سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2011ع

مضمون

صفحو :17

لڪ ۾ ڪيل يا ڪنهن پرانهين علائقي ۾ ان حالت ۾ ٿيل شادي ڪرڻ جي ڪري، جنهن جي خبر قبيلي يا ذات وارن کي نه پئجي سگهي هجي، اهڙيءَ صورت ۾ ٿيل اولاد جا نالا، نسب نامي جي مک رڪارڊ تي اچڻ کان رهجي ويندا آهن. البته اها شاخ پنهنجو نسب نامو ياد رکندي ايندي آهي. مک شجري سان فروعي اختلاف جي باوجود اهڙو اختلاف قابل هوندو آهي.

11. اڪثر ائين به ٿيو آهي ته خانداني رنجشن، مذهب جي تبديلي يا ٻئي ڪنهن اختلاف جي ڪري ڪن ماڻهن جا نالا نسب نامن مان ڪڍيا ويا آهن. انهن پيڙهين جا نسب ناما وري جدا ڪيل خاندان وٽ جمع ٿيندا آهن جيڪي پڻ بعد ۾ تحقيق ڪري هٿ ڪري سگهجن ٿا. البته پوئين دور ۾ سنڌ ۾ مذهبي حوالي سان نسب نامن تي پيل هڪڙي اثر جو مشاهدو ٿيو آهي ته هتي عربي عصبيت جي بنيادن تي مسلمان ٿيل گهراڻن لاءِ غير مسلم پيڙهين جا نالا وساري ڇڏڻ جي روايت پئجي وئي. اهڙيءَ حالت ۾ مسلمان ٿيل خاندان اڳتي يا ته پاڻ کي عرب اصليت مان سڏرائڻ تي بضد ٿئي ٿو يا وري مسلمان ٿيل ڏاڏي کان مٿي ”دين محمد“ (يعني محمد جي دين وارو) نالو لکي، پنهنجي نسب نامي جي نئين سري کان شروعات ڪري ٿو، پر حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته اهڙيءَ طرح سان اهڙا گهراڻا اهڙي عمل سان مسلمان ٿيل پيڙهيءَ کان اڳ جو نسبي رڪارڊ گم ته ڪريون ٿا ڇڏين، پر پنهنجي خاندان جي نومسلم هئڻ جي نشاني محفوظ ڪري ٿا ڇڏين.

12. شجرا رکڻ جو بنيادي مقصد پنهنجي نسل تي پڏائڻ آهي. يعني جن به اوائلي شجرا مرتب ڪيا. انهن پنهنجن ابن ڏاڏن جي ڪارنامن تي فخر ڪندي پنهنجي لاءِ اها معلومات گڏ ڪئي، ته جيئن هو ٻين تي برتري ظاهر ڪري سگهن.

13. برتريءَ جو اهو رحجان پنهنجي ئي هم نسل ماڻهن کي گهٽ سمجهڻ جو ڪارڻ به بنيو ۽ نسب نامن تي مخصوص طبقي پنهنجي هڪ هٽي قائم ڪري ڇڏي. ان جو ثبوت اڄ جي دور ۾ مشهور گهراڻن جا شجرا ان ڪري ظاهر نه ڪرڻ آهي ته متان ڪو ٻيو انهن شجرن جي بنيادن تي پاڻ کي اصل نسل ۽ اعليٰ رتبي وارو نه مڃرائي وڃي يا مورڳوئي ڪنهن ڌارئي ۽ گهٽ ذات واري کي ان شجري جي ذريعي پنهنجي ذات مٽائڻ جو موقعو نه ملي وڃي.

14. شجرا لڪائڻ جي پٺيان ڪٿي ڪٿي اهو ڊپ به شامل هوندو آهي ته متان ڪو رهيل کهيل ورثي جو وارث يا پڳ يا سرداريءَ جو دعويدار پيدا نه ٿي پوي.

15. نسلي مت ڀيد جو اهڙو رجحان شروع ٿيڻ بعد گهٽ درجي جي ليکجندڙ ماڻهن وري پنهنجي نسل کي اوچو سمجهڻ شروع ڪيو ۽ نسبتن گهٽ مشهور ابن ڏاڏن جي نالي سان من گهڙت قصا جوڙڻ شروع ڪيائون.

16. جيڪڏهن ان مان به فائدو نه پهتو ته انهن پنهنجو شجرو وڏن ماڻهن جي مشهور نسلن سان ملائڻ شروع ڪيو پر هن سلسلي ۾ ياد رکڻ جي ڳالهه اها آهي ته ڪوبه ماڻهو پنهنجن انهن ابن ڏاڏن جا نالا نه مٽائيندو آهي، جيڪي کيس معلوم هجن. انهن کان مٿي اتان کان پنهنجو شجرو ٻين نسلن سان ملائڻ شروع ڪندو آهي. جتي سندس علم جو دائرو جواب ڏئي ويندو آهي. اهڙيءَ طرح ماڻهن، قبيلن ۽ قومن جي اصل نسل کي ڄاڻڻ جو ڪونه ڪو نشان تاريخ جي رڪارڊ تي محفوظ رهجي وڃي ٿو، جنهن سان ڪڏهن نه ڪڏهن انسانذات جي نسلي رڪارڊ جي درست ڪٿ ڪرڻ جو امڪان بهرحال موجود آهي ۽ نسلن تي تحقيق ڪندڙ محقق اهڙي ئي رڪارڊ جي مدد سان قومن ۽ قبيلن جي تاريخ کي ڀيٽي مختلف نسلن جي ساڳين بنيادن جي کوجنا ڪندا آهن.

شجرن بابت بنيادي روايتون:

نسب نامن جون روايتون دير سوير هر قوم ۾ مرتب ٿيل آهن. اسان جي موضوع سان لاڳاپيل روايتون ٽن قسمن جون آهن: 1. سامي نسل جون روايتون 2. ايراني اصليت واريون روايتون 3. سنڌ ۽ هند جي آرين جون روايتون.

هتي مختصر طور تي انهن جي اوائلي ماخذن جي نشاندهي ڪجي ٿي.

سامي نسل جون روايتون:

 

شجرن جو بنيادي رڪارڊ بائيبل جي صورت ۾ جمع ٿيل آهي، جنهن ۾ سموري انسان ذات کي آدم عليہ السلام جو اولاد ڄاڻايو ويو آهي. دنيا جا ڪيترائي مفڪراُن شجري تي به اعتراض وارين ٿا. پر هڪ لحاظ کان ڏٺو وڃي ته هيستائين ملندڙ شجرن جي رڪارڊ ۾ بائيبل وارو شجرو سڀ کان آڳاٽو ۽ وڌ ۾ وڌ اعتبار جوڳو آهي.

بائيبل واري شجري ۾ انساني نسل کي حضرت نوح عليہ السلام جي ٽن فرزندن: حام، سام ۽ يافت جي نسبت سان ٽن وڏن گروهن ۾ ورهائجڻ جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.

انساني نسل جي نسب نامي جي نئين سر تدوين، عرب ۾ اسلامي انقلاب اچڻ بعد ٿئي ٿي. جنهن ۾ نه رڳو بائيبل کان پوءِ پيدا ٿيل انساني نسل جي وڌيڪ پيڙهين جو رڪارڊ جمع ڪيو ويو، بلڪه پهريون ڀيرو انهن روايتن تي بحث به ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ تاريخ طبري ۽ تاريخ ابن خلدون کي ڏسي سگهجي ٿو. اهڙن ماخذن ۾ نسلي روايتن تي بحث ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ته تيستائين انهن روايتن ۾ ڦيرڦار ٿي چڪي هئي. اهڙي قسم جي ڦيرڦار جو ڪارڻ هڪ طرف ته لساني نوعيت جون تبديليون هو، جهڙوڪ فارسين ۽ عربن يا ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙن وٽ ساڳيا نالا مختلف تحريري صورتن ۾ لکجڻ ڪري اچار مٽائي ويا هئا ۽ ٻيو ته هڪڙن ماڻهن بابت روايتون، ٻين ماڻهن سان منسوب ٿيڻ ڪري به شجري ۾ فرق اچي چڪو هو.

تاريخ طبري ۾ نسب نامي تي ڪيل بحث ۽ تاريخ ابن خلدون واري روايت کي بائيبل واري شجري سان ڀيٽي ڏسبو ته خبر پوندي ته جيتوڻيڪ هن شجري ۾ بائيبل ۾ ڏنل شجري واري حصي ۾ ضروري واڌارو ڪيو ويو آهي پر ان سان گڏ ڪي نالا تاريخي مغالطي جي ڪري به هن شجري جو حصو بڻجي ويا آهن.

ايراني اصليت واريون روايتون:

نسب نامي جي فارسي روايتن بابت طبري بنيادي معلومات فراهم ڪري ٿو. تاريخ طبري ۾ مختلف روايتن تي بحث ڪري لساني اختلافن جي ڪري نالن ۾ ٿيل ڦيرڦار کي واقعاتي روايتن سان ڀيٽي نسب نامن جي ڪردارن جي شناخت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.

سنڌ ۽ هند جي آرين جون روايتون:

آريائي نسب نامن جون اوائلي روايتون مختلف ڌرمي ڪتابن: ويدن ۽ پراڻن وغيره ۾ ڏسي سگهجن ٿيون. پوءِ به ائين چوڻ بجا ٿيندو ته آريائي نسب نامن جون روايتون باقاعده نسب نامن جي صورت ۾ ڪافي دير سان مرتب ڪيون ويون آهن. هند ۾ نسب ناما محفوظ ڪرڻ جو ڪم ڀٽن ۽ ڀانن جي حوالي هوندو هو، جن کي راجا مهاراجا ان ڪم لاءِ ڪافي ڪجهه ڏيندا هئا ۽ انهن جو مانُ مٿاهون سمجهيو ويندو هو. اهڙيءَ طرح هند جي ماڻهن جا اوائلي نسب ناما محفوظ ٿيل آهن. ان کان علاوه هند جا آريا، ايران جي آرين سان ٽڪراءَ هوندي به انهن جي ڪردارن کي پنهنجي ٻوليءَ جي الڳ اچارن سان سڃاڻپ جي صلاحيت رکن ٿا.

جيتوڻيڪ مٿين ٽنهي قسمن جي روايتن کي تطبيق ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، پر اها تمام محدود پئماني تي ٿي آهي. جڏهن ته ان سلسلي ۾ اڃا وڌيڪ ڪم جي ضرورت آهي.

مٿي نشاندهي ڪيل سمورن ماخذن ۾ جن به نسلن کي سامي ڪوٺيو ويو آهي، انهن کي سنڌ جي مقامي محاوري مطابق سمه، سما، سمني، شمينه وغيره جي نالن سان لکيو ويو آهي. اهي سما، چچ نامي جي روايت مطابق سنڌ جا قديم رهاڪو آهن، جيڪي عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ مهل ان وقت جي سنڌ ۾ وڏي تعداد ۾ ڦهليل هئا. سما ٻڌمت جا پيروڪار هئا ۽ ٻڌمت جي هڪ فرقي جو نالو سندن گهڻائي جي ڪري ”سمينه“ پئجي ويو هو. منهنجي نظر ۾ آريا، سامي آهن ۽ انهن جي نسلن ئي سنڌ ۾ سمو سڏرايو. آڳاٽي زماني جا جت ۽ ميد به اهي ئي آهن ۽ اڄ جي دور جا سما، سومرا، سهتا، ڀٽي، چنا، جاڙيجا وغيره سڏجندڙ وڏا نسلي گروهه به انهن مان آهن.

سمن جي نسلن بابت ڄاڻ ڏيندڙ ڪجهه قلمي ماخذ:

سمن جي باري ۾ معلومات سنڌ جي تاريخ سان تعلق رکندڙ لڳ ڀڳ سمورن ماخذن ۾ ملي ٿي. ان سلسلي ۾ ملندڙ چند قلمي ماخذن جي نشاندهي ڪجي ٿي، جيڪا اڃا تائين قلمي صورت ۾ موجود آهي.

نسب نامه سنڌ (مخدوم ابوالحسن ڏاهري سان منسوب):

هيءُ خالص نسب نامي جي روايتن تي مشتمل ماخذ آهي ۽ سمن جي نسل بابت ڄاڻ ڏئي ٿو. هن نسخي تي تحرير جو سن، ليکڪ يا ڪاتب جو نالو موجود نه آهي. اڄ جي دور جا ڪي محقق هن روايت کي مخدوم ابوالحسن ڏاهريءَ سان منسوب ڪن ٿا. مخدوم ابوالحسن ڏاهري سنڌ جو وڏو عالم هو. جيڪڏهن پاڻ، نسب نامي جي ڪا روايت محفوظ ڪري ها ته انساني فطرت جي تقاضا موجب سڀ کان پهرين پنهنجون پريون پيڙهيون ڄاڻائڻ جي ڪوشش ڪري ها، پر مخدوم صاحب جي تحقيق ڪندڙن کي خبر آهي ته مخدوم ابوالحسن ڏاهريءَ جو نسب نامو سندس ڏاڏي کان مٿي نه ٿو ملي، ۽ ان سلسلي ۾ محض پاڙو ڄاڻائڻ کي ڪافي سمجهيو ويو آهي. مخدوم صاحب جي شخصيت تي لکندڙ ٻين محققن ۽ عالمن کان علاوه سندن حياتي ۽ تصنيفن تي پي ايڇ. ڊي ڪندڙ ڊاڪٽر حافظ غلام محمد ڏاهريءَ به پنهنجي ٿيسز ۾ مخدوم ابوالحسن ڏاهريءَ جو نسب نامو سندس ڏاڏي عبدالرشيد کان مٿي نه ڏنو آهي.

هن نسب نامي جو مواد ڏسڻ بعد اندازو ڪري سگهجي ٿو ته اصل نسخو سنڌ تي مغلن جي حڪمرانيءَ جي اوائلي دور ۾ مرتب ڪيل آهي. ڇو ته هن ماخذ ۾ ڏنل ڪجهه شاخن جهڙوڪ ابڙن، انڙن ۽ ڏاهرين جون پيڙهيون مغلن جي دور تائين ڏنل آهن. نه رڳو اهو، بلڪه مختلف قبيلن ۽ پاڙن جي رهائش مغلن جي دور ۾ ڪيل علائقائي يونٽن جي نسبت سان ٻڌائي وئي آهي. ٻئي طرف ٻگهين جون ڪجهه شاخون ٽالپرن جي آخري دور تائين هن ماخذ ۾ ٿيل واڌاري جي نشاندهي ڪري رهيون آهن، وڌيڪ پيڙهين کان علاوه ٻگهين جي شاخن ۾ عورتن جا نالا، مٽين مائٽن جي پوري تفصيل سان ڏنل آهن. جن مان اندازو ٿئي ٿو ته هيءُ نسب نامو بنيادي طور تي ٻگهين جو نسب نامو آهي. هن نسب نامي ۾ سمن جو نسب عتبه بن ابولهب سان هن ريت ملايو ويو آهي:

