سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2011ع

مضمون

صفحو :19

ڊاڪٽر سيد رضوان علي

ترجمو: بشير احمد جوکيو

ڪراچي جي تاريخي حيثيت: هڪ نئون انڪشاف

(نوٽ:  رسالي ”مهراڻ“ ۾ ڪراچي شهر جي اوائلي تاريخ تي مضمون ڇپيو هو (غلام محمد لاکو مهراڻ نمبر-4، سال 1999ع) ڪراچي شهر جي تاريخ سان دلچسپي رکندڙ ڊاڪٽر سيد رضوان علي صاحب، هن مضمون پڙهڻ بعد اردوءَ ۾ هڪ ليک تيار ڪيو. هن ليک جو ترجمو استاد بشير احمد جوکئي صاحب ڪيو. هيءُ ترجمو سنڌي پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪجي ٿو، جنهن ۾ ڪراچي شهر بابت بنهه ڪي نيون حقيقتون سامهون آيون اچن ٿيون.- انچارج)

پاڪستان جي اهم ترين ۽ وڏي شهر ڪراچي جي باري ۾ عام ماڻهو ته ڇا پر اعلي تعليم يافته ماڻهن جي ڄاڻ به بلڪل مٿاڇري آهي. عام طور مشهور آهي ته انهي علائقي ۾ هڪ مائي ڪلاچي يا ڪولاچي جي نالي سان هڪ ڳوٺڙو آباد ڪيو هو جيڪو وڌندو رهيو بعد ۾ اهو ”ڪلاچي“ لفظ بدلجي ”ڪراچي“ ٿي ويو. انهي عام افسانوي روايت کي نظر انداز ڪندي پاڪستان جي مشهور محقق ۽ سنڌ جي تاريخ جي پارکو جناب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌ جي هڪ قديم تاريخ ”فتح نامه عرف چچ نامو“ جي تحقيقي ۽ تفصيلي نوٽ سنڌ جي قديم سامونڊي ڪناري واري شهر ديبل (ديول) جي محل وقوع تي بحث ڪندي اڻويهين صدي جي مشهور انگريز مؤرخ ايليٽ جي ترديد ڪندي لکيو آهي: ”ڪراچي اهوئي شهر آهي جتي عربن جو ذڪر ڪيل قديم شهر ديبل آباد هو“. هو وڌيڪ لکي ٿو ته:

