياسين ۽ ساڳيو رستو ڏئي، صفر طوق کان لنگهي، نئين دالان منجهان اُڪري، پيادائي پيادا، ڪاٺي واري لڪڙيءَ کان هُن ڀر ٿياسين ۽ اُٺن وارا نئي جو ڪنارو ڏيئي ڦري آيا جو پنڌ گهڻو هو، مينهن ڪالهه پيو هو، پر نئين منجهان پاڻي اڃا تائين ڪڙڪا ڪيو پئي وهيو! اتي ميدان ڏسي  ڏينهن ٺارڻ لاءِ لهي پياسين، هاڻي بن جبل لنگهي، ڪڪري ۾ اچي پياسين، اسان جي اوڀر پاسي ڏانهن زال واري لڪڙي آهي، جنهن جو بيان مٿي ڏنو ويو آهي ۽ اولهه واري پاسي کان ڪاٺ واري لڪڙي آهي، جا هاڻي لنگهياسين، انهيءَ لَڪ کي اِهو نالو هن ڪري پيو، جو ٻن چئن جاين تان ڪاٺيون ٻَڌي چڙهڻ جي لاءِ ڏاڪا جوڙيا هئائون پر هاڻي، انهيءَ هنڌ تان پهڻ ڊهِي، لنگهڻ جي لاءِ سولا ٿي پيا آهن.

شام جو پنجين بجي ڌاري اتان منزل کئين سين. ڏينهن جو جهولي ڏاڍو خراب ڪيو! کٻڙ جي ڇانو هيٺ ڪپڙا ٻَڌي گهڻيون اٽڪلون ڪيون سين، پر جهولي هڻي اڌ مئو ڪري وڌو! ڪڪريو جبل ڇڏي ڀيراڇ جي پَٽ ڀيڙا ٿياسين، هيءَ پَٽ ايندي به لنگهيا هئاسين، هن پٽ ۾ تمام گهڻا هرڻ ڏٺاسين جي هيڏي هوڏي پئي آيا ويا، هت ارادو ڪيوسين ته سڌو حمل ڏي هلڻ جي بدران رات شاهه گودڙئي تي رهون ۽ فجر جو حمل ڏي هلون، تنهن ڪري رخ اوڏي رکيوسين، پٽ لنگهي، نئين دالان جو ترو ڏيئي سڌو اوڀر ڏي هلياسين. پري کان شاهه جي مسجد ۽ نشان، دنگ جي قائم رکڻ جوي نظرداري ڪندو نظر آيا پري پري کان اولهه طرف ائين پيو ڀائنجي ڄڻ ته هڪڙي جبلن ي قطار آهي، جنهن جي هُن پاسي سج لهي ٿو، پر پنڌ ڪندي اهڙيون ڪيتريون ئي جبلن جو قطارون جدا جدا نالن سان اچن ٿيون، جي ڏاڍي مشڪلات سان لنگهي، کير ٿر پهچجي ٿو کير ٿر جي هُن پاسي پڻ ساڳيو ئي اهڙيون قطارونآهن، کيرٿر سڀ کان اُتانهون جبل آهي، جيئن جيئن اوري ٿو اچجي، تيئن تيئن جبل نننڍا ٿيندا وڃن. آءُ ڀانيان ٿو ته کيرٿر کان پڇاڙي واري ٽَڪرن جِي قطار تائين، هتان ٽيهارو کن ڪوهن جو فاصلو بيشڪ ٿيندو پر جبل جو ڪوه ۽ ميدان جي ڪوه واري پنڌ ۾ وڏو فرق آهي!

