سيڪشن؛رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2012ع (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلو خاص نمبر)

مضمون

صفحو22

ڊاڪٽر بشير احمد شاد

 

 

       ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪتاب

         ’ڊاڪٽر بلوچ هڪ مثالي عالم‘ (ڀاڱو ٽيون) جو مختصر جائزو

سنڌ جي سرزمين سياڻن، ساڃاهه وندن ۽ سپورنجن جي ڌرتي آهي. هن ڀونءِ جي خمير ۾ جيڪا محبت جي مهڪ آهي، شايد ئي ڪنهن مٽيءَ ۾ هجي. ڏاهن ۽ ڏات ڌڻين جي هن ڏيهه ۾ جيڪي انسان عظمت جي بلندين کي ڇُهي اعليٰ منصب ماڻي چڪا آهن، اهڙن ئي ديدوَر دانشورن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو نالو نهايت نمايان ۽ معتبر آهي. ڊاڪٽر صاحب جهڙا انمول انسان صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. هن موقعي تي آءٌ ڊاڪٽر صاحب کي شمس العلماء جي خطاب سان سڏيندي انتهائي خوشي ۽ فخر محسوس ڪريان ٿو.

زيرِ تبصره ڪتاب ”ڊاڪٽر بلوچ: هڪ مثالي عالم“ (ڀاڱون ٽيون) ڊاڪٽر نبي بخش صاحب جي پروقار شخصيت ۽ علمي ادبي پورهئي جي اعتراف طور برک عالمن اديبن ۽ دانشورن طرفان دادِ تحسين تي مشتمل آهي. سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم حيدرآباد جا منتظمين مبارڪباد جا مستحق آهن. جن هن بي بها انسان جا اڪيلي سر حق ادا ڪيو آهي، جيڪو پوري قوم جي مٿان فرض پيو بڻجي. ڪتاب جي مرتب ۽ تنظيم جي سرپرست محمد عثمان منگي کيرون لهڻيون جنهن ههڙي ڪتاب جي ڇپائيءَ جا انتظام ڪيا، ڪتاب 294 صفحن تي ڦهليل آهي. جيڪو مختلف ادبي تنظيمن طرفان مختلف وقتن تي ڊاڪٽر صاحب سان ملهايل شام ۾ پيش ڪيل مضمونن، مقالن ۽ تقريرن تي مشتمل آهي، جن جو وچور ڪجهه هن ريت آهي:

14- جنوري 1995ع تي رهبر ادبي سوسائٽي حيدرآباد طرفان پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ويهارو عالمن اديبن محققن ۽ دانشورن پنهنجا ويچار ونڊيا. جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب جون شاهه لطيف ۽ رسالي تي خدمتون، عربيءَ ۾ ايڊٽ ڪيل ڪتاب
شاهه سائين جي شجري بابت تحقيق، ڊاڪٽر صاحب جا فارسيءَ ۾ ايڊٽ ڪيل ڪتاب، ڊاڪٽر صاحب جا تحقيق جي سلسلي ۾ ترڪيءَ جا سفر، سنڌي جامع لغات تي ڊاڪٽر صاحب جون خدمتون، سنڌي شعبي قائم ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر صاحب جون ڪاوشون، سنڌي لوڪ ادب لاءِ جاکوڙ، آثارِ قديمه لاءِ ڪوششون بحيثيت وزيرِتعليم، تعليم لاءِ خدمتون، سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ تي ڊاڪٽر صاحب جون بي مثال خدمتون، ڊاڪٽر صاحب جون پنهنجي ڳوٺ ۾ تعليمي خدمتون، جهڙا موضوع اچي وڃن ٿا. هن تقريب جي صدارت برک عالم ۽ اديب ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ڪرڻ فرمائي. سندن پُرمغز صدارتي تقرير به هن ڪتاب ۾ شامل آهي. ’محترم ايڇ.ايم خواجه منهنجو پيارو شاگرد‘ جي عنوان سان ڊاڪٽر صاحب کي خوبصورت لفظن ۾ تحسين پيش ڪئي آهي. هن پروگرام ۾ جن ٻين فاضل محققن پنهنجون ڪاوشون پيش ڪيون، انهن ۾ محمد عثمان منگي، سيد علي مير شاهه، ڊاڪٽر مدد علي قادري، مير علي شاهه ڄاموٽ، پروفيسر مير خادم حسين ٽالپر، ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل، ظفر ڪاظمي، شيخ محمد اسماعيل، پروفيسر علي نواز جتوئي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، سيد ضياءالدين شاهه، عبدالله ورياهه، ڊاڪٽر عابد لغاري، سيد بچل شاهه بخاري، حاجي علي بخش لغاري، ڊاڪٽر اسد جمالي پلي ۽ محبوب احمد ڏيٿو جا نالا اچن ٿا.

ٻي تقريب 19- فيبروري 2002ع تي ميوزم آڊيٽوريم حيدرآباد ۾ سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم طرفان ڊاڪٽر صاحب سان ملهائي ويئي. جنهن جو خاص مهمان مظهرالحق صديقي وائيس چانسيلر سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو هو. جڏهن ته خصوصي خطاب سيد علي مير شاهه صاحب تڏهوڪي وزيرِآبپاشي ۽ بجلي حڪومت سنڌ جو هو. ڊاڪٽر صاحب متعلق جن ٻين دانشورن عقيدت جو اظهار ڪيو، انهن ۾ رسول بخش پليجو ۽ شيخ محمد اسماعيل هئا.

ڊاڪٽر صاحب جي مانَ ۾ سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم طرفان ٻيو پروگرام 27- ڊسمبر 2002ع تي سچل سرمست آڊيٽوريم خيرپور ۾ منعقد ڪيو ويو. جنهن جي صدارت جناب يعقوب علي زرداري ڪئي. هن تقريب ۾ ڪل 13 مضمون ۽ مقالا سنڌيءَ ۾ پڙهيا ويا. جن جا عنوان هن ريت هئا:

ڊاڪٽر صاحب جو علمي معيار، ڊاڪٽر صاحب جي تحقيق جو نمونو، ڊاڪٽر بلوچ عظيم محقق عالم ۽ اسڪالر جي حيثيت ۾، ڊاڪٽر صاحب جي گهڻ رُخي شخصيت، وڏي شخصيت لاءِ ڪجهه تاثراتي الفاظ، ڊاڪٽر صاحب اڄوڪي دور جو عظيم اسڪالر، ماڻڪ موتي داڻو ڊاڪٽر بلوچ، سنڌ ۾ تاريخ نويسيءَ لاءِ ڊاڪٽر صاحب جا ڏنل رجحانات‘، ممتاز محقق ۽ عالم ڊاڪٽر بلوچ سان رهاڻ، محسنِ ادب تاريخ ۽ ثقافت: ڊاڪٽر بلوچ.

تقريب ۾ جن دانشورن پنهنجا مقالا پيش ڪيا انهن جا نالا هي آهن: پروفيسر محمد فاضل شيخ، پروفيسر بيگم خديجه بلوچ، مفتي محمد رحيم سڪندري، سگهڙ عبدالرحمٰن مهيسر، ڊاڪٽر محمد شريف بلوچ، ڊاڪٽر ادل سومرو، اياز گل، ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو، مهر خادم، حزب الله آءِ. سومرو، عنايت بلوچ ۽ ڊاڪٽر عابد لغاري. ان کان علاوه هڪ سرائڪي زبان ۾ مقالو سيد انيس شاهه جيلاني (صادق آباد) پيش ڪيو ۽ ڈاکٹر بلوچ ایک عہد ساز شخصیت، (اردو زبان ۾) ڊاڪٽر عبدالرزاق صابر (بلوچستان يونيورسٽي ڪوئٽا) پڙهيو. اهڙي طرح ڪتاب جي آخري صفحن تي پروفيسر ڊاڪٽر محمد غازي (اڳوڻو منسٽر رليجس ۽ منارٽي افيئرس گورنمينٽ آف پاڪستان) جو انگريزيءَ ۾ ڊاڪٽر صاحب جي شخصيت ۽ خدمتن تي مقالو ڇپيل آهي. پروفيسر سيد قلندر شاهه لڪياريءَ جو مضمون بعنوان The English writings of Dr. N.A.Baloch ۽ پروفيسر P.Hardy لنڊن يونيورسٽي جو مضمون Revis of Dr. Baloch’s Edition of Fatah Nama (Chach nama) in the Journal of Royal Asiatic society London شامل آهن.

مذڪوره تقريبن ۾ پڙهيل سمورا سمورا مقالا ۽ مضمون، تقريرون ۽ خطاب نهايت قيمتي، پُرمغز ۽ معلومات ڀريا آهن، جن ۾ فاضل محققن ۽ دانشورن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان پنهنجي عقيدت جو اظهار انتهائي محبت ڀريي انداز ۾ ڪيو آهي.

سمورن مقالن ۽ مضمونن، تقريرن ۽ خطابن تي تفصيلي تبصرو هنن صفحن ۾ سمائجي ڪونه  سگهندو. لهٰذا آءٌ انهن مان چند هتي تحريرن ۽ تقريرن مان اقتباس مثال طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو، جيڪي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جي علمي ۽ ادبي عظمت جي شاهدي ڏين ٿا.

ڊاڪٽر صاحب جن جو مهربان استاد ”ايڇ.ايم خواجه صاحب منهنجو پيارو شاگرد“ جي عنوان سان هيٺ ڊاڪٽر صاحب جي طالب العلميءَ واري دور جو ذڪر ڪندي فرمائي ٿو:

1’- اپريل 1934ع ۾ نوشهري مدرسي هاءِ اسڪول ۾ اسسٽنٽ ٽيچر مقرر ٿي آيس ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب ان وقت ۾ ڇهون درجو انگريزي پڙهندو هو، مان سندس ڪلاس ۾ ويندو هئس. ڊاڪٽر بلوچ مون کي تمام گهڻو متاثر ڪيو. مون ۾ اها خوبي هوندي هئي ته جنهن شاگرد جا اکر چڱا ڏسندو هئس، ان لاءِ منهنجو اوپينن تمام گهڻو هوندو هو ته هيءُ شاگرد ترقي ڪندو ۽ ضرور هوشيار هوندو. ڊاڪٽر بلوچ جي جيڪا صورتخطي هئي سا تمام سهڻي هوندي هئي. هو هميشه پنهنجي ڪلاس ۾ پهريون نمبر ايندو هو. اوهان ڪيترن کي خبر هوندي ته هڪ غريب فيملي مان پڙهڻ لاءِ آيو هو، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي کان پوءِ ڊاڪٽر بلوچ اها جاءِ ورتي ۽ مان سمجهان ٿو ته ڪن ڳالهين ۾ ڊاڪٽر عمر دائودپوٽي کان به وڌيڪ اڳتي وڌي ويو‘.

سنڌ جي برک عالم، اديب ۽ لطيف شناس سيد علي مير شاهه پنهنجي مضمون ”ڊاڪٽر بلوچ جون شاهه لطيف ۽ رسالي تي خدمتون“ ۾ ڊاڪٽر صاحب جي علمي عظمت بابت لکي ٿو:

’ڊاڪٽر بلوچ صاحب اهڙو اسڪالر آهي جنهن سنڌي زبان، ثقافت، علم ادب جي بي مثال خدمت ڪئي آهي. هن موجوده دور ۾ يا هن کان اڳ ۾ ڪنهن به عالم جي اهڙي خدمت سامهون نه آئي آهي. سنڌ جي تاريخ، سنڌي ثقافت، سنڌي موسيقي جي تاريخ سنڌي لوڪ ادب، سنڌي ڪلاسيڪي شاعري لکي اسان جي ٻوليءَ کي مالامال ڪيو آهي. سنڌ جي ادب بابت تسليم ٿيل هڪ حقيقت آهي ته شاهه لطيف سائين جي ڪلام کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ کان سواءِ ڪنهن کي به سنڌي ٻوليءَ جو سڄاڻ سڏڻ صحيح نه ٿيندو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جون خدمتون ان سلسلي ۾ تاريخي نوعيت جون آهن. هو شاهه سائين جي رسالي جي لفظن، معنائن ۽ حوالن جي سمجهڻ لاءِ انهن ٽنهي علمن سان سينگاريل آهي:

پروفيسر ڊاڪٽر مدد علي قادري پنهنجي مقالي ’ڊاڪٽر بلوچ صاحب جا عربيءَ جا ايڊٽ ڪيل ڪتاب‘ ۾ ڊاڪٽر صاحب جي علمي اهليت بابت هن طرح رقمطراز آهي.‘

’منهنجي لاءِ اها سعادت ۽ فخر جي ڳالهه آهي، جو مان سنڌ جي مايه ناز عالم ۽ عظيم محقق ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي عربيءَ ۾ ايڊٽ ڪيل ڪتابن تي تبصرو ڪريان. حقيقت ۾ هڪ جيّد عالم جي ڪيل ڪارنامن تي ڪو عالم ئي تبصرو ڪري سگهي ٿو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب ٻين علمن سان گڏ عربيءَ جو درس انداز ستارو آهي. هڪ شاعر مطنّبي جو شعر سندن شخصيت سان ثابت اچي ٿو. جنهن جو مفهوم آهي ته الله پاڪ لاءِ اهو مشڪل نه آهي جو تمام جهان هڪ شخص ۾ سمائي ڇڏي. ڊاڪٽر صاحب جن پاڻ عربيءَ ۾ ايم.اي جو امتحان مسلم يونيورسٽي عليڳڙهه مان وڏي امتيازي حيثيت سان پاس ڪيو. عرب دنيا ۾ مڃيل عالم علامه عبدالعزيز الحسيني مرحوم جي ساٿ هئڻ جو کين شرف حاصل آهي.‘

پروفيسر مير خادم حسين ٽالپر پنهنجي مضمون ’ڊاڪٽر جا فارسي ايڊٽ ڪيل ڪتاب‘ ۾ لکي ٿو:

’ڊاڪٽر بلوچ صاحب سنڌ جي عالمن ۾ عظيم عالم آهي، سندس ڪارناما تمام گهڻا آهن. هن صاحب فارسيءَ جا پنج ڪتاب ايڊٽ ڪيا، جن جا نالا آهن: لطائف لطيفي، بيگلارنامو، تاريخ طاهري، لبِ تاريخ سنڌ، نهج التعليم. اهي سمورا ڪتاب انتهائي قابلِ قدر آهن.‘

ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل پنهنجي مضمون

 

’ڊاڪٽر بلوچ جا تحقيق جي سلسلي ۾ ترڪيءَ جا سفر‘ ۾ لکي ٿو:

’ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڪنهن تعارف جو محتاج نه آهي، انهيءَ چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته مرزا قليچ بيگ کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب جن جيڪو ڪم ڪيو آهي، انهي جو ڪو مثال نٿو ملي. قبلا ڊاڪٽر صاحب جن محقق، اديب، سنڌي ٻوليءَ جا پارکو، اسڪالر، دانشور، عظيم مؤرخ ۽ منهنجا علمي رهبر آهن. ترڪيءَ جي سفر ۾ ڊاڪٽر صاحب سارو وقت ترڪيءَ جي ڪتبخانن ۾ گذاريو ۽ ڪتابن تان نوٽ وٺندو رهيو. پنجاهه لائبررين ۾ مون به ڊاڪٽر صاحب جن سان خدمت ۾ رهيس.‘

معروف اديب عالم ۽ ٻوليءَ جي ماهر ڊاڪٽر غلام علي الانا پنهنجي صدارتي تقرير ۾ فرمايو:

’سال 1995ع جي ڀلي قسمت آهي جو هڪ قداور شخصيت علم، ادب ۽ ثقافت جي وڏي قداور هستي نه بلڪ سنڌ، نه فقط پاڪستان، بين الاقوامي حيثيت محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان ڪچهريءَ جو اهتمام ٿي رهيو آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب نه فقط منهنجو استاد رهيو آهي پر گهڻن مان توهان جو به استاد رهيو آهي. پر سنڌ کان ٻاهر به گهڻن ماڻهن جو استاد آهي، ڊاڪٽر صاحب هونئن ته دل جو تمام گهڻو ڪشادو پر هڪ ڳالهه ۾ ڪنجوس، غير ضروري ڪچهري ڪرڻ ڄاڻي ئي ڪونه. هن جي اهڙي طبعيت آهي جو نه ڪنهن جي گلا ڪندو ۽ نه ڪنهن جي گلا ٻڌندو. نه وري ڪنهن غير ضروري ڪچهريءَ لاءِ اوهان کي همٿائيندو. تمام وڏي ڳالهه آهي. دوستو! ڊاڪٽر بلوچ صاحب تمام وڏو ماڻهو آهي. مون فقط سنڌ جي حوالي سان، سنڌي ادب، سنڌي ثقافت جي حوالي سان سنڌي لغات يا سنڌ جي تاريخ جي آئيني ۾ ڊاڪٽر صاحب جن کي پرکيو آهي. پر اسلام آباد ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڪيل ڪم جو هت ته ڪنهن ذڪر ئي نه ڪيو آهي. نيشنل ڪميشن ۾ ڪي.ڪي عزيز کان پوءِ جيڪڏهن ڪنهن عالم ۽ دانشور ذوالفقار علي ڀُٽي مرحوم جي خيالات جي ترجماني ڪئي، جنهن مقصد لاءِ ڀُٽي صاحب اهو ادارو قائم ڪيو هو ته انهن مقصدن کي صحيح معنيٰ ۾ اوهان تائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پهچايو. نيشنل هجره ڪائونسل جي ته توهان کي خبر ئي ڪونهي، ان ۾ مرحوم اي.ڪي بروهي صاحب ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب دنيا جي مسلمانن جي 100 ڪتابن جو پروجيڪٽ جوڙيو، ۽ ڊاڪٽر صاحب ٻاهرين ملڪن مان اهي چونڊيل مسلمان عالمن جا لکيل ڪتاب خريد ڪري اسلام آباد آندا. جن مان فقط پنج ڪتاب شايع ٿيا باقي 95 ڪتاب رهيا.‘

پروفيسر علي نواز جتوئي پنهنجي مضمون ’ڊاڪٽر صاحب جون سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي جي قائم ڪرڻ لاءِ خدمتون‘ ۾ لکي ٿو:

’جڏهن مان سنڌ مدرسي نوشهري فيروز هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ آيس ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن ستين درجي ۾ پڙهندا هئا. مان ڇهين درجي ۾ اچي داخلا ورتي. سنڌ مدرسي ۾ مشاعري جو بندوبست ڪيو ويو، جنهن جو سربراهه استاد مخدوم امير احمد صاحب کهڙن وارو هو ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب ان مشاعري جو سيڪريٽري هو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن ان وقت به حمل فقير جا بيت ۽ خليفي نبي بخش لغاريءَ جا بيت ٻڌائيندا هئا. پاڻ کي نبي بخش ثاني سڏيندا هئا. انهيءَ وقت کان وٺي اسان جا دوستانه تعلقات آهن. مون کي چِٽي يادگيري آهي ته اسان کي مشاعري لاءِ پهرين طرح ملي هئي ته: ’هر چيز ۾ ڏٺوسون، تنهنجو ظهور موليٰ‘ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن پاڻ به شعر پڙهيو. جيڪو سڀن ٻڌندڙن کي ڏاڍو پسند آيو ۽ کيس ڀرپور داد ڏنائون. ڊاڪٽر صاحب جي ننڍپڻ کان وٺي شعر و شاعريءَ سان دلچسپي هئي. انهيءَ مشاعري ۾ ٽن ماڻهن جا شعر چونڊيا ويا. ڊاڪٽر بلوچ صاحب، شير محمد بلوچ ۽ محمد ابراهيم قاضي، بهاءالدين ڪاليج جهوناڳڙهه ۾ به ڊاڪٽر صاحب اهو مشاعري وارو سلسلو جاري رکيو ۽ مشاعرا ڪرائيندو هو.

1951ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس حيدرآباد ۾ قائم ٿي جنهن جو پهريون وائيس چانسيلر علامه آءِ.آءِ قاضي صاحب مقرر ٿيو. جنهن پنهنجي ذهانت سان چونڊي لائق استاد مقرر ڪيا. جنهنڪري ڪيمپس ملڪ ۾ وڏو نالو ڪڍرايو. علامه صاحب کي خبر پئي ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب فارئين ۾ ملازمت ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهي ۽ کيس مقرري جو ليٽر به ملي چڪو آهي، جنهن ليٽر ۾ ڪي هزار رپيا ماهوار پگهار لکيل آهي. علامه صاحب فوراً ماڻهو موڪلي ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي گهرائي چيو ته: بابا تون سنڌي آهين، تون انهيءَ ڪري علم ڪونه پڙهيو آهين ته وڃين ٻين ملڪن جي خدمت ڪجي. پنهنجي سنڌ جي خدمت ڪرڻي آهي. سنڌ جي مٽي ملهائڻي آهي. پوءِ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن علامه صاحب جن جي راءِ جو قدر ڪندي هائوڪار ڪئي. جناب علامه صاحب ان وقت ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي -/600 رپيا ماهوار پگهار جي حساب سان پهريون پروفيسر مقرر ڪيو. پر علامه آءِ. آءِ. قاضي صاحب جن ڪڏهن به ڊاڪٽر صاحب جي راءِ کي رد نه ڪيو. ڄڻڪ ڪيمپس جا سربراهه ئي ڊاڪٽر صاحب جن آهن.‘

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي مضمون ’ڊاڪٽر بلوچ صاحب جون لوڪ ادب تي ڪيل خدمتون‘ ۾ لکي ٿو:

’ڊاڪٽر بلوچ صاحب 1955ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي آڏو سنڌي لوڪ ادب جي رٿا پيش ڪئي، جيڪا بورڊ منظور ڪري ورتي. 1956ع کان وٺي ڪم جي شروعات ٿي جيڪا بورڊ جي ميمبرن ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي مٿان ساري ڪم جي ذميواري رکي ۽ ڊاڪٽر صاحب سنڌي لوڪ ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ڪري قبول فرمائي. ڪم هلندي بورڊ جي انتظاميه کيس ڪيترن ئي مونجهارن ۾ وڌو پر هن مانجهي مرد انهن سڀني رڪاوٽن کي منهن ڏنو ۽ پنهنجي پختي ارادي سبب مقصد ۾ ڪامياب ٿيو. ڊاڪٽر صاحب جن سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ وڃي ڪچهرين جا منڊل مچايا. جهرجهنگ، ٿر، جبل، ڪاڇو، ڪوهستان، گنداواهه تائين پنهنجي ذاتي خرچ ۽ وسيع دوستيءَ جي آڌار تي لوڪ ادب جو گهڻو پکڙيل مواد گڏ ڪيائون. ڊاڪٽر بلوچ صاحب سنڌي لوڪ ادب جا جيڪي مهاڳ لکيا آهن، اهي سنڌي ٻوليءَ جا دستاويز آهن.‘

ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري پنهنجي مقالي ’سنڌ جي اساسي ڪلاسيڪي شاعريءَ تي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جون مثالي خدمتون‘ ۾ لکي ٿو:

’شاهه لطف الله قادري يارهين صدي جي آخر جو پهريون شاعر آهي، تنهن کان پوءِ شاهه عبداللطيفؒ جو مڪمل رسالو اسان کي مليو، کيس اساسي شاعريءَ جو آفتاب چئون، مهتاب چئون يا وري روشن ستارن وارو آسمان چئون. صوفي سائين محمد صديق وارو راڳنامو، سيد قنبر علي شاهه ڀاڏائيءَ جو رسالو، خليفي نبي بخش لغاريءَ جو رسالو ۽ غلام محمد خان زئي جو رسالو اسان وٽ دستياب آهن، جن تي عظيم اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب بنيادي ڪم ڪري انهن بزرگن جي ڪلام ۽ خاندان جي احوال کي مرتب ڪري سنڌي ادب کي اوچي ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو آهي. حمل فقير لغاري پڻ موجود آهي، جنهن تي ڊاڪٽر بلوچ صاحب وڏي جاکوڙ ڪري محنت ڪئي آهي. اسان جي خاندان تي تحقيق نه ڪن ها ته اسان الائي ڪٿي ڀٽڪندا ۽ اکڙبا رهون ها‘.

سيد بچل شاهه بخاري پنهنجي مقالي ’سنڌي ادارن جو بحران- قومي وجود تي وار‘ ۾ رقمطراز آهي:

’منهنجي خيال ۾ سنڌ جو پهريون عظيم انسان شاهه لطيفؒ هو، جنهن جهرجهنگ ۽ ٿر، بر لتاڙي ماروئڙن ۽ جهانگيئڙن وٽ پهچي انهن جون ريتون رسمون نظم ۾ بيان ڪيون آهن. ان کان پوءِ ٻيو شخص وري ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ آهي، جنهن شاهه لطيفؒ جي اهڙي ڪلام جي تفسير ۽ تحقيق لاءِ سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ هر ڳوٺ ۽ واهڻ ۾ ٿرن ۽ برن ۾ ڪارونجهر کان ڪشمور تائين لڪ لتاڙي شاهه لطيفؒ جي پيروي ڪندي جوڳين ۽ جهانگين، ٿرين ۽ ڪوهستاني هارين، نارين، ڌنارن، پنهوارن، سامين ۽ ملاحن وٽ پهچي شاهه جي ڪلام جي تحقيق ڪندي انهن کي قلمبند ڪيو آهي. هن جي محنت جي ڪڙي سندس شاهه لطيفؒ جو تحقيقي رسالي جو جلد مرتب ڪرڻ آهي. ڊاڪٽر صاحب جي مرتب ڪيل شاهه جي رسالي جو رڳو مقدمو ئي 300 صفحن تي آهي.‘

سيد علي مير شاهه صاحب پنهنجي خصوصي خطاب ۾ ڊاڪٽر صاحب جي علمي ۽ ادبي مقام کي هن ريت متعين ڪيو آهي:

’اسان جو شمس العلماء مرزا قليچ بيگ سنڌ کي وڏي ۾ وڏو علمي سرمايو ڏنو آهي، انهيءَ کان انڪار ناهي. پر اڄ مان سمجهان ٿو ته مرزا صاحب مرحوم جيڪي 100 کان مٿي ڪتاب ڏنا ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جيڪي ڪتاب لکيا آهن، انهن کي تارازيءَ جي پُڙ ۾ وجهبو ته ڊاڪٽر صاحب جا ڪتاب معيار ۽ مقدار ۾ گهڻو اڳڀرو ٿي ويندا. مرزا صاحب به اسان جو هيرو آهي. پر شاهه صاحب جي ڪلام تي ڏهن جلدن ۾ جيڪو تحقيقي معياري ڪم ٿيو آهي ۽ لوڪ ادب جو چاليهن جلدن کان وڌيڪ ڪم ٿيل آهي اهو ڊاڪٽر صاحب جي علمي عظمت کي اجاگر ڪري ٿو.‘

مظهرالحق صديقي صاحب پنهنجي ’خاص مهمان جي تقرير‘ ۾ ڊاڪٽر صاحب جي ادبي مقام کي ساراهيندي ۽ سنڌي ثقافت سان محبت جو ذڪر ڪندي عنايت بلوچ جي حوالي سان فرمايو:

’ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن لاءِ عنايت بلوچ جيڪي الفاظ مقالي ۾ پڙهيا ته لنڊن جي هوٽل ۾ سنڌ جي ثقافت جون شيون: ڪهاڙي، ڏاٽو، واڍڪا اوزار، رلهي، اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي وغيره جون سوکڙيون هوٽل جي مئنيجر ڀرسان ديوار تي ٽنگيل هيون. آءٌ ڏسي حيران ٿي ويس. کانئس پڇيم ته هي ڇا آهي؟ وڌيڪ ڪونه ٻڌائي سگهيو، فقط چيائين ته ڊاڪٽر بلوچ آف سنڌ. مون محسوس ڪيو ته ڊاڪٽر بلوچ هڪ حب الوطنيءَ جو سرچشمو آهي.‘

يعقوب علي خان زرداري پنهنجي صدارتي تقرير ۾ ڊاڪٽر صاحب جي علمي عظمت جا ڳڻ ڳائيندي فرمايو:

’هن ملڪ جي مها عالم ڊاڪٽر بلوچ صاحب جيڪوسڀني صفتن سان سينگاريل آهي، جيڪڏهن دنيا ۾ علمي لحاظ کان پاڪستان کي ڪنهن علمي انٽرنيشنل ڪانفرنس ۾ پنهنجي طرفان ڪو نمائندو شرڪت لاءِ موڪلڻو پوندو ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب ئي هوندو. سنڌي ٻوليءَ جي جيتري ڊاڪٽر بلوچ صاحب خدمت ڪئي ۽ سنڌي جامع لغات ۽ سنڌي لوڪ ادب تَنهنجو ته ڪاٿو ڪري نٿو سگهجي، ان کان سواءِ عربي، فارسي، انگريزي ۽ بلوچي ۾ ڪيترا ڪتاب لکيا آهن، سرائڪي ٻوليءَ تي به وڏي مهارت رکن ٿا.

ڊاڪٽر صاحب جي شخصيت ۽ سندن ڪيل علمي پورهئي تي ڳالهائجي، مون کي هن سڄي هال ۾ ويٺل ڪو اهڙو ماڻهو نظر نٿو اچي جيڪو هن پهاڙ جيڏي شخصيت جو ڇيد ڪري سگهي. بس پروانا گڏيا آهن، چراغ جي روشنيءَ جو مزو وٺڻ لاءِ، پوءِ ڀل کپي ۽ کامي ڇو نه وڃن. منهنجي عقيدت پيرن جي پڻي بڻجڻ واري آهي.