سنه 1725ع کان اڳ ۾ ڪراچي جو وجود ئي ڪونه هو ۽ بندر جي حيثيت سان پهرئين 1729ع ۾ استعمال ٿيو (ڏسو چچ نامو تصحيح ۽ تحقيق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ اردو ترجمو جناب اختر رضوي (ص 317). ڊاڪٽر صاحب پنهنجي انهي حقيقي تاريخي حاشيه ۾ ڪوبه تاريخي حوالا پيش ڪرڻ ضروري نه سمجهيو آهي. مطلب ته ان وٽ اها تسليم ٿيل حقيقت آهي. جيتوڻيڪ ٻين هنڌن تي حوالوا ڏنا اٿس ڇاڪاڻ ته موصوف پڪ سان هڪ ئي ڳالهه لکي آهي ته سنه 1729ع کان اڳ۾ ڪراچيءَ جو ڪوبه وجود ڪونهي. جيڪڏهن انهي ۾ ڪا اختلافي ڳالهه هجي ته ڊاڪٽر صاحب تاريخي حوالن سان ڀرپور حاشيا لکي ها. هاڻي اهو ڊاڪٽر صاحب جو نظريو هجي يا ٻئي ڪنهن جو پر حقيقت اها آهي ته هڪ انتهائي اهم پر غير معروف قديم عربي ماخذ ۾ موجود ناقابلِ ترديد شاهدين مطابق اهو نظريو بلڪل غلط آهي جنهن جي تصديق ۽ ۽ تصحيح مؤرخن ۽ محققن کي اهل ڪراچي ۽ سنڌ کي ڪرڻ گهرجي. انهن شاهدين جي مطابق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو بيان ڪيل سال کان ٻه سؤ سال اڳ بلڪ انهي کان به اڳ ڪراچي نه صرف موجود هو بلڪ هڪ بندرگاهه هو. انهيءُ جو تفصيل هيءُ آهي ته عرب اپٻيٽ جي هڪ مشهور ملاح (Navigator) جهاز راني ۽ سامونڊي علمن جو مصنف سليمان ابن احمد بن سليمان المهري پنهنجي ڪتاب- ”المنهاج الفاخر في علم البحر الزاخر“ ۾ ڪراچي بندر جو ذڪر ڪيئي دفعا ڪيو آهي. سليمان المهري مشرقي يمن جي قبيلي بني مهره جو هڪ فرد هو. هاڻي اهو علائقو سلطنت عُمان ۾ شامل آهي. اهو غالباً عُمان اهوئي عُمان آهي جنهن جي مختلف بندرگاهن تان بادباني جهاز آفريقا، ايران ۽ هندستان جي ڪنارن کان ٿيندا چين جي بندرگاهن تائين ايندا هئا. انهي ملڪ جو اهو طلسمي ملاح جنهن کي روايتن ۾ ”سندباد البحري“ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. سليمان المهري کان گهڻو اڳ ۾ پندرهين صدي جي آخري اڌ واري جهاز ران ابن ماجد وانگر، جهاز راني، سامونڊي علم ۽ عربي سمنڊ جي ڪنارن وارن شهرن جي باري ۾ گهڻن ئي ڪتابن جو مصنف آهي جن مان ٻه ڪتاب ”المنهاج الفاخر علم البحر الزاخر“ ۽ ”الحمدة الدهراية“ گهڻو مشهور آهن. انهن مان پهريون سنه 1512ع ۾ يعني سورهين صدي عسيوي جي شروعات ۾ لکيل آهي. هي ٻئي ڪتاب سليمان المهري جي ٻين رسالن ۽ احمد ماجد النجدي ڪن منظوم رسالن سان گڏ پيرس جي هڪ قلمي نسخي مان هڪ فرينچ مشترق گبريل فيران (Gabriel Ferrand) سنه 1925ع ۾ پيرس مان عڪسي صورت ۾ شايع ڪيا هئا جيڪي اسان جي نظر مان گذريا آهن. ان کان پوءِ هڪ شامي مصنف ابراهيم خوري دمشق ۾ هڪ قلمي نسخي جي مدد سان ”المنهاج الفاخر في علم البحر الزاخر“ باقاعدي ايڊٽ ڪري دمشق مان 1970ع ۾ شايع ڪيو آهي. سليمان المهري هڪ اهڙو جهازران هو جيڪو پنهنجي بادباني، جهازن سان ايراني نار کان سنڌ ۽ هندستان جي اولهه وارن ڪنارن تائين ايندو ويندو هو. پاڻ پنهنجي انهيءَ ڪتاب ۾ ٻين ملاحن جي سهوليت ۽ رهنمائي خاطر عربي سمنڊ ۽ هندي وڏي سمنڊ جي محفوظ بحري رستن ۽ ذڪر ڪيل ملڪن جي بندرگاهن تي لنگر انداز ٿيڻ جا محفوظ طريقا ٻڌايا آهن. انهي سلسلي ۾ پاڻ سنڌ ۽ هند جي بندرگاهن جو ذڪر ڪندي ڪراچي جو پنج دفعا ذڪر ڪيو آهي. ٻه دفعا ص 10 تي هڪ دفعو 139 ۽ وري ٻه دفعا 140 تي. اهو پنهنجي ڪتاب ۾ ڪراچيءَ کي ”ڪراشي“ لکي ٿو. اهو انهي ڪري جو عربي ۾ ”چ“ نه آهي. اڪثر قديم عربي مصنفن ”چ“ جي جاءِ تي ”ش“ استعمال ڪئي آهي. هڪ ڳالهه ضمني طور تي هيءَ آهي ته، هو ڪراچي کي ديول جي نار (قديم ديبل) جو راس يعني سر شمار ڪري ٿو. ٻين لفظن ۾ ته پهريون بندرگاهه جيڪو اڄ به درست آهي. هتي اها ڳالهه دلچسپيءَ کان خالي نه آهي ته مصنف جي زماني ۾ يعني سورهين صدي عيسوي تائين قديم عربي ڪتابن ۾ ذڪر ڪيل سنڌ جي مشهور بندرگاهه ديبل عرب جهاز رانن وٽ سندس قديم نالي ديبل سان مشهور هو ۽ اهو نالو مشهور انگريز مصنف ميجر جنرل هيگ M.R Haig پنهنجي تحقيقي ڪتاب The Indus Delta Country ۾ لکيو آهي. هڪ ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته هو (سليمان المهري) ملاحن جي رهبريءَ لاءِ ڪراچي جي سمنڊ جي باري ۾ هدايت ڪري ٿو ته، هيءَ ڳالهه ياد رکو جڏهن اوهان ڪراچي پهچو ته نار (يعني ديول نار) ۾ وڃڻ ۽ اتان نڪرڻ لاءِ هڪ مقامي رهