سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2003ع (مرزا قليچ بيگ نمبر)

مضمون

صفحو :9

ناول ۽ ناٽڪ وارين نين صنفن تي سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکڻ جي مرزا صاحب کي نهايت ساراهه جوڳي موٽ ملي. 1888ع ۾ سنڌ سرڪار ”دلارام“ ناول پنهنجي خرچ تي ڇپائي اسڪولن ۾ ورهايو ۽ فاضل ليکڪ کي 220 رپيا انعام پيش ڪيو. (رپورٽ آف دي ڊاريڪٽر پبلڪ اسنٽرڪشن بامبي 1888-89ع، ص- 38). 1889ع ۾ مسز فاسيٽ جو شاهڪار ”پوليٽيڪل اڪانامي“ جو انگريزيءَ مان ”علوم اصول دستور المعاش“ جي نالي سان ترجمو ڪري سرڪار کي ڏنائين، جنهن تي کيس 558 رپيا نقد انعام ڏنو ويو. (بامبي ائڊمنسٽريشن رپورٽ، 1889- 90ع، ص- 180) 11 آگسٽ 1891ع تي ”لئمبس ٽيلس‘ جو سنڌي ۾ ترجمو ”دلچسند قصا“ ڪرڻ تي ايڇ پي جيڪب ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر سنڌ اُن جا حق سرڪار کي وڪڻڻ لاءِ کيس ڇهن سون رپين جي آڇ ڪئي (سائو پن يا ڪارو پنو، ص 196). ”دلپسند قصا“ بابت اهم نڪتو اِهو ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ جي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر جيڪب صاحب کيس اِهو ڪتاب سرڪاري خرچ تي ڇاپڻ جي آڇ ڪئي هئي. ظاهر آهي ته حڪومت وٽ مرزا صاحب جي وڏي قدرداني ۽ پذيرائي هئي ۽ کيس اِن آڇ جي حوالي سان سٺو مالي انعام به ملي ها، مگر مرزا صاحب اِهو ڪتاب پنهنجي جنم ڀومي حيدرآباد ۾ ڪُندنمل پاران قائم ڪيل پهرين ڇاپخاني ”قيصريه پريس“ کي شايع ڪرڻ لاءِ ڏيڻ کي ترجيح ڏني. مرزا صاحب جو اِهو دورانديشيءَ وارو قدم هو، جنهن موجب هن نيڪنام بزرگ انهيءَ نئين لائين کي سهاري ڏيڻ جي هڪ شعوري ڪوشش ڪئي، جيئن ’سنڌي پريس‘ جي حوصله افزائي ٿئي.

مرزا صاحب پهريون سنڌي ليکڪ هو، جنهن کي درسي ڪتابن کان هٽي ڪري ايڏي وڏي موٽ ملي جو سنڌ سرڪار جي تعليم کاتي کان علاوه ٻين نون ناشرن جي به کيس دلچسپي حاصل ٿي ۽سنڌ مدرسه بورڊ ڪراچي، منشي پوڪرداس شڪارپوري ۽ ماستر هري سنگ سکر واري سان گڏ سندس جنم ڀومي حيدرآباد وارو سيٺ ڪندن مل منگهر سنگ، قيصريه پريس جو مالڪ به هن يگاني عالم جا ناشر ٿيا، اُنهن ئي ڏينهن ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي وارن ”راماٽڪ سوسائٽي“ برپا ڪئي ته مرزا صاحب جا ترجمو ڪيل شاهڪار ناٽڪ هڪ ٻئي جي پويان اچڻ لڳا. هاڻ مرزا صاحب علم حيوانات، زراعت، باغباني، صحت، ٻارن جي پرورش، فلسفي، قصن، تاريخ، اسلامي علوم ۽ سهڻي لطيف تي به قدم کنيو. اسڪولي ڪتابن ۾ انگي حساب، گرامر ۽ جاگرافي کي پڻ نه وساريائين. اُڻويهين صديءَ جي پڄاڻيءَ تائين مرزا صاحب جي ڇپيل سنڌي ڪتابن جو تعداد 38 ٿئي ٿو، جن جو موضوع وارو وچور هن ريت آهي:

