سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1960ع

مضمون

صفحو :1

مهراڻ 1960ع

غلام محمد گرامي

پرهه ڦُٽي آفريڪا ۾!

مظلوم آفريڪا جا رهواسيو!

اوهين هزارن سالن کان ظلم ۽ استبداد جو شڪار رهيا آهيو،

اوهان کي جانورن کان بدتر سمجهيو ويو،

اوهان جي هڏين جي خاڪ، ريگستان جي هوائن ۾ گڏجي وئي،

ظالمن دغا جون چمڪندڙ ديولون جوڙايون،

ته جيئن اوهان جي چيچلايل روح ۽ دردناڪ حياتي هميشه انهيءَ حال ۾ ڳهندي رهي:

اڇيءَ چمڙيءَ وارن کي حق هو ته ڪاريءَ چمڙيءَ وارن کي بيد سان ڪُٽين، ۽ اُهي فقط روئي سگهن، يا مري وڃن!

اوهين هميشه بک ۽ اُڃ ۾ تڙڦندا رهيا،

۽ اوهانجن پيرن ۾ پيل ٻيڙيون، اوهانجن پيرن کي چُمي چُمي ٿڪي پونديون هيون؛

جنگل جي اونداهي ۾، ڀيانڪ موت، نانگ جيان وٽ کائيندو،

وڻن جي ٽارين مان، اوهان ڏانهن سُرندو، وڌندو ايندو هو،

۽ اوهان جي بيمار روح کي چهٽي پوندو هو.

-- پوءِ هو اوهان جي سيني تي هڪڙو وڏو نانگ آڻي رکندا هئا،

۽ اوهان جي گردنن تي ٽهڪندڙ پاڻي اوتيندا هئا:

اوهانجين زالن کي چمڪندڙ سڪن جي عيوض وڪيو ويندو هو،

۽ اوهان جي سموري املهه دولت توهان کان ڦُري ويندي هئي!

اوهان جي جهوپڙين جو دردناڪ نظارو!

روئڻ ۽ ڪِنجهڻ جو آواز رات جي اونداهيءَ ۾ ڦهلجي ويو،

مظلوم عورتن جون مامتا ڀريل دانهون، ڪاري عظيم درياهه جي لهرن تي سوار ٿي،

اُنهيءَ مُلڪ ڏانهن هليون وييون، جتي ڊالرن جي حڪومت آهي:

اُتي اوهانجين زالن ۽ اوهانجن ٻچن کي بيرحم انسان، خوفناڪ چِيچڙن ۾ پيڙهيو ڇڏين!

اوهين به انسان آهيو، اڇيءَ چمڙيءَ وارن انسانن جهڙائي،

جيڪي رات ڏينهن اهو وعظ ڪندا رهن ٿا ته آخر سفيد ماڻهن جو خدا ڪڏهن ڪارن ماڻهن جو به خدا ٿي پوندو!

اوهان جون دليون درد سان ڀرجي وئيون،

۽ اوهان دردناڪ گيت ڳائڻ شروع ڪري ڏنا،

-- انهيءَ بي گهر پينوءَ جا گيت، جو ڪنهن اجنبيءَ جي چانئٺ تي ڪِريو ۽ ختم ٿي ويو.

پوءِ اوهين ديوانا ٿي پيا،

اوهان جو رت ٽهڪڻ لڳو،

اوهان رات جي اونداهيءَ ۾ نچڻ، دانهون ڪرڻ ۽ تڙڦڻ شروع ڪيو-

انهيءَ گنڀير طوفان جيان، جيڪو اوچتو ڇانئجي ويندو آهي.

اوهين ٻرندڙ جبل جيان ڦاٽي پيا- هزارن سالن جو گهُٽيل آواز!

اهو آواز، پُر شور لهرن جو غوغاءُ بنجي ويو،

۽ ان سڄي يورپ کي گهيري ورتو.

ساري انسانيت گهٻرائجي سجاڳ ٿي،

۽ رَت جي لَي ۽ تالَ تي نچندي،

ڪيڏاري جي انهيءَ عظيم آواز ۾ شامل ٿي وئي،

اڇي چمڙيءَ وارو انسان انهيءَ نئين گيت کي ٻڌي ڊڄي ويو،

۽ انهيءَ گيت جو آواز،

رَتَ جي تجلن تي سوار ٿي،

رات جي اونداهيءَ ۾ ڦهلبو رهيو...

سحر قريب آهي!

منهنجا ڀائرو، منهنجين اکين ۾ گهُوري ڏسو،

پُراڻي آفريڪا جي نئين صبح جو سج پيو اُڀري!

هيءَ سموري زمين هاڻي اسان جي ٿيندي،

هي چانديءَ جهڙا چمڪندڙ درياءَ،

جيڪي هزارن سالن کان اوهان جا نه هئا،

سي هاڻ اوهان جا ٿيندا!

پوءِ، سج جا زندگي بخش شعاع اسان جي لاءِ چمڪندا،

۽ اسانجين اکين مان وهندڙ ڳوڙهن کي خشڪ ڪري ڇڏيندا.

غلاميءَ جون ڳريون زنجيرون، هڪ ئي سَٽَ سان ٽُٽي وئيون،

ظلم جو هٿ هميشه لاءِ روڪجي ويو:

هن ڪاريءَ مٽيءَ مان،

بهادر ۽ آزاد ڪانگو جنم وٺندو—

ڪارن گُلن ۽ ڪاري ٻج وارو، ڪارو ڪانگو!

 

                                        پيٽرس لوممبا

ڪانگو (آفريڪا) جو پهريون وزيراعظم، حريت ۽ آزاديءَ جو عظيم علمبردار، جنهن کي جنوري 1961ع ۾، سندس ٻن رفيقن سميت، انتهائي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو.

 

 

 

پاڻ پنهون تون آهين، ڪيچَ وَڻين ڇو ڪاهين؟
صاحب آهين ڪيچَ وڻن جو، پَرٽُ پاڻ کي ڇو ٿو ڀانئين.
خلق الادم عليٰ صُورتہ، غيرُ خدا جو ناهين.
عبديت کي احديت ۾، لالنَ، ڇو نه لهرائين.
’بيدل‘، بندو نانهه تون هرگز، ڇو ٿو ڪوڙ ڪمائين.
                                        -- بيدل فقير رحه

 

خام خوديءَ جا خطرا، عاشق ڪج عدم،
قُربَ پار قدم، خوديءَ ري کڻج تون.

 

خام خوديءَ جا خطرا، اُٿِي ڪج نابود،
سالڪ، تنهنجو سود، نفيءَ ڌاران ناهه ڪو.

 

نفيءَ ڌاران نه ٿئي، وحدت ساڻ وصول،
لهين قرب قبول، مرڻون اڳي جي مرين.

 

مرڻون اڳي جي مرين، ته باقي رهي نه ذات،
هميشه حيات، مرد نه مرن ڪڏهين.

 

مرد نه مرن ڪڏهين، جن اَلک ڪيو اثبات،
بي جِهت ۽ جِهات، سَير سڀوئي اُن جو.

 

مرد نه مرن ڪڏهين، جي ساڳو ٿيا سبحان،
عالَم تي احسان، ڪَوڙين ڀَتين اُنِ جو.
                                        - بيدل فقير رحه

 

گذارش

 

ادب ۽ فن.

جيئن زندگي گوناگون جدت پذيريءَ جي مظهر آهي، تيئن ادب به انساني سماج جي مختلف النوع مظاهر جو ترجمان آهي. زندگيءَ ۽ ادب جو باهمي ربط جن سماجي قدرن سان پيدا ٿئي ٿو، اهي قدر ۽ معيار، عوامل ۽ محرڪات، خود سماجي ٿين ٿا، جن جي پيدائش جو مدار زندگي ۽ ان جا ارتقا پذير ۽ تغير پذير پهلو ئي آهن، جي خود سماجي ٿين ٿا. اهو ته ٿيو صاف ۽ سولي نموني ۾ تعريفي پهلو، پر اهلِ فڪر ماڻهن ان موضوع تي به ڪافي نڪته آفريني ڪئي آهي: چي، ادب بذات خود ڇا آهي؟ مقصد آهي، يا ذريعو؟ ادب، مستقل بذاتہِ زندگيءَ جو سنواريندڙ آهي، يا زندگيءَ جي ڪنهن اعليٰ مقصدي ۽ افادي پهلوءَ کي حاصل ڪرڻ، سمجهڻ، ۽ پروڙڻ لاءِ فقط هڪ وسيلي جي حيثيت رکي ٿو؟ ڀلا ادب ۾ مواد کي ترجيح حاصل آهي، يا هيئت کي اهميت حاصل آهي ادب افادي گهرجي، يا محض جمالياتي؛ مقصدي هجڻ گهرجي، يا تفريحي؛ انفرادي خيالات جو حامل هجي، يا اجتماعي ۽ جمهوري شعور جو ترجمان؛ اخباري حيثيت واروخبر رسان هجي، يا حقائق پسند تنقيدي هجي؟ اهي چند نڪته آفرينيون آهن، جي مختلف قسم جي ناقدن ۽ عالمن وقت بوقت پئي دهرايون آهن.

زندگي ۽ اضافي قدر.  هونئن ته زندگي هڪ عظيم وحدت آهي، ۽ ان جي عڪاسي ۽ ترجمانيءَ جو حق ادا ڪندڙ ادب به عظيم وحدت آهي. ڪابه اضافي نسبت، نڪا زندگيءَ جي وحدت ۽ رخنه انداز ٿي سگهي ٿي، ۽ نڪا ادب جي عظيم وحدت ۾ تفريق ۽ تقسيم آڻي سگهي ٿي. جيئن تعبير جي ڪثرت حقيقت جي وحدت لاءِ محض اضافي ۽ غير حقيقي آهي، تيئن ادب جي مختلف النوع تعريفن کي تعبير جون مختلف شڪليون سڏي سگهون ٿا. اگر ڪي اختلاف نظر اچن ٿا، ته پوءِ اهي يقيناَ ڪنهن ضعفِ مطالع، يا منطقي عدم تطبيق ۽ ذهني مغالطي مان پيدا ٿيا هوندا. ان ۾ قصور محض اسان جو آهي، حقيقت بهرحال حقيقت ئي آهي.

ادب جون ٻه حيثيتون.  ادب جي تعريف ۽ فني حدبنديءَ متعلق هڪ قسم جي ٻيءَ به مغالطي آميز راءِ ادبي حلقن ۾ موجود آهي، جنهن موجب چيو وڃي ٿو ته ادب جون تعبير جي خيال کان ٻه حيثيتون آهن- هڪ فني، ۽ ٻي سماجي. انهن عالمن جا دلائل به ڏٺا ويا آهن، پر نڪو ان تقسيم ۽ تفريق جو ڪو قابلِ قبول تاويل پيدا ٿي سگهيو آهي، ۽ نڪو ڪو عالم ۽ اديب ان ’دُئيءَ‘ ۾ تطبيق پيدا ڪري سگهيو آهي. زندگي هڪ وحدتِ عظميٰ آهي؛ ان جي ترجمانيءَ ۽ عڪاسيءَ لاءِ، يا ان جي سهيڙڻ ۽ سنوارڻ لاءِ، يا ان جي بقاءَ ۽ بچاءَ لاءِ، يا ان جي ارتقاء ۽ استبقاء لاءِ، ’فن‘ ۽ ’سماج‘ جي وحدت آميز خدمت ئي مفيد ٿي سگهي ٿي. سماج جو اگر زندگيءَ سان تعلق آهي، ته پوءِ اهو فن آهي ڪهڙي ڪم جو، جنهن جو براهِ راست ڪو تعلق ته نه هجي، البته ذوقيه قسم جو، فروعي ۽ ضمني واسطو هجي. ۽ پوءِ اهو هجي به ڀلي دور از ڪار! حاصل ڳالهه اها آهي ته ادب جي سماجي ۽ فني طرح تفريقي تعريف ۾ نڪا تطبيق پيدا ٿي سگهي ٿي، ۽ نڪو ارتقا پسند شعور  ان شتر- گربه کي، عمرانيات جي روشنيءَ ۾، مفيد ۽ ڪارآمد ئي سڏي سگهي ٿو. اگر تخليق تي سماجي تقاضائن (جن ۾ ڪي غلط هونديون، ۽ ڪي صحيح ٿينديون) کي اَنڌي جي لٺ وانگر ڦهڪائبو، ته پوءِ اها تخليق محض اخباري قسم جي ٿي سگهي ٿي، ۽ ٻين کي فقط ’ڄاڻ براي ڄاڻ‘ تائين ته ڪمائتي ٿي سگهجي ٿي يا ماڻهن جي ضعفِ مطالعه ۽ ناقص قوتِ فيصله تي پروپئگنڊا جو ملمعو ته چاڙهي سگهي ٿي، پر زندگيءَ ۽ ان جي فڪري ۽ عملي تقاضائن لاءِ نڪو محرڪ ۽ فعال حيثيت حاصل ڪري سگهي ٿي، ۽ نڪو حيات پرور ۽ زندگي بخش اثرات پيدا ڪري سگهي ٿي: لکي، ڇپي، پڙهي وئي- الله الله خير صلاح! ان کي ته سچ پچ ادب ۽ تخليق ڪين چئي سگهبو.

ان تعريف ۽ وضاحت جي مقابلي ۾، ڪن جو چوڻ آهي ته ادب ۽ سماجي ۽ افادي قدر ۽ پهلو اگر مقصدي حيثيت سان ظاهر ظهور آڻبا، ته پوءِ فن صفا مري ويندو؛ ۽ فني الوازمات نباهي نه سگهبا، ۽ اهو ادب محض دقيانوسي وعظ يا اخلاقيات جو فرسودہ مسئلو بنجي ويندو، جنهن کي ادبي تخليق سڏڻ تڪلفِ بيجا چئي سگهبو.

تعريف ۽ توضيح جي اها غلط بيني ۽ مغالطه آميز لغزش آهي، جنهن انتهاپسندي پيدا ڪري، احتياط ۽ اعتدال واري صحيح ۽ حقيقي راهه لتاڙي آهي. ان سان گڏ، فڪري جزالت جي گهٽتائيءَ ۽ تنقيدي شعور جي ناقص هئڻ سان گڏ، سماجي عوامل جي ڇنڊڇاڻ نه ڪري سگهڻ جي ڪري، اهڙا غير مفيد ۽ غير تعميري، جمود آور ۽ سڪون آميز اختلافي مسئلا پيدا ٿيا آهن، جي اڳتي هلي ادبي حلقن لاءِ مستقل علمي ۽ ادبي، فڪري ۽ تخليقي موضوعات بنجي چڪا آهن. حالانڪ تخليق جي زندگي بخش ’نفاذ ۽ طريقِ استعمال‘ تي ئي زياده ڪاوش ڪرڻ گهرجي ها، جنهن کي نظرانداز ڪري، محض ادب ۽ فن جي ’تعريف ۽ تعارف‘ ۾ ئي پنهنجيون فنڪارانه عظيم صلاحيتون صرف ڪيون وڃن ٿيون.

ٻه مڪتبِ فڪر: ادب مقصد آهي يا ذريعو آهي، هيئت کي اهميت حاصل آهي يا مواد کي، ادب افادي پسند آهي يا جمالياتي، ۽ ادب ۾ انفراديت کي ترجيح حاصل آهي يا اجتماعيت کي: اهي ۽ اهڙا ٻيا ڪئين سوال اٿاريا وڃن ٿا، جن جي بنياد تي ٻه مڪتبِ فڪر قائم ٿي چڪا آهن، جن مان هر هڪ پنهنجي ٻئي مدمقابل جي ادبي نظريات کي ڪفر کان گهٽ نٿو سمجهي. فقط تناقض ۽ تضاد جي آڙ وٺي، ٻئي مدرسہ فڪر تي نه فقط نڪته چيني ڪئي وڃي ٿي، پر ’تبرا‘ ڪرڻ کان به احتراز نٿو ڪيو وڃي. فقط پاڻ کي ئي حقيقت پسند سمجهڻ، پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ قسم جي فني خوش فهمي ۽ خود پسندي ئي آهي. ظاهر آهي ته اهڙيءَ انانيت ۽ انتها پسنديءَ کي ڪوبه اهلِ فڪر، ڪنهن به تاويل ۽ توجيهه جي ماتحت، جائز ۽ مفيد نٿو سڏي سگهي.

اختلاف راءِ:  اختلاف جو ته هونئن هرڪنهن باشعور ۽ صاحبِ ذوق عالم کي حق آهي، پر اختلاف راءِ جون به ڪي منطقي ۽ عمراني حد بنديون ضرور آهن، جن کي لتاڙڻ سان اختلاف راءِ جو رڳو وڃي ٿو نالو رهي. دراصل اهو اختلاف رڳو ’اختلاف راءِ‘ نه، پر هڪ معاندانه ۽ انتهاپسنديءَ وارو فساد انگيز رد عمل بنجي وڃي ٿو. ظاهر آهي ته اتي پهچي ڪري اختلاف راءِ مان اها فني ۽ تعميري جزالت ۽ افاديت ختم ٿي وڃي ٿي، ۽ پوءِ ادب ۾ هڪ قسم جي طبقاتي ڪشمڪش پيدا ٿي وڃي ٿي، جا ڪنهن به اصول ۽ قانون جي نڪا پابند رهڻ گهري ٿي، نڪو اهڙي اختلاف مان ڪو ڪارائتو ۽ مفيد نتيجو ئي اخذ ڪري سگهجي ٿو. ادب لاءِ توڙي سماج لاءِ. اهڙي اختلاف مان نڪا هوند نڪو حاصل. افسوس آهي ته اسانجن ادبي حلقن ۾ اهڙي قسم جي انتهاپسنديءَ ۽ خودپسنديءَ جي ڪري ادبي طبقاتي ڪشمڪش به پيدا ٿي چڪي آهي، ۽ ڪجهه عداوت ۽ انانيت به، جا هر حال ۾ ادب لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندي. اڄ به سڀاڻي به، هر حال ۾ ۽ هميشہ لاءِ، اسان جي لاءِ ۽ اوهان جي لاءِ، اڄوڪن لاءِ ۽ پوين لاءِ، تا ابد الاباد!

انهن فروعي اختلافن مان تنقيد جي هڪ دلخراش ۽ غير تعميري طرح پڻ پئجي چڪي آهي، جنهن ۾ افاديت گهٽ، ۽ ذاتيات جو دخل زياده رهي ٿو. فڪري جزالت ۽ مجتهدانه راءِ سان ڪيل تنقيدون ته ادب لاءِ زندگي بخش ثابت ٿين ٿيون، پر ذاتي ۽ شخصي جواب ۽ جواب الجواب واريون تنقيدون غير افادي به آهن، ۽ غير ادبي به، جن مان ڪوبه کڙتيل نٿو نڪري. ادبي دنيا ۾ اهڙا اختلاف هر دور ۾ پيدا ٿيندا آيا آهن؛ پر هن دور ۾ جنهن انتهاپسنديءَ جي غلط ۽ غير علمي اختلافي روش نظر اچي ٿي، اها اعتدال کان به گهڻو تڻو هٽيل آهي، جنهن ڪري هڪ قسم جي فرقي بندي پيدا ٿي چڪي آهي، ۽ اها فرقي بندي ۽ ڪشمڪش ادب ۽ فڪر لاءِ زوال جو سبب ٿي چڪي آهي.

افراط ۽ تفريط جي ٻنهي زاوين ۽ نظرين کي نظرانداز ڪري، اگر ڏسجي ته هر تخليق سان ڪونه ڪو مقصد ضرور وابسته نظر ايندو، جنهن کي اڳيان رکي ڪو فنڪار تخليق ڪري ٿو. ايترو آهي ته بعض اوقات فنڪار پنهنجيءَ تخليق جي شعوري تجزيي کان به غير واقف رهندو آهي، يا تحرير جي مقصد کان بيان نه ڪري سگهندو آهي- ان جي ڇنڊ ڇاڻ نقاد ئي ڪري سگهندا آهن- پر هر حال ۾ ائين ضرور چئبو ته ڪونه ڪو مقصد ضرور آهي، جو لکڻ تي آماده ڪري ٿو. ڪنهن ادب کي غير مقصدي ادب سڏڻ، منطقي ۽ نفسياتي طور هڪ غلط ۽ لغو فيصلو ٿيندو: ڪونه ڪو مقصد ضرور ٿئي ٿو، جنهن کي پڙهندڙ تائين پهچائڻ لاءِ تخليق ڪئي وڃي ٿي، ۽ جنهن سان روشناس ڪرائڻ، جنهن کان متاثر ڪرڻ، جنهن ڏانهن توجھ ڏيارڻ، فنڪار جي اڳيان مکيه سوال جي حيثيت رکي ٿو.

هيئت. ان مقصد سان گڏ هيئت جو سوال به خودبخود حل ٿي وڃي ٿو. مواد جي حيثيت هڪ خام ۽ ناپخته اسباب وانگر آهي، جنهن کي فني مهارت ۽ هيئت سان پيش ڪرڻ ضروري آهي، جيئن پڙهندڙن جون دليون ۽ دماغ ان جي مطالعي کان متاثر ٿي آسودگي حاصل ڪن، هو سوچڻ لاءِ مجبور ٿين، منجهن تنقيدي شعور وڌي، ۽ ’ڇا نه هئڻ گهرجي، ڇا هئڻ گهرجي‘ ڏانهن سندن ذهن منتقل ٿين. ائين بيشڪ آهي ته اگر لطافت ۽ برجستگيءَ سان هيئت کي نه نباهيو ويو، ته پوءِ نڪو تاثر پيدا ٿيندو ۽ نڪو مقصد حاصل ٿيندو. ادب ۾ هيئت کي بس ايتري ئي اهميت حاصل آهي، پر اصل مدعا آهي تخليق کي افادي بنائڻ. ان افاديت کي تڪميل تي پهچائڻ لاءِ، جمالياتي رنگ کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.

ادب جو قدر ۽ معيار في نفسہ ته ’ڇا آهي‘ سان پرکبو، پر جيستائين ’ڪهڙيءَ طرح‘ نباهڻ جو قيد نه ايندو، تيستائين مقصد ۽ ان جي معنويت جو ڪوبه صحيح تصور ئي پيدا ٿي نٿو سگهي. ان جي ادبي ۽ تنقيدي موضوعات ۾ ادب، مواد، موضوع، هيئت، ذريعو، مقصد، جماليات، ۽ ’ڇا‘ ۽ ’ڪهڙيءَ طرح‘ جهڙن اهڙن مسئلن جو زير بحث رهڻ ته لازمي امر آهي. ان کان ڪير انڪار ڪري سگهي ٿو ته اعليٰ تر مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ اگر ادب هڪ ’وسيلو‘ آهي، ته پوءِ ان عارضي ذريعي کي ڪڏهن ڪڏهن ’مقصد‘ به بنائي سگهجي ٿو. قريبي، خارجي، ۽ مادي مقصد، جنهن سان ئي انهيءَ صوري ۽ معنوي مقصد کي حاصل ڪرڻ آسان آهي، جنهن جو کيس ذريعو ۽ وسيلو قرار ڏنو ويو آهي. اگر اصل چيز ’مواد‘ آهي، ته پوءِ ان کي ڪنهن سهڻيءَ هيئت سان پيش ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪهڙو فارم يا روپ پيدا ڪري سگهجي ٿو؟ اگر هيئت جي معنوي ۽ صوري زيبائش ۽ جمالياتي تنوع کي نظرانداز ڪيو ويو، ته پوءِ چئبو ته مواد جي ترتيب ۽ تبويت سان ناانصافي ڪئي وئي، ۽ پڙهندڙن جي ذوقِ جمال کي نظرانداز ڪيو ويو. باقي رهيو هيئت جو متنوع ۽ مختلف الحال صورتن جو سوال، سو اهو ته وابسته آهي مواد سان. مواد خودبخود اديب ۽ فنڪار جي فعال ۽ توجھ ڪندڙ قوتن کي آماده ڪري ٿو، ۽ پوءِ ڪا نه ڪا هيئت ضرور پيدا ٿي پوي ٿي. ان هيئت جي تراش خراش لاءِ نڪا مغزماري ڪرڻي آهي، ۽ نڪو ان جو نزول ڪو الهامي يا آسماني آهي؛ هر لکندڙ لاءِ ڪا نه ڪا هيئت ضرور پيدا ٿي پوي ٿي.

انفراديت ۽ اجتماعيت: ان کان پوءِ اچون ٿا ادب جي انفراديت ۽ اجتماعيت تي. ان مسئلي متعلق به ڪافي موشگافيون ڪيون ويون آهن. جيستائين حقائق جو سوال آهي، ائين چوڻ وڏي غلطي آهي ته ’فرد‘ جداگانه چيز آهي، ۽ ’معاشري‘ جو ڪو علحده دائره عمل آهي. افسوس اهو آهي ته نه فقط بعض حلقن طرفان ادب کي انفرادي ۽ اجتماعي اصولن آهر پرکيو وڃي ٿو، پر ان تي دلائل به قائم ڪيا وڃن ٿا.

هن قسم جو بحث سياسيات ۾ ته ٿي سگهي ٿو، جتي هڪ فرد پنهنجي مفاد لاءِ ڪڏهن انفرادي ٿو بنجي ته ڪڏهن اجتماعي، پر ادب ۾ اهڙي قسم جي ڪا گنجائش ئي ڪانه آهي.

سماج: اعتدال ۽ احتياط واري راءِ اها ٿي سگهي ٿي ته ادب انفرادي به آهي، ۽ ساڳئي وقت اجتماعي به آهي. انفرادي هن ڪري چئجي جو ’هڪ ذهن‘ مان پيدا ٿئي ٿو، ڪا جماعت گڏجي ڪانه ٿي تخليق ڪري؛ سماجي ۽ اجتماعي هن ڪري، جو تخليق جو مواد سماج مان ئي پيدا ٿئي ٿو. ان حيثيت سان ادب کي سماجي عمل به چئجي ٿو ۽ مادي به، جو عمل ۽ رد عمل جي لازم ملزوم حيثيت سان ارتقا ڪري ٿو، وڌي ٿو، ۽ سماج جي علم و فڪر جي مختلف النوع موضوعات تائين پهچي ٿو. اتي اچي، ادب کي انفرادي يا اجتماعي مقصد سڏبو يا ذريعو سڏبو، حقيقت جي وحدت هرحال ۾ قائم ۽ دائم رهندي؛ منطقي تعريفون ڀلي ته جدا جدا ٿينديون رهن، انهن جي ڪثرت سان حقيقت جي وحدت گم نٿي ٿئي.

ادب جي سماجي سرچشمن سان آبياري ڪندڙ اديب، افادي ۽ جمالياتي به ٿئي ٿو، ته انفرادي ۽ اجتماعي به ٿئي ٿو. ان کان سواءِ، منجهس اجتهادي ملڪو به پيدا ٿئي ٿو، ۽ ’زمان ۽ مڪان‘ سان گڏ هلي سگهڻ جهڙو رهي ٿو؛ ڇا لاءِ ته جو ادب موجوده زمان ۽ مڪان مان پيدا نٿو ٿئي، اهو ماورائيت جي طلسماتي رنگ- محل جي پيداوار آهي. حالانڪ اديب پنهنجي دور ۾ سوچي سگهي ٿو، پنهنجي مڪان سان وابسته رهي ٿو، ۽ پنهنجي ’زمان‘ جي مقتضيات آهر اجتهادي حيثيت سان تغير پذير رهي ٿو، تنقيد ڪري ٿو، خامين ۽ ڪوتاهين تي انگشت نمائي ڪري ٿو، ۽ تعمير ۽ نيڪيءَ ڏانهن توجھ ڇڪائي ٿو. ان حيثيت سان اديب تي فرض عائد رهي ٿو ته هو زمانه شناس ٿئي، ۽ مستقبل ڏانهن به نظر رکندو رهي؛ حال، ماضيءَ ۽ مستقبل ۾ زندگي بخش ربط قائم رکڻ جهڙو شعور پيدا ڪري، ۽ زندگيءَ کي تيز نظر ۽ روشن دماغ سان ڏسندو رهي. رڳو خيال ۽ حال جي عالم ۾ مستغرق رهڻ سان، بيشڪ، پنهنجي انفرادي تاثرات کان آگاهي ته ٿي سگهي ٿي، پر زندگيءَ جي پوري ۽ اجتماعي عڪاسيءَ لاءِ ته سماج جي زنده ۽ موجود، متحرڪ ۽ فعال عناصر کي مطالع ڪرڻ اديب لاءِ لازمي امر آهي. ان سلسلي ۾ غريبن جي جهوپڙي ۽ هاريءَ جو کيت، مزدور جو ڪارخانو ۽ تعليمگاهه جو سطحي نگارخانو، مذهبي اجاره دار ادارا، ۽ خانقاهي نظام کان وٺي رياست ۽ سياست جي پُرپيچ وادين تائين سير ڪرڻ ضروري آهي، جن ۾ اڄڪلهه جي زندگي گهڙيون گهاري رهي آهي. اهڙي قسم جي تخليق ۾ دينيات، فلسفو، تاريخ، شعر و شاعري، عمرانيات، سياسيات وغيره اچي وڃن ته به بجا آهي، پر بک ۽ بيروزگاري، آه و فغان ۽ رنج و الم، درد و ڪرب ۽ جبر ۽ اڪراه، ظلم ۽ استبداد جون وارداتون اڳيان اچن، ته پوءِ انهن کي به برداشت ڪجي. هڪ غلط سماجي نظام جون اهي به زنده ۽ متحرڪ منفي حقيقتون آهن: انهن کي اگر اديب نظرانداز ڪري ٿوڇڏي، ته پوءِ ٻيو ڪير آهي جو اصلاح ۽ فن جي شمع کي روشن ڪندو؟

ادب جون بلند تر نگاهون اڃا به اڳتي وڃن ٿيون. ادب عقلي، ذهني، علمي، اخلاقي، تمدني، معاشي، معاشرتي ۽ مذهبي مسئلن تي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ سان گڏ، سماجي فڪر ۽ شعور کي مهميز ڏيڻ لاءِ به اڳتي وڌي ٿو، ۽ من حيث المجموع، جي غلط قدر زندگيءَ کي ناس ڪندا رهن ٿا. تن تي به ضرب لڳائي ٿو؛ غربت، جهالت، بک ۽ بيروزگاري، ياسيت، قدامت پرستي، جاهلانه تقليد ۽ معاشي بحران جا عنوان به قائم ڪري ٿو، ۽ پوري عالم انسانيت کي متاثر ۽ متوجھ ڪرڻ لاءِ ’صور اسرافيل‘ بنجي للڪاري به ٿو، ۽ ستلن کي اُٿاري به ٿو. ظاهر آهي ته ادب جي ان حقائق آفرين نقد و نظر کي به انسان دوست ئي چئي سگهجي ٿو.

ادب جي حيثيت اتي اچي ان حڪيم واري ٿئي ٿي، جو نشتر ۽ مرهم کي حسب حال استعمال ڪندو رهي ٿو. گندي مواد خارج ڪرڻ لاءِ نشتر هڻي ٿو، ۽ زخم کي ميسارڻ لاءِ مرهم لڳائي ٿو. حڪيم جي محبت هرحال ۾ انسانيت گير رهي ٿي. اديب به ان طرح آهي. في ذاتہ نفرت ۽ حقارت، محبت ۽ جانبداريءَ جو ته ڪو سوال ئي نٿو اُٿي سگهي. هو ڪنهن انسان سان دشمني رکي نٿو سگهي. البت سندس نفرت وقت جي اهڙن فردن ۽ گروهن لاءِ ضرور ٿئي ٿي، جي انسانيت کي تڇِ ٿا سمجهن، ۽ بين الاقوامي ۽ همه گير انساني شعور کي دٻائڻ چاهين ٿا.

حاصل ڪلام ته اديب گهري ٿو انسانيت آموز ۽ محبت آفرين ۽ محبت آفرين معاشرو، جتي انسانيت هجي، محبت هجي، امن هجي، ايمان هجي، اخوت هجي، ۽ آزادي هجي.

پاڪستان رائٽرس گلڊ جون سرگرميون.

’پاڪستان رائٽرس گلڊ‘ جي قيام ۾ ان جي مقاصد ۽ طريق ڪار متعلق ’مهراڻ‘ جي گذريل اشاعتن ۾ اسين تفصيل سان معروضات پيش ڪري چڪا آهيون. ’گلڊ‘ جون گذريل ثقافتي سرگرميون ۽ اديبن ۽ ادب جي حقن جي نگهداشت متعلق ڪيل خدمتون بيشڪ ساراهڻ جوڳيون آهن.

گلڊ نهايت حڪمت عمليءَ سان اديبن جي مسئلن کي حل ڪري رهي آهي. ’گلڊ‘ جي جنوري 61ع واري اجلاس ۾ ڪيئي اهم اُمور پيش ٿي چڪا آهن، جن مان چند هي آهن: (1) تصنيف تاليف جي حقن جي نگراني، (2) اديبن لاءِ ويمي جي سهوليت، (3) ناشرن ۽ مصنفن جا تعلقات، (4) رسالن جو اجراءُ، (5) ٻاهرين ملڪن ڏانهن علمي وفدن جي روانگي، (6) نصابي ڪتابن جي اشاعت، (7) مرڪزي شهرن ۾ گلڊ – هائوس جو قيام، (8) علاقائي اديبن جا وفد، (9) علاقائي زبانن لاءِ گڏيل بين اللساني ڪميٽيءَ جو قيام، (10) ’يونيسڪو‘ سان علمي معاهدو، (11) هڪ لک رپين سان مرڪزي اشاعت- گهر جو قيام، (12) انڪم ٽيڪس کان اديبن کي مستثنيٰ قرار ڏيڻ جي تحريڪ، وغيره. ان سلسلي ۾، ’گلڊ- انعامات‘ متعلق به تجويز پاس ڪئي وئي آهي، جنهن موجب اردوءَ لاءِ 5 هزار، بنگاليءَ لاءِ 5 هزار، ۽ سڀني علاقائي زبانن لاءِ 12 هزار رپيا، انهن زبانن جي بهترين تصنيفن تي انعام طور ڏيڻ لاءِ مخصوص ڪيا ويا آهن. ’گلڊ‘ طرفان لوازمات متعلق به حڪومت سان لکپڙهه ٿي رهي آهي؛ اميد آهي ته جلدي مستحق اديبن جا وظيفا جاري ٿيندا، جي هڪ سال کان پوءِ ملتوي ٿي چڪا هئا.

تازو مرڪزي مجلس عامله جي ڪراچيءَ واري اجلاس ۾ علاقائي زبانن ۽ انهن جي مسئلن متعلق هڪ جامع تجويز پڻ پاس ڪئي وئي، جا شيخ اياز اُتي پيش ڪئي هئي. ان جو پورو متن هن پرچي جي ’ثقافتي سرگرمين‘ واري حصي ۾ درج آهي. اميد آهي ته ’گلڊ‘ ملڪ جي اديبن ۽ انهن جي حقن جي نگهداشت ۾ ڪامياب ٿيندي، ۽ ان طرح سڀني اديبن جو مڪمل تعاون حاصل ڪندي.

علاقائي زبانن جا مطالبا.

 علاقائي زبانن جي ترقيءَ ۽ اشاعت جي سلسلي ۾، اول اول، ’سنڌي زبان سوسائٽيءَ‘ پاران هڪ مدلل ميمورنڊم پيش ڪري، اختياريءَ وارن کي استدعا ڪئي وئي ته سنڌي زبان کي تعليمي لحاظ سان پنهنجي ساڳئي درجي تي رهڻ ڏنو وڃي، ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ جي وسيع آباديءَ ۽ سندن ايندڙ نسلن لاءِ ذهني ۽ فڪري، علمي ۽ ادبي تربيت جو ذريعو سنڌي زبان کي قرار ڏنو وڃي. سنڌ جا سمورا ادبي ۽ تعليمي ادارا ۽ اخبارون انهيءَ مطالبي کي پوري زور شور ۽ سنجيدگيءَ سان دهرائي چڪيون آهن. ان سلسلي ۾ پنجاب جي دانشورن پنجابي ٻوليءَ لاءِ، بلوچي فنڪارن بلوچي ادب ۽ زبان لاءِ، ۽ گجراتي اديبن پنهنجي گجراتي ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ ساڳئي قسم جا مطالبا ڪيا آهن، ۽ پنهنجا پنهنجا دلائل پيش ڪيا آهن. گويا اهو سوال هاڻي همه گير ۽ اجتماعي اصولن تي کنيو ويو آهي. هن معاملي ۾ ظاهر آهي ته ڪٿي به سياسي ۽ وطن دشمن عناصر جو عمل دخل ڪونه آهي، پر هيءُ سنئون سڌو پاڪستان جي غالب اڪثريت- پنجابين، سنڌين، گجراتين، ۽ بلوچن جو متفقه طور علمي ۽ تعليمي مطالبو آهي. اسان جي پاڪستان جي وزير تعليم کي وري به زوردار گذارش آهي ته هو بين الاقوامي تعليمي قدرن کي اڳيان رکي هن اهم ۽ بنيادي مسئلي کي حل ڪرڻ ڏانهن متوجهه مبذول ڪرڻ فرمائي، جيئن اسان جي وطن عزيز جا باشندا پنهنجيءَ مادري زبان ۾ ذهني ۽ فڪري نشوو نما حاصل ڪري سگهن. ’وس ڪرڻ واڪا، ٻُڌڻ ڪم ٻروچ جو.‘

’مهراڻ‘ جو مواد.

’مهراڻ‘ جو هيءُ ضخيم پرچو، 1960ع جو آخري پرچو آهي. حصه نظم، افسانن، مقالات ۽ ثقافتي سرگرمين جي حيثيت سان، هيءُ پرچو سنگ ميل جي حيثيت حاصل ڪندو.

حصه نظم ۾ بيت، دوها، ڪافيون، گيت، نظم، آزاد نظم، قصيدو، غزل، سانيٽ، ترائيل، قطعا، رباعيون، ۽ ادب لطيف اچي وڃن ٿا، جن ۾ سنڌي زبان جي معياري ۽ بلند پايه شاعرن جو چونڊ ڪلام پيش ڪيل آهي. نظم جي حصي جي پيش ڪرڻ ۾ ’مهراڻ‘ پنهنجي روايات سابقه کي حتي الامڪان نباهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

افسانن ۾ ’قدرت جو قانون‘، ’هوا کي ڪير روڪي‘، ’شيشي جو گهر‘، ’پڃري جا پکي‘، ’غير مذهب‘، ’مان روئڻو آهيان‘، ’ڊڄڻي‘، ’غيرت‘، ’چڻنگ‘ ۽ ’ڪاري بلا‘ افسانا نهايت معياري، فڪر انگيز ۽ فني طور مثالي افسانا آهن. هڪ افسانو ترجمو ٿيل آهي، ۽ باقي اصلي ۽ تخليقي آهن. انهيءَ حصي ۾ ’گهاتو گهر نه آئيا‘ ناٽڪ، سراج جو لکيل آهي، جو ’شاهه‘ جي شعري ڪردارن تي ٻڌل آهي، ۽ نهايت معياري آهي.