انهيءَ ڪوهستان ۾ مون کي ٽن قسمن جا رهاڪو ڏسڻ ۾ آيا: سنڌ کي ويجهو چانڊيا ماڻهو رهن ٿا، پوءِ گائنچا اچن ٿا، جي وڏي بن کان وٺي پنپري تائين رهن ٿا، کيرٿر تي، ڏاڙهياري جي ميدان تي، يا اُنهيءَ کان پرڀرو، خان جي پاسي ڇٽا رهن ٿا، ڇٽن بابت اسان اڳي ڪجهه چيو آهي، باقي گائنچا اصل ڳنوار ماڻهو هئا. اصل لفظ آهي گائن چو يعني گائن جو – هي اڃا تائين مال وارا آهن. هنن جابلو ماڻهن جو ڌنڌو توڙي هلت چلت مٿي ڏنل ذڪر مان معلوم ٿي هوندي ته بدوي عربن وانگي هڪ هنڌ رهندڙ نه آهن، پر سانگي ماڻهو آهن. سهنج ڏسي، ٽي چار ڏينهن هڪڙي هنڌ رهي، وري ٻئي هنڌ وڃي رهندا آهن. بعضي هڪڙو گهر، بعضي ٻه گهر ۽ بعضي ٽي گهر گڏ ويٺا ته گهڻو ٿيو! اُن کي چوندا ڳوٺ، گهر به رڳو وڻ جي ڇانو هيٺ! مينهن واچ جي بچاءُ لاءِ پاڻ سان گڏا رکندا آهن، جي مٿان کنيو وجهن! ڌنڌو ٻيو ڪو نه اٿن مڙس ماڻهو رڍن ٻڪرين ۽ ڳئن جو مال چارين ۽ ڪي ٿورا جبل جي پوک به ڪن، زالون گهر جو ڪم ڪار ڪن ۽ پيس جا تڏا جوڙين ۽ رسا وٽين، جڏهن گرميءَ جا ڏينهن اَچن، تڏهن چڙهي وڃي کيرٿر تي يا هيٺين جبلن جي چوٽي تي ويهن، جتي مال جي چاري ۽ پوک جو به سهنج اَٿن، وري سياري ۾ جڏهن مٿي تمام گهڻي سردي ٿئي، تڏهن لهيو اچيو سنڌ ۾ لاب لائي جو پورهيو ڪن، جيڪو به گائنچو يا جابلو ماڻهو مون مال اُتي ڏٺو، تن کي ضرور هڪ اوئِي (کَلي) پاڻي جي ڪُلهي ۾، هڪڙي لٺ هٿ ۾ ۽ هڪڙي ڪاتِي ڪمر ۾ هئي، انهيءَ لاءِ ته متان ڪا ٻڪري يا رڍ مري پوي يا بگهڙ کائي جيئري يا اڌ مئل ڇڏائي وجهن ته اُتي جو اُتي ڪاتيءَ سان حلال ڪري سگهن. جڏهن ڪاتي نه هوندي اٿن تڏهن هڪڙو پاهڻ ٻئي پاهڻ تي هڻي ڀڃن ۽ پوءِ پاهڻ جي تکي پاسي سان بسم الله ڪري ٻڪريءَ جي سسي چچري لاهين، زالن کي به جيڪڏهن اَن پيهڻ لاءِ جَنڊ اهي ته واه، نه ته ٻن پهڻن جي وچ ۾ اَنُ ڪُٽي ماني ٺاهين. ماني پچائڻ جو گهڻو ڪري هيءُ دستور آهي ته هڪڙو پهڻ باهه ۾ تپايئ، پوءِ ڳوٺل اٽي کي ان جي چوڌاري ٿڦي، وري به کنيو اَن کي باهه ۾ وجهن. انهيءَ طرح اندران توڙي ٻاهران اَٽو پچي ٿو، جنهن کي ڪوڪي ٿا سڏين. اها ڪوڪيِ ماني کائڻ ۾ ڏاڍي لذيذ ٿيندي آهي. باهه ٻارڻ لاءِ به هميشه ساڻن چقمق جا ٽُڪر گڏ هوندا آهن، جي ڪڪريه جبل ۾ گهڻا ملن ٿا. کائڻ لاءِ کير ججهو، اَٿن، تنهن کانسواءِ ڏڌ مکڻ به ڪن. مکڻ وڪڻن واڻين وٽ، باقي جهڻ پاڻ کائين، مانيءَ سان بصر سندن ڪاڻ غنيمت آهي، نه ته گهڻو ڪري ڏُٿ تي گذران ڪن ٿا. پيرُن سان ڏاڍي دل هوندي اَٿن. ڦَڪَ ڀَريو، ڳهيو وڃن ۽ مٿان پاڻي پِي، گهُرج پَلين، تنهن کانسواءِ ڳانڱيون، پَڪا، منگها، پيس جا ٻير ۽ ڄانگر ٻير، مطلب ته جيڪو به ميوو جبل جو ٿئي، سو کائينِ پيس جي کجيءَ جو ڪَچو ڳَڀ ڇِلي کائين، جو لذيذ ٿئي ٿو، مون کي پاڻ کائڻ لاءِ مليو هو، چڱو هو!.

گذران متعقل مارئيءَ جي بيتن ۾ جيڪو حال مارُن ۽ پنهورن جو چيل آهي سو ساڳيو هنن ماڻهن جو آهي، تفاوت هي آهي ته هُو، (يعني مارُو ماڻهو) ٿَر جي ڀٽن ۾ رهندا آهن ۽ هي جبل ۾ رهن ٿا. پنهنجي گذران بابت به هنن ماڻهن مون کي مارئيءَ جا بيت ٻُڌايا، جي سندن حال سان لاڳُو هئا، هنن جابلو ماڻهن جو زالون ڏاڍيون ڦُڙت ۽ چالاڪ ٿيون ٿين. پنهنجي منهن جبل جهاڳينديون وتن، انهيءَ سفر ۾، هڪڙي هنڌان لنگهندي جبل جي چوٽيءَ تي، هڪ ڳاڙهي شيءِ چُرندي ڏٺيسين، جا پکيءَ وانگي پئي پريان ڏٺيِ! جانچ ڪئيسين ته معلوم ٿيو ته گائنچن جي ڪا زال آهي، جا پيرون چونڊڻ وئي هئي! اُنهن زالن کي، جيڪڏهن واچ مينهن سبب جبل ۾ رات پئجي وڃي ته اُتي اڪيلي سر جبل ۾ رهيو پون ۽ وري ٻئي ڏينهن موٽيو ماڳ تي اچن.

مڙسن جي پوشاڪ گهڻو ڪري سنڌ ۾ جهنگلي ماڻهن جهڙي آهي. زالن کي پڙي يا لوئِي ٻَڌي پيئي آهي ۽ بس ٻيو ڪي به ڪين اَٿن. منجهن جيڪي سَرندي وارا آهن، تن جو به اهوئي حال آهي! ڇٽا ماڻهو ڌارين کي سڱ ڏين، پر گائنچا ماڻهو ڌارين کي سڱ ڪو نه ڏيندا آهن. اهڙيءَ طرح پڇا ڳاڇا مان معلوم ٿيو ته گهڻو ڪري زال جو ملهه سَٺ رپيا آهي، پوءِ ڪنواري هجي يا رنڙ مگر ڪڏهن ڪڏهن ڌارين ماڻهن کان وڌيڪ رقم به وٺن ٿا. ۽ سڱ تي سڱ وٺڻ ڪري (يعني بَدي جي حالت ۾) روڪ نٿا وٺن. گائنچن ۾ مائٽن منجهه رنڙ زال جا ٻه يا ٽي ڏاند وٺن ٿا ۽ ڪنواريءَ جا ست اُٺ ڏاند وٺن ٿا، ڌارين کان روڪ رپيا وٺندا آهن، مطلب ته هنن ماڻهن ۾، سڱن بندن جو ليکو اهڙو آهي، جهڙو رڍ ٻڪريءَ جي سوديبازي جو! گهڻو ڪري مڙس ٻه زالون پرڻجن ٿا، جانچ مان معلوم ٿيو ته ههڙي جهنگ ۾ به حضرت عشق اچي پهتو آهي! هڪڙا ٻين جي زالن سان لڳن ٿا، اُهي ماڻهو پاڻ اِهو سبب ڏين ٿا ته انگريز جي صاحبيءَ ۾ سندن وُسَ نه ٿو هلي، ڏاڙهياري تي ڇٽن ماڻهن جُون زالون سراسري ڪري چڱيون آهن، هڪڙي گائنچي مون کي هڪ بيت ٻُڌايو، جو اُنهن صاحبلوڪن جي عملي بابت آهي، جو ڪي ڏينهن اُتي هوا بدلائڻ ڪاڻ اچي ٽڪيو هو، اُنهيءَ بيت جي فقط هڪ مصرا ياد ٿي اَچيم، جا هيءَ هئي:- ”ڏاڙهياري جي ڏاٺ ۾ هِڪَ نه ڇڏيائون!“

ٻين مصراعن جو مطلب پڻ اِنهي هڪ ئي مصراع مان ڪڍي

ًسگهجي ٿو. هنن جابلوماڻهن جي ٻولِي گهڻو ڪري کريل سنڌي آهي. جهڙي ڇَپر جا ماڻهو ڳالهائيندا آهن. تلفظ پڻ اهڙا ئي اٿن. يعني حرف ساڪن جي بدران متحرڪ ڪري ڳالهائين. ”گدير“ کي چون ”گڌرو“، ”موچڙي“ کي چون ”موچڙو“ اهڙيءَ طرح ”ڪير“ ۽