رنڊا روڙيندي، قرطاس الٽيندي، ڪتاب ڦولهيندي، ٽي.وي ڏسندي، ريڊيو ٻڌندي، ٿر جي ڀِٽن ۽ ريگستانن ۾ گهمندي، قبرستان ۽ ڦٽل دڙن ۾ رلندي مقبرن ۽ مسجدن ۾ اڀياس ڪندي، تاريخي ماڳن تي نظر ڊوڙائيندي، ريگستانن، پهاڙن دريائن، ڍنڍن، مارئي جي ماڳن، نوريءَ جي نهار، سورٺ جي سونهن، مومل جي ماڙي، دودي جو ديس، دريا خان  جي دلبري، سمن جي صاحبي، سومرن جي سرت، ننگر، آمري، سيوهڻ، ڪوٽ ڏيجي، نيرون ڪوٽ، اسلام ڪوٽ، ميرڳڙهه، امام ڳڙهه جا قلعي سڄي عمر سندن اڀياس هيٺ رهيا آهن. علمي ادارا، تحقيقي مرڪز، ٿر جا تڙ، وسڪاري کان پوءِ اڀرندڙ ڏٿ ۽ گاهن جا قسم انهن جا نالا، ٿرين جي رهڻي ڪهڻي، ملهه ۽ ملاکڙا، موسيقي ۽ ان ۾ استعمال ٿيندڙ ساز ۽ انهن مان نڪرندڙ سريلن ڌنن جي سڃاڻ، سنڌ ۾ وسندڙ ماڻهن جي انهن جي ثقافتي ۽ تاريخي اوسر کانئن وڌيڪ ڪير ڄاڻندو هوندو. مٿين سڀني ڳالهين ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جا پاڇولا نظر ايندا. چوڏس ۽ چوڌار سندس هاڪ ۽ ڌاڪ.‘

ڊاڪٽر صاحب جو هڪ عاشق ۽ ساٿي پروفيسر محمد فاضل شيخ پنهنجي مقالي ’ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو علمي  معيار‘ ۾ عقيدت جو اظهار هن ريت ڪيو آهي:

’اسان ڊاڪٽر صاحب سان جيڪو عشق ڪيو، تَنهن جي هڪ تاريخ آهي، جنهن کي هي نسل نه ئي سهي، ايندڙ نسل ضرور پڙهندو. اسان ڊاڪٽر بلوچ صاحب لاءِ انتظار ۽ اوسيئڙا ڪاٽيا آهن. ڊاڪٽر صاحب اچي ته ديڳين جا دس لهي وڃن، سڄي تر جا سگهڙ، سيبتا، سريلا، ساڃهه وند، سُلکڻا ۽ سٻاجهڙا، گُني پنهنجي گُن ۽ فن جا دل گهريا دفتر کولي اچيو رسن. دل ۾ آس اها ته من ٻه چپ چورڻ جو موقعو ملي. اهي سڀ نالي نبي بخش جا گهوريا، ٻي نه ڪا طمع نه غرض! ان شخص جي ڀاڳ سان ڪير برميچيندو جنهن جي ’واهه ادا واهه‘ ۽ ’بلي بلي‘ ٻڌڻ لاءِ ڪَنَ سڪندا رهن. سنڌ ته ڇڏيو پر سرائڪي بيلٽ ۽ بلوچستان وارا به ڊاڪٽر صاحب جن جي آمد جي انتظار ۾ چوندا آهن ته آوي دلبر آوي مُنهن مهتاب ڏکاوي.‘

پروفيسر محمد فاضل صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته:

’اسان ڳوٺاڻن ۽ واهڻ واسين جو ڊاڪٽر بلوچ سان نت نت نئون نينهن آهي، جيڪڏهن اسين اڻ پڙهيا ۽ اڌ اکري بلوچ صاحب کي ’شمس العلماء‘ جو خطاب ڏيئي نه سگهيا آهيون ته ان ۾ اسين بيوس آهيون، باقي جيڪڏهن ڪو اسان جي دل کان پڇي ته پوءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي ’شمس العلماء‘ جهڙا ڏهه خطاب ڏجن ته به گهٽ آهن.‘

پروفيسر محمد فاضل شيخ صاحب پنهنجي مقالي ۾ ڊاڪٽر صاحب جي تعليمي مهارت متعلق پروفيسر محمد يوسف شيخ پرنسپال ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو جي تحرير جو حوالو ورتو آهي. پروفيسر محمد يوسف لکي ٿو:

’علم جي ڪنهن به شاخ تي عبور ۽ بصيرت جو بنياد وسيع مطالعي، عميق سوچ، طويل تجزيي ۽ مسلسل مشاهدي سان گڏوگڏ متعلقه علم جي شاخ ۾ ايندڙ توسيع ۽ تبديليءَ کان آگاهه تي هوندو آهي. انهن مڙني وصفن جي ميلاپ سان مصنف هئڻ وارو شخص لازماً متعلقه علم يا پيشي ۾ نه رڳو پنهنجا مخصوص افڪار ۽ تصورات رکندو آهي، بلڪ هو ان پوزيشن ۾ به هوندو آهي ته پنهنجي معاشري لاءِ خصوصاً ۽ بني نوع انسان جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ عموماً وقتائتا، ٺوس ۽ قابلِ عمل نظريا پيش ڪندو رهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ اهڙوئي هڪڙو عالم ۽ داناء آهي جنهن گذريل اڌ صديءَ کان تعليمي ميدان ۾ نه رڳو عملاً خدمتون پئي انجام ڏنيون آهن، بلڪ نهايت قيمتي اوريجنل، برمهل ۽ قابلِ عمل تصورات به پيش ڪندو رهيو آهي. اهو سڀ ڪجهه هن نهايت خاموشي، يڪسوئي، خلوص، حلم، انڪساري ۽ مڪمل شرح صدر سان پئي ڪيو آهي.

آءٌ بلاخوف تردد چئي سگهان ٿو ته تعليمي تصورات جي موجوده ۽ مسلمه مفهوم جي روشنيءَ ۾ سنڌ حقيقي معنيٰ ۾ جيڪي عظيم تعليمي مفڪر پيدا ڪيا آهن، اهي صرف ٻه آهن: علامه آءِ.آءِ قاضي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ. آءٌ ته اهو چوڻ ۾ ڪا هٻڪ محسوس نه ڪندس ته تعليمي ميدان ۾ باقاعده (Formal) ۽ منظم (Organized) انداز ۾ فڪر پيش ڪرڻ وارو واحد سنڌي عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ آهي.

علم ۽ حلم جي وچ ۾ رڳو پهرين اکر جو فرق آهي، پر علم جهڙي اڻکٽ قوت ۽ اٿاهه سمنڊ جي ڇولين کي زرخيز ۽ سيرابيءَ جو ذريعو علم سان گڏ حلم جو مجمسو ڏسڻو هجي ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي ڏسجي، جنهن پنهنجي شعوري عمر جا ستر سال علم جي تحصيل، ترويج ۽ تقسيم ۾ صرف ڪيا آهن. ان ۾ ڪو وڌاءُ ڪونه ٿيندو جيڪر ائين چئجي ته ڊاڪٽر صاحب پاڪستان جي تعليمي نشاط ثانيه جي بانين مان هڪ آهي. جڏهن ته کين پاڪستان جي يونيورسٽين ۾ شعبه تعليم جي قيام جي باني هئڻ جو شرف پڻ حاصل آهي.‘

مفتي محمد رحيم سڪندري پنهنجي مضمون
’ڊاڪٽر بلوچ، عظيم محقق، عالم ۽ اسڪالر جي حيثيت ۾‘ ڊاڪٽر صاحب جي استادن بابت لکي ٿو:

’استاد مخدوم امير احمد مرحوم کي ته مون به ڏٺو جو اهو کين ايتري گهڻي عزت بخشيندو هو جو مون کي ڪڏهن به اهو محسوس نه ٿيو ته ٻنهي بزرگن جو پاڻ ۾ ڪو استاد شاگرديءَ جو به واسطو آهي.

ٻي طرف استاد عبدالعزيز الميمني جيڏو اسلامي ۽ علمي دنيا ۾ عظيم هو، ڊاڪٽر صاحب کي به انهيءَ انداز ۾ عزت ڏيندو هو. استاد عبدالعزيز الميمني کان ڪنهن پڇيو ته تون عظيم عالم هجڻ باوجود علم جي ڪهڙي خدمت ڪئي. فرمايائين: قيامت جي ڏينهن مون کان اهو سوال ٿيو ته عرض ڪندس ياالاهي! ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ نموني جو طالب العلم تيار ڪيو هئم ۽ ٻه ٻيا.‘

ڊاڪٽر ادل سومرو پنهنجي تاثراتي الفاظ ۾ ڊاڪٽر صاحب کي هنن لفظن ۾ خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي:

’ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي حصي ۾ اها عظمت، سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ ڪيل سندن لازوال ڪارنامن جي ڪري آئي آهي. اها سنڌ جي خوشنصيبي آهي جو اهڙو وڏو عالم ۽ ڏاهو هتي پيدا ٿيو. لوڪ ادب، سنڌي ٻولي ۽ لغت، لطيفيات ۽ ٻين موضوعات تي سندس ڪيل ڪمن جي باري ۾ جائزو وٺجي ته ڪيئي ڪتاب لکي سگهجن ٿا. تاريخ ۽ تحقيق جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر صاحب جيڪي ڏورانهن ماڳن جا سفر ڪري مشاهدا ماڻيا آهن، اهڙا تجربا ورلي ڪنهن عالم جي حصي ۾ آيا هوندا، ڊاڪٽر صاحب جي ڏات توڙي ذات اسان سنڌ واسين لاءِ وڏو سرمايو آهي، جنهن تي جيترو فخر ڪجي اوترو گهٽ آهي.‘

پروفيسر اياز گل پنهنجي تاثرات ’ڊاڪٽر بلوچ، اڄوڪي دور جو عظيم اسڪالر‘ ۾ لکيو آهي:

’ڪي شخصيتون ڪن خاص دؤرن جي حوالي سان سڃاتيون وينديون آهن، ۽ ڪي دور وري ڪن خاص شخصيتن جي نسبت سان سڃاتا ويندا آهن، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ بيشڪ بنا وڌاءُ جي هڪ اهڙي ئي شخصيت آهي، جنهن جي حوالي سان اڄوڪو دور سڃاتو وڃي ٿو ۽ سڃاتو ويندو. مان ائين چوندي به ڪو وڌاءُ نه سمجهندس ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب اسان جي هن دور جو (Living Legend) آهي، جنهن جي ڪيل ڪم ۽ ناماچار سڄيءَ سنڌ جي ماڻهن وٽ ۽ تاريخ ۾ سدائين قدر جي نگاهه سان يادگار رهندو.‘

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25  26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com