(1) اسلامي علوم ۽ اخلاقي اقدار        3 عدد

(2) سائنس، صحت ۽ ٻيا علوم 14 عدد

(3) ناول، ناٽڪ، قصا ۽ شاعري  21 عدد

ويهين صديءَ جا 29 سال پاڻ حال حيات رهيا ۽ قلمي پورهيو ئي سندن لاڳيتو مشغلو رهيو. اُن صديءَ جي شروعاتي سالن ۾ سندس ڪتابن جا مشهور ناشر – الحق پريس سکر، پريميئر پريس حيدرآباد، شيخ عبدالرحيم حيدرآباد، بگومل تلسيداس حيدرآباد، سنڌ جو ينائيل ڪوآپريٽو سوسائٽي حيدرآباد، بلؤسٽڪي پريس حيدرآباد وغيره ڳڻائي سگهجن ٿا. اهڙيءَ طرح سنڌ جي پنجاهه کان به مٿي ناشرن سندس ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا. ورهاڱي کانپوءِ اداره قليچ حيدرآباد، باغبان پبليڪيشن حيدرآباد، آر ايڇ احمد ائنڊ برادرس حيدرآباد ۽ سنڌي ادبي بورڊ سرفهرست رهيا آهن.

مرزا صاحب جا گهڻا ڪتاب ته ڏاڍو مقبول ٿيا ۽ بار بار ڇپبا رهيا. مثال طور سندس ناٽڪ جو ڪتاب ”خورشيد“ ورهاڱي کان اڳ نو دفعا ڇپيو. اهڙيءَ ريت ”مقالات الحڪمت“ سندس حياتيءَ ۾ ئي ٽي دفعا ڇپيو. ”دلپسند لطيفا“ (ٻه ڀاڱا) به ساڳئي عرصي ۾ ٻه دفعا ڇپيو. درسي ڪتاب، جهڙوڪ سنڌي ڪتاب، سنڌجي مختصر تاريخ سبقن ۾، سندس حياتيءَ ۾ چار چار دفعا ڇپيا. ٻئي طرف ٻاراڻا ڪتاب بهوري وري ڇپبا رهيا، جن کي سنڌي ادبي بورڊ 1956ع کان وري ڇاپڻ شروع ڪيو.

هت شمس العلماء جي لکيل ”سنڌي ڪتابن جي ”الف بي وار فهرست، ڇپجڻ جي سالن سميت پيش ڪجي ٿي. هن فهرست ۾ ٽيهارو کن اهڙا ڪتاب به آهن، جن جي ڇپجڻ جو سال معلوم نه ٿي سگهيو آهي. (اُنهن جي سامهون سوال جي نشاني ڏني وئي آهي.) مرزا صاحب جا 35 ڪتاب (اڻ ڇپيل) به ڇپائيءَ جا منتظر آهن، تن جا نالا ۽ لکجڻ جو سال به آخر ۾ ڏجن ٿا. گهڻي ڊيگهه کان بچڻ خاطر ڪتابن جا ناشر، صفحا، قيمت وغيره هت درج نٿا ڪجن. اِن سلسلي ۾ خواهشمند دوست، راقم پاران مرتب ڪيل جامع ۽ تفصيلي ”قليچ جي ڪتابن جي ببليوگرافي“ ڏسي سگهن ٿا، جا اڻ ڇپيل آهي. 