مقالن ۾ ’شاعريءَ جو سماجي ڪارج‘، ٽي. ايس. ايليٽ جو لکيل، جويي صاحب جو ترجمو ڪيل آهي، جو نهايت معلومات افزا ۽ فڪر انگيز آهي، ۽ جديد نقد و نظر جو حامل. زبان جي سلسلي ۾ محترم انصاري صاحب جو ’قومي زبان ۽ تعليمي زبان‘ مقالو، ۽ علامه ڪربلائيءَ جو مقالو ’لساني وحدت جو نظريو‘، نهايت جامع ۽ بصيرت افروز آهن، جي ان مسئلي جي علمي اهميت لاءِ مدلل حقائق سان لبريز آهن. ’سنڌونديءَ تي واپاري آمدرفت جو نئون رنگ‘ پروفيسر چيتن ماڙيوالا جو تاريخي ۽ تحقيقي مقالو آهي، ۽ ’جنگ بنگاهه جي ڪهاڻي‘ رندن ۽ مگسين جي تصادم ۽ باهمي لڙاين جو شعري جائزو آهي. مرحوم ’زيب‘ مگسيءَ جي حالات ۽ ڪلام تي مولائي شيدائي صاحب جو مقالو هڪ ادبي شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو. ’ملاکڙي‘ تي منو تولارام گدواڻيءَ جو لکيل جامع ۽ مختصر مضمون، سنڌ جي هن قومي راند جو مجمل جائزو آهي. ’مشرقي ادب ۽ مغربي عالم‘، رسول بخش پليجي جو مختصر مگر تحقيقي مقالو آهي، جو نهايت معلومات افزا آهي. سنڌ جي پراڻي ادب جي سلسلي ۾ هن دفعي سنڌ جي مزاح نگار اديب مرحوم ’بلبل‘ جو ”قلندري ميلو“ پيش ڪيو ويو آهي. هيءَ تحرير سنڌ جي ڪلاسيڪل اندازِ بيان ۾ گويا رپورتاز جي حيثيت رکي ٿي. ان جي افاديت کي مدنظر رکي دوباره شايع ڪرڻ، گويا ان کي محفوظ رکڻ جي هڪ علمي ڪوشش آهي، جا شال قبول پوي.

’مهراڻ جا موتي‘ ۽ ’مثالي ٽڪرا‘ کان سواءِ، ثقافتي سرگرمين ۾، ڪُل هند ساهتيه سميلن بمبئي، اوڻهين سنڌي ادبي ڪانفرنس، ’رائٽرس گلڊ‘ جي مرڪزي ڪاميٽيءَ جي ڪاروائي، وغيره پيش ڪيل آهن.

’آديسي اُٿي ويا‘ جي عنوان هيٺ، سنڌ جي مشهور شخصيتن مان تازو وفات ڪيل مرحومن- حڪيم شمس الدين، ڊاڪٽر شيخ شمس الدين، حڪيم سيد غلام مرتضيٰ شاهه، حڪيم مولانا محمد صادق راڻيپوري، ۽ ساقي سجاوليءَ جي مختصر ۽ جامع حالات کي پيش ڪيو ويو آهي.

’مهراڻ‘ جي هيءَ خصوصي روايت پئي رهي آهي جو وقت بوقت سنڌ جي اُڀرندڙ نون ادبين ۽ شاعرن کي پڙهندڙن سان متعارف پئي ڪرايو ويو آهي. هن پرچي ۾ پڻ ڪيترا نووارد نظر ايندا، جن جي تحرير ۽ فن سنڌي ادب جي درخشان آئيندي جو روشن دليل آهي.

آخر ۾ اسين ’مهراڻ‘ جي قارئين ڪرام وٽ معذرت خواهه آهيون، جن ’مهراڻ‘ لاءِ شديد انتظار جون گهڙيون گهاري پنهنجي ادب نوازيءَ جو ثبوت ڏنو آهي. اميد ته اسان جا مهربان قارئين پنهنجي وابستگيءَ ۽ ادب آفرين دعائن سان اسان کي ياد ڪندا رهندا، ۽ اديب حضرات پنهنجي دلي ۽ فني تعاون سان بدستور نوازيندا ايندا.

’مهراڻ‘ جي مواد جي انتخاب، ۽ صحتمند ۽ زندگي بخش ترتيب جو اميد ته بغائر نظر ملاحظو ڪيو ويندو. اسان لاءِ اهو امر مسرت انگيز آهي ته اسان جي ناچيز خدمتن کي اهل علم حضرات تحسين ۽ آفرين جي نظرن سان نوازين ٿا. اهو سڀڪجهه دراصل اهل علم اديبن ۽ بزرگن جي تعاون ۽ حوصله افزائيءَ جو مرهون منت آهي.

آءٌ محترمي محمد ابراهيم صاحب جويي، سنڌي ادبي بورڊ جي لائق سيڪريٽريءَ جو مشڪور آهيان، جنهن جي دلي وابستگيءَ ۽ فني نظر رسالي جي ترتيب، تزئين ۽ بلند معيار کي قائم رکڻ ۾ تعاون ڪيو آهي، ۽ مواد جي انتخاب ۾ اداره تحرير کي، ادبي خدمت جي لحاظ سان، وقت بوقت پئي مشورا ڏنا آهن. ان سان گڏ، اسسٽنٽ ايڊيٽر مسٽر شمشيرالحيدريءَ جي ڪارڪردگيءَ جو پڻ مشڪور آهيان، جنهن مواد جي صحت لاءِ قابل تحسين خدمت ڪئي آهي. سنڌي ادبي بورڊ پريس جي مئنيجر، علي بخش احمد زئي، ۽ ابن حيات پنوهر، پروف ريڊر، جي شڪريي ادا ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهان، جن رسالي کي طباعت جي معيار تي حسب دستور قائم رکيو آهي. غ. م. گ.

 

 

”محنت انساني فطرت جو عظيم مقصد آهي، ۽ اهوئي هن زمين تي خوشيءَ جو ذريعو آهي.“ ٽالسٽاءِ

 

بيت

رکيل شاهه مرحوم؛ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ؛ مير محمد ’ميرل‘، جويو؛ ’محسن‘ عباسي؛ قمر شهباز

دوها

شيخ ’اياز‘؛ ذوالفقار راشدي

ڪافيون

رکيل شاهه مرحوم؛ سيد حبيب شاهه مرحوم؛ محمود شاهه راشدي؛ محمد خان ’غني‘؛ حافظ محمد احسن، غلام حسين ’فنائي‘؛ ’معمور‘ يوسفاڻي؛ احمد خان ’اختر‘؛ خواجه بخش علي ’نادم‘؛ علي بخش ’رضا‘؛ ذوالفقار راشدي وايونِ: شيخ ’اياز‘.

گيت

شيخ ’اياز‘، ’تنوير‘ عباسي؛ ارجن چاولا، ’سائل‘؛ عبدالغفور ’عابد‘؛ ڪمل ڪيولراماڻي ’پياسي‘؛ سروپچندر ’شاد‘

نظم

’نياز‘ همايوني؛ گوورڌن محبوباڻي؛ سليم ڳاڙهوي؛ ڪمل ڪيولراماڻي ’پياسي‘؛ سترام ڪلياڻي ’همدرد‘؛ عبدالڪريم ’گدائي‘؛ ’تنوير‘ عباسي؛ سڳن آهوجا؛ شعبان ’بخت‘؛ ذوالفقار راشدي؛ هريڪانت؛ ’تاج‘ صحرائي؛ شمشير الحيدري

آزاد نظم

نعيم دريشاڻي؛ نذير همايوني؛ شمشيرالحيدري

قصيدو

سليم ڳاڙهوي

غزل

مخدوم محمد زمان ’طالب المولا‘؛ مولوي احمد ملاح؛ حيدربخش جتوئي؛ شيخ ’اياز‘؛ تنوير عباسي؛ ’حامي‘ خيرپوري؛ عبدالحليم ’جوش‘؛ علي بخش ’رضا‘؛ ’تاج‘ صحرائي؛ سليم ڳاڙهوي؛ سيد عمر شاهه ’سيار‘؛ عبدالله ’خواب‘؛ ا. ح. جئسنگهاڻي؛ شبير ’هاتف‘؛ علي محمد ’مجروح‘؛ نعيم دريشاڻي؛ امداد حسيني؛ موتي پرڪاش؛ رشيد ’ارشد‘؛ الطاف عباسي؛ حافظ شاهه حسيني؛ اسد: شاهه ’بيخود‘؛ سڳن آهوجا؛ عبدالعزيز ’بيدل‘ همايوني؛ محمد علي ’جوهر‘؛ ’تاج بلوچ‘

نيون طرزون

سروپچندر ’شاد‘؛ موتي پرڪاش؛ سترام ڪلياڻي ’همدرد‘

قطعا

’تاج بلوچ؛ ذوالفقار راشدي

رباعيون

حيدربخش جتوئي؛ ڪرشن راهي

 

ادب لطيف

جهامنداس ڀاٽيا

”اديب اوهان کان سهپ جو نه، بلڪ سمجهه جو طالبو آهي- مئجسٽريٽ يا پوليس انسپيڪٽر جي سمجهه نه، بلڪ هڪ باشعور پڙهڻ واري جي سمجهه، هڪ اعليٰ قدرن ۾ ايمان رکڻ واري جي سمجهه، هڪ سچائيءَ جي پرستار جي سمجهه. اوهين چور کي پڪڙڻ لاءِ ڪنهن ٻئي چور جون خدمتون حاصل ڪري سگهو ٿا، ليڪن اديب کي سمجهڻ لاءِ اوهان کي پڙهڻ واري جي ڳولا ڪرڻي پوندي. سرڪاري آفيسرَ، جيڪي اديب ۽ ان جي حقن جو فيصلو ڪن ٿا، جيڪڏهن انهن جو مطالعو فقط آفيس جي سرشتي ۽ عريضين تائين محدود آهي، ۽ انهن کي ڪڏهن هڪڙي گهڙي به ڪتابن جو مطالعو نصيب نه ٿيو آهي، ته اُهي سدائين اديب کي غلط سمجهندا، ۽ ان کي حقارت سان ڏسندا. اهي آفيسر ڪڏهن به انهيءَ حقيقت تائين نٿا پهچي سگهن ته جسماني سزائون، ضروري نه آهي ته روح لاءِ به عذاب ٿين- ۽ دنيا جا سمورا قانون ۽ سائنس جي سموري ترقي، ڪنهن اهڙيءَ زنجير کي دريافت ڪرڻ کان اڄ تائين قاصر رهيا آهن، جيڪا زنجير علم ۽ سچائيءَ کي جڪڙي سگهي.“- قدرت الله شهاب

 

بيت

رکيل شاهه مرحوم

اکيون عاشقن جون، شرم ڀريون شاهي،

پسڻ سان ئي پاڪ ٿيون، آين ازل او گاهي،

سدا ستر پوش ۾، تن واحد آيو واهي،

اها چاڙهي ۽ لاهي، ’رکيل‘، سڌ لهي سمجهي ويون.

اکيون عاشقن جون، ٻاجهاريون ٻيئي،

رتيون پرينءَ جي رنگ ۾، ٿيون سڃاڻن سيئي،

نٿيون ڏسن غير سان، تن تي حال پيو هيئي،

اهي ڏکن سان ڏيئي، ’شاهه رکيل‘، اوجاڳن اُجاريون.

اکيون عاشقن جون ٿيون رحم ڀريون روئن،

سؤ ڀيري سيني منجهان، ٿيون عغير ڪڍيو ڌوئن،

مالها وجهي مَن ۾، اهي گوهر ٿيون پوئن،

پورب ٿينديون پڌريون، اهي جهونگاريون جهوئن،

سڳوسي سورن، جي ’رکيل‘ آسرا ڇني اوڏنهن ويون.

اکيون عاشقن جون، نٿيون نهارين،

ڪڏهن ڏسي رمز سان، هو ڏونگر کي ڏارين،

قطرو کڻي فيض جو، هو هنئين ۾ هارين،

سڄڻ کي سارين، ڇڏي آسرا اوڏنهن ويون.

 

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

عامَ نه وڻي جا، سا من منهنجي کي وڻي،

مامَ نه پين مُور ڪا، جا من منهنجي جا،

ساجن منهنجي ساههَ کي، هاجَ نه هجي ها،

نام نه تنهنجو نيڪ سو، جپيان جابجا،

پر سانڍيم سڪ منجها، ناتو تنهنجي نينهن جو.

 

مير محمد ’ميرل‘ جويو

اڄ پڻ اُتر پار ڏي، کنوڻن ڪيا کيل،

اُٺا مينهن ملير تي، رڻ پٽ ڀريا ريل،

ڌنارن ڌڻ ڇوڙيا، ڇيلا گهمن ڇيل،

سرتين سِر سينها رکي، کنيا گهڙا ٻيل،

مولا مارو ميل، ’ميرل‘ ملڪ ملير جا.

اڄ پڻ اُتر پار ڏي، کنوڻيون خوب کنوَن،

منهنجي ملڪ ملير تي، وڄون واه وسن،

پکن ۾ پنهوارڙا، سَرها ٿيا سونهن،

لهِي ڏُرت ڏڪار ويو، ڏول لٿو ڏيهن،

’ميرل‘ ماروئڙن، بر ۾ بهاريون ڪيون.

اڄ پڻ اُتر پار ڏي، تاڙي تنواريو،

محلي اندر مارئيءَ، سانگين کي ساريو،

برپٽ ٿي بهار ويا، ڦوڳ به ڦُلاريو،

ڌڻن ڪنڌڙا ڌوڻيا، ٻڪرين ٻيڪاريو،

چاريو ۽ پياريو، اچن ’ميرل‘ ماڳ تي.

اڄ پڻ اُتر پار ڏي، مينهنِ ڪيون موڪون،

پنهوارن جون پَٽ تي، پچي ويون پوکون،

کائن پئن خان سي، ساڳُ ڳَنر سوڪون،

’جويو‘ چوي ججهيون وسن، جهانگيئڙن جهوڪون،

لڪي آءٌ لوڪون، ’ميرل‘ وينديس ملڪ تي.

اڄ پڻ اُتر پار ڏي، وسن مينهن ڦُڙا،

کڏون ڀرجن کوڙ ٿيون، نَيون تلاءَ تڙا،

سهيلين سر تي کنيا، گهيڙن پاس گهڙا،

سانگي سارن مون، ميان، ’ميرل‘ جوان مَڙها،

تنهنجا ڪُلف ڪَڙا، ’جويو‘ چوي جلدي ڀڄن.

اڄ پڻ اُتر پار ڏي، مينهنِ مانڊاڻا،

گاهه ڦُٽا گلزار ٿيا، لُنب للر لاڻا،

ڳاڙها ڳم ڳنڍير ۽، ميها هِنداڻا،

آڻين ۽ چاڙهين سي، اديون اباڻا،

وسن وٿاڻا، ’ميرل‘ مارو ڄام جا!

 

’محسن‘ عباسي

پساهه ٽُٽا رات جا، وريو صبح جو واءُ،

کيڙڻ ويو کيٽڙا، جوڙا جوٽي ڀاءُ،

وَرڙو ويو مال کي، پهرائي سَنجهاءُ،

مانجهي منهنجا موٽندا، ڪر ڪا رڌ پچاءُ،

موڪل ڏئينم ماءُ، ته پاڻي آڻيان پيئڻ جو.

آندم پاڻي پيئڻ جو، ماني پَڪي ماءُ،

بُکيو هوندين وَرڙا، سگهو موٽي آءُ،

’محسن‘، ايندم ڀاءُ، پوري ڪري جوڳڙي.

اُڍڻي جَنڊَ اُٿيون، کَنيئون هاڻ گهڙا،

ڌُت ڌنڌي جي ڌُن ۾، کڏون ڏسن نه کڙا،

وسن وڏڦڙا، ته به، ’محسن‘ موٽن ڪينڪي.

اديون آءٌ اَڌوت، گڏيل آهيان گَند  سان،

پورهيو ڪري پاڙي جو، ڪريان حاصل قوت،

ڀانيو جي اڇوت، ته پاند پاسيرا ڪجو.

مر سي تَڙَ سونهن، جت گِهڙن گهَڙن واريون،

پورهئي سنديءَ پريت ۾، آڌي ڏيئي اُٿن،

هيڪانديون هلن، ٿينديون گهور گهَڙن تان.

 

قمر شهباز

گهُورن جو گهائل، گهائل منهنجو جيءُ،

سائين، هي سائل، سائل تنهنجيءَ سونهن جو.

سُڏڪي پيا سنگيت، آسُون اُجهاڻيون،

راڻيون ويڳاڻيون، راڻا، تو ريءَ روح جون.

انڌيارو آڪاش، ساڻو منهنجو ساهه،

پاڳل منهنجي پريتڙي، چريو منهنجو چاهه،

پويون آهه پساهه، سگهو پهچ، او پرين.

چمڪي آ چانڊاڻ، مُشڪي آهي ماٿري،

پرڏيهي منهنجو پرين، اجهو آيو ڄاڻ،

منهنجو من- مهراڻ، ڇولين جيان ڇلڪي اُٿيو.

هاءِ، گَهِري گهُور، گهايو وجهي گهوٽَ،

الاهي اڻموٽ، رُلِي ويا راهه ۾.

پَکي! نينهن نباهه، پريت پراڻي ريت،

جَلي پاڻ جلاءِ، وڳر وسارين متان.

سٿرو ناهي سنگ، رڳو پلڻ پاڻ،

الا، آءٌ اڄاڻ، سولو ڀانيم سڪ کي.

ديوي تنهنجو داسُ، جهلي بيٺو جهول،

آليون اکيون کول، مُرڪ منڱان ٿو هيڪڙي.

مَن – مندر جي مورتي! آليون اکيون کول،

ٻول ٻه ٽي ڪي ٻول، لهي اڃ ازل جي.

ڳايم تنهنجا گيت، ڀري سوز سرود ۾،

سلوڻا سنگيت، اُڏاڻا آڪاش ڏي.

نينهن نشيلو نانءُ، متوالا مخمور،

ڀرسا سي ڀرپور، سڄڻ، سندءِ سارَ سان.

 

دوها

شيخ ’اياز‘

مرنداسين ته مٽيءَ مان پنهنجي جُڙندا ڪيئي جام،
نوان نوان متوارا ايندا هڻندا تن جي هام.
مرنداسين ته مٽيءَ مان پنهنجي ڦُٽندا سُرخ گلاب،
کِڙندا ٽِڙندا جن ۾ پنهنجا بسنت رُت جا خواب.
مرنداسين ته مٽيءَ تي پنهنجي چنڊ ڪندو چانڊاڻ،
ساهه اسان جي سانڀي جيڪا، سونهن ڪندي سرهاڻ.
مرنداسين ته مٽيءَ جو پنهنجو ويندو دُور غبار،
چنڊ ڦري چوڌاري چمندو پيو اسان جو پيار.
مرنداسين ته مٽيءَ سان پنهنجي ملندو هي مانڊاڻ،
ڪَتيون اسان جي ڪڇ ۾ هونديون، چنڊ اسان سان ساڻ.
هي راتيون هي ريتيون رُت جون مري نه سگهنديون مُور،
جنم جنم ۾ پوندو رهندو، پرين، اوهان جو پور.
مان تنهنجو آڪاش ڇڏي آيو هان ڌرتيءَ ڪاڻ،
جنم جنم ڀٽڪائج مون کي، ڪان کپي نرواڻ.
پل لئه آهي هيءَ چانڊوڪي، پل لئه آهي پيار،
هن کان اڳتي ڇوليون ماري، ڪوئي ڪارونڀار.
ڪوئي ڪارونڀار نه آهي، جنهن جو ڪوئي ڪپر،
جنهن جون ڇوليون ڪونه ڇڏينديون ڪائي چيز امر.
پيئو، جيئو، اي متوارو، مڌ جو ناهي مَٽ،
دُور وڃي ٿو چندرما کي ڇُهندو ڇايا- نَٽ.
پيئو، جيئو، رچي ويئي آ جَجوَنتيءَ ۾ جاڳ،
مڌ جي مام ملي جوتَنَ ۾، راڳ ٿيا ويراڳ.
اُڃ اسان جي اورانگهي ڇو آئي آ هُو هَٽ،
نگر نگر ۾ ناهي جنهن جي مڌ جو ڪوئي مَٽ!
پيءُ پراڻو مڌ هن مَٽَ مان، اوري آءُ، اَدل!
هن مان ’ساميءَ‘ پياس ٻجهائي، پيتي سرڪ ’سچل‘.
پيءُ پيارا، او متوارا، آکيو ڪنهن جي اک،
ملي نٿو هي مڌ ڪنهن مَٽَ ۾، چُڪي انهيءَ مان چک.
مَي تي ناهه ميار، اديون ڙي، مَي تي ناهه ميار،
سيج اسان جيءَ جا سوريءَ سان اڳ ئي هئا اقرار.
شال کَسي مان، توتي تاڻيان تنهنجا ڪان ڪمان،
هاءِ پکيئڙا پيارا پيارا اُڏري ويا، نادان!
گهڙيءَ گهڙيءَ ٿِي چڙهي چکيا تي، ڄڀيون ڪڍي ٿي ڄر،
تڏهن اسان مان اَڳ ازل جي ڳائي راڳ امر.
منهنجي من مان رانجهو بڻجي نڪتا ڪيئي راڳ،
ڪَنَ ۾ مُندڙا، مُک تي مُرليون، اکڙيون ٻرندڙ آڳ.
پاند اسان جو پالهو ناهي، جُهڪي ته ڏس تون جهول،
آڇيا آهن اکڙين ان ۾ ڪجهه موتي انمول.
پنهنجون آليون اکڙيون، گَهريون، جيئن جمنا جو جل،
تنهنجي صورت، وهڪ مٿان جيئن وٽڙي تاج محل.
مٺڙي مٺڙي ننڊ ڦٽائي مينهوڳيءَ جي ماٽَ،
جهونجهڪڙو هو، نيريءَ ڇِت ۾ کنوڻ هنيا ٿي کاٽَ.
اُتر اُٺو آ، سانجهي ٿي آ، ڇڻي رهيو آ ڇَنُ،
ڏيئو ٻاري واٽ نهاري، ڪنهن جِي منهنجو مَنُ.
ڇَرَ تي چنڊ ستارا ڇايا، ڳائي پنجي گيت،
ماڻهوءَ جو من ڳول ته ملندءِ ڇَرَ ۾ ڪيئي جيت.
ڇِڪي پيو ڪو ڇُوهو تن کي، سڏي پئي ڪا سُڃ،
اڳيان تنهنجون اکڙيون ڊوڙيون، پويان منهنجي اُڃ.
آئي تنهنجي سار، هوا ۾ آ تنهنجي هٻڪار،
ڌار نه آهين، ڌار نه آهين، ڌار نه آهين، يار!

 

’ذوالفقار‘ راشدي

ورهين کان پوءِ ڌرتيءَ هيٺان ٻاگهي ٿي ڳالهائي،
ديس نه ڏينديس، لڄ نه ڏينديس، ڌارين جو هت ڇاهي.
ڏس ته چنيسر اڄ به چڙهيل آ ڦٺڪارن جي ڦاهي،
دودو ڌارين سان اڄ سوڌو سينو بيٺو ساهي.
ٻيجل کي ڪئين ڪونڌر ڪُهندي ڪونه پيو ڪهڪاءُ،
راءَ ڏياچ ڄمن ٿا اڄ ڀي، جيئي سنڌي ماءُ!
رنگ ڦٽا ۽ راڳ ويا، اجھ ڀينگ لڳي پئي ڪاڪ،
جاتي ڊيلون ڍرڪيون پئي اُت اُڏري ڪاري خاڪ.
عيب نه رک تون، ويڻ نه ڏي مون، ڪاڪ نه ڪرهيئن ڪاري،
اڳ ئي، راڻل! مومل آهي تنهنجي وڇوڙن ماري.
رانجهن! رت رُئي ٿو تولئه، جهنگ سيال جو جهانگي،
ٿر بر هير پڇائي تنهنجو، پنهنجا ساري سانگي.
سسئي سورن لئه ساماڻي، سسئيءَ تنهنجا سُور،
ڪاٿي آهين، ڪيچي! تنهنجا پل پل پونم پور.
اهڙي سرڪ پياري ميهر، اهڙي مُرڪ ملائي،
کير پيئڻ سان ڪِيرَ کُپي ويا، اکڙين لڄ وڄائِي.
هار ڪري، سينگار ڪري، اڌ رات وڃي هُن پار،
سر سهسائي، سنڌرو ساهي، ماڻي ٿي ميهار!
تنهنجي لڙهه لڳو آ، سهڻي، تنهنجو من – ميهار،
ڪاٿي آ هُو پار، او سانئڻ، ڪاٿي آ هُو پار؟
رات ٻُڌي هُن پار جون ڳالهيون، هيڏو ٿي ويو هانءُ،
ڪنهن ورتو هو منهنجي آڏو محبوبن جو نانءُ.
رات اسان کان ڪانڌ رسي ويو، ويئي هٿارون هاج،
ڪهڙي ملهايان عيد، سهيڙي، ڪهڙا ڳايان ڪاج.
ڏينهنِ جا ڏولاوا مون، لئه، راتين جا راتاها،
ڪيئن بچان مان ڪيئن ڇُٽان مان، ڏس ڏيوم ڪوڏاها!
ماکيءَ مک جيان روح، رڳن ۾ سور ڪيا مانارا،
ڏنڀ ڏين ٿا، ڏنگ هڻن ٿا، يادن جا يڪتارا.
ڪهڙيون در در ديدون لايان، گهر گهر ڇا واجهايان،
مان ته اوهان سان لنون لاتي آ، مان ته اوهان جو آهيان.
سونهن سان گڏ، سرهاڻ سان رلمل، تنهنجا مٺڙا راڳ،
او راڳي، شل ماکيءَ جهڙا ٿيندءِ مٺڙا ڀاڳ!

 

 

ڪافيون

رکيل شاهه، مرحوم

*

شوق دا پيتم شراب، وو، ٿيم وحدت وچ غرق.
جان جسم دي وچ، وي، مچ نه مچايا، وو،
عشق ڪيتم چا ڪباب، وو، توبهه، تقوا ترڪ ترڪ.
دل جيندي تان ٿَئِي، ڳيم انڌارو، وو،
روشن ٿيا مهتاب، وو، وچ دروني درڪ درڪ.
سير حسن دا، وو، ذات صفاتي، وو،
ٽٽ ڳيا غير حجاب، وو، هڪ دم، دم نا فرق فرق.
سر ته ’رکيل‘ دي، وو، بار برهه دا، ڀلو،
نهين ته شمار حساب، وو، اهو مردين دا هي مرڪ مرڪ.

 

 

سيد حبيب شاهه، مرحوم

*

جهوري جيءُ وڌوءِ، راڻل، رُسامن سان!
گهوري ريت رسڻ جي، ائين نه گهربو هوءِ،
                         رسڻ، ماڻا ڪن سان؟
مون ڀانيو گڏ گهاريندين، ڪو جو پَههُ پيوءِ،
                         ڇنهءِ سنڱ ڇورن سان.
ساري چئج سوڍل کي، مومل – مُئي کان پوءِ،
                         ڪندين ماڻا ڪن سان؟
’حبيب شاهه‘ چئي، هردم حب مان، پرين پوريجو چوءِ،
                         پانڌي، پاراڀن سان.

 

 

محمود شاهه راشدي

*

موٽي مارو ملن مون، الله ڪري!
سدا سانگيئڙن کي ٿو ساهه گُهري!

 

ڪري ويس وسڻ جا ٿا غيث اچن،
ڀانيان مينهن ملير تي اڄ ٿا وسن،
منهنجا نِيرَن ۾ ٿا نيڻ ٽمن،
آهي ملڪ ملير اٿاهه پري!
مون کي سڪ سبيل سنگهارن جي،
تن ٻاجهارن ٻڪرارن جي،
پُوتم پِرت اندر ۾ پنوهارن جي،
ڳران ڳڻتين ۾، جئن ڳاهه ڳري!
وسون عام هونديون، وَليون جام ٿينديون،
جيڏيون وس تي گهمڻ صبح شام وينديون،
کلنديون پاڻ ۾ خوب ڪلام ڪنديون،
ورنديون پوئين پهر سر تي گاهه ڪري!
مارو مير، ’محمود‘، نه وسرن ٿا،
سندن سور اندر ۾ ته اُسرن ٿا،
دل جا جهير سڄر سي ته پسرن ٿا،
منهنجي جيءَ اندر ٿو آڙاهه ٻري!

 

 

محمد خان ’غني‘

*

نوان ٿا ڏسون يار جا نت نظارا،
الاجي ڪندا ڪنهن تي اڄ محب مارا!

 

نه ڪن ڪُوڪ، وسهر وڃي ڏاٺ ڏيئي،
تڏي تي ئي تڙپي اُٿن ٿا اُهي ئي،
وَرن جن تي تنهنجا ڪري وار وارا!
اُهي، جي اکين جي ڇڏيون گهور گهائي،
ويا ويڄ حڪمت اُنهن تي هلائي،
سَگهيون سي نه ساعت، چُڪيا تن جا چارا!
سوا ساز سڀ سونهن، سوڍل! سري تو،
ڪيا قهر ڪهڙا هي وينگس وري تو،
ڪُهڻ لاءِ ڪنهن جي هي سينگار سارا؟
پيارو پرين کان مَڏي مال ناهي،
گهُرن گهور ڏيندس، هي سينو سنباهي،
سندم ساهه سر تي اوهان جا اَجارا.
اُها سخت منزل، مَٽڻ جيڪا مشڪل،
ڪري سَر، حضوري سراسر ٿئي حاصل،
اکين جا اچن جي فقط ڪي اشارا.
’غني‘ غمزده ٿي گهڙيون جو گذاري،
سندءِ نينهن چاڙهي ڇڏيو جو نظاري،
خبر خان! لهه تون اُنهيءَ جي، خدارا!

 

 

حافظ محمد احسن

*

تنهنجي ڳڻتين دلڙي ڳاري، ڏي دوست اچي دلداري!

ويٺو سڄڻ تنهنجون واٽون نهاريان، ڪوڙين تو لئه ڪانگ اُڏاريان،
آهي تن من ۾ تنهنجي تاري، ڏي دوست اچي دلداري...
نينهن نسنگ مون تو سان لاتو، پيچ پرين توسان پختو پاتو،
تنهنجي ڳل ۽ ڳچيءَ ۾ ڳاري، ڏي دوست اچي دلداري...
ساهه سدائين توکي ساري، واڳ الله لڳ آءُ تون واري،
آهي آب اکين مان جاري، ڏي دوست اچي دلداري...
عيب نه ڏس تون اوڳڻ منهنجا، لالن! لائق ڪر تون پنهنجا،
ڪر سائين سڄڻ ڪا ستاري، ڏي دوست اچي دلداري...
شان سڄڻ تنهنجو شاهن شاهي، سونهي سڪندر تنهنجو سپاهي،
تو سان يار رکي مون ياري، ڏي دوست اچي دلداري...
منهنجي اڱڻ جڏهن ايندين، دلبر! ويندا لهي سڀ غم ۽ گوندر،
ٿيندي دل جي چمن ۾ بهاري، ڏي دوست اچي دلداري...
’احسن‘ تي تون ڪر احساني، سگهو پسائج پاڪ پيشاني،
تو تان جانِ صَدق سو واري، ڏي دوست اچي دلداري...

 

 

غلام حسين ’فنائي‘

*

يار سڄڻ جي فراق آهيان ماري آءٌ، جيڏيون، يار سڄڻ جي فراق!

لڳِي، لاٽون آڳ ڪَري پئي، اندر اڏي اوطاق:
                             آهيان ماري آءٌ، جيڏيون!...
ڀُلي متان مون جان ٻي اٽڪي، ڄاڻي عشق مذاق:
                             آهيان ماري آءٌ، جيڏيون!...
روئي روئي رت جا ڦڙا، هي ويٺي ڏيان نت واڪ:
                             آهيان ماري آءٌ، جيڏيون!...
جيڪا ڪندي سنڱ ڪوهيارل سان، ٿيندي سابه هلاڪ:
                             آهيان ماري آءٌ، جيڏيون!...
پهر اَٺ ئي اُڻتڻ ۾ گذاري، ٿي دل ڦٽي آهي ڦاڪ:
                             آهيان ماري آءٌ، جيڏيون!...
ڪڏهن کُلي ٿو در دلبر جو، ڪڏهن ڏيو ڇڏي تاڪ:
                             آهيان ماري آءٌ، جيڏيون!...
ڪهڙي ڏئي سڪ، سانڍي، ’فنائي‘، وڌ پرين جي ساک:
                             آهيان ماري آءٌ، جيڏيون!...

 

 

’معمور‘ يوسفاڻي

ڪري ڏاڍائي ويا ڏير، دوست پنهل ريءَ ڪنهن در دانهيان!

ستي سيج پلنگ تي، لا لا، هيس اڳوڻيءَ هير-

 

صبح اُٿيو بُڻي ساٿ پڇايان...

 

سنجهي مان سمهي ساٿ وڃائي، پرهه نهاريان ٿي پير-

 

ڪهڙو کڻي منهن ڪيچ ڏي ڪاهيان...

 

هُو تان ڪيچي، ڪيچ ڌڻي، لا، هيءَ ڪميڻي ڪير-

 

ڪهڙو سڄڻ سان سينو ساهيان...

 

مانَ ملن ’معمور‘ سي موٽي، دانَہ دوست دلير-

 

ويٺي ستي بڻي جن لئه واجهايان...

 

 

احمد خان ’اختر‘

*

بند باندياڻي بند ۾، بندن ڀڳو بنديءَ بدن،
قادر ڪو ڪرم ڪرين، ڪڙيل ڪُل ڪوٽ ڪرن!
پيرون پَچي پَٽنِ پيا، پِرتون پَٽين پنوهاريون،
واڙين وٽان واٽ وٺيو، وڳر ورن ولهاريون:
وِرڇون ورهائي ويتر، ويهيون ورن وٽ وهسن...
جهونگارن جهانگين جي، جهوريءَ جندڙو جهوريو،
سِڪ ساڙي سانگيئڙن، ساهه سُڪائي سوريو:
دکن دونهاٽيم دلڙي، دمدم درد دُکن...
قسمت قيد ڪري، ڪوٽن قابو ڪِئڙم،
وڇڙيس وڳر وٽان، واهون وڄائون وئِڙم:
پُور پنوهارين پيئڙم، پرور پهچائي پکن!...
ڏک ڏاريو ڏيل ڏکيءَ، ڏوٿيئڙن ڏيهه ڏسان،
پکن پنوهارن پهچي، پنوهاريون پِرتون پسان:
’اختر‘، اندر اُڻتڻ آهه اباڻا اچن!...

 

 

خواجه بخش علي ’نادم‘

*

عشق ڪري اعلان، خاڪ منجهان ڪئين رنگ رچايا!
عشق الستي آيل آهي، سڀ رنگ منجهه سمايل آهي،
ظاهر منجهه انسان، فرش فلڪ سڀ عشق اُپايا.
عشق ئي اناالحق پڪاريو، ’قم باذني‘ سان مُردو جياريو،
هِن جذبي جولان، سورهيه سوريءَ چوٽ چڙهايا.
عشق سان جيڪو ٿو لنون لائي، سو ٿو پنهجو پاڻ ڪُهائي،
سؤ سؤ سر قربان، عشق عجائب ڪم ڪرايا.
عشق جي راهه جو پند اڻانگو، ’نادم‘ لاهي سر جو سانگو،
هڪڙو ڏي امتحان، آهن ٻيا سڀ پنڌ اجايا.

 

 

علي بخش ’رضا‘

*

تنهنجي سڄڻ گهورن گهائي آهيان،
دانهن درد جي ڪنهن کي ڏيان!

 

نينهن نهوڙيو نپٽ نڌر کي، پيچ پرت واري نوائي آهيان:

 

جوش انهيءَ کان جي جيان.

 

سور سڙيءَ ڏي ڏس او ساجن، فڪر فراق ڪئي فنائي آهيان:

 

سور سڄڻ سوين ويٺي سهان.

 

نيٺ ’رضا‘ تي راضي ٿيندا، ’ونحن اقرب‘ جي ڏَس ڏسائي آهيان:

 

ڏڍ اِهو اٿم راتو ڏينهان.

 

 

’ذوالفقار‘ راشدي

*

بيهه اتي، او ويندڙ سائين، دانهن ٻڌي وڃ، او اربيلا!
ويهه گهڙي پل مون سان گڏجي، قسمت سانگي آهن ميلا!
چوڏس جو هي چنڊ پيارو، تنهن کان تنهنجو مُنهن موچارو،
دل جي عرشن جو تون تارو، ٻاڻُ هنيو ٿَئي، او ڪاڇيلا!
ماڻو ڇڏ، يَرَ، مڃ مهماني، موٽ کڻي، او دل جا جاني،
تنهنجي عمر ڀر ٿينديس ٻانهي، نيڻن مان اُگهه ڳوڙها نيلا!
کول کڻي تون قرب جون ٻانهون، ڏينم کڻي ڪي دل ۾ جايون،
يارَ، نماڻيءَ ڏانهن نهارج، نيڻن ۾ ڏئي نيڻ نشيلا!
سائين جڏيءَ کي ڪين جياريئه، ’هائو‘ ’نه‘ ۾ هينئڙو ڳاريئه،
قرب نه ڪاريئه، قياس نه ڌاريئه، هوڏ جڙيئه جوانيءَ سان، هٺيلا!
کاڌم تنهنجيءَ سونهن جو سوڳنڌ، پرپٺ رهنديس تنهنجي پابند،
منهنجي دل جو آهين دلبند، خوش رهندين، پرديسي ڊوهيلا!

 

 

وايون

شيخ ’اياز‘

جتي ڪٿي هو آهي، جيڏيون، جنهن سان جان جَڙي!

ملي ويو هو منهنجي مڌ سان، ڳوڙهن منجهه ڳڙي-
                                    جنهن سان جان جڙي ...
پرين اسان جي پيالي ۾ هو، جيسين رات لڙي-
                                    جنهن سان جان جڙي ...
تنهن جي سار سوا، اي سرتيون، گهاري ناهه گهڙي-
                                    جنهن سان جان جڙي ...
هانءُ اسان جو تنهن وٽ هوندو، جنهن ۾ آس اڙي-
                                   جنهن سان جان جڙي ...
ڇني ڏٺوسون، ڇڄي نه سگهندي، تنهن جي قرب جي ڪڙي-
                                   جنهن سان جان جڙي ...

 

(2)

مان ڪوئل تون ڪاري رات، توکي، ڳوليان توکي ڳوليان!
تون ئي ڳائين، مٺڙا سائين، منهن جي لونءَ لونءَ ۾ ٿي لات:
                               توکي ڳوليان، توکي ڳوليان...
ڪيسين اُڏران، ڪيسين ڪُوڪان، تو بِن منهنجي ناهه نجات:
                               توکي ڳوليان، توکي ڳوليان...
منهنجو من اينءَ ڳولي، جيئن ڪو، بن ڳولي برسات:
                               توکي ڳوليان، توکي ڳوليان...
تون ئي منهنجي سک جو سونهون، تون ئي منهنجي ڏک جي ڏات:
                               توکي ڳوليان، توکي ڳوليان...

 

گيت

شيخ ’اياز‘

 

ناهي پنهنجي پريت ڪنهين سان

ڀري ڀري ڏي ڄر سان، ڄاڻو! ٿڌو ٿڌ ڪو ٿانءُ!

 

ڏنو سنيهو ڪنهن لئه ڏاهي،
پنهنجو ڪوئي سپرين ناهي،

 

ناهي پنهنجي پريت ڪنهين سان، لنوي پيو ڇو ڪانءُ!

 

پيارا پيارا نينهن وساريا،
ڪهڙا ڪهڙا ڏينهن وساريا،

 

ويا اسان کان وسري، تن جو وٺي نه ڪوئي نانءُ!

 

ڪنهن سان تنهنجو پيار ٿيو آ!
چنڊ به ڪنهن جو يار ٿيو آ؟

 

ڪنهن لئه ٿو کنڀڙاٽيون کوهين، ٿيو نه جنهن جو ٿانءُ!

 

مڌ پيتو، مسرور ٿياسين،
ڏک سک سڀ کان ڏور ٿياسين،

 

آءُ ته جهولون، آءُ ته جهولون، ٿيو هندورو هانءُ!

 

 

’تنوير‘ عباسي

آءُ، ڳچيءَ جا هار!

آءُ، ڳچيءَ جا هار، هِنئين جا ٺار،
                      الا، او، آءُ هلي!
چانڊوڪيءَ ۾ وهنجي سهنجي،
هِير جي خوشبو بُت تي لاتم؛
پنهنجا وار هوا ۾ کولي،
تنهنجي خاطر جهاتيون پاتم؛
هار ڪيم سينگار، ڳچيءَ جا هار،
                       الا، او، آءُ هلي!
منٿن ميڙين ساڻ مڃي جي،
چنڊ کي تنهنجي لئه ترسايان؛
تنهنجيءَ واٽ ۾ مُکڙيون، سائين،
وقت سان ويڙهه ڪري به وڇايان؛
اوسر جا سردار، ڳچيءَ جا هار،
                        الا، او، آءُ هلي!
رات نه بيٺي، ويئي وهامي،
مان ته اڃا ڀي بيٺي آهيان؛
وقت وهيءَ کي نيندو، سائين،
ان اُلڪي ۾ اُلجهي آهيان،
وقت نه ڪنهن جو يار، ڳچيءَ جا ٺار،
                         الا، او، آءُ هلي!

 

 

(2)

وري وري دل وري پئي!

وري وري دل وري پئي!

 

اوهان نهاريو،
اوهان پڪاريو،

 

ته ميڻ وانگر ڳري پئي!
وري وري دل وري پئي!

 

لڪي لڪي ڀي لڪي نه الفت،

 

گهڻو لڪايم،
گهڻو دٻايم،

 

جا چڻنگ ٻاري هئي محبت،

 

ڀڀڙ ڪري سا ٻري پئي!
وري وري دل وري پئي!

 

ڪيا جهان در جي بند پنهنجا،

 

گهڻو ڀلياسين،
گهڻو رلياسين،

 

ته اوچتو سڏ ٻڌاسين تنهنجا،

 

کُلي اکين جي دري پئي!
وري وري دل وري پئي!

 

ٻُڏي ڪڏهن ڪين دل اسان جي،

 

لڏي لمي پئي،
لڏي لمي پئي،

 

جڏهن به ياد آئي ٿي اوهان جي،

 

ٻُڏي ٻڏي سا تري پئي!
وري وري دل وري پئي!

 

 

ارجن چاولا، ’سائل‘

ساعت ساعت ساريان توکي

ساوڻ جي سَرهي رُت آئي، وُٺڙا مينهن مَلار،
ساعت ساعت ساريان توکي، موٽ، مُحب منٺار!
هوا- ڪُلهي هسوار ٿي آئي، اڄ وَرشا جي راڻي،
ڪُومل چَرڻ ڇُهائي، پِرٿيءَ تي پَلٽيائين پاڻي:
چنگ وڳا، مرڌنگ وڳا، ۽ گونجيا گيت هزار!
                                --- ساعت ساعت...
گُونج گگن مان اُٿِي، اُمالڪ بادل آيا سُرڪِي،
سارنگ ساز شروع ڪِئڙا ۽ کنوڻ موج مان مُرڪي:
ٻنيون ٻارا، گس ۽ چارا، وَهڻ لڳِي جَل- ڌار!
                                --- ساعت ساعت...
ناليون نالا وهي هليا، ڪنهن اڻڄاتل منزل ڏي،
اُمنگ، کڻي ڪاغذ جون ڪشتيون، سنڀريون ڪنهن ساحل ڏي:
مست نظارن تي دل وارن هاريا هرک هزار!
                                --- ساعت ساعت...
ٿرن برن تي ٿيا وسڪارا، خالي ڀريون ترايون،
هَريا ڀَريا بَر ٿيا، کيتن پهريون پوشاڪون سايون:
هاري ناري، خلقت ساري، سَرها ٿيا سنگهار!
                                --- ساعت ساعت...
سال سڄو واجهائيندي سِپ سمنڊ- سطح تي آئي،
بارش جي هڪ بوند جَهٽي، اَندر جي پياس ٻُجهائي:
قطرو سِپجي، ٿي پيو مٽجي موتي مڻيادار!
                                --- ساعت ساعت...
مٺڙيءَ هِير جي هِندوري ۾ جهُولي ٽاري ٽاري،
وڻ وڻ جي چنچل پن پن تي ڇانئِي خوب خُماري:
بادل ڪارا، ٿيا وسڪارا، آئي بُوند بهار!
                                --- ساعت ساعت...
جهُمريون پائي نچڻ لڳا پڻ پوپٽ رنگ رنگيلا،
ڀؤنري گيت سُڻايا، ۽ ڀنڀورين ساز سُريلا:
چاتڪ، چيها، مور، پپيها، ماڻِن موج آپار!
                                --- ساعت ساعت...
دور انب جي ڪنهن ٽاريءَ تي ڪُوڪي ڪوئل ڪاري،
شايد کيس به پريتم جي اڄ ياد ستايو ڀاري:
اکڙين آگم، ڪِئڙو ماتم، قلب ۾ ناهه قرار!
                                --- ساعت ساعت...
پينگهه لُڏن وَرَ ساڻ وَريتيون، آءٌ ڪيئن لڏان اڪيلي؟
تو بِن، ساجن! سِينڌ ڀريان ڪيئن، چوٽيءَ وجهان چنبيلي؟
مٺڙيون لاتيون، هي برساتيون، وڻن نه توکان ڌار!
                                --- ساعت ساعت...
’اِجهو ڪي آئين‘ ڪندي ڪندي مون سارو سال گذاريو،
ماندي مَن کي ماٺ ڪٿي، مون چانئٺ چڙهي نهاريو:
رم جهم، رم جهم، برسن، ٽم ٽم، اکڙين رُنو آپار!
                                --- ساعت ساعت...

 

 

عبدالغفور ’عابد‘

من چنچل اجيت نه ڪجان، اويار!

من جو ڪوئي ميت نه ڪجان، او يار!
ڪنهن سان ڀي پريت نه ڪجان، او يار!
ڪو مُرڪي ڏسي ته منهن ڦيري وٺجان،
ڪو رڙهندو اچي ته پاڻ سيري وٺجان،
من چنچل اجيت نه ڪجان، او يار!
صبح شام زيست بيقرار ڪجي،
وعدو وٺي پوءِ پيو انتظار ڪجي،
دل سان هيءَ ڪُريت نه ڪجان، او يار!
مجبور هجين ڪنهن پيار ۾ ته ٺهيو،
ڦاٿو هجين هن وهنوار ۾ ته ٺهيو،
پر ڏس، ائين وري ته نه ڪجان، او يار!
من جو ڪوئي ميت نه ڪجان، او يار!
ڪنهن سان ڀي پريت نه ڪجان، او يار!

 

 

ڪمل ڪيولراماڻي ’پياسي‘

واڌائي

اُڀ مان ڊوڙي بوندون آيون--
بادل کي اچ ڏيون وڌايون!

 

فضا لڳي ٿي پياري پياري، جهومي پيئي ٽاري ٽاري،
ٽڙي گلن سان پُر ڦلواري، بوندن آندي آهه بهاري:
هير ٿڌيءَ ۽ انڊلٺ کي اچ، سرتيون، سڀ للچايون!
ويس نوان اڄ چاهت پائي، دل ۾ ٿي اَنڌ مانڌ مچائي،
جذبا ازخود ٿي ڀڙڪائي، امنگن ۾ ٿي ڇيڙ لڳائي:
رٺل دلين کي ڀائر پائي، آءُ، اديون سرچايون!
کيتن ۾ سرهائي آهي، نهرن ۾ ڦُڙتائي آهي،
جوڀن ۽ تنهائي آهي، عشق ۾ اڄ پنهنجائي آهي:
ساجن جي، اچ، ڀر ۾ ويهي، گيت پريت جا ڳايون!
آئي، رُت البيلي آئي، من منهنجي ۾ مستي ڇائي،
خوشين ڇيڙي ڪا شهنائي، بود ۾ الفت ڇال لڳائي:
تان تنبورا تَنَ جا ڇيڙي، جهومون ۽ جهومايون!

 

اُڀ مان ڊوڙي بوندون آيون،
بادل کي اچ ڏيون واڌايون.

 

 

سروپچندر ’شاد‘

آءُ، مصريءَ کان مٺي!

آءُ، مصريءَ کان مٺي، ته گيت توتان گهوريان!
منهنجي ساهه کي سِڪڻ جي سار ڏيندڙ، آءُ هلي،
پياسي گيتن کي چپن جو پيار ڏيندڙ، آءُ هلي،
راتين کي خواب جو خمار ڏيندڙ، آءُ هلي:
سانجهي سهڙندي اچي ٿي هوريان ئي هوريان!
تنهنجي چپڙن جي رباب کي چمي آءٌ ڇيڙيان،
تنهنجي اکڙين مان اَڇوتا موتي ڳولي ميڙيان،
آءُ، گيت ڳائي تنهنجي غنچه دل کي ٽيڙيان:
ڳالهڙيون ڳُجهيون ڪي آءُ اوري تو سان اوريان.
آءُ نقاب لاهي منهن تان، ٽهڪندي ۽ ٻهڪندي،
جڳ جي اکڙين کي اچ تجلي سان انڌو ڪندي،
توکي مان ئي پيو ڏسان، پِرهه جي مُرڪ مرڪندي:
تون جهومندي رهين، مٺي، ۽ چنگ پيو مان چوريان!
آءُ، هڪ ٿي مون سان، پنهنجو ساهه بس سُري سُري،
نه تون هجين نه مان هجان، چنگ پيو چُري چُري،
پيار پيو ڏئي ڏئي، پيار پيو گُهري گُهري:
سوچ سڀ رهي وڃي بس اوريان ئي اوريان!

 

 


 

نظم

 

’نياز‘ همايوني

آفريڪا

انسانن جي تقديرن تي قهر جي بجلي ڪڙڪي ٿي،
وقت جي ڏائڻ واڳونءَ وانگ حياتيءَ جا هڏ رڙڪي ٿي،
درياهن جو هانءُ ٿو ڦاٽي، ڌرتيءَ جي دل دڙڪي ٿي،
موٽ مسافر، مهل ڌڻي، اک تنهنجي ڪارڻ ڦڙڪي ٿي:

 

دل تنهنجي ڪارڻ ڌڙڪي ٿي!

 

مُدت کان انسان جِتي حيوانن سان موسُوم هئا،
پنهنجيءَ محنت هوندي هرهڪ نعمت کان محروم هئا،
هِيرا جن جي ملڪيت، سي بُکيا ۽ ڏکيا مظلوم هئا،
ڌاريا ملڪ جا مالڪ، ۽ هي ويچارا محڪوم هئا:

 

هر نعمت کان محروم هئا!

 

رنگ نسل جي جرم و سزا تي، سنگينن جو شور هليو،
مال ۽ مُلڪ تي قبضي ڪارڻ، خون خرابي دور هليو،
محڪوميت هوش ۾ آئي، بيداريءَ جو طور هليو،
زندانن کي ٽوڙڻ خاطر، ڪمزورن جو زور هليو:

 

خون خرابي دور هليو!

 

صحرائن جو سينو شدادن جي ظلم جو مسڪن آهي،
امن جي وَستي ويران آهي، جنگين جو گهر گلشن آهي،
موت جو دامن آزاديءَ جي ديوانن جو مدفن آهي،
حق طلبيءَ جي مشعل جبر جي طوفانن ۾ روشن آهي:

 

جنگين جو گهر گلشن آهي!

 

اِنسانن جو عزم سلامت، انسانيت زنده باد!
تقديرن تي غالب، تدبيرن جي طاقت زنده باد!
ظلم ضلالت مُرده باد، ۽ حق و صداقت زنده باد!
آفريڪي جانبازن جي پُرجوش بغاوت زنده باد!

 

انسانيت زنده باد!

 

 

گوورڌن محبوباڻي

نئون نغمو

آهه بس پوين پساهن تي اَنڌيري رات!

 

نيٺ ٿي وئي شروع ڏينهن رات ۾ ڇڪتاڻ،
روشنيءَ ۾ غرق ٿيندي ٿي وڃي ڪاراڻ،
ڪين رهندا رات جا راکا ستارا هاڻ،
ڪڙڪندي ڪِرڻن جي تيرن جي تکي برسات:
آهه بس، پوين پساهن تي انڌيري رات!
رات باقي آهه، ساٿي! ڪي گهڙيون، ڪي ساسَ،
جيءَ ۾ جاڳي رهي آهي اَنوکي آس،
آس سان وڌندي وڃي ٿي زندگيءَ جي پياس،
ميٽبي مَنَ تان وڃي پئي موت جي فڪرات:
آهه بس، پوين پساهن تي انڌيري رات!
مان جِيئان پيو، ڇو ته جيوَن ۾ اٿم وشواس،
مان اَٽل وشواس سان لکندس نئون اِتهاس،
مُرڪندي مايوس ڌرتي، مُرڪندو آڪاس،
ڇو ته هيءُ اِتهاس آڻيندو نئين پرڀات!
آهه بس، پوين پساهن تي انڌيري رات!
ٿا نچن منهنجن چپن تي انقلابي گيت،
گيت ٻڌندي جاڳندا منهنجا ستايل ميت،
نيٺ زر جي هار ٿيندي، محنتن جي جيت،
ٿو نئين يُگ کي ڏيان هن گيت جي سوغات:
آهه بس، پوين پساهن تي انڌيري رات!

 

 

’سليم‘ ڳاڙهوي

نئون ساز

مون کي الفت جو قسم، مون کي محبت جو قسم،
منهنجا محبوب، صداقت کي سنواريندس مان؛
مون کي فرهاد جي انداز ۽ جرات جو قسم،
ڏک جي ڏونگر کي عجب ڍنگ سان ڏاريندس مان!
هيءَ زمين منهنجي صداقت جي گواهي ڏيندي،
هو فلڪ منهنجي وفائن جي شهادت ڏيندو؛
عشق جو ذوق وڌي قلب کي عزت ڏيندو،
زندگي منهنجي حقيقت جي گواهي ڏيندي.
قطرا قطرن ۾ ملي واهه وهائي ٿا ڇڏن،
گل گلن ساڻ ملي باغ بنائي ٿا ڇڏن،
قرب جو فيض لڪل ناهه، نمايان آهي:
اي پرين! قرب ڪريون، پيار ڪريون،
ٻَن ٻيائيءَ کي ڏئي، نينهن کي نروار ڪريون!
هي گلستان، هي صبا ۽ هي بهارن جو نزول،
من جي مُرليءَ ۾ نئون راڳ وري جاڳيو آهه:
دوستو! ڇونه وري موج مچائي ڇڏجي،
ڇو نه ايجاد ڪجي زنده گذارڻ جو اصول؟
هي زمين ساڳي، فلڪ ساڳيو، جهان ساڳيو آهه،
آدميءَ کي وري انسان بنائي ڇڏجي!
امن جي بنسري هر سمت وڄڻ تي آهي،
هاڻ احساس جي سورج کي اُڀاري آيس؛
ديس مان گهُور انڌيري کي مٽائڻ ٿو گهُران،
رات غفلت جي هتان دور هٽائڻ ٿو گهران:
ڄاڻ انسان جي ڊگهي ننڊ ٽٽڻ تي آهي،
ڇو ته جاڳڻ جو نئون ساز سنواري آيس!

 

 

ڪمل ڪيولراماڻي، ’پياسي‘

زور زور سان ڳائج!

تتيءَ ٿڌيءَ همت نا هارج، گولين سامهون ڀي گونجائج،
انقلاب جو گيت، ڙي ساٿي، تون زور زور سان ڳائج!

 

ٻيا سڀ غير نهوڙي ڪڍ تون، دل جا وهم ولوڙي ڪڍ تون،
انسانيت جو روح چِلائي، گيت بغاوت جا ٿو ڳائي:

 

جوش پنهنجي کي ڦهلائج!

 

انقلاب جو گيت، ڙي ساٿي، تون زور زور سان ڳائج!

 

جنم مرڻ جي رازن کي ڇڏ، ڇڏ مونجهارو، طاقت کي گڏ؛
هِن جيوَن مان ڪَرَ جو موڙي، دنيا ڀر جا ٻنڌن ٽوڙي،

 

ڌڙڪ ڇڏي، تون جڳ ڌڌڪائج!

 

انقلاب جو گيت، ڙي ساٿي، تون زور زور سان ڳائج!

 

عصمت، غيرت، انسانيت، تن جي وڪري کان ڪر نفرت؛
مظلومن جا، مزدورن جا، هر هنڌ آزاديءَ جا نعرا،

 

تن سان پنهنجو قدم ملائج!

 

انقلاب جو گيت، ڙي ساٿي، تون زور زور سان ڳائج!

 

اچ اچ، ڳايون گيت سدورو، سڀ کي ڪم سان ملي اُجورو؛
ڪوئي ڪنهن تي ظلم ڪري ڇو؟ بک ۾ ڪوئي پاهه مري ڇو؟

 

سِر ۽ سُر جو زور لڳائج!

 

انقلاب جو گيت، ڙي ساٿي، تون زور زور سان ڳائج!

 

 

سترام ڪيولراماڻي، ’همدرد‘

او انسان، ڪئن تنهنجو وگيان آ،
جو اُن مان دُکي خود ئي انسان آ!

 

اڙي، تون ٿو هڪ طرف ڪوشش ڪرين،
ته دنيا جي گلشن ۾ رنگت اچي؛
ٻئي طرف ليڪن ڪرين ڪار سا،
اُجڙ ٿئي چمن، ۽ نه ڪو گُل بچي!
ڇو وهمن ۾ دل تنهنجي غلطان آ؟
                        - او انسان.......
زمين ’هيرو شيما‘ جي کوٽي تون ڏس،
ته ڏسندين ڪي ننڍڙيون به هڏڙيون، الا!
ڪي معصوم ٻچڙن، ڪي پيءُ ماءُ جون،
جي هڪ بم سان اُت هئا، هزارين، مُئا!
تباهي ڪرڻ ڇا سندءِ شان آ؟
                        - او انسان.......
اگر موت دنيا کي ڏيڻو اَٿئي،
ڄمڻ ڀي نه ڏي ٻار هن بعد ڪو!
اَلا، بيگنهه روح، معصوم روح،
ڄمِي نيٺ هيئن چيچلائين ڇو؟
اڙي، تنهنجي سياڻپ تي ارمان آ!
                        - او انسان.......
اَٿئي موت جي آجيان لاءِ سڀ،
مگر زندگيءَ بک کان تڙڦي پئي!
خبر ڪهڙي مفلس ۽ مجبور کي،
ڇا وگيان تنهنجي ترقي ڪئي؟
هو روٽيءَ جي خاطر ئي حيران آ!
                        - او انسان.......
اُتانهينءَ تان چنڊ جي، ڪاش، تون،
زمين جا ڏسي سڀ هي انسان سگهين،
جي هٿڙا کڻي توکي اينءَ پيا چون،
’بڻائي ڇو بم ٿو تباهي ڪرين؟
ڪوئي جنگ جو ڏس ته خواهان آ؟‘
                        - او انسان.......
ڇا ’لينن‘ ۽ ’لِنڪن‘ جو هي آ سبق،
ته انسان ئي انسان کان نفرت ڪري؟
هُنن جو هو مذهب ئي انسانيت،
ته انسان سان انسان محبت ڪري،
مگر تنهنجو ڇا دين ايمان !؟
                        - او انسان.......
او حاڪم! اِهو تون ڀُلائي نه ڇڏ،
ته آخر ته آهين هڪ انسان تون؛
ٿي ’همدرد‘، انسانيت جو قسم،
ڪرين ڇو ٿو دنيا کي شمشان تون؟
ڪي ساڱاهه! هيءَ جنگ خفقان آ!
                        - او انسان.......

 

 

عبدالڪريم ’گدائي‘

آءُ ته گڏجي گهاريون!

ساوڻ آيو، سَرَ ٿيا ساوا، گل ڦل ٿيا گلزاريون،
جهنگل جهنگل، منگل برپا، ٿر بر باغ بهاريون!
سارنگ ساٺ ڪيا اڄ سهڻا، ڪڪريون ڪاريون ڪاريون،
مينهن ڪيا مانڊاڻ، وسن ٿيون بوندون برهس واريون؛
نٽهڻ اُسَ ٻوساٽ ويا، جن ساهه سُڪايو سڀ جو،
وسنديءَ وارو واءُ گهُلي ٿو، ٿر بر ٿين ٿڌڪاريون؛
واهڙ واهيون، نئيون تَرايون، ڍورا، جَل ٿَل،
ڀاڳ سهاڳ وسي ٿو اُڀ مان، ووڻ ٿيا، ڪِٿ ساريون؛
سانگيئڙا سرها ٿا ڏسجن، ماروئڙيون مُشڪن ٿيون،
وارَ ڳُنڌي ڪِنڙي سان، مُرڪن، منهن ڌوئي موچاريون؛
ڪونجن وانگر ڪري قطارون، تڙ ڏي پاڻيءَ خاطر،
گهڙا ڌري سِر گهر کان نڪرن، پرت منجهان پنهواريون؛
ڏار ڏار تي ڳيرا گهُوڪن، ڳائن ڳيچ خوشيءَ جا،
ساون چهچ وڻن تي ويهي، چيها ڪن چونگاريون؛
گَڙ گَڙ- گَڙ گَڙ گوڙ گَگَنَ ۾، بوندن جا وسڪارا،
بجليءَ جا بادل ۾ چهبڪ، جهلڪا ڪن جهلڪاريون؛
سنوان ڪري سڙهه باک- ڦُٽيءَ جو، ڪري اِلاهي توهر،
ٻيڙيون، ڏس، مهراڻ ۾ مانجهين هيج منجهان هاڪاريون؛
هڪجيڏا سڀ ٻڌي لنگوٽا، ٽولا ٽولا ٺاهي،
سنبري نڪتا سِيل ڪرڻ لئه، کڻي انبن جون کاريون؛
سُگهڙ سياڻا پاڻ ۾ ويهي ڪانڀ ڪڍي راتين جو،
بيت ڏين ٿا، ڳالهيون ڪن ٿا، اوڀاريون لهواريون؛
آليءَ ڌرتيءَ مان ٿي نڪري، سُونڌي سُونڌي خوشبو،
وادي وادي، جهنگل جهنگل، خوشبو جون هٻڪاريون؛
موسم هيءَ مستاني مٺڙا، ڀاڳ مِڙي ٻئي ڀيري،
مست سَمي ۾، جيون-ڪشتي، آءُ ته گڏجي تاريون:
پريم- نگر ۾ روڪ رڪاوٽ، ذاتيون پاتيون ڇا جون؟
حدبنديون هٿراڌو ٽوڙي، آءُ ته گڏجي گهاريون!

 

 

 

’تنوير‘ عباسي

منهنجي دل ٿي چوي

منهنجي دل ٿي چوي،

تنهنجي اکڙين جي روشن ڏيئن جي اڳيان،
ڪنڌ پنهنجو جهڪائي مان ويهي رهان:
تنهنجي ئي روشنيءَ ۾ مان توکي ڏسان،
ان کان ٻاهر جتي جوت ڪائي ڏسان،
منهنجي دل ٿي چوي، سا وسائي ڇڏيان،
جا سوا پيار جي سوز جي ٿي ٻري!

 

منهنجي دل ٿي چوي،

پيار جي اڻلکي، نرم ٿيان مان نظر،
ماڻڪين کي مان تنهنجي ڪريان پنهنجو گهر:
تنهنجي اکڙين جي ڳڙ کين مان واجهون وجهي،
تنهنجون نظرون ٿي، مان پاڻ پَسان:
تنهنجي اکڙين منجهان آءٌ ڪيئن ٿو لڳان؟
تنهنجي نظرن ۾ توري ڏسان پاڻ کي!

 

منهنجي دل ٿي چوي،

اوچتو، ڪوئي، بيساخته ٽهڪ ٿيان،
تنهنجي چپڙن سان يڪلخت چهٽي پوان:
اڇو رنگ ٿي، چمڪ ٿي، وڄ جيان،
تنهنجي ڏندن مان ڪنهن وقت جرڪي اُٿان:
پاڻ ڳاري ٿيان هڪ مُرڪ، هڪ ٽهڪ مان،
جيڪو توکي گهڙي پل خوشي ڏئي سگهي!

 

منهنجي دل ٿي چوي،

ٿي پوان يڪ بيڪ پيار جو ڪوئي پُور،
ڪوئي اونهو ۽ هلڪو ۽ مٺڙو سرور:
تنهنجي سيني ۾ خود کي سمائي ڇڏيان،
توکي اندران ئي ڪي ڪتڪتايون ڪريان،
مونکي ڳولين، تڏهن ڀي نه توکان لڀان،
اهڙو اڻڄاتو جذبو ڪريان پاڻ کي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com