”ڪهڙو“ جي بجاءِ ”ڪاهو“ چون. جيئن ته ڪاها آهيو (يعني ڪير آهيو يا ڪهڙا آهيو؟) ”ايندو“ کي چون ”اَچيندو،“ ”لهڻ“ کي چون ”ڇڻڻ“. حرف جر ”کان“ جي بدران ”نون“ چوند اآهن، جيئن ته ”اٺ گهوڙي نُون وڏو آهي“. ”پوءِ“ کي چون ”گڏ“، جيئن ته فلاڻو گُڏَ ۾ اچي ٿو.“ پڙهيل منجهن ڪونهي. نماز به اتي ڪو ڪو نه پڙهي. رڳو سنڌي لوڙائو بيت ۽ ڳجهارتون اَچنن ٿيون، جن جو گهڻو شغل اَٿن، گهڻو ڪري اُهي ماڻهو پير مرد آهن، اڇيون ۽ وڏيون ڏاڙهيون اَٿن، ڪن ٿورن کي ٻُچي ڏاڙهي آهي، جيڪي هن تي پڻ اهڙو عيب نٿا ليکين، هڪڙو ٻُچي گائنچو هو، تنهن کي اسان چرچو ڪري چيو ته ”سرڪار جي مرضي آهي ته ڪو ٻُچي هٿ اچي ته انهيءَ کي مقرر ڪجي ته جيئن ٻين ٻُچين کان اوڳڙ ڪندو وَتي“. هيءَ ڳالهه ٻُڌي هن کي يقين آيو. ٻيو هڪڙو هو، تنهن کي به اچي انهيءَ نوڪريءَ جي طمع ٿي، انهيءَ به اچي عرض ڪيو. اسان چيو ته ”اهو حق انهيءَ جو آهي، جيڪو  بُڻائتو ٻچي هوندو!“ تنهن تي پهريون ٻُچي، جنهن جو نالو ”ميهر“ هو، سو قسم کڻي چوڻ لڳو ته ”آءُ سَت پِيڙهيو ٻُچي آهيان، جو منهنجو اَبو ۽ ڏاڏو به ٻُچي هئا ۽ انهيءَ لاءِ چڱا مڙس شاهد به ڏيندس.“

ڪوهستان جي آبهوا هڪ جهڙي نه آهي پينئري جبل جي چيلهه تائين هنن ڏينهن ۾ ڏاڍي گرمي ۽ جهولو آهي ۽ رات جو مڇر به گهڻو ٿو لڳي، مگر پينئري جي چوٽي تي گرمي گهٽ آهي ۽ کيرٿر ۽ ڏاڙهياري تي ته سياري وانگي سردي ٿيو پوي! ڏينهن جو به سڄو ڏينهن ٻاهر اُس ۾ گهُمجي ته سياري جي سج وانگي گرمي نٿي لڳي. گهڻو ڪري هوا بمبئي جي هوا جهڙي آهي. اشتها گهڻي لڳي ٿي. سج صبح جو پوڻي ستين وڳي اُڀري ٿو ۽ سوائين اٺين بجي لهي ٿو. هنن ڏينهن ۾ گهڻو ڪري آسمان جُهڙالو رهي ٿو. پاڻي، هيٺ جبلن ۾، مينهن جو، دُٻن مان مِلي ٿو. هنن ڏينهن ۾ اُتي برسات پيئي آهي، تنهن ڪري پاڻي جام آهي، نه ته ڏاڍو مشڪل سان هٿ اچي ٿو، تنهن ڪري ته ماڻهو پاڻ سان کَليُون ڀري کڻن ٿا، ڪن هنڌن ۾ ته اصل سِم جو پاڻي هميشه بيٺل آهي.

اِنهن جبلن ۾ گهڻا جانور رهن ٿا، بن جبل ۽ کيرٿر ته سَرههَ گهڻا آهن. سرهه جي ماديءَ کي ”ٻڪري“ چوندا آهن، اتي گڊ به گهڻا آهن. انهن کانسواءِ اُتي سيهڙ، بگهڙ، مَمون ۽ چيٽا به آهن. کير ٿر تي جيڪا سِير اسين گهُمڻ ويا هئاسين، اسان جي اچڻ کان پنج، ڇهه ڏينهن اڳي، هڪ چيتي اتي چار ٻڪريون ماري وڌيون هيون يا جئن گائنچا پنهنجي اصطلاح ۾ چوندا آهن ته ”چيتي، ٻَڪريوُن پُڳيون هيون.“ بگهڙ به اهڙو ئي زيان ڪن ٿا. چيٽا ته اُٺ به ماريندا آهن! مون کي ٻُڌڻ ۾ آيو ته هڪڙي ڏينهن هڪ چيٽي ستَ اُٺ ۽ ڏاچيون ماري وڌيون هيون، هُو کائيندو ٿورو آهي، ليڪن زيان گهڻو ڪندو آهي. اُتي بندوق جو ليسن ڪنهن کي به مليل ڪونهي، تنهن ڪري هنن کي ڪير ماري به ڪو نه ٿو. اُتي مَمُون به گهڻيون آهن. هيٺ ميدانن يا ماٿرين ۾ هرڻ گهڻا ٿين.

جهنگلي پکين مان سرڻ، سانباهو، ڳيرو ۽پاريل اتي سنڌ وانگي آهي، اسان کي جهرڪي ڏسڻ ۾ ڪانه آئي. اَڇي ڳچيءَ سان ڪانگ ڪونهي، اُتي وڏا ”زاغ“ آهن، جي سڄا ڪارا ٿين ٿا ۽ ٻولي پڻ ڳَري ٿيندي اٿن، جن کي عربيءَ ۾ ”غراب البين“ چوند اآهن. ٻيا ڳائڻا پکي عجيب هئا جي ڏاڙهياري تي بازار واري ڦوڙ ۾ ڏسڻ ۾ آيا، جن جو ذڪر مٿي ڏنل آهي. ٽڪرن تي چڪور گهڻا آهن، جن جي ٻولي ٻُڌڻ ۾ اچي ٿي ۽ جيڪي سنڌ جي تترن وانگي گهُمن ۽ ٻولين پيا. کين مارڻ يا ڦاسائڻ وارو ڪو نه آهي.

جبل ۾ وڏا وڻ وِڻو، ڊامڻ، کيريو ۽ ٿرهريو آهن. ڏاڙهون جا وڏا وڻ آهن، جي ڦر ڪو نه ڪن، بادام گهڻو ٿئي ٿو، ڪَهُو جا وڻ تمام گهڻا آهن، ٻارڻ ۾ به ڪَهُو ڪم اچي ٿو. ڪَهُو کي ڪَوهُو ڪري سڏيندا آهن. صحيح لفظ پڻ ”ڪَوهُو“ ٿو ڏسجي، جو اهي وڻ رڳو ڪَوه يعني جبل ۾ ٿين ٿا، بادام جو ڦر، ننڍيون باداميون ٿئي ٿو، جي ڪؤڙيون آهن. ڪَهُو ۾ ٻير ٿين ٿا، وڻي ۾ ڦارَون وانگي کَٽا مِٺا ٻير ٿين ٿا. روهڙي جا وڻ ڇانوَ ۽ ميوي لاءِ چڱا آهن، جي رڳو ڏاڙهياري جي ڦوڙ واير بازار ۾ ڏسڻ ۾ آيا، ٻئي ڪنهن به هنڌ ڪين ٿا ٿين، تنهن ڪري چون ٿا ته باري پير هنن جو ٻج مڪه معظم مان آندو هو، تنهن ڪري اُنهن کي ڪو به ڪو نه وڍي. رڳو ڦَر کائيندا اٿن، پيس جي کجي عامآهي، هن کي ”ڦيش“ ڪري سڏين ٿا. هن منجهان سنگُ نڪري ٿو، جو ٻيرن جهڙو  ميوو جهليندو آهي جو ماڻهو کائين ۽ ڪچو ڳَڀُ، جو نئين شاخ جو ٿئي ٿو، سو ماڻهو کائيندا آهن. اُن جي پنن مان رسا، تڏا ۽ ڇٻا يعني پائڻ جا جُوتا جوڙيندا آهن، پنن جي پاڙ ۾ جيڪ اڪاير ڪپهه وانگي ٿئي ٿي، سا گڏ ڪري چقمق سان باهه ٻارڻ لاءِ ڪم آڻيندا آهن.