ڇپيل سنڌي ڪتابن جي الف بي وار فهرست

1.           آزار مان آرام 1913ع

2.          احوال شاهه عبداللطيف جو 1905ع، 1911ع 1972ع

3.          اخلاق صوفيه-------؟

4.          اخلاق قرآن و حديث 1915ع

5.          اخلاق معصومين-----؟

6.          استاد جي قدمن ۾-----؟

7.          اسرار حڪمت-----؟

8.          اسرار جو خزانو، ست واديون ۽ چار واديون- (ٻيو دفعو) 1929ع

9.          اسلام جا ٽيهتر فرقا 1953ع

10.      اسلام ۾ تصويرون جائز يا ناجائز-----؟

11.       اسلام ۾ علم جي ڳولا-----؟

12.      اسلام بموجب اصول ٿيا سافي-----؟

13.      اسلامي پهريون ڪتاب سنڌي 1904ع، 1921ع، 1923ع، 1928ع

14.      اسلامي ٻيو ڪتاب، سنڌي 1904ع، 1921، 1922ع، 1928ع

15.      اسلامي ٽيون ڪتاب، سنڌي 1906ع، 1921ع، 1923ع، 1928ع

16.      اسلامي ٽيون ڪتاب، سنڌي 1906ع، 1914ع، 1921ع، 1928ع

17.      اسلامي پنجون ڪتاب، سنڌي 1914ع

18.      اسلامي تحفو 1916ع

19.      اسلامي تعليم نامو 1952ع

20.     اسلامي رسالو-----؟

21.      اشعار القرآن-----؟

22.     اصلاح نامه 1922ع

23.     اصول شرح محمدي 1916ع

24.     الاهي الهام-----؟

25.     الحيات بعد الممات 1956ع

26.     امام غزالي 1926ع

27.     املهه ماڻڪ 1920ع، 1968ع

28.     اميد شاهه ۽ شرب ديو 1915ع

29.     انجيل يا نئون عهدنامو-----؟

30.     انسان جا محافظ 1952ع

31.      انساني سڌاري جي شروعات 1956ع

32.     انشائي تعليمي خط ۽ مشقون (1)، 1916ع

33.     انشائي تعليمي خط ۽ مشقون (2)، 1916ع

34.     انشائي تعليمي خط ۽ مشقون (3)، 1916ع

35.     انڪوائري آفيسر 1897ع، 1916ع، 1966ع، 1973ع

36.     انگي حساب ٻاراڻي ۽ پهرين لاءِ 1927ع، 1932ع

37.     انگي حساب ٻئي درجي لاءِ 1927ع، 1932ع

38.     انگي حساب ٽئين درجي لاءِ 1927ع، 1932ع

39.     انگي حساب چوٿين درجي لاءِ 1927ع، 1932ع

40.     انگي حساب پنجين درجي لاءِ 1927ع، 1932ع

41.      ايرڪ 1919ع، 1961ع

42.     ايمرسن جا علمي ۽ عقلي نقطا 1915ع، 1922ع

43.     ايندڙ زمانو 1921ع

44.     ايها الولد سنڌي 1956ع

45.     با بادل 1914ع

46.     باغ ۽ باغباني 1900ع، 1960ع

47.     بدر منير 1927ع

48.     برٽش شهنشاهت جي مختصر تاريخ 1916ع

49.     بهائي تعليم 1923ع

50.             بهرام گور 1900ع ۽ (1961ع ۾ شهزادو بهرام.)