حضرت آدم عليہ السلام ان جو پٽ شيث عليہ السلام، ان جو پٽ يانش، ان جو پٽ قينان، ان جو پٽ مهلائيل، ان جو پٽ برد، ان جو پٽ حضرت ادريس عليہ السلام (اخنوخ)، ان جو پٽ متوشلخ، ان جو پٽ لامڪ، ان جو پٽ حضرت نوح نبي نجي الله، ان جو پٽ سام، ان جو پٽ ارفخشند ان جو پٽ شالخ، ان جو پٽ ابر، ان جو پٽ فالج، ان جو پٽ ارغوا، ان جو پٽ شاروخ، ان جو پٽ ناخور، ان جو پٽ تارخ، ان جو پٽ حضرت ابراهيم عليہ السلام، ان جو پٽ حضرت اسماعيل عليہ السلام، ان جو پٽ قيدار، ان جو پٽ حجل، ان جو پٽ سلامان، ان جو پٽ الهميسع، ان جو پٽ اليسع، ان جو پٽ اود، ان جو پٽ اُڌ، ان جو پٽ عدنان، ان جو پٽ معد، ان جو پٽ نزار، ان جو پٽ مضر، ان جو پٽ الياس، ان جو پٽ مدرڪه، ان جو پٽ خزيمه، ان جو پٽ ڪنانه، ان جو پٽ نضر، ان جو پٽ مالڪ، ان جو پٽ فهر، ان جو پٽ غالب، ان جو پٽ لوي، ان جو پٽ ڪعب، ان جو پٽ مره، ان جو پٽ ڪلاب، ان جو پٽ قصي، ان جو پٽ عبدالمناف، ان جو پٽ هاشم، ان جو پٽ ابي لهب، ان جو پٽ عتبه، ان جو پٽ ابوالهثيم، ان جو پٽ عبدالرحمان، ان جو پٽ دين، ان جو پٽ جادم.

سمن جي نسب نامي جي حوالي سان هيءَ قديم ترين تحريري روايت ليکي سگهجي ٿي. باوجود ڪيترين غلطين جي هن روايت ۾ ڪجهه اهڙو مواد موجود آهي، جنهن تي اکيون ٻوٽي اعتبار ڪري سگهجي ٿو. جيئن ٻگهين جو شجرو وغيره. ڪجهه مواد مشڪوڪ هئڻ جي باوجود ٻئي ڪنهن هنڌ ان سلسلي ۾ ڪابه روايت نه ملي سگهڻ ڪري وڏي اهميت رکي ٿو. جهڙوڪ ابڙن/ ڪمارين جو شجرو وغيره. هن نسب نامي جي هڪ خوبي اها به آهي ته مختلف قبيلن مان ڦٽل پاڙن جي نشاندهي ڪرڻ کان علاوه انهن جي رهائش جي بنيادي علائقي جي نشاندهي پڻ ڪئي وئي آهي. جهڙوڪ: هڪ هنڌ لکيل آهي ته ”لاکي ولد ساند ولد پلي ولد ڄام ڪاهي ولد ٻگهئي ولد ٿيٻي ولد جکري ولد انڙ جو اولاد لاکيجا ٻگهيا، سيوستان سرڪار جي پرڳڻي چنيجا جي گچيري تعلقي جي موضع غازي پور ۾ رهن ٿا ۽ انهن مان ڪي تڪروجه جي نالي سان مشهور بکر سرڪار جي پرڳڻي تڪر تپي لاکياري ۾ رهن ٿا.“

هن نسب نامي جو پهريون حصو تحفة الڪرام کان مختلف روايت بيان ڪري ٿو. ٻيو حصو آهي ته تحفة الڪرام واري روايت سان مطابقت رکندڙ پر ان حصي ۾ ڪيتريون ئي پيڙهيون هڪ ڏاڏي سان ملايون ويون آهن. ٿلهي ليکي هن نسب نامي ۾ هيٺيون خاميون نظر آيون آهن:

1. رائڌن بن ڪاڪي بن سمي بن لاکي بن لاکيار جي اولاد جا نالا تحفة الڪرام واري نسب نامي کان مختلف آهن.

2. ڪيترن ئي هنڌن تي نالا اڳتي پوئتي ڪيا ويا آهن ۽ غير مصدقه انداز ۾ ڏنا ويا آهن. جهڙوڪ: ساند بن پليءَ جي پٽن مان پهرين ٽن کان علاوه ٻيا نالا غير مصدقه آهن. ان کان علاوه ساند جي پٽ ويرو جي اولاد جي تصديق ڪنهن ٻيءَ روايت مان ڪرڻ ممڪن ڪونهي. ان لاءِ جاڙيجن جو شجرو به ڏسي سگهجي ٿو. جيڪي ويري بن ساند جو اولاد آهن.

3. ساند جو پٽ ڄاڻايل هالي جي اولاد ۾ ڄام نظام الدين ۽ ڄام فيروز جا نالا به ڏنا ويا آهن. جن جون پيڙهيون پڻ تحقيق طلب آهن.

4. ڏيري بن ٿيٻي بن انڙ بن سمي جي اولاد ۾ مگسي ۽ بروهي وغيره شامل ڏيکاريا ويا آهن. دراصل ڏيري جي پٽن جي فهرست ئي غلط آهي، جنهن ۾ پوٽن جا نالا پڻ شامل ڪيا ويا آهن. ان لاءِ قاضي سليمان ڀان جي ”تاريخ سميجا“ واري روايت وڌيڪ معتبر قرار ڏئي سگهجي ٿي.

هن ماخذ جي ڪيترين ئي ڳالهين جي صحت تي بحث ڪري سگهجي ٿو پر سمورين بحث جوڳين ڳالهين جي باوجود هي نسب نامو نهايت اهميت جوڳو آهي. سمن جي نسب نامي جو هيءُ ماخذ ”نسب نامه سنڌ“ جي نالي سان سنڌالاجي ۾ رکيل آهي.

پروفيسر غلام محمد لاکو، قاضي عثمان جوکئي وٽ ”شجره سومره و سمگان“ نالي هڪ نسب نامو هئڻ جي نشاندهي ڪندي وٽس موجود ان جو نقل پڻ فراهم ڪيو. سندن بقول 1970ع ڌاري مولوي احسان الله جوکئي، جوکين جو شجرو تيار ڪيو، جيڪو پڻ وٽس (يعني پروفيسر غلام محمد لاکي وٽ) موجود آهي ۽ ان جو نقل پڻ راقم کي فراهم ڪيو ويو آهي.

بحرانساب:

 

هڪڙي سنڌي بزرگ سيد محمد شاهه جو ”بحرانساب“ جي نالي سان سامي نسلن جو نسب نامو مرتب ڪيل آهي، جيڪو پڻ سنڌالاجي ۾ رکيل آهي. هن ڪتاب ۾ سامي نسل جا نسب ناما مختلف ماخذن تان اتاريل آهن. ان جي صفحي 26 ۽ 27 تي سنڌ ۽ هند جا نالا ڏيڻ کان علاوه جمشيد کي به سام جي اولاد مان ڄاڻايو ويو آهي. ان کان علاوه هن نسب نامي سان سومرن، سمن ۽ جتن جو تعلق به بيان ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ هن نسب نامي جا بنيادي ماخذ مٿيان ڪتاب ئي آهن. تنهن هوندي به ڄاڻايل شجرو سنڌي ماڻهن جي باري ۾ ڪجهه قدر مختلف ۽ اضافي معلومات فراهم ڪري ٿو.