ننڍن وڻن يا ٻوٽن مان هيٺيان ٻوٽا يا وَڻ مزي جهڙا ڏسڻ ۾ آيا:-

”حسين پوٽو“ – ڏاڍو سُرهو ٿو ٿئي. بابوني جهڙي خوشبوءِ ٿيندي اٿس، ليڪن کائڻ ۾ سو ڪؤڙو آهي. اهڙو جو جيڪڏهن ٻڪريُون چَرن ته سندن کير به ڪؤڙو ٿي پوي. اسان کي اهڙو ڪؤڙو کير پڻ مليو هو، جو ڪيتري کنڊ ملائڻ سان مَس مَس وڃي مِٺو ٿيو!

”ڪتي ڪَنو ۽ گڏهه ڪَنو“!- هنن ٻنهي ٻوٽن جا پن ڪُتي ۽ گڏهه جي ڪنن سان مشابهت رکن ٿا، تنهن ڪري مٿن اهو نالو پيو.

”اسپنگر-“ جو تمام ننڍو ٻوُٽو آهي، ان جا پَن ننڍڙا ۽ پشمين (پشم ساڻ) ٿين ٿا، جن مان وري ننڍڙو ڳاڙهو سنگ نڪري ٿو، جنهن ۾ اُن جو ٻج رهي ٿو. هن کي هنديءَ ۾ ”ايسب گول“ ۽ پارسيءَ ۾ ”اَسبغول“ چون ٿا. ”اسپتول“ جو اشتقاق آهي: اسب ۽ غول (گوش) – يعني، گهوڙي ڪَنو، يا گهوڙي جي ڪنن جهڙو.

”ڏيرو“- هن جا پن سريهَن جي پنن وانگي آهن.

”پنير“- جنهن جا پَن اَڪ جي پنن وانگي ٿين ٿا.

”ڳوڻ“- هن جا پَن تمام ننڍا پر گهاٽا ٿين ٿا، ايتريقدر جو ڏانڊي يا ٽاري جي ڪاٺي به مَس ٿي ڏسجي!

”ڊيڪلور“- جنهن کي پَن ڪونهي، رڳا ڪنڊا ۽ اَڇا گُل ٿينس، جي ڏاڍا سهڻا لڳن ٿا.

”ڪنوس“- هن جو سُرهو ٻوٽو ٿيندو آهي ۽ تپ واري ماڻهوءَ کي هي پياريند اآهن.

”ڪانڊار“- هيءُ مزي جهڙو ٻوٽو آهي، جنهن جو پن ۽ ڪنڊو گڏ آهي، پن جي هيٺيان ڪنڊو چنبڙيو پيو هوندو آهي.“

”ڪتي پيرو“- جنهن جو پَن ڪُتي جي پير جهڙو ٿيندو آهي.

”ٺُوٺيو“- هيءَ هڪ ننڍي ول آهي، جنهن جي پاڙ ڪڍي، وات ۾ پُسائي، اکين ۾ سرائيءَ وانگي گهمائيندا آهن ۽ چوندا آهن ته انهيءَ ڪري اک جي نِرت يا روشنائي وڌندي آهي. شڪ ناهي ته ”ٺوُٺيو“ لفظ ”تُوتئي“ جي بگڙيل يا کريل صورت هجي، ڇا لاءِ جو ”تُوتيائي چشم“ پارسيءَ ۾ گهڻو مشهور آهي.

”مامور“- جا ننڍي نانگ وانگي ٿئي ٿي، ڪي ماڻهو کائيندا به آهن.

”جبل جي ڀنگ“- جنهنجا پن رواجي ڀنگ جي پنن جهڙا ٿين، پر اُتي وڏا وڏا آهن، چون ٿا ته جبل جي ڀنگ ٿڌي ٿيندي آهي ۽ منجهس نشو به گهڻو هوندو آهي، انهن ٻوٽن کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي ٻوٺا نظر آيا.

ڏاڙهيارو جبل، سمنڊ جي سطح کان ڇهه هزار فُوٽ مٿي آهي ۽ ”ڪُتي جي قبر“ واري چوٽي تي ست هزار ٻه سؤ فوٽ مٿي آهي! هوا نهايت موافق ۽ صحت بخش آهي. اُتي جي تمام گهڻي گرمي به اس ۾ 148 درجا ٿرما ميٽر کان مٿي نه ويندي آهي ۽ اپريل واري مهيني ۾ ته 41 درجن تي وڃي بيهندي آهي، اڪثر مينهن گهڻو وسندو آهي، تخميني روءِ ڇهن ستن انچن تائين مينهن وسندو آهي.

سنڌي ادبي بورڊ طرفان مرزا صاحب جا

شايع ڪيل ڪتاب

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com