51.      ٻه ڀيڻون 1918ع

52.     ٻه جاڙا ڀائر ۽ ڀاءُ ڀيڻ 1926ع 1960، 1974

53.     ٻه ننڍڙا انسان 1915ع، 1960ع

54.     ٻاراڻي تعليم 1917ع

55.      ٻارن جي پالڻ جو طب 1910ع

56.     ٻاراڻا گل ڦل 1936ع

57.     ٻڌو ۽ ڏسو 1928ع

58.     پارسي زبان جي شعر جي تاريخ 1897ع، 1900ع، 1916ع

59.     پائي وائي پائي وزو-؟ 1964ع

60.     پٽيل اکيون پوريل اکيون 1964ع

61.      پرهيز نامو 1918ع

62.     پهاڪن جي حڪمت 1925ع

63.     پکي (باتصوير) 1898، 1914ع، 1922ع

64.     ڀاڄين جا طعام 1926ع

65.     تحفه اسماعيليه 1922ع

66.     تحفه اماميه ڀاڱو 1، 1929ع، 1953ع

67.     تحفه اماميه ڀاڱو 2، 1935ع، 1953ع

68.     تحفة السالڪين 1953ع

69.     تحفة السنوان 1913ع، 1958ع

70.     تصوف: حقيقت ۽ تاريخي احوال 1922ع

71.      تعليم حڪمت ڀاڱو 1، 1891ع، 1901ع

72.     تعليم حڪمت ڀاڱو 2، 1891ع، 1901ع

73.     تعليم حڪمت ڀاڱو 3، 1891ع، 1901ع

74.     تعليم صحت 1935ع

75.     تقريرون ۽ تحريرون 1970ع

76.     توريت يا قديم عهدنامو-؟

77.     تهذيب الاخلاق 1913ع، 1943ع، 1954ع

78.     ٽي ديو يا راڪاس 1959ع

79.     ٽي گهر، ڀاڱو-1، 1913ع، 1959ع

80.     ٽي گهر، ڀاڱو-2، 1913ع، 1959ع

81.      ثابت علي شاهه ساعر جو احوال-؟

82.     ٿيا سافي: حقيقت ۽ اصول 1912ع

83.     حاجتمنديءَ مان طاقتمندي 1916ع، 1929ع

84.     حاجي بابا اصفهاني 1914ع، 1961ع

85.     حالات الاوليا 1910ع، 1956ع

86.     حالات نبوي 1937ع

87.     حرڪت مان برڪت 1914ع

88.     حسنا ۽ دلدار 1897ع، 1960ع

89.     حشرات الارض (باتصوير) 1897ع، 1976ع

90.     حضرت سليمان عليہ السلام 1955ع

91.      حقائق الارواح 1906ع

92.     حيوان تعريف ۽ رحم جا لائق 1927ع

93.     جانور (باتصوير) 1901ع، 1910ع

94.     جنگ نامو 1916ع

95.     جوانيءَ جو اڪسير 1915ع

96.     جواهر الاخلاق 1915ع

97.     جواهر الانسان 1926ع

98.     جولئن هوم جي آکاڻي 1961ع

99.     جهڙو خيال تهڙو حال-----؟

100. چار انجيل 1916ع

101.  چچنامو 1923ع

102. چڱي خيال جي ڪراست ڀاڱو پهريون 1953ع

103. چندن هار ڀاڱو (1)، 1916ع، (1959ع ۾ ٻئي ڀاڱا گڏ)

104. چيستانا 1952ع

105. ڇو ۽ ڇا 1915ع، 1955

106. ڇوٽڪارو 1959ع

107. ڇوڪرين لاءِ پهريون ڪتاب 1919ع

108. ڇوڪرين لاءِ ٻيو ڪتاب 1919ع

109. ڇوڪرين لاءِ ٽيون ڪتاب 1919ع

110.  ڇوڪرين لاءِ چوٿون ڪتاب 1919ع

111.   ڇوڪرين لاءِ پنجون ڪتاب 1919ع

112.  ڇوڪرين لاءِ ڇهون ڪتاب 1919ع

113.  ڇوڪرين لاءِ ستون ڪتاب 1919ع

114.  خانبهادر ميان حسن علي آفنديءَ جي سوانح عمري 1925ع

115.  خدا شناسي-----؟

116.  خطبئه قليچ 1937ع

117.  خواب ۽ تعبير 1924ع

118.  خود  ياوري 1904ع، 1958

119.  خورشيد 1891ع، 1957ع، 1935ع

120. دل جو آرام ۽ عجيب دوا 1916ع

121.  دلارام 1888، 1904ع، 1958ع

122. دلپسند قصا ڀاڱو (1)، 1893ع، 1958ع

123. دلپسند قصا ڀاڱو ٻيو 1893ع، 1959ع

124. دلپسند لطيفا ڀاڱو (1) 1893ع، 1959ع

125. دلپسند قصا ڀاڱو (2) 1893ع، 1959ع

126. دل وندرائيندڙ ڳالهيون-----؟

127. دنيا جي مختصر تاريخ 1935ع

128. ديوان فاضل 1928ع

129. ديوان قاسم 1936ع

130. ديوان قليچ، ڀاڱو (1)، 1956ع

131.  ذبح عظيم 1933ع

132. ڏاڙهياري جبل جو سير 1900ع

133. ڏکن مان سک 1916ع

134. ڏوهن جي قبولداري 19189ع

135. ڏنگي زال کي سڌو ڪرڻ-----؟

136. رابنسن ڪروسو 1924ع

137. راحيل 1914ع

138. راه نجات 1889ع، 1916ع

139. رباعيات عمر خيام 1905ع

140. رجب پاشا 1915ع

141.  رد تثليث 1916ع

142. رساله ڪريمي 1904ع

143. رستم 1819ع، (1928ع ۾ چوٿون دفعو 1963ع، 1971ع، 1974ع

144. رعيت نامو 1916ع

145. روحاني تعليم 1910ع

146. روشنائي نامہ-----؟

147. رائفلس 1917ع

148.     رياست خيرپور: اُن جو اڳوڻو ۽ هاڻوڪو تاريخي ۽ ملڪي احوال 1924ع

149. زاد آخرت 1906ع

150. زالن جا فرض 1919ع

151.  زالن جا ويم جو طب-----؟

152. زباني يا دل جا حساب 1935ع

153. زبور نثر ۾ 1916ع، 1919ع

154.      زبور يا گيتن جو پهريون ڪتاب 1921ع

155.       زبور يا گيتن جو ٻيون ڪتاب 1921ع

156.      زبور يا گيتن جو ٽيون ڪتاب 1921ع

157.      زبور يا گيتن جو چوٿون ڪتاب 1921ع

158. زمين پوکڻ جو علم ۽ هنر 1899ع

159. زميندارن لاءِ صلاح 1922ع

160. زباني تعليم 1952ع

161.  زنوبيه 1914ع

162. زينت (ناول) 1894ع 1958ع، 1970ع 1973ع، 1976ع، 1984ع

163. زيب النساء بيگم 1953ع

164. سائو پن يا ڪارو پنو 1965ع 1988ع

165. ست واديون يا منزلون 1916ع

166. ستن شهزادن جي آکاڻي-----؟

167.     سچو سک يا سچي خوشي جو ڳجهه 1923ع

168. سچي محبت 1915ع، 1959ع

169. سر سريراڳ 1916ع

170.     سرسري ناٽڪ جمشيد ۽ حميده 1913ع

171.  سرسري ناٽڪ جمشيد ۽ حميده (ضميمو) 1913ع

172. سر سسئي شرح سان 1916ع

173. سر سهڻي شرح سان 1912ع

174. سليس صرف و نحو مُلن جي مڪتبن لاءِ 1920ع

175. سندر وديا 1915ع

176. سندباد جهازي-----؟

177. سنڌ جو هڪڙو قديم صوفي اوليا-----؟

178. سنڌ جي تاريخ 1903ع

179. سنڌ جي تاريخ جون ڳالهيون 1916ع

180. سنڌ جي مختصر تاريخ سبقن ۾ 1917ع 1918ع، 1920ع 1924ع

181.  سنڌ جي مختصر تاريخ ڳالهين ۾    (تصويرن سان)

182. سنڌ جي مختصر جاگرافي ڳالهين ۽ لفظن ۾ 1922ع

183. سنڌي زبان جي تاريخ-----؟

184. سنڌي شعر جي قديم حالت ۽ پوءِ جو سڌارو 1914ع

185. سنڌي علم نحو 1916ع، 1921ع

186. سنڌي گرامر وڏو 1935ع

187. سنڌي مرثيا ڀاڱو-2، 1927ع

188. سنڌي مرثيا ڀاڱو-3، 1927ع

189. سنڌي مرثيا ڀاڱو-4، 1927ع

190. سنڌي مرثيا ڀاڱو-5، 1927ع

191.  سنڌي لٽريچر 1916ع

192. سنڌي لغات قديمي 1924ع

193. سنڌي ويا ڪرڻ ڀاڱو-1، 1960ع

194. سنڌي ويا ڪرڻ ڀاڱو-2، 1960ع

195. سنڌي ويا ڪرڻ ڀاڱو-3، 1960ع

196. سنڌي ويا ڪرڻ ڀاڱو-4، 1960ع

197. سودائي خام 1900ع، 1910ع

198. سوانح عمري 1920ع

199. سونو گڏهه-----؟

200.   شئنڊ فرڊ ۽ مرٽن 1913ع، 1916ع، 1922ع

201. سيرت النبي ﷺ 1916ع

202.       شاهه ايليا 1901ع، 1959ع

203.       شاهه جو رسالو 1956ع، 1994ع 1997ع

204.       شاهه جي رسالي جو ڀاڱو 1913ع

205.شاهه صاحب عالم 1953ع

206.       شاهزادي محبوب جي آکاڻي 1924ع، 1974ع

207.       شاهزادي قدم برگ 1960ع، 1964ع، 1974ع

208.       شاهنامي وارا شاهه 1926ع

209.       شراب جو خراب اثر-----؟

210. شرح ديوان گل 1955ع

211.  شرلاڪ هومز ڀاڱو-1، چوپڙي نمبر 1، 1916ع

212. شرلاڪ هومز ڀاڱو-2، چوپڙي نمبر 2، 1916ع

213. شرلاڪ هومز ڀاڱو-3، چوپڙي نمبر 3، 1916ع

214. شريف بيگم 1918ع

215. شڪ جو شڪار-----؟

216. شڪنتلا- 1896ع

217. شمشاد مرجانه 1914ع

218. شمرانه يا شيطان جي ناني 1914ع، 1916ع، 1959ع، 1969ع، 1974ع، 1928ع، 1983ع

219. شوقين ڌاڙيل ناول 1923ع، 1927ع

220.       شهريار ۽ شهر بانو 1923ع

221. شيخ بوعلي سينا 1926ع

222.       شيخ چلي ۽ اڱڻ مسخرو 1900ع، 1916ع، 1956ع

223.       شيطان جو مريد 1914ع، 1916ع

224.       صحت النساءِ 1899ع

225.صداقت الاسلام 1906ع

226.       صلح ڪل جو پيغام (بهائي مذهب يا دين) 1938ع

227.       ضمان الفردوس 1915ع، 1935ع

228.       طب مطبوع مخزن منظوم 1952ع

229.       طلسمي گڏي-----؟

230.       عاقل ۽ فاطمہ 1952ع

231. عالم آبي (با تصوير) 1897ع، 1916ع

232.       عالم ارواح-----؟

233.       عالم خواب-----؟

234.       عالم جو استاد 1922ع

235.عالمگير مذهب 1953ع

236.       عبادت نامو 1922ع

237.       عجائب غرائب: دنيا جو سير 1916ع

238.       عجائبات سائنس 1935ع

239.       عجيب الماس 1915ع

240.       عجيب جواهر 1915ع، 1967ع، 1972ع

241. عجيب طلسم 1914ع، 1960ع، 1969ع، 1976ع

242.       عجيب غريب نئون ناول 1900ع

243.       عجيب ڳالهيون 1961ع

244.       عزيز شريف 1909ع

245.عزيز شريف جا راڳ 1909ع

246.       عقود الاعلى: موتين جو هار 1937ع

247.       علامات القرآن-----؟

248.       علم اخلاق 1906ع، 1916ع

249.       علم ادب 1914ع

250.علم اصول دستور المعاش 1891ع

251. علم بديع ۽ علم عروض 1953ع

252.علم تصوف 1916ع

253.علم قحف يا فرينالاجي 1953ع

254.علم موسيقي-----؟

255. غلاميءَ مان مٿي چاڙهو 1961ع

256.فرائض انساني 1915ع

257.فرهاد ۽ شيرين 1923ع

258.فقہ جا عجيب مسئلا 1892ع

259.فوائد الاخلاق 1958ع

260.       فيروز دل افروز 1906ع، 1959ع

261. قديم چيني اخلاق 1917ع

262.       قديم سنڌ، اُن جا مشهور شهر ۽ ماڻهو 1955ع، 1960ع، 1990ع

263.       قديم سنڌ جا ستارا 1923ع

264.       قصص الانبياءَ 1956ع، 1963ع

265.قصو ليلى مجنون سنڌي 1889ع

266.       ڪادمبري 1916ع

267.       ڪامل انسان ڀاڱو-1، 1926ع

268.       ڪامل انسان ڀاڱو-2، 1928ع

269.       ڪرامات الاوليا 1911ع، 1956ع

270.       ڪريسس: قديم يونان جي هڪڙي تاريخي ڳالهه 1924ع

271. ڪيميائي سعادت عرف ڪيميائي ڪرامت ٻه ڀاڱا، 1901ع، 1904ع، 1924ع، 1985ع

272.       گلابي جوڙو-----؟

273.       گل بڪاولي 1916ع

274.       گلزار ۽ گلنار 1916ع

275.گلشن اخلاق 1914ع

276.       گلشن بهار 1936ع

277.       گلن جي ٽوڪري 1912ع، 1914ع، 1923ع، 1959ع

278.       گليور جو سير ۽ سفر 1913ع، 1923ع، 1960ع، 1969ع

279.       ڳوٺ جي وڏيرن يا پٽيلن ۽ ٻين ماڻهن لاءِ هدايت نامو 1897ع

280.       لاله رخ 1926ع

281. لٻا خان درزي ۽ خليفو ڪهنگ 1926ع، 1960ع، 1969ع

282.       لڇمي: هڪ ٺڳباز عورت 1913ع، 1916ع

283.       لطائف طوائف 1927ع

284.       لغات لطيفي 1914، 1967، 1994ع، 1998ع

285.لطيفي لات 1904ع، 1912ع، 1994ع

286.       لطيفه معرفت 1916ع

287.       لوڀي ۽ ٺوڳي 1895ع، 1916ع

288.       لوقا جي معرفت يا پاڪ انجيل 1931ع

289.       ماکيءَ جي مک-----؟

290.       مائون ۽ ٻار 1953ع

291. ماڻهون پنهنجو پاڻ طبيب 1927ع

292.       ماڻهو ڪين ٿا ڄاڻن 1928ع

293.       مثنوي تحفئه احرار 1922ع

294.       مثنوي ڪشف اعجاز 1914ع

295.مثنوي مطلع الانوار-----؟

296.       محبت آل عبا 1922ع

297.       مجالس الشهدا 1910ع

298.       مختيار ثقفي 1919ع

299.       مخلوقات پنج ڀاڱا-----؟

300.       معصوم شفيع جي سوانح عمري 1926ع 1979ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com