هن شجري ۾ غلطين جي باوجود به هڪ ڳالهه ظاهر آهي ته شجري ۾ سنڌين جي نسلي شناخت جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جيڪا بائيبل واري شجري ۾ ڪيل ڪانهي، پر ان سان گڏ سنڌ ۽ هند جي نالي بابت مغالطو به ڏسي سگهجي ٿو، جيڪو اهڙيون روايتون  تمام گهڻو دير سان جمع ڪرڻ جي ڪري پيدا ٿيل آهي. ان سلسلي ۾ وڌيڪ تفصيل، ”سنڌ ۽ هند“ جي نالي سان لکيل منهنجي مضمون ۾ ڏنو ويو آهي، جيڪو سنڌالاجي جي ڇهه ماهي تحقيقي جنرل ”سنڌي ادب“ جي شماري 2/1، سال 2008ع ۾ شايع ٿيو.

تذڪره الانساب:

پير حسام الدين راشدي، ”حديقة الاولياء“ لاءِ لکيل مهاڳ ۾ سنڌ ۾ آباد مختلف نسلن جي نسب نامن ۽ تذڪرن تي مشتمل ماخذن جو ذڪر ڪيو آهي، جن ۾ ”تذڪرة الانساب“ نالي هڪڙو ماخذ اسان جي مطلب جو آهي، جنهن ۾ مخدوم فيروز ٺٽوي، ملان ڪاتيار جي قاضين، مخدوم سرور نوح، مخدوم بهاءالدين زڪريا ملتاني، قلندر لال شهباز، مير معصوم بکري، لڪياري ساداتن ۽ مٽياري ساداتن جي نسب نامن کان علاوه سماٽ قبيلن مان لاکيار، لاکن، لنجارن، چنن، ساندن ۽ سمن جا نسب ناما پڻ ڏنا ويا آهن، پر افسوس جو اهو نسب نامو هن وقت دستياب ڪونهي.

برٽش ميوزيم وارو نسب نامو:

مختلف محقق هن ماخذ جي باري ۾ حوالو ڏيندا رهندا آهن ته هن ۾ آرين جو تفصيلي نسب نامو ڏنل آهي. ظاهر آهي ته هي نسب نامو پنهنجي جاءِ تي اهميت جوڳو هوندو، پر هي ماخذ عام ماڻهن جي پهچ کان پري هئڻ ڪري تحقيق جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ دستياب نه آهي.

سمن جي نسل تي روشني وجهندڙ سنڌ جي تاريخ جا ڪجهه اوائلي ماخذ (ڇپيل):

سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان قلمبند ڪيل چند ماخذن مان مير محمد معصوم بکريءَ جو 1009هه ڌاري تصنيف ڪيل تاريخ معصومي، مير طاهر محمد نسيانيءَ جو 1030هه ۾ تصنيف ڪيل تاريخ طاهري،  يوسف ميرڪ جو 1044هه ۾ تصنيف ڪيل تاريخ مظهر شاهجهاني ۽ تحفة الڪرام جا نالا خاص طور تي کڻي سگهجن ٿا، جن ۾ سمن جي نسب نامي جي حوالي سان ٿورو يا گهڻو بحث ڪيو ويو آهي. هن عنوان تحت مٿي ڄاڻايل انهن آڳاٽن ماخذن ۾ سمن جي نسب نامي جي حوالي سان ڏنل روايتن تي مختصر تنقيدي جائزو پيش ڪجي ٿو:

تاريخ معصومي واري روايت:

مير محمد معصوم بکريءَ جي ”تاريخ معصومي“ 1009هه جي لڳ ڀڳ لکي وئي. انگريزن جي دور کان وٺي هي ڪتاب انگريزي، فارسي، اردو ۽ سنڌي زبان ۾ ڇپجي چڪو آهي. سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپرايل سنڌي ترجمي ۾ مصنف جي حياتيءَ جي مختصر احوال جي سري هيٺ ڪتاب جي غير مستند هجڻ جا جيڪي جواز ٻڌايا ويا آهن، تنقيدي جائزو وٺڻ سان انهن ۾ ڪافي اضافو ڪري سگهجي ٿو. سمن جي حوالي سان به هن ڪتاب ۾ غير معتبر روايتون ڏنل آهن، جيڪي هن ريت آهن:

 

1. ابن بطوطه، انڙ پاران ملڪ رتن کي مارڻ واري بغاوت جو اکين ڏٺو شاهد آهي ۽ هن اهو واقعو مفصل انداز ۾ لکيو آهي. جڏهن ته تاريخ معصومي ۾ هن واقعي کي بلڪل نئين رنگ ۾ پيش ڪيو ويو آهي.

2. حالانڪه مير محمد معصوم جو اهم ماخذ چچ نامو آهي، جنهن ۾ سمن جي سنڌ ۾ آباديءَ جو جابجا ذڪر ڪيل آهي، ان هوندي به ڄام انڙ جي شاخ جي ڪڇ مان سنڌ اچڻ کان سنڌ ۾ سمن جي شروعات ڪري ٿو ۽ انڙ هٿان ارميل (همير) جي قتل جي غير مصدقه روايت بيان ڪري ٿو.

3. خود ڄام انڙ کي ڪاهه بن تماچيءَ هٿان مارجي ويل ٻڌائي ٿو.

4. سمن سلطانن جو سلسلو غير مصدقه انداز ۾ بيان ڪري ٿو، اسان جي مطالعي موجب، ”تاريخ معصومي“ ذريعي سمن سلطانن جو سلسلو هن ريت نروار ٿئي ٿو:

 

تاريخ طاهري ۾ سمن جي باري ۾ ملندڙ مواد جي نشاندهي:

”تاريخ طاهري“، مير طاهر محمد نسياني جو لکيل ڪتاب آهي، جيڪو هن 1030هه (مطابق 1621ع) ۾ تصنيف ڪيو. سنڌي ادبي بورڊ پاران نياز همايونيءَ کان هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو ڪرائي شايع ڪرايو ويو. ادبي بورڊ وارو پهريون ڇاپو 1988ع ۾ شايع ٿيو ۽ ٻيو ڇاپو 1995ع ۾ شايع ڪرايو ويو. بنيادي طور تي هيءُ سنڌ جي تاريخ جو اهم ماخذ آهي. جيتوڻيڪ هيءُ ڪو نسب نامي جو ڪتاب ڪونهي، پر هن ڪتاب ۾ موجود ڪجهه روايتون سمن جي نسل جي ڦهلاءَ جي باري ۾ ڪافي اهم معلومات ڏين ٿيون. هن ڪتاب مان اسان کي ڪڇ کان ايندڙ سمن جي گهراڻي جي باري ۾ به معلومات ملي ٿي، جيڪو بعد ۾ سنڌ جو حڪمران ٿيو. هن ئي ڪتاب مان اسان کي لاکي ڦلاڻيءَ جي باري ۾ وڌاءَ کان پاڪ معلومات ملي ٿي ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي ڳالهيون، جيڪي رڳو هن ئي ماخذ مان حاصل ٿي سگهن ٿيون. تنهنڪري ئي سمن جي نسب جي حوالي سان هن ماخذ جو هتي ذڪر ڪيو ويو آهي.

تاريخ مظهر شاهجهاني ۾ سمن جي قبيلي بابت فراهم ڪيل معلومات:

”تاريخ مظهر شاهجهاني“، 1044هه ڌاري يوسف ميرڪ بن مير ابوالقاسم نمڪين جي لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ آئين اڪبريءَ جي طرز تي سنڌ جي مختلف ڀاڱن جا نالا ڄاڻائيندي اتي جو احوال ڏنو ويو آهي. جنهن سان نه رڳو انهن علائقن جي قدامت بلڪه انهن قبيلن جي قدامت ۽ تاريخ جي باري ۾ به اندازو ٿئي ٿو، جن سان اهي علائقا ديهون، تپه، پرڳڻا ۽ سرڪارون منسوب رهيون آهن. هن ڪتاب مان سمن جي ڪجهه اهم قبيلن جي هڪٻئي سان نسبت بابت ڪافي اهم معلومات ملي ٿي. جيتوڻيڪ هن ڪتاب ۾ سماٽ قبيلن مان لاکن، ڪوريجن، ڇڇرن، ڳاهيجن، هاليپوٽن، سميجن اوٺن، سميجن پرين، راهوجن، ڏيٿن، پلين، پنهورن وغيره جو به ذڪر ڪيل آهي، پر هتي انهن ڪجهه ذاتين جو ذڪر ڪجي ٿو، جن کي مير يوسف ميرڪ سميجن جي ٽن گروهن ۾ بيان ڪري هڪٻئي سان نسلي لاڳاپن جي نشاندهي ڪئي آهي. هڪڙو گروهه سميجن جو آهي، جنهن ۾ ٻارنهن قومون، بڪيجا، ٿيٻا، جوڻيجا، پريا، دل، کيبر، اوٺا، لاکير، راڄپر، ڀان، منگواڻا ۽ انڙ شامل آهن. انهن مان انڙن جا وري پنج پاڙا ڄاڻايا آهن: راهو، ڏاهري، ساند، ساريا ۽ ڪيريا. انهن مان سارين جون چار ذاتيون لکيون آهن: ڌاريجا، راهوجا، مناهيجا، فيروزيجا. هن ماخذ ۾ البته هڪ ڳالهه وضاحت طلب آهي ته هن سمن جي ڪافي اهڙن قبيلن کي به سميجا لکي ڇڏيو آهي، جيڪي سميجا نه آهن. ياد رهي ته سميجا به سما آهن، پر نسليات جي ڄاڻن کي خبر آهي ته اهو اصطلاح سمن جي هڪ الڳ گروهه لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، جيڪي ڄام سمي جو اولاد آهن. ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ جو مصنف شايد اصطلاحن جي باريڪيءَ کان واقفيت نه هئڻ ڪري انهن ٻنهي گروهن کي گڏي ويٺو آهي. ان جي نشاندهي قاضي سليمان ڀان به ”تاريخ سميجا“ ۾ ڪري چڪو آهي.

تاريخ مظهر شاجهانيءَ جو سنڌي ترجمو ڪجهه قدر لاپرواهيءَ جو شڪار ٿيل ٿو ڏسجي. ان ڪري تحقيق دوران فارسي ماخذ کي سامهون رکڻ مناسب ٿيندو.

تحفة الڪرام ۾ ڏنل سمن جو شجرو:

’تحفة الڪرام‘ ۾ سمن وارو شجرو هنن لفظن سان شروع ٿئي ٿو:

”سام“ جو نسب دانن جي اختلاف جي بناء تي، هڪڙي قول موجب ”عمر بن هشام بن ابولهب“ جو اولاد آهي، ٻئي قول موجب ”عمر بن عڪرمه بن ابوجهل“ يا ”عڪرمه بن عصام  بن ابوجهل“ جو پٽ آهي، پر وڌيڪ قول هيءُ آهي ته هو ”جمشيد“ جي اولاد هو، جيئن ”جام“ (ڄام) جو لقب انهيءَ تي دلالت ڪري ٿو، يا مورڳوئي ”سام نوح“ عليہ السلام جي اولاد مان هو، تنهن کي چار پٽ هئا، هڪ ”بدها“، جنهن جو اولاد بدهه، سومره، سهته، اداکيل، اوتار، امره ۽ نهدير وغيره جملي سورنهن پٽ هئا، جيڪي ”راٺوڙ“ جي لقب سان مشهور آهن، ٻيو ”سنگا“، ٽيون ”همهر“، چوٿون ”ڀاڳرت“، جنهن کي هڪ پٽ ”ڏيره“ نالي سان ڄائو ۽ انهيءَ کي ”اجيپار“ نالي هڪ پٽ پيدا ٿيو، جنهن کي هڪ پٽ ”دسرت“ ڄائو. چون ٿا ته دسرت کي ٽي زالون هيون: هڪ ڪسيلا (ڪوشليا)، ٻي ڪيليه (ڪيڪئي)، ٽي سميا. ”ڪيليه“ مان هڪ پٽ ”ڀرت“ نالي ۽ ”سميا“ مان هڪ پٽ چترگن نالي ڄائو. سنگا ولد سام پڻ اولاد ڇڏيو. همهر بن سام کي پڻ ”تودر“ جي نالي (سان مشهور) اولاد آهي. دسرت جي پٽ ڀرت جو اولاد ”پرهار“، ”جانسپا“، ”ڪوريجه“، ۽ ”ناهه“ جي نالي سان باقي آهي. چترگن ولد دسرت جو اولاد ”چئرا“ جي نالي سان مشهور آهي. ڀرت جي پٽ لکمڻ (لڇمڻ) کي ڪو اولاد ڪونه رهيو. رام بن دسرت هڪ پٽ ”تواڪس“ نالي ڇڏيو، جنهن کي ”اتت“ نالي پٽ ٿيو، انهيءَ کي هڪ پٽ تتت، انهيءَ کي نرگنت، نرگنت جو پٽ ”ڪن“ هو. ”ڪن“ جو شهر انهيءَ کي نالي سان مشهور آهي. ڪن جو پٽ کي ”سنبوت راجا“ جو لقب مليو، سنبوت راجا کي 4 پٽ ڄاوا. هڪڙو سام ٻيو پرڪره، جنهن کي شاهه پڻ چوندا هئا. ٽيون ”هنرت“، جنهن کي ”دکن“ پڻ چوندا هئا، ۽ چوٿون ”مادهه“. سنبوت راجا جو پٽ سام کي ”جادم“ نالي پٽ پيدا ٿيو، جادم ولد سام بن سنبوت جا چار پٽ ڄاوا. هڪڙو ”هسپت“، جنهن جو اولاد ”سنڌسما“ آهن، ٻيو ”ڪجپت“، جنهن جو اولاد ”چغده“ آهن، ٽيون ”ڀوڀت“، ڀٽي قوم انهيءَ جو اولاد آهي، چوٿون ”چوڙا سما“، جنهن جو اولاد، ”سورٺ“ جي سرزمين واري ڪرنال (گرنار) جي قلعي جو حاڪم ”راءِ ڏياچ“ هو، جنهن جي حشمت خلق ۾ مشهور آهي ۽ جنهن پنهنجو سر خدا جي واٽ ۾ وقف ڪيو هو. سندس زال ”سورٺ“ جي ساڻس عجيب محبت هوندي هئي. انهن زال ۽ مڙس جي (پاڻ ۾) عشق ۽ محبت جي تاثير کان، سندس سر ڏيڻ جو واقعو خاص ”سورٺ“ جي سر ۾ (ڳائڻ سان) حال جي صاحبن جو هوش ڦري وٺندو آهي: هسپت ولد جادم بن سام بن سنبوت راجا کي ”ابدري“ نالي هڪ پٽ پيدا ٿيو، جنهن کي ”نيٿ“ نالي پٽ ڄائو، انهيءَ مان ”نوتيار“، تنهن مان ”اودها“، انهيءَ مان ”اودهه“، تنهن مان لاکيار، انهيءَ مان ”لاکا“ (پيدا ٿيو). لاکي بادشاهي ڪئي. هن ”بوڻهي جاره“ (قوم) مان شادي ڪئي، جنهن مان چار پٽ پيدا ٿيا. انهن مان هڪڙو اودهه هو، جنهن کي اولاد ڪونه ٿيو ۽ ”اودهه“ سندس رهڻ جي هنڌ جو لقب آهي، ٻيو ”مهر“، جنهن کي چار پٽ هئا: 1. سيته، 2. دتيرهاٿاري، 3. ورها (جنهن کي پڻ اولاد ڪونه ٿيو)، 4. ساند (جنهن کي پڻ اولاد ڪونه هو). چون ٿا ته مٿئين لاکي پيريءَ ۾ ٻي زال پرڻي، جنهن مان چار پٽ پيدا ٿيا: 1. انڙ، 2. ڇٽو، جنهن جو اولاد بابڙا، دنڪنه ۽ ڪلا آهن. 3. ڦل لاکه، مشهور (قوم) ”ڦلاڻي“ انهيءَ جو اولاد آهن ۽ 4. مناهيه، لاکي جي پٽ انڙ کي ”لاکي“، نالي پٽ ڄائو، جنهن کي ”سمي“ نالي پٽ پيدا ٿيو، سمي بن لاکي بن انڙ بن لاکي کي ٻه پٽ ڄاوا: 1. ڪاڪو ۽ 2. جاکرو. ڪاڪو حڪومت جو مالڪ ٿيو، ديهه ”ڪاڪا“ (شايد ڪڪڙ) سندس نالي تي آهي. انهيءَ کي ٻه پٽ ڄاوا. هڪ پلي، ٻيو رائدن (رائڏانه). پليءَ جي اولاد مان ”مسرق“ سموسردار ٿيو. رائدن ولد ڪاڪي کي نو پٽ ڄاوا: انهن مان (هڪ) ”سمه“ آهي. ”سميجا“ انهيءَ جو اولاد آهن، (ٻيو) ”نوتيار“، سڀ ”نوت“ انهيءَ جو اولاد آهن، (ٽيون) ”لاکه“ سندس اولاد آهن. ”لنجار“، مخدوم ”سهار“ (ساهڙ) النجار عليه الرحمت، جنهن جو بيان مشائخن جي ذڪر ۾ ٿيندو، انهيءَ جو اولاد ۽ پيڙهيءَ مان آهن، (چوٿون) ”ابڙو“، انهيءَ جو اولاد ”ڏاهر ناهيه“ ۽ ”ڦل ناهيه“ آهن، (پنجون) ”ناهيه“، ڪن جو چوڻ آهي ته ناهيه، ”رائدن“ جي اولاد مان آهن، (ڇهون) ”چنيسر“ پڻ رائدن جي اولاد مان پنهنجي وقت جو مشهور معروف ٿي گذريو آهي، (ستون) ”مناهيو“، (اٺون) ”ڪوريو“، ”منڌرا“ قوم هنن ٽنهي جو اولاد آهي، (نائون) ”پلي“، جو سردار ٿيو. کيس ٻه پٽ هئا: هڪ ”اودهه“، جنهن جي اولاد کي ”بهريه“ (ڀريا)، اودهيجه، (اڌيجا) ۽ ”ڪوريه پوٽا“ چوندا آهن، پليءَ جو ٻيو پٽ ”ساند“ نالي پڻ قوم جو سردار ٿيو. پليءَ جي پٽ ساند کي پڻ ست پٽ هئا: پهريون ”ڪاڪو“، سندس اولاد ”ڪاڪيجا پوٽا“، ٻيو ”جاڙو“، سندس اولاد ”جاڙيجا“، ٽيون ”ويرو“، ۽ ڪن جو چوڻ موجب ”نارو“، جنهن جو اولاد ناريجا آهي، پنجون ”هڱورو“، سندس اولاد ”هڱورجا“، ”اوڍيجا“، ”جڪسيا“ ۽ ”دورها، (ڍورا) آهن، ڇهون ڏيرو، سندس اولاد ”ڏيرا سما“، جي ڪڇ ۾ موجود آهن، ستون ”ڄام هوٿي“، انهيءَ کي پنج پٽ ڄاوا: هڪڙو ”هالو“، سندس اولاد ”هالا“ قوم مشهور آهي، ٻيو ”هڱورو“، جنهن جو اولاد ڍوري هڱوري، جار هڱوري ۽ رام دهين ۾ رهن ٿا ۽ انهن جڳهين کي انهن ئي آباد ڪيو آهي، ”ساهڙ“ سندس اولاد ”ساهڙسما“، ديهه ساهڙ سمي“ جا باني ۽ رهندڙ آهن، چوٿون ”چيلاريو“ مشهور ”نهڙيه“ قوم انهيءَ جو اولاد آهي ۽ پنجون ”ڄام هاپر“. ڄام هاپر کي ٻه پٽ هئا: ”راهوجو“ ۽ ”ڄام جوڻو“. ڄام جوڻي کي ”ڪرراهو“ نالي پٽ پيدا ٿيو. ڪر راهوءَ کي ٽي پٽ ٿيا، پهريون ”ساند“، سندس اولاد ”راهوما“، ”لاکاٽيا“، ۽ ”جکرا“ (آهن)، ٻيو ”سومره“ جنهن کي اولاد ڪونه رهيو ۽ ٽيون ”لاکو ڄام“. لاکي ڄام کي ”ڪاهي“ نالي پٽ پيدا ٿيو. انهيءَ کي ”لاکي“ نالي پٽ ڄائو ۽ سندس (ڪاهي جي) مرڻ وڃڻ کان پوءِ ٻيو پٽ ڄائو، جنهن جو پيءُ وارو نالو ”ڪاهو“ رکيائون. مٿئين ڪاهي جي ڀاءُ لاکي بن ڪاهي کي ٻارنهن پٽ هئا. انهن مان هڪڙو ”ڄام جوڻو“ هو، جنهن جي اولاد مان ساموئيءَ جا ويٺل سنڌ جا بادشاهه سمه آهن (جن جو بيان پنهنجي جاءِ تي ٿيندو، ٻيو ”انڙ“، انهيءَ ”بهريه“ (ڀريا) ۾ بادشاهي ڪئي ۽ اولاد ڪونه ڇڏيائين، ٽيون ”پلي“، هن جو اولاد ”پلي سما“، چوٿون ”ڪاهو“، تنهن جو اولاد ”سوڍياري سما“، پنجون ”اوٺو“، ان جو اولاد صاحب سما، اوٺا سما ۽ سيکاٽ سما، ڇهون جيسر، تنهن جو اولاد ”بهيه ڀريا“، ستون ”منگر“، هن جو اولاد ڪونه رهيو، اٺون ”ابڙو“، سندس اولاد قوم ”ابڙيجا“، نائون ”هڱورو ڪونر“، ڏهون ”سلطان“ انهيءَ جو اولاد ”سلطان اوٿهه“ (اوٺا)، يارهون ”رائدن“، ٻارهون ”لاکو“، انهن مان هڱوري ڪونر کي ٽي پٽ پيدا ٿيا: هڪ ”ڏيسر“، ٻيو ”مناهيو“، ٽيون ”مراديو“. ڏيسر کي پنج پٽ هئا: ”ڪاهو“، ”هالو“، ”رڪڻ“، ”هڱورو“، ۽ ”جوڻو“. جوڻي بن لاکو بن ڪاهو مٿئين کي پڻ پنج پٽ هئا: ”ڪوريه“، ”تاجيه“، ”ابڙو“، ”بلوچ“، ۽ ”بانبنيه“. بانبنيه (ڀنڀو) جي اولاد جو بيان عنقريب تفصيلوار سمن بادشاهن جي طبقي ۾ ٿيندو، جن سنڌ جي بادشاهي ڪئي(1).

’تحفة الڪرام‘ ۾ ڏنل سمن جي هن نسب نامي ۾ ڪيتريون ئي غير روايتي ڳالهيون محسوس ڪري سگهجن ٿيون. جن مان ڪي ڪارائتيون ڪوٺي سگهجن ٿيون، ڪن تي تحقيق ٿيڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي، ته ڪي وري پوريءَ طرح رد ڪرڻ جهڙيون آهن، ڇو ته انهن سان اصل شجري ۾ ڪيترائي مونجهارا پيدا ٿي پيا آهن. هتي انهن ڳالهين جي اپٽار ڪرڻ سان گڏ انهن تي ٽيڪاٽپڻي پڻ ڪئي ٿي وڃي:

1. هيءُ شجرو دراصل نسب نامي جي مختلف روايتن کي جوڙي ٺاهيو ويو آهي، جنهن ۾ سمن جو نسب نامو، سامي نسل سان جڙيل هئڻ يا جمشيد سان لاڳاپو هئڻ وارين روايتن جو صرف ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ وڌيڪ تفصيل نه ڏنو ويو آهي. حالانڪه مصنف انهن ٻنهي روايتن کي وڌيڪ اعتبار جوڳو قرار ڏنو آهي. ان سان گڏ هن سمن جو نسب ابولهب ۽ ابوجهل کان جاري ٿيڻ وارين روايتن جو به ذڪر ڪيو آهي. پويون روايتون ان ڪري درست قرار نه ٿيون ڏئي سگهجن جو چچ نامو پڌري شاهدي ڏئي رهيو آهي ته محمد بن قاسم جي فتح وقت سنڌ ۾ جتي ڪٿي سما ڦهليل هئا ۽ اهي سنڌ جا تمام قديم  باشندا آهن. تڏهن هتي جو عام مذهب ٻڌمت هو ۽ ان تي سمن جي گهڻائيءَ جي ڪري ”سمني“ نالو پئجي ويو هو. اهي ٻئي روايتون اڳتي شيخ صادق علي شير علي جي حوالي سان پيش ڪيل آهن. جيڪي پنهنجو رد پاڻ ڪرڻ جهڙو مواد رکن ٿيون. باقي سمن جي سام بن نوح يا جمشيد سان نسبت تحقيق طلب آهي، جنهن تي هن مضمون ۾ بحث ڪيو ويندو.

2. مير قانع، جنهن سام جي نالي سان سمن جو شجرو شروع ڪيو آهي، ان جا چار پٽ ٻڌ، سنگها، همهر، ڀاڳرت ٻڌايا اٿس. هيءَ روايت دراصل آرين جي شجري جي آهي، جنهن مطابق ٻڌ، چندر جو پٽ آهي ۽ ان چندر کي سم يا سوم پڻ چئبو آهي. سن به ان جو اچار آهي جو ”ن“ ۽ ”م“ لاءِ ساڳيو صوتيو استعمال ڪيو ويندو هو (جيئن سنڌيءَ ۾ ”ڀنڀور، لفظ ۾ ”ن“، ”م“ جو آواز ڏئي ٿو) اهو سم، اتري نالي پرجاپتيءَ جو پٽ هو. يعني هن روايت مطابق ٻڌ جي پيءُ سم کي چندر ونسي آرين جو ڏاڏو چندر ئي سمجهڻ گهرجي، جنهن جي نسل کي سم ونسي يا سوم ونسي به چئبو آهي.

3. ان بعد شجري ۾ سام جي پٽ ڀاڳرت جي پٽ جو نالو ڏيرو ۽ ان جي پٽ جو نالو اجيپار ٻڌايا ويا آهن. تنهن کان پوءِ مشهور سورج ونسي راجا دسرت ۽ ان جي پٽ رام جو نالو ڏنو ويو آهي. هتي ان سلسلي ۾ برهما جي پرجاپتي وواسوان کان شروع ٿيندڙ رام جو نسب نامو ڏجي ٿو:

          وواسوان ان جو پٽ اڪشواڪو، ان جو پٽ وڪڪسي، ان جو پٽ ششاڌ، ان جو پٽ ڪڪتسٿ (پراڻ جئه)، ان جو پٽ انينس، ان جو پٽ پرتلاشوا، ان جو پٽ ڀرڪ، ان جو پٽ بهوڪا، ان جو پٽ اسمنجاس، ان جو پٽ ڀاڳرت، ان جو پٽ شرتناڀ، ان جو پٽ سنڌودويپ، ان جو پٽ ايوتايوس، ان جو پٽ رتپرن، ان جو پٽ سروڪام، ان جو پٽ دوداس، ان جو پٽ مترسک (ڪلماسپاد)، ان جو پٽ اشمڪ، ان جو پٽ مولڪ، ان جو پٽ کٽوڻگ، ان جو پٽ دليپ (درگهه ڀانو)، ان جو پٽ رگهو، ان جو پٽ اجا، ان جو پٽ دسرت، ان جو پٽ رام(2).

          هن شجري ۾ سورج ونسي راجا دسرت جون جيڪي پيڙهيون ڏنيون ويون آهن، تن ۾ اجا کي ’تحفة الڪرام‘ واري شجري ۾ ڏنل دسرٿ جي پيءُ اجيپار طور سڃاڻي سگهجي ٿو ۽ ڀاڳرت کي هن شجري ۾ ٻڌ جو ڀاءُ ۽ سوم يا سم جو پٽ ڄاڻايو ويو آهي، جڏهن ته هن جو سوم سان ڪوبه تعلق نه هو.

4. رام بن دسرت کي شڪنتلا جي بطن مان ٻه مشهور پٽ: لو ۽ ڪش جي نالي سان ٿيا. انهن ٻنهي جو اولاد الڳ الڳ آهي ۽ انهن جا شجرا معلوم آهن. هن شجري ۾ رام جي پٽ جو نالو تواڪس (لواڪس) ٻڌايو ويو آهي، جيڪو ظاهر آهي ته انهن ٻنهي نالن جو ملغوبو آهي، جيڪو غلط آهي. ان بعد سندس هيٺين پيڙهين ۾ جيڪي نالا اچن ٿا، اهي آهن، اتت، تتٿ، نرگنت، ڪن، سنبوت راجا. انهن نالن جي تصديق ٻئي ڪنهن به معروف شجري مان نه ٿي سگهي آهي.

5. سنبوت راجا کان پوءِ سندس پٽ جادم کان سندس سلسلو هلندي ڏيکاريو ويو آهي ۽ ان جي هيٺين پيڙهين ۾ جيڪي نالا ڏنا ويا آهن. اهي هن ريت آهن: جادم جو پٽ هسپت، ان جو پٽ ابدري، ان جو پٽ نوتيار، ان جو پٽ اودها، ان جو پٽ اودهه، ان جو پٽ لاکيار، ان جو پٽ لاکو.

  جيمس برگس پنهنجي ڪتاب ۾ هسپت جي بدران نرپت جو نالو ڏنو آهي ۽ ابدري جي جاءِ تي سمه نالو ڄاڻايو آهي، جنهن جي پٽ جو نالو جيهو ٻڌايو اٿس. سمه ۽ جيهو جا نالا  ”تحفة الڪرام“ واري نسب نامي ۾ موجود نه آهن. جڏهن ته سندس پاران اڍي ۽ لاکيار جي وچ ۾ ڏنل راڻا عرف راهو، ان جي پٽ اڍيار ۽ ان جي پٽ ابڙي جا نالا پڻ تحفة الڪرام واري شجري ۾ موجود نه  آهن. راقم جو موقف اهو آهي ته هن جڳهه تي ابڙي جو نالو ضرور اچي ٿو ۽ اهو ئي ابڙو آهي، جنهن سومرن جون سامون جهليون هيون. سندس شهادت بعد لاکيار سنڌ ۾ آيو ۽ سندس پٽ لاکي گواڙي جي هٿ تي سنڌ جا سما متحد ٿيا. ماهوار ”سنڌ رِويو“ ڪراچي جي فيبروري 2005ع واري شماري ۾ ڇپيل منهنجي هڪ مضمون ”ابڙو، ابڙا ۽ آبڙا“ ۾ ان سلسلي ۾ تفصيلي بحث ڪيو ويو آهي ته تحفة الڪرام جي مصنف واري شجري ۾ جيڪا لاکي جي وڏي عمر ۾ بوڻهي جارا قوم (اصل ۾ وڻجارا) مان پرڻجڻ واري روايت ڏني وئي آهي، ۽ سندس اولاد جا جيڪي نالا ڄاڻايا ويا آهن، اهي لاکي گوراڙي جي نشاندهي ڪري رهيون آهن. جنهن جو پٽ ڄام انڙ سنڌ جو پهريون سمو بادشاهه ٿيو. سنڌ جي تاريخ جا ڪيترائي مصنف ان ڳالهه تي  متفق آهن. البته انڙ کان پوءِ تحفة الڪرام واري شجري جي روايت ڪجهه قدر مغالطي جو شڪار ٿي وئي آهي. ان جو ڪارڻ به لاکي سان منسوب روايتن ۾ ملي ٿو، جن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته لاکي پيريءَ ۾ شادي ڪئي. ان مان جيڪو پٽ ڄائس، ان جو نالو لاکو رکيائين. وري انڙ انڙاڻيءَ سان منسوب ٻيءَ هڪ روايت ۾ ڄاڻايل آهي ته انڙ (وڏي) پيريءَ ۾ شادي ڪئي. ان مان جيڪو پٽ ڄائس، ان جو نالو انڙ رکيائين. هي روايتون پڌري پٽ هن ئي انڙ کي سنڌ جي پهرئين بادشاهه طور ظاهر ڪري رهيون آهن، جڏهن ته مصنف پنهنجي ڏنل شجري جي آخر ۾ سمن بادشاهن جو سلسلو بانبينه نالي هڪڙي لقب سان شروع ٿيل ٻڌايو آهي. دراصل انڙ وٽ پهچي هيءُ شجرو وڏن مغالطن جو شڪار ٿي ويو آهي، جنهن جو بنيادي ڪارڻ مختلف ڪردارن جا هڪجهڙا نالا هئڻ آهي. مثال طور لاکي جي پٽ جو نالو لاکو هئڻ واري روايت سمجهه ۾ نه اچڻ ڪري ٻئي لاکي کي انڙ جو پٽ ڄاڻايو ويو آهي. اڳتي ڄام مهڙ جي پٽ ساند کي بي اولاد ڏيکاريو ويو آهي، حالانڪه ٻين روايتن مان خبر پئي ٿي ته مهڙ کي ساهڙ (يا ساند) نالي هڪڙو پٽ هو، جنهن کي وري ڦل نالي پٽ هو، جنهن جو مشهور معروف پٽ لاکي ڦلاڻيءَ جي نالي سان ٿيو، پر ان جو نالو نهايت اڍنگي طور تي لاکي جي پٽ ”ڦل لاکو“ طور ڏنو ويو آهي.

6. هن شجري ۾ انڙ جو پٽ لاکو، ان جو پٽ سمو، ان جو پٽ رائڌن، ان جو پٽ پلي ڄاڻايو ويو آهي. جيمس برگس ان روايت کي غير معتبر تصور ڪيو آهي. راقم جو خيال پڻ اهو آهي ته سمو، لاکي گوراڙي جي ڪنهن پٽ جو لقب آهي. هن جڳهه تي شجري ۾ داخل ٿيل انهن ٽن نالن جي ڪري هيٺيون سڄو شجرو الٽ پلٽ ٿي ويو آهي، جنهن کي سمجهڻ جي لاءِ تمام وڏي محنت جي ضرورت آهي.

7. اڳتي هلي اوٺي بن لاکي بن ڪاهي کي، سيکاٽ ۽ اوٺن سمن جو ڏاڏو ٻڌايو ويو آهي. هي پڌري پٽ جاڙيجا قبيلا آهن ۽ اوٺو به جاڙيجن جي نسب نامي جي شاهي سلسلي جو هڪڙو نالو آهي، جنهن جي نسل مان اهي ٽئي قبيلا پيدا ٿيل آهن. جاڙيجن جي معروف نسب نامي مطابق ڄام اوٺو پٽ آهي رائڌن جو، جيڪو پٽ آهي لاکي جاڙيجي جو، جيڪو پٽ آهي ويري جو (ڄام لاکو، ڄام جاڙي جو پٽيلو هو)، جيڪو پٽ آهي ساند جو، جيڪو پٽ آهي ڄام تماچيءَ جو، جيڪو پٽ آهي ڄام انڙ جو، جيڪو پٽ آهي لاکي گوراڙي جو.

   ’تحفة الڪرام‘ واري شجري ۾ اوٺي کان مٿيون پيڙهيون جاڙيجن جي معروف نسب نامي مطابق نه ڏنيون ويون آهن ۽ کيس لاکي بن ڪاهي (ڳاهي) جي ٻارنهن پٽن مان هڪڙو پٽ ڄاڻايو ويو آهي ۽ رائڌن کي به سندس ڀاءُ ڄاڻايو ويو آهي. جڏهن ته سندس ٻارهين ڀاءُ جو نالو پڻ لاکو ڄاڻايو ويو آهي.

انگريزن جي دور ۾ سمن جي نسل تي ڪيل تحقيقي ڪم:

بائيبل کان وٺي تحفة الڪرام تائين جي سمورن ماخذن کي هت اوائلي ماخذ قرار ڏيندي انهن ۾ سمن جي نسل بابت ملندڙ اشارن يا مفصل معلومات جو ذڪر ڪيو ويو آهي. سمن جي نسل تي نئين انداز سان تحقيق جو ڪم انگريزن جي دور ۾ شروع ٿيو. انگريزن جي دور ۾ نسب نامن جون روايتون سهيڙڻ جو ڪم باقاعده طور تي شروع ڪيو ويو. ڊاڪٽر بلوچ ۽ ڪن ٻين محققن، برٽش ميوزيم ۾ رکيل هڪ آريائي نسب نامي جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن ۾ سمن جي مختلف گهراڻن جا شجرا پڻ نروار ٿيل آهن. ان تحقيق سان جتي سمن جي نسل جي باري ۾ ڪافي شيون چٽيون ٿيون، اتي ڪي ڳالهيون وڌيڪ مُنجهي به پيون. هتي انگريزن جي دور ۾ اشاعت هيٺ آيل چند ڪتابن جو مختصر تنقيدي اڀياس پيش ڪجي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com