سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2011ع

مضمون

صفحو :15

ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو                           

قاضي جان محمد: ماڻهو! چوڏهينءَ چنڊ هو

شڪارپور شهر جي علمي خاندانن ۾ قاضي خاندان جي حيثيت پڻ مڃيل ۽ مقبول رهي آهي. شڪارپور ۽ سنڌ جي تعليمي، علمي ۽ ادبي تاريخن ۾ هن خاندان جي نامور هستين جون خدمتون ڪڏهن به فراموش ٿي نه ٿيون سگهن. دراصل اسان جنهن خاندان کي ’قاضي‘ جي ذات سان سڏيون ۽ سمجهون ٿا، سا اصل ذات يا قبيلو ڪونهي، پر صفت آهي. قاضي ان شريعت جي صاحب کي چئبو آهي، جو نبيرو ڪري، فيصلو ڪري، جهيڙي جو فيصلو يا ڪو ٻيو معاملو يا مسئلو نبيري. اڄ جنهن کي اسين جج ٿا چئون، اڳي ان کي ’قاضي‘ چئبو هو.’قضا‘ جو اهو منصب ۽ مسند جيڪي عالم به اڪابر حاصل ڪندا هئا، تن کي ’قاضي‘

چئبو هو. ان اعليٰ منصب سبب سندن ڪڙم ۽ قبيلا به اصل ذات بدران ’قاضي‘ سڏجڻ ۾ ايندا هئا. ائين فتويٰ جي منصب تي هئڻ وارن کي ’مفتي‘ به سڏيو ويندو هو. حالانڪ ڏٺو وڃي ته انهن جون اصل ذاتيون ڪي ٻيون آهن. شڪارپور جا هڪڙا قاضي  اصل چنه آهن ته ٻيا ميمڻ ۽ قريشي. اهڙيءَ طرح هتان جا مفتي به اصل بَهڪي آهن ۽ سندن وڏا افغانن جي دور ۾ مشهد مان لڏي ڀاڳ ناڙي آيا، جتان جلدي اچي شڪارپور ۾ رهيا.

قاضي جان محمد

شڪارپور جا چنه، قاضي هجن توڙي ميمڻ ۽ قريشي، هر قبيلي وڏا قد آور ۽ اڪابر انسان ۽ عالم پيدا ڪيا آهن. قريشي خاندان جي عالمن ديني ۽ مذهبي تعليم سان گڏ انگريزن جي دور ۾ مروج ٿيل جديد تعليم ڏانهن به خصوصي توجهه ڏيئي، وڏو ناماچار حاصل ڪيو. قاضي محمد باقر ’راقم‘، قاضي جان محمد ۽ قاضي حبيب الله جن جا نالا نمايان حيثيت جا حام آهن. انهن ٽنهي بزرگن ۾ قاضي جان محمد جي حيثيت شڪارپور توڙي سنڌ جي جديد تعليمي تاريخ ۾ منفرد ۽ مٿاهين مقام تي نظر اچي ٿي. سندس حياتيءَ جي احوال مان معلوم ٿئي ٿو ته هو 19- نومبر 1888ع مطابق 14 ربيع الاول 1306ع تي سومر ڏينهن قاضي علي اڪبر جي گهر تولد ٿيو. سندس وڏي ڏاڏي سيد سلطان ابراهيم شاهه سان گڏ اُچ مان هجرت ڪري اچي شڪارپور ۾ سڪونت اختيار ڪئي. هن خاندان جي بزرگن جو علم ۽ تعليم توڙي تدريس کان علاوه طب ۽ حڪمت سان لاڳاپو رهندو آيو. خانداني روايت موجب ميان جان محمد کي به ننڍپڻ ۾ پاڙي جي ورنيڪيولر اسڪول نمبر-1 ۾ داخل ڪيو ويو، جتان پرائمري تعليم حاصل ڪري 14 فيبروري 1900ع تي اربع جي ڏينهن شڪارپور جي تاريخي تعليمي اداري گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو. ٽي سال اَٺَ مهينا لاڳيتو اتي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ کيس سنڌ مدرسي منتقل ڪيو ويو، جتان 1906ع ۾ هن ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪري ورتو. سن 1909ع ۾ لاڙڪاڻي لوڪل بورڊ پاران قائم ڪيل لاڙڪاڻي مدرسي جو پرنسپال مقرر ٿيو. انهيءَ زماني ۾ ڪليڪٽر هاسٽن صاحب، قاضي صاحب جي قابليت ۽ انتظام سبب سندن عزت ڪندو هو ۽ جڏهن به گشت دوران مدرسي ۾ ويندو هو، تڏهن شاگردن جي نصابي ۽ تعليمي مصروفيت کي ضرور پرکيندو هو. ان زماني ۾ لاڙڪاڻي ۽ آسپاس جي سڀني جاگيردارن ۽ زميندارن جا ٻار مدرسي ۾ پڙهندا هئا، جن ۾ محمد ايوب کهڙو، سردار واحد بخش ڀٽو، غلام رسول ڪيهر ۽ غلام رسول ڦل اهم هئا. جيڪڏهن ڪنهن غريب جو ڪو ٻار هو به ته اهو فقط شمس العلماء علامه عمر بن محمد دائود پوٽو هو. ڊاڪٽر صاحب انهيءَ شاگرديءَ واري زماني کي ياد ڪندي پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته:

”هڪ دفعي لاڙڪاڻي ضلع جو ڪليڪٽر مسٽر هاسٽن صاحب، پرنسپال صاحب جي آفيس ۾ آيو. مان جو طوطن جي وچ ۾ ڪانگ هوس سو مون کي ڏسڻ لاءِ گهرائي ورتائين. سوالن جا جواب ٻڌي ڏاڍو سرهو ٿيو ۽ قاضي جان محمد صاحب کي حڪم ڪيائين ته مون کي ڪپڙا ۽ ڪتاب جلد ڏياريا وڃن.“ (ص 33)

ڊاڪٽر دائود پوٽي ساڳئي صفحي تي بورڊ جي مانيءَ جي تعريف ڪندي قاضي جان محمد صاحب جي حوالي سان هڪ واقعو هن ريت لکيو آهي ته:

”هڪ دفعي قاضي صاحب اوچتو معائني لاءِ آيو. سڀني شاگردن ’مچ مچ‘ ڪري پئي کاڌو. اڻ سڌيءَ طرح چيائين ته ’هتي ڪي ڪتا آيا ٿا ڏسجن‘. سڀ وائڙا ٿي ويا ۽ چيائون ته ’هتي ڪونه آيا آهن.‘ پاڻ فرمايائون ته ’تڏهن هي مچڪو وري ڇا جو آهي؟‘ سڀ سمجهي ويا ۽ آئينده چپ ڀيڙي کائيندا هئا.“ (ص 33 ۽ 34)

انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته قاضي صاحب جو تعليم سان گڏ تربيت ڏانهن به خاص ڌيان هوندو هو. شاگرد جي هر چرپر تي گهري نظر رکڻ استاد جي ذميواريءَ ۾ شامل هئي. قاضي صاحب سن 1913ع تائين لاڙڪاڻي مدرسي ۾ نهايت قابليت ۽ محنت سان فرائض سرانجام ڏيندو رهيو ته کيس بدلي ڪري اسسٽنٽ ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر مقرر ڪيو ويو. هوڏانهن سندس جڳهه تي چوڌري عبدالغني کي سنڌ مدرسي مان بدلي ڪري لاڙڪاڻي مدرسي جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو.

قاضي جان محمد سموري زندگي تعليم کاتي ۾ ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر ۽ ايڊمنسٽيرٽو آفيسر سکر جي عهدن تي فائز رهي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. سن 1942ع جي Northern India who's who Illustrated مان معلوم ٿو ٿئي ته قاضي صاحب نوابشاهه جي ڊسٽرڪٽ اسڪول بورڊ جو ايڊمنسٽريٽو آفيسر رهيو. سن 1943ع ۾ ساڳئي عهدي تان سکر مان رٽائر ٿيو. ان وقت سندس عمر پنجونجاهه سال هئي. هڪ اندازي موجب قاضي صاحب چوٽيهه سال لاڳيتو تعليم کاتي ۾ هڪ معلم ۽ منتظم جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون. سن 1936ع ۾ جڏهن سنڌ جي بمبئي کان علحدگي ٿي، تڏهن جيڪو ”سنڌ علائقي جو سرڪاري تعليم کاتو“ (Department of Public Instraution Sindh) هو. سو بمبئي علائقي جي سرڪاري تعليم کاتي (Department of Public Instraution Bombay) جو حصو هو. سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ جيڪو نصاب مرتب ڪري مقرر ڪيو ويندو هو، سو ”ورنيڪيولر ٽيڪسٽ بُڪس رويزن ڪاميٽي“.

The vernacular text books revision committee MAC MIll AN& CO. Ld, London, Bombay and calcutta.

پاران نصاب جي تياريءَ کان پوءِ اشاعت هيٺ ايندو هو. قاضي صاحب جو زمانو واهه جو زمانو هو. سمورو سماج سکيو ستابو ۽ سَرهو هو. توڙي جو سنڌي، غير مسلم جي غلاميءَ ۾ هئا، پر اڄوڪن مسلمن سان رفاقت ۾ رهڻ به ان غلاميءَ کان بدتر آهي. واقعي اڳ جيڪا ٻڪري شينهن سان گڏ بي کُٽڪي ٿي چرندي هئي، اڄ نه اها ٻڪري، ٻڪريءَ سان ئي گڏ چري سگهي ٿي، نه اڪيلي ۽ الڳ. وک وک تي وَڄَ سڌا ڪري، جيڪي سوئر ساهه ٿا سُڪائين، تن جي هيبت ۽ هراست هر شريف ۽ شعور واري کي ششدر ڪري ڇڏيو آهي. ان دور جي تعليم ۽ تربيت فرد کي سڌاري سنواري انسان کي اشرف بڻائيندي هئي. نتيجي ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي ۽ محمد حنيف صديقي جهڙا عظيم ۽ آدرشي انسان پيدا ٿيا. جهڙا عظيم استاد هئا، تهڙي تندهيءَ ۽ مخلص مزاجيءَ سان تعليم ڏيندا هئا. استادي پيشي کي آفاقي عنايت ۽ پيغمبري پورهيو پائيندي، نه لالچ رکي جيئندا، نه ئي طلب جي تنوار ڪندا. علم ۾ اضافي لاءِ سڪندا ۽ سيڏائيندا. مانَ مرتبي ۽ عزت آبروءَ جو فڪر دامنگير رهندن. استاد ۽ عالم، معلم ۽ ماهر جي هر ماڻهوءَ وٽ عزت ۽ احترام هوندو هو. سنڌ ملڪ، ويدن واري وقت کان به گهڻو آڳاٽو علم ۽ فن ۾ عرفان تي رهندو آيو ۽ پوءِ به اها روايت ۽ ريت رائج رهندي آئي. الائي اڄ ڪهڙي بدنظر لڳي ويئي آهي، جو عام کان اجتناب ۽ ڏاهپ کان ڏوريءَ کي آبرو ٿو ڀانئيو وڃي.

سنڌ جي جديد تعليم جي دور شروع ٿيڻ سان ئي شڪارپور سڀني شهرن کان ٻه وکون وڌي ميدان ملهايو. سرڪاري تعليمي ادارن ۽ اسڪولن کان سواءِ پرائيويٽ ادارن ۽ اسڪولن ۾ پڻ پڙهڻ  ۽ پڙهائڻ جو معيار منفرد مٿاهون رهيو. 1900ع ۾ واڌومل گوڪلاڻيءَ هوپفل اڪيڊمي قائم ڪري، جنهن محبت ۽ محنت سان ڪامياب قدم کڻي وڌيو ته شهر واسين مڃتا ۾ ڀوڳڙي بازار جو نالو ئي ”واڌو مارڪيٽ“ رکي کيس Tribute پيش ڪيو. سن 1932ع ۾ مينگهراج منشاراماڻي نيوايرا اسڪول جو بنياد وجهي اهڙو تعليمي ادارو اڏيو، جنهن اڳتي هلي شيخ اياز، رام ڄيٺملاڻي ۽ نورالدين سرڪيءَ جهڙا ماهر قانون دان ۽ آدرشي انسان پيدا ڪيا.

نيوايرا اسڪول جيتوڻيڪ ميگهراج منشاراماڻي برپا ڪيو، پر پاڻ ڪڏهن به ان کي پنهنجي ملڪيت نه ڄاتائين، هميشه ان کي سڄي شڪارپور جي ماڻهن لاءِ وقف سمجهيائين. ان لاءِ پاڻ ”نيوايرا هاءِ اسڪول ايجوڪيشن سوسائٽي شڪارپور سنڌ“ قائم ڪري، اسڪول جو انتظام هلائيندو هو. ان سوسائٽي جي بورڊ آف گورنرس ۽ مئنيجنگ ڪاميٽي هيٺين عهدن ۽ عهديدارن تي مشتمل هئي.

1. Mr. Agha Gul hassan khan J.P President

2. Molvi Haji Mohammad Abdul Karim chisti J.P 1st vice president.

3. K.S Agha Hussamuddin khan 2nd vice president

4. Kazi Haji Jan Mohammad Khan- the manager & treasurer

5. Mr. Jhamandas B.A-auditor

6. Mr Badaruddin B.A

7. Mr Sikandar Ali khan Shaikh advocate

8. Nawabzada Mohammad Bux s/o Honi K.B. Mian Ali Bux

9. K.B. Haji loula Bakhsh soomro

10. Mr Rahim Bakhash soomro

11. Seth Abdul Sattar A.ghni

12. Mr Hyder Bux alias Mitha Khan s/o late K.B Allah Bux soomro

13. Mr Mohammad Sachal Alias Ghiasuddin Khan Baloch

14. Molvi Rahmatullah

15. Molvi shafiul Hasnain muhajir

جيتوڻيڪ مٿين بورڊ آف گورنرس پنهنجي عهدن موجب ذميواريون سرانجام پئي ڏنيون. پر پوءِ به قاضي جان محمد صاحب کي سڀني پاران وڌيڪ ذميوارين سونپڻ جي گذارش ڪيل هئي. جنهن ڪري پاڻ توجهه سان اسڪول تي نظر رکندو هو. سب 1947ع ۾ پاڪستان جي قيام ۽ هندن جي لڏي وڃڻ سبب نيوايرا هاءِ اسڪول، قاضي جان محمد سنڀالي پنهنجي ڀاءُ قاضي حبيب الله جي نالي سان قائم ڪيو.

قاضي حبيب الله ولد اڪبر علي 5 آگسٽ 1896ع مطابق 15 ربيع الاول تي تولد ٿيو. 31 آگسٽ 1904ع مطابق 1314هه تي ورنيڪيولر اسڪول نمبر -1 مان چار درجا پاس ڪري 1912ع ۾ شڪارپور هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين.

سن 1917ع ۾ بي. اي (آنرس) جو امتحان پاس ڪري، 1920ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان ايل. ايل. بي جي سند حاصل ڪيائين. هو بار مڊل ٽيمبل لنڊن مان بارايٽ لا ڪيل هو. شڪارپور جو هيءُ نامور انسان ”رايل اڪنامڪس سوسائٽي لنڊن“ جو پڻ فيلو رهيو. سن 1919ع ۾ مختيارڪار جي حيثيت سان سروس ۾ داخل ٿيو ۽ ترقي ڪري وڃي ڊپٽي ڪمشنر جي عهدي تي پهتو. جتان 1948ع ۾ اتان رٽائر ڪيائين، کيس سير سفر ۽ دنيا گهمڻ جو شوق هوس. ان ڪري فرانس، جرمني، بيلجم، انگلينڊ، سعودي عربيه ۽ ڪي ٻيا ملڪ به گهمي آيو هو. فوٽ بال ۽ ٽيبل ٽينس راندين سان بيحد چاهه هوس. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي اباڻي شهر جي اباڻي گهر ’حبيب آرام گاهه‘ ۾ اچي سڪونت پذير ٿيو.

قاضي جان محمد جي نظرداريءَ ۾ اسڪول ترقي ڪندو رهيو هو. چيئرمن جي حيثيت سان هر لحاظ سان پنهنجي ذميواري سرانجام ڏيندو رهيو. ان کان علاوه قاضي صاحب ”مسلم ليبر رليف ڪاميٽي“ جو چيئرمن هو. شڪارپور جو هي قابل فخر تعليمي ماهر 1- آگسٽ 1954ع تي مطابق 1- ذوالحج 1373هه تي آچر ڏينهن شڪارپور ۾ وفات ڪري ويو. سندس وفات تي ماهوار ”اخبار تعليم“ حيدرآباد جي آگسٽ 1- سيپٽمبر 1954ع جي پرچي ۾ هن طرح خبر شايع ٿي:

”هيءُ المناڪ خبر ٻڌي صدمو پهتو ته:

جناب قاضي جان محمد صاحب رٽائرڊ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر 1- آگسٽ 1954ع تي هن فاني دنيا کي الوداع ڪيو.

انا الله وانا اليہ راجعون.“

مرحوم قاضي صاحب جن جي آخر تائين تعليم سان دلچسپي قائم رهي ۽ پاڻ پينشن جي وقت به شڪارپور نيوايرا هاءِ اسڪول جي مئنيجر جا فرائض بجا آڻيندا رهيا. پاڻ شڪارپور جي هڪ مقتدر هستي ۽ زميندار هئا.

اسان جي درگاهه الاهيءَ ۾ دعا آهي ته شال مرحوم روح کي جنت الفردوس ۾ جاءِ ملي ۽ سندن پونئرن کي صبر جي توفيق عطا ڪري.

وفات وقت قاضي صاحب جي عمر پنهجٺ سال، اَٺَ مهينا ۽ ٻارهن ڏينهن هئي.

ڊاڪٽر ممتاز علي ڏنگراچ

خلافت تحريڪ جو مخالف ڪردار- مولانا فيض الڪريم ساندائي

1919ع ۾ جڏهن  پهرين مهاڀاري جنگ ختم ٿي ته، هندستان ۾ سياسي هلچل طور ترڪيءَ جي خلافت جو مسئلو پيدا ٿيو. برصغير جي مسلمانن انگريز سرڪار خلاف تحريڪ  تيز ڪئي ۽ هنن فتويٰ جاري ڪئي ته ترڪيءَ واري بادشاھ جي خلافت، خلافت اسلامي آهي ۽ اسلامي سوچ مطابق صحيح آهي. هن تحريڪ کي زور وٺرائڻ ۾ مولانا محمد علي جوهر، مولانا شوڪت علي، مولانا تاج محمود امروٽي،
پير رشدالله جهنڊي واري اهم ڪردار ادا ڪيو(1). جنهن ڳالهه انگريز سرڪار کي تمام گھڻو پريشان ڪيو.

تحريڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ انگريز سرڪار جي پگھاردار، مسلمان ڪمشنر مولانا فيض الڪريم سان ملاقات ڪئي ۽ ملاقات ۾ معاملا طيءِ ڪري پوءِ انگريز سرڪار جي اهم شخص مسٽر لارينس سان مولانا جي ملاقات ڪرائي. ملاقات ۾ هيءُ طيءِ ٿيو ته مولانا فيض الڪريم ڪتاب لکندو جنهن ۾ ترڪيءَ جي خليفي کي محض جڙتو خليفو ڪري ثابت ڪندو ۽ پڙهندڙن ۾ هيءُ تاثر پيدا ڪرائيندو ته ترڪيءَ جي خلافت، اسلامي نظريه مطابق خلافت نه آهي، پر هيءَ هڪ حڪومت آهي جنهن کي جيڪڏهن ڪو ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته اسلام لاءِ ڪابه نقصان ڪار ڳالهه نه آهي، ۽ نه وري مسلمان ان ڳالهه لاءِ ڪا پريشاني ڪن ۽ نه وري ڪو اُن کي بچائڻ لاءِ حل هنگامو ڪن. مولانا صاحب لکڻ کان سواءِ تقريري مهم به شروع ڪندو ۽ مخالفن سان بحث مباحثي لاءِ پڻ تيار رهندو ۽ انگريز سرڪار  بدلي ۾ مولانا کي 400 ايڪڙ زمين ۽ آبڪاري کاتي ۾ سندس  اولاد کي ڪا سڻڀي نوڪري به ڏيندي.

مولانا اڳي ئي خلافت جي حمايتي پيرن ۽ مولوين تي سڙيو ويٺو هو  سو دير ئي ڪانه ڪيائين، سرجو سانگو لاهي، لاتائين ڌُڪڙ تي اٽو ۽ خلافت جي حمايتي مولوين ۽ پيرن جي مخالفت ۾ لهي پيو (2). پهرين سٽ ته خلافت جي مخالفت ۾ ”تحقيق الخلافت“ نالي هڪ ڪتاب لکيائين ۽ هن ڪتاب تي سنڌ جي 92 عالمن ۽ بزرگن کان هڪ هڪ نوٽ لکرائي ان جي هيٺان دستخط يا مهر هڻائي، ڇپرائي عوام تائين پهچايائين ۽ عوام سامهون تقريرون شروع ڪيائين. هيءَ ڳالهه عام ٿيندي مولانا جي خلاف باھ ٻري وئي. خلافت جي حامين مولوين ۽ پيرن طرفان هيءَ ڳالهه عام ٿي ته مولانا ترڪيءَ جي مخالفت ڪري اسلام دشمنيءَ جو اظهار ڪيو آهي، تنهڪري مولانا کي جتي به ڏسو ته ماريوس.

اهڙي ڳالهه عام ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جا عالم ۽ پير پنهجي دستخطن تان ڦري ويا (3) ۽ مولانا روپوشيءَ جي زندگي اختيار ڪئي جيڪا 1920ع کان وٺي 1923ع تائين جاري رهي ۽ انگريزن جيڪا خلافت جي خلاف امن سڀا ڪائم ڪئي هئي، مولانا ان جو به سرواڻ سڏجڻ لڳو.  خلافت جي حامين هڪ ته مولانا جي خلاف حل هنگامو ڪيو  ۽ ٻيو ته مولانا جي ڪتاب جي جواب ۾  خلافت تحريڪ جي حامي مولانا دين محمد وفائي ”اِظهَارُاۡلڪَرَامَةُ“ نالي ڪتاب لکي ڇپرائي عام ڪرايو،  پر هن ڪتاب ڪو خاص اثر نه ڏيکاريو(4).

هن مضمون ۾ پڙهندڙن جي سهولت خاطر مولانافيض الڪريم جي ڪتاب ”تحقيق الخلافت“ جو مختصر پر جامع خلاصو پيش ڪجي ٿوته جيئن پڙهندڙن کي هن ڪتاب جي مواد متعلق ڄاڻ ملي. ڪتاب جي اختصار ۾ هيٺين ڳالهين جو لحاظ رکيو ويو آهي:

1. حوالن جي عربي عبارتن جي بدلي ۾ سنڌي ترجمي جو مفهوم آندو ويو آهي.

2. هڪ جھڙن ٻن دليلن مان صرف هڪ جو ذڪر ڪيو ويو آهي.

3. سنڌ جي علمائن جيڪي ڪتاب تي نوٽ لکيا آهن، انهن جو مطلب آهي ته ”مولانا جي راءِ صحيح آهي.“

4. لکيل نوٽن کي ڇڏي صرف انهن نالن جو ذڪر ڪيو ويو آهي جن هن ڪتاب تي دستخط ڪيا.

”تحقيق الخلافت“. تصنيف- مولانا فيض الڪريم- تصديق ٿيل مشائخ عظام وعلماء ڪرام  ممالڪ سنڌـ مطبوعه: ڊيلي گزيٽ پريس ڪراچي. پڌروڪيل مولانا فيض الڪريم صاحب مصنف جو.

هيءُ ڪتاب 44 صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب تي ڇپائيءَ جي تاريخ موجود نه آهي. مولانا فيض الڪريم هن ڪتاب جي پهرئين پيج تي لکي ٿو: هن وقت دنيا جي سڀني ڀاڱن تي مسئله خلافت اسلاميه جي متعلق مختلف رايا اچي رهيا آهن، اڌ پڙهيو ۽ اڻ پڙهيو عوام پريشان آهي ته صحيح ڳالهه ڪهڙي آهي. ان سموري ڳالهه کي نظر ۾ رکندي مون سوچيو ته ڇو نه  ڪجي  ۽ عوام ٿورو غور فڪر ڪري هن مسئلي کي سمجھي وٺي ۽ پنهنجا عقيدا درست ڪري.

حضور اڪرم جن جو ارشاد مبارڪ آهي. ته: ’اَئِمَّةُ مِن قُرَيش‘‌ يعني وقت جو خليفو قريش مان هجي. هڪ ٻئي گواهي به موجود آهي ته حضور اڪرم جي وفات کان پوءِ خلافت جي مسئلي تي انصار ۽ قريش ۾ اختلاف پيدا ٿيو. انصار مٿئين ارشاد تحت خلافت حاصل ڪرڻ واري ڪوشش تان دستبردار ٿيا ۽ حضرت ابوبڪر جي خلافت تسليم ڪيائون. ٽيون مثال به موجود آهي ته موراڪو جا سلطان هميشه سادات مان ٿيا آهن ۽ انهن ترڪيءَ جي خلافت تسليم نه ڪئي آهي.

 مذڪور مثالن مان هيءَ ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته خليفو قريش مان هجي.

حضور اڪرم  جن جو ارشاد مبارڪ آهي ته ”اَلخِلاَفَةُ بَعدِيۡ ثَلاَثُوۡنَ سَنَةً ثُمَّ  يَکُوۡنُ مَلَکاً دَصُوۡصاً“ پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته خلافت مون کان پوءِ ٽيهه ورهيه ٿيندي، پوءِ ظالم ۽ چڪ پائيندڙ بادشاھ ٿيندا. اها پيشگوئي امام حسن  جي ڇهن مهينن جي خلافت بعد پورن ٽيهن ورهين تي پوري ٿي ۽ پوءِ وارا بادشاھ سٺا ڪونه ٿيا. هن ڳالهه تي سڀ مسلمان متفق آهن ته خلافت راشديه کي مڃڻ هر مسلمان تي واجب آهي  ۽ اها به ٽيهن ورهين واري خلافت آهي. خلافت راشديه متعلق پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته، عَلَيڪُمۡ بِالسُّنُّتِيۡ وَسُنَّتِھِ الخُلَفَاءِ الرَّاشِدِينَ. حضور اڪرم جن فرمايو ته، مسلمانن تي فرض آهي ته منهنجي پيروي ڪن ۽ مون کان پوءِ خلفاء الراشدين (رضي الله تعاليٰ عنھم) جي پيروي ڪن.

هن مسلئي کي اسان هميشه سادي ۽ مختصر انداز ۾ بيان ڪيو آهي پر مولانا عبدالباري بعض ڪتابن جا حوالا ڏيئي حقيقت جي خلاف ماڻهن کي تيارڪري هيءَ ڳالهه ثابت ڪري رهيو آهي ته: ”خلافت ترڪي عين اسلامي آهي“. تنهنڪري مون به ضروري سمجھوته عوام کي معتبر ڪتابن جا حوالا ڏئي پورو مسئلو سمجھايان.

امام نووي، شرح صحيح مسلم ۾  119 صفحي تي (جلد ٻيو، ڇاپو دهلي) لکي ٿو:

ترجمو: اصحابن سڳورن ۽ تابعين ڪرام جو هن ڳالهه تي اجماع آهي ته قريش کان سواءِ ٻئي ڪنهن به نسل جو خليفو نٿو ٿي سگھي ۽ انهن کان پوءِ جي عالمن جو پڻ ان ڳالهه تي اجماع رهيو آهي ته خليفو قريش مان هجي. ان خيال جي جيڪو به مخالفت ڪندو سو  مردود آهي. قاضي خان (فقيه) جو پڻ چوڻ آهي ته منهنجي دور جي سڀني عالمن جي راءِ آهي ته خليفو قريش مان هئڻ گھرجي. ان حديث جي روشني ۾ سقيفه واري ڏينهن حضرت ابوبڪر ﷦ دليل ورتو ۽ ان جي مخالفت ڪنهن به نه ڪئي.سلف صالحين مان ڪنهن به هڪ جو  قول هن حديث واري عقيدي جي مخالفت ۾  نه آهي.

حافظ ابن حجر عسقلاني پنهنجي ڪتاب
فتح الباري شرح صحيح البخاري
۾ 105صفحي تي (جلد13 ڇاپو مصري) لکي ٿوته، قريش مان ٻه ماڻهو به موجود هوندا ته خليفو قريشن مان ٿيندو. ابن عمر جي هن حديث جو حڪم قيامت تائين قائم رهندو. حضور اڪرم ﷺ جن جي هن قول تي عمل سندن زماني کان اڄ تائين هلندو ٿو اچي ته خلافت هميشه قريش وٽ رهي آهي، پوءِ جيڪڏهن ڪو سوال ڪري ته بنو اميه جي دور ۾ خارجين خلافت جي دعويٰ ڪئي هئي،  بني عبيد مصر ۾ خلافت جي دعويٰ ڪئي هئي، عبدالمؤمن بن تومرت به خلافت جي دعويٰ ڪئي هئي، حالانڪ اهي قريشي نه هئا ۽ ڪيترن ئي مغربي ماڻهن به خلافت جي دعويٰ ڪئي جيڪي پڻ قريش نه هئا. ان جو جواب هيءُ آهي ته:  ڪري هنن جي بيعت ڪئي. انهن کان سواءِ ٻين جيترن به خلافت جي دعويٰ ڪئي انهن تي  بغاوت جو حڪم آهي، اهي بي وقار آهن. مطلب ته امامت ڪبريٰ جو منصب قريش کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به حاصل نه ٿيندو، جيستائين قريش مان ٻه ماڻهو به موجود هوندا.

حافظ ابن حجر پنهنجي ڪتاب: ’فتح الباري شرح صحيح البخاري‘ جي 106 صفحي تي (جلد 13 ڇاپو مصري) لکي ٿوته: سموري جماعت هن ڳالهه کي مڃي ٿي ته خليفو قريش مان هجي. اهل علم مان بعض چون ٿا ته قريش جي هڪ خاص پاڙي مان هجي. خارجي ۽ بعض معتزلا  چون ٿا ته، خليفو غير قريشي به ٿي سگھي ٿو.  امامت ۽ خلافت جو حقدار اهو آهي جيڪو قرآن شريف ۽ حديث تي عمل ڪرائي سگھي، باقي خليفو عربي هجي يا عجمي هجي، ان سان ڪوبه فرق نه ٿو پوي. ابن التين جو چوڻ آهي ته جڏهن کان ثابت ٿيو آهي ته خليفو قريش مان هجي ته غير قريش واري ڳالهه تي ڪنهن کي به اعتبار نه آهي. قاضي عياض چوي ٿو ته مسلمانن لاءِ شرط آهي ته سندن خليفو قريش مان هجي. هيءُ مسئلو هاڻي اجماع سان ثابت ٿي چڪو آهي. هن مسئلي تي اڳين عالمن مان ڪنهن کان به اختلاف منقول نه آهي. تنهنڪري خارجين ۽ معتزلن جي قولن تي عمل نه ڪجي ان ڪري ته اهي مسلمانن جي خلاف آهن.

شاهه ولي الله پنهنجي ڪتاب: ’حجة الله الباغہ‘ جي 137 صفحي تي (جلد ٻيون ڇاپو مصري) لکي ٿو ته: حضور اڪرم  جن جو فرمان آهي ته ”خليفا قريش مان هئڻ گھرجن“. هن ڪري ته قرآن شريف قريش جي زبان تي نازل ڪيو ويو آهي. اڪثر جيڪي حدون ۽ جيڪي زندگيءَ جا اصول ٻڌايا ويا آهن اهي به قريش جي رواج مطابق آهن. قريش، حضور اڪرم جن جي قوم آهن. اهي دين تي عمل ڪرڻ ۽ ڪرائڻ جي گهڻي صلاحيت رکن ٿا، تنهنڪري خليفو قريش مان هئڻ گھرجي.

خلافت جي معاملي ۾ هيءَ ڳالهه به سمجھڻ ضروري آهي ته، دنيا جا مسلمان بنواميه جي خلافت ۾ يزيد جي خلافت کي تسليم نٿا ڪن ۽ امام حسين  کي شهيد سمجھن ٿا، جيڪڏهن قريش جي خلافت کان سواِءِ ڪنهن ٻئي جي خلافت قبول ڪجي ته يزيد جي خلافت صحيح مڃڻي پوندي ۽ امام حسين  جي شهادت قائم نه رهندي.

امام ابوحنيفه  جھڙي ڪامل بزرگ ۽ پرهيزگار به منصور عباسي خليفي جي مقابلي ۾ حضرت زيد ابن امام زين العابدين ابن امام حسين کي پاڻ به خليفو مڃيو ۽ ٻين کي اهڙي هدايت ڪئي حالانڪ منصور به قريشي هو.

هن وقت جيڪي ماڻهو ترڪيءَ جي خلافت متعلق زور ٿا ڏين، اهي مسلمانن ۾ فساد جو سبب بنبا. هندستان جا مسلمان ٻن جماعتن ۾ ورهائجي ويندا، هڪ جماعت ترڪيءَ جي حمايت ڪندي ۽ ٻئي جماعت عربن جي طرفدار ٿيندي، اهڙي طرح مسلمانن ۾ هڪ اجايو اختلاف پيدا ٿي ويندو. ٻيو هيءُ به امڪان آهي ته ترڪيءَ وارا هن اختلاف جي ڪري حجاز شريف تي چڙهائي ڪن ۽ حرمين شريفين ۾ خون ريزي ٿئي جيڪا ڳالهه مسلمانن لاءِ نقصان ڪار آهي. هن وقت دنيا جي ڪنهن به حصي تي جيڪڏهن مسلمان خليفو مقرر هجي ته اهو حرمين الشريفين ۾ فساد نه ڦهلائيندو ۽ نه وري اهڙا حالات پيدا ڪندو جنهن سان حرمين الشريفين جي بيحرمتي ٿئي. بلڪه حرمين الشريفين ڏي ويندڙ مسافرن لاءِ سهولتون پيدا ڪندو حالانڪ ترڪيءَ جي خليفي اهڙي قسم جي ڪابه ڪوشش نه ورتي آهي جنهن سان حاجين کي سفر ۾ سهولت ميسر ٿئي، پوءِ ڪهڙي ضرورت پئي آهي ته اهڙي خلافت جي پٺ ڀرائي ڪجي ۽ مسلمانن ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪجي.هن وقت سڄي دنيا ۾ آزاديءَ جي لهر موجود آهي پوءِ 1300 سالن کان عرب جيڪي آزاديءَ جو سبق دنيا کي پڙهائي رهيا آهن سي پاڻ ترڪن کان ڇونه آزاد ٿين، ۽ اسان انهن جي آزاديءَ ۾ رڪاوٽ ڇو بنجون.

شروعات کان وٺي وقت بوقت جيڪي عرب ۽ ترڪ بادشاهن جي ملڪن ۾ تبديليون ٿينديون آيون آهن تن ۾ نه ترڪ حڪمرانن هندستان جي مسلمانن جي راءِ ورتي آهي ۽ نه وري عرب حڪمرانن اهڙي زحمت ڪئي آهي ته ڪو هندستان جي مسلمانن جي راءِ وٺن. ترڪ حڪمرانن انگريزن سان جنگ ڪئي ۽ هندستان جي مسلمانن جي ڪابه راءِ نه ورتي ۽ نه وري هنن جي صلاح جو ڪو حق سمجھيائون ته پوءِ اسان کي ڪهڙي ضرورت پئي آهي ته عربن کي وڃي چئون ته توهان ترڪن جي ماتحت رهو ۽ هيءَ ڳالهه به پڌري پٽ آهي ته هو اسان جي صلاح ڪونه وٺندا. تنهڪري هرڪنهن کي اجازت آهي ته هو موقعي جو فائدو وٺي ۽ هيءَ به حقيقت آهي ته ڪنهن کي فائدي وٺڻ کان روڪي نه ٿو سگھجي.

عقائد جي علم جو وڏو ڄاڻو علامه تفتازاني پڻ هن خيال جو آهي ته خليفو قريش مان هجي. علامه تفتازاني، امير تيمور جي دور ۾ وڏو عالم هو ۽ مير سيد شريف امير تيمور جو مفتي هو. امير تيمور جڏهن خلافت جي شرف حاصل ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي ته  انهن ٻنهي عالمن چيو ته خليفو قريش مان ئي ٿي سگھي ٿو.

بعض ماڻهن جو خيال آهي ته ترڪيءَ جا خليفا اصل تاتاري نسل جا آهن، سندن وڏو سلطان عثمان خان ترڪ ٽئين خليفي حضرت عثمان جي خاندان مان آهي، تنهن ڪري ترڪيءَ جي خلافت، خلافت عثمانيه جي نالي سان مشهور آهي. حالانڪ ٽئين خليفي جي نسل واري ڳالهه سراسر ڪوڙ آهي.

هيءَ ڳالهه به توجهه طلب آهي ته  خلافت جو مسئلو جيڪو عقائد جي ڪتابن ۾ مذڪور آهي سو اهڙي خليفي جي متعلق آهي جيڪو ڪنهن به ملڪ ۾ پنهنجي حدود اندر حاڪم هجي ۽ ان ملڪ ۾ حدودالله جاري ڪري غير ملڪ سان غير شرعي نظام طور ڪنهن به قسم جو لاڳاپو نه هجي.

ترڪيءَ جو بادشاھ نه ڪڏهن اڳ  هندستان ۾ حاڪم رهيو آهي ۽ نه وري هاڻي حاڪم آهي. مطلب ته هيءُ خلافت وارو راڳ ئي اجايو  ۽ فضول آهي.

تاريخ گواھ آهي ته خلافت ۾ وقت بوقت تبديليون ٿينديون رهيون آهن. يزيد مسلمانن جو مڃيل خليفو نه هو، تنهنڪري امام حسين  شهيد ٿيو.

يزيد کان پوءِ مروان خليفو ٿيو ۽ ان به چالاڪين سان خلافت ورتي اهو به مسلمانن جو متفق طور خليفو نه هو.

سلسله خلافت ۾ ٻيون خال بني اميه جي دور جي پڇاڙيءَ ۾ واقع ٿيو، جڏهن ابوالعباس السفاح عباسي بنو اميه خلافت کي تباھ ڪري خلافت عباسيه جو بنياد وڌو. بني عباس جي زماني ۾ هڪ رقيب، سلطنت بني اميه، جيڪا اسپين ۾ موجود هئي اها به خلافت جي دعويدار هئي. وري بني عباس جي آخري زماني ۾ مصر ۾ بنو عبيد جي خلافت   قائم ٿي جيڪا سؤ ورهيه قائم رهي ۽ ان دوران به گھڻائي خلافت جا دعويدار رهيا.

مطلب ته حقيقي معنيٰ ۾ خلفاءِ راشدين (رضي الله تعالي عنهم) کان پوءِ ڪنهن به سلطان تي حديث شريف موجب خليفي جو لفظ مڪمل ئي نٿو ٿئي پر جي ڪنهن به سلطان کي خليفو تسليم ڪيو وڃي ته به خليفي جو قريشي هجڻ  ضروري آهي. اسلامي عقائد موجب ترڪيءَ جو خليفو تاتاري نسل مان آهي جنهن کي هرگز خليفو نٿو تسليم ڪري سگھجي. انهيءَ جو ثبوت هيءُ  به آهي ته جڏهن بني عباس جو خاندان تاتاري نسل مٿان زوال ٿيو ته علامه تفتازاني  شرح عقائد ۾ صاف صاف لکيو ته بني عباس کان پوءِ خلافت جو وجود دنيا ۾ شڪي آهي.وري به کڻي چئجي ٿو ته هندستان جي مسلمانن کي ڪنهن به وقت خلافت جي تبديلي متعلق دخل ڏيڻ جو موقعو نه مليو آهي. حالانڪ ڪيترائي بادشاھ ترڪيءَ جا معزول ۽ مقتول ٿيا. عقائد جي ڪتابن ۾ واضح نموني سان لکيل آهي ته خليفو ملڪ جو ڪافر ٿيڻ کان سواءِ معزول نه ٿو ٿي سگھي. مثال طور سلطان عبدالمجيد مرحوم خليفو هو ۽ ان جو معزول ڪرڻ هرگز جائز نه هو ۽ سلطان خامس مرحوم خليفو نه ٿئي ٿِي سگھيو. هندستان جي مسلمانن گھڻوئي شور ڪيو، نوجوان ترڪن جي جماعت غلط ٿي ڪري پر انهن جي دانهن کي ڪو به وزن ڪونه مليو . تنهن ڪري هن وقت به هندستان جي مسلمانن کي هن معاملي ۾ دخل ڏيڻ جو ڪو به حق نه آهي ۽ نه وري هنن جي دخل ڏيڻ سان ڪو فائدو  پوندو. هيءُ به ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته جيسيتائين ترڪيءَ جي خليفي وٽ تبرڪات رسول موجود آهن، تيسيتائين ٻيو خليفو نه ٿو ٿي سگھي. جي اهڙي ڳالهه آهي ته پوءِ سڀ کان امداد تبرڪات رسول  ته، حرمين الشريفين آهن ۽ ان جي خادم کي خلافت جي دعويٰ جو وڌيڪ حق آهي.

آخر ۾ هيءَ ڳالهه ضرور ياد رکڻ گھرجي ته اسان سڀني مسلمانن تي بحڪم خدا ۽ رسول، وقت جي بادشاھ جي اطاعت ۽ فرمانبرداري ڪرڻ ضروري آهي ۽ هرقسم جي شور ۽ فساد کان پرهيز ڪرڻ واجب آهي ۽ اهڙو ئي عمل مسلمان اڳ به ڪندا آيا آهن ۽ اميد ته هاڻي به عمل ڪندا. اسان جي دعا آهي ته ڪو به مسلمان خدا ۽ رسول جي حڪمن کان منهن نه ڦيرائي. انهيءَ ئي نيت سان هيءُ رسالو مدلل نموني لکيو ويو آهي. اميد ٿي ڪجي ته هدايت جو سبب ٿيندو. اسان کي الله تعالي جو شڪر ادا ڪرڻ گھرجي ته برطانيا سرڪار ۽ حجاز سرڪار جي پاڻ ۾ دوستي آهي ۽ اها ڳالهه ثبوت پيش ڪري ٿي ته قرآن مجيد جي پيشگوئي آهي ته نصارا به نسبت ٻين غيرمسلم قومن جي مسلمانن جا وڌيڪ دوست رهندا.

تصديقات

هن رسالي ۾ جيڪا حديث لکي وئي آهي ته: ”خليفو قريش مان هجي“.  حديث صحيح آهي ۽ اسان  مولانا فيض الڪريم جي هن نظرئي جي تائيد ۾ هيٺ صحيحون ڪيون ٿا ۽ چئون ٿا ته مولانا حديث جي روشنيءَ ۾ ٺيڪ مذهب تي آهي.

(1)                   شمس العلماء سيد محمد شاھ مردان پير صاحب پاڳارو سجادھ نشين درگاھ مبارڪ ڳوٺ پير صاحب مڪان ڪنگري. 12 مئي 1919ع.

(2)                 خادم سجادھ جدي زين الشرف ابومحمد صالح آفندي القادري الگيلاني الحسني الحسيني سجادھ نشين راڻي پور شريف. شعبان المعظم 1337ھ.

(3)                 خادم الفقراء سيد پير خميسه شاھ صاحب الگيلاني القادري الحسني الحسيني نقيب درگاھ گنبٽ شريف.

(4)                 مخدوم ظهير الدين سجادھ نشين درگاھ شريف هالا نوان.26 شعبان المعظم 1337ھ.

(5)                  عبدالله غلام مجدد سرهندي خادم سجادھ جدي عفي عنهم 27 شعبان 1337ھ .

(6)                 پير الهيار شاھ سجادھ نشين درگاھ مبارڪ سائين هاشم شاھ صاحب عليه الرحمة مٽياري.27 شعبان 1337ھ .

(7)                 پير ميان علي مظفر شاھ صاحب ابن مرحوم مغفور خلد آشيان، جناب فيض ماب پير ميان حزب الله شاھ عليه الرحمة والغفران مڪان ڪنگري تعلقه روهڙي.

(8)                 پيرسيد علي مدد شاھ قادري الجيلاني ساڪن راڻي پور شريف رياست خيرپور ميرس.

(9)                 پير سيد محمد ظهير الدين معروف پير محمد شاھ حنفي المذهب قادري المشرب ولد پير ابوصالح محمد، سيد عبداللطيف زين الدين القادري البغدادي مدفون قريه نجبيه هند.18 شعبان 1337ھ.

 (10)    امام الدين شاھ ٺلاهي تعلقو ڏوڪري.

(11)    عطاء الله شاھ ولد پير محمد عابد شاھ ساڪن گھوٽڪي.

(12) پير ميرمحمد شاھ جيلاني سجادھ نشين درگاھ گھوٽڪي شريف. 10 رمضان المبارڪ 1337ھ.

(13) عاڪف بلي الله فقير عبدالله سجادھ نشين ڀرچنڊي شريف.

(14) خادم الفقراء حبيب الله ولد مخدوم مريد الله صديقي سهروردي المنتهر من فضاھ مير عادل مخدوم صاحبان سيوستان پاٽ- خادم درگاھ حضرت مسيح الاولياء پاٽائي برهان پوري شاهي سهروردي.

(15) فقير محمد صالح سجادھ نشين درگاھ فضل الاهي پاٽ تعلقو دادو.

(16) سيد ولي محمد شاھ سجادھ نشين درگاھ حضرت مخدوم لعل شهباز قلندر.

(17) سيد پير  سجادھ نشين پير ميان شاھ دوران شاھ محي الدين شاھ سڪنه درگاھ ٻٽ سرائي.

(18) پير محمد معين الدين ڳوٺ ٻٽ سرائي تعلقو ميهڙ.

(19) پير امان الله شاھ

(20) پير علي شاھ سجادھ نشين شاھ آباد تعلقو لاڙڪاڻو.

(21) علي محمد قادري سجادھ نشين درگاھ قادريه لاڙڪاڻو.

(22) مخدوم هادي بخش سجادھ نشين محمد پور تعلقو گھوٽڪي ضلعو سکر.

(23) فقير شفيع محمد قاضي هالانوان.

(24) قاضي ابراهيم شاھ حيدر آباد سنڌ.

(25) فقير عبدالرحمٰن مدرس مدرسه حضرت پير صاحب شمس العلماء صاحب الممانه.

(26) شاھ محمد مدرس العربي من ملازمان مخدومان الاعظم محمد ظهير الدين الصديقي دامت برڪاتهم الهالائي الجديد درگاھ الشريف.

(27) احقرالعباد تاج محمد ابن الحاج محمديوسف المتوطن بهالا الجديد المتفرغ من علوم العربيه في المدرسه مظهرالعلوم المخدوم سجادھ درگاھ شريف هالا نوان.

(28) فقير محمود عفي عنه خلف سجادھ نشين پاٽ تعلقو دادو.

(29) الفقير محمد عثمان المتوطن بقريه الجمال افاض الله عليه سحائب الايادي والافضال.

(30) العبد محمد عمر الکڏهري.

(31) مولوي محمد محسن شاھ مدرس اول مدرسه اسلاميه ميان جو پٽ تعلقو شڪارپور.

(32) سيد عبدالغني غفرله الغني.

(33) فقير محمد پناھ عفاالله عنه ساڪن بلوچ آباد.

(34) حاجي محمد صالح خلف مرحوم مولوي محمد هاشم عليه الرحمة ساڪن ڳڙهي ياسين.

(35) فقير گل محمد معلم مدرسة الاسلام لطيفيه مفتي حيدر آباد سنڌ.

(36) مولوي عبدالقادر مسوديرو تعلقو رتوديرو.

(37) مولوي حاجي محمد صادق ولد مرحوم مولوي ميان عبدالروف مورائي حال پيش امام مسجد جامع نواب شاھ.

(38) العبد محمد يعقوب ساڪن شهر، داد خان لغاري تعلقو ميرپور ضلعو سکر.

(39) مولوي عبدالڪريم ولد مرحوم مولوي عبدالرحمٰن ساڪن سکر.

(40) العبد السيد خوش محمد شاھ ٺاروشاهي عفي الله عنه ماڪان منھ من ارتڪاب النواهي والاشتغال بالملاهي.

(41) عبدالعزيز حيدرآباد سنڌ.

(42) قاضي شاھ محمد الهالائي القديم.

(43) الحاج خليفه محمد ولد خليفه عبداللطيف مدرس مدرسه محمديه هالا نوان.

(44) الفقيرالهرکيو عباسي از مدرسه محمديه هالا نوان.

(45) احقرالعباد محمد معين الدين قاضي هالانوان مدرس مدرسه مسجد شريف ڪڪه هالانوان.

(46) فقير لعل محمد متعلوي مدرس مدرسه اسلامي عربي.

(47) الفقير محمد فاضل متعلوي عرف متاري.

(48) فقير عبدالرحمٰن متعلوي عرف متاري.

(49) پير محمد مدرس مدرسه ٽنڊو قيصر.

(50) سيد الهڏنو شاھ مدرس شهر بهاول زنئور.

(51) فقير امام بخش صابرالله من البطش من مقام رتوديرو.

(52) دين محمد مقام بُٺي تعلقو ميرو خان ضلعو قنبر- شهدادڪوٽ.

(53) فقير خوش محمد ميروخاني ضلعو قنبر- شهدادڪوٽ.

(54) فقير قاضي القريشي نورالحق ڳوٺ آباد تعلقو رتوديرو.

(55) پير بخش ڀٽو تعلقو رتوديرو.

(56) خادم الفقراء خيرمحمد من مقام ڇٽه جويه تعلقو ميروخان

(57) خادم العلماء قاضي عبدالله ويٺل ڳوٺ پاڳارو تعلقو رتوديرو.

(58) خادم دين فقير ڪريم بخش ساڪن ڳوٺ دودو خان ڀٽو.

(59) محمد صديق خليفه مدرسة الاسلام لطيفيه حيدرآباد سنڌ تاجر ڪتب پڙفقير.

(60) مولوي محمد ڏيرو ويٺل ڳوٺ ڏيرا تعلقو ڪڪڙ.

(61) مولوي محمد عمر رهندڙ ڳوٺ ملڪ تعلقو ڪڪڙ.

(62) مولوي محمد علي ڏيرو ويٺل ڳوٺ ڏيرا تعلقو ڪڪڙ.

(63) مولوي عبدالحق رهندڙ ڳوٺ ملڪ تعلقو ڪڪڙ.

(64) مولوي شجاع محمد ڳوٺ ٿلهو تعلقو ڪڪڙ.

(65) مولوي غلام رسول رهندڙ ڳوٺ لڌو ديرو تعلقو ڪڪڙ.

(66)  مولوي عبدالنبي رهندڙ لڌو ديرو تعلقو ڪڪڙ.

(67) فقير محمد احسان خلف مولوي شفيع محمد قريشي ساڪن پاٽ تعلقو دادو.

(68) فقير مولوي نورمحمد شاھ ساڪن شهر سوجھرو تعلقو وارھ ضلعو قنبر- شهدادڪوٽ.

(69) فقير محمد عظيم ساڪن شهر خدادادخان پٺاڻ تعلقو دادو.

(70) فقير گل محمد ساڪن شهر گنهور آباد تعلقو وارھ قنبر- شهدادڪوٽ.

(71) مسڪين عبدالڪريم جلباڻي ساڪن شهر الهرکيو جلباڻي تعلقو وارھ.

(72) حقير محمد عبدالرحمٰن ابراهماڻي ٿرڙي هاجران تعلقو وارھ.

(73) محمد صالح ابڙو  مستمد درگاھ فضل الهي از گاجي کهاوڙ تعلقو وارهه.

(74) سيد عبدالحق شاھ سڪنه جاني بند تعلقو وارھ.

(75) عبدالهادي ڳوٺ وڏيرو الله بخش تعلقو وارھ.

(76) عبدالڪريم ڀٽو مولوي معلم لاڙڪاڻو.

(77) مولوي محمد عاقل،  شهر عاقل تعلقو لاڙڪاڻو.

(78) مولوي محمد بچل ساڪن لاڙڪاڻو.

(79) الفقير غلام حسين الوليدائي.

(80) مولوي تاج محمد عبدالحق سکر.

(81) مولوي مولابخش ساڪن شهر ملاآباد تعلقو ڏوڪري.

(82) غلام محمد ساڪن سونو جتوئي تعلقو لاڙڪاڻو.

(83) الحاج ابوالقاسم محمد عبدالواحد.

(84) مولوي غلام عمر سونو جتوئي تعلقو لاڙڪاڻو.

(85) مولوي عبدالرحيم سونو جتوئي تعلقو لاڙڪاڻو.

(86) فقير محمد صالح شاھ سيد بخاري مقام آريجه تعلقو لاڙڪاڻو.

(87) فقير عبدالغني عفي عنه رکيل تعلقو لاڙڪاڻو.

(88 ) سيد صالح شاھ ساڪن حيدرآباد سنڌ پيش امام مسجد شهبازي خان ٽنڊو ولي محمد.

(89) محمد عثمان ساڪن داد شاھ.

(90) مولوي عبدالڪريم المدرس صدر بازار ڪراچي سنڌ 14 رمضان المبارڪ 1337ھ.

(91) غلام رسول المتوطن في بلديه محرابپور.

 (92) هڪ نالو سمجهه ۾ نه ٿو اچي جيڪو اصلي ڪتاب ۾ 50 نمبر تي آهي.

حوالا:

  1. ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي ـ ”نواب شاھ ضلعو: تاريخي شهر ۽ شخصيتون“، ص: 63، طبع: ڪلچرل سوسائٽي ڪراچي، 1987ع.

  2. حوالو ساڳيو، ص:64

  3. پير علي محمد راشدي- ”اهي ڏينهن اهي شينهن“، جلد ٽيون، ص:245 ، طبع: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 1981ع.

  4. سارا ايف.ڊي انصاري-”سنڌ جا پير ۽ برطانوي راڄ“ (سنڌي)، ص: 112، طبع: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2008ع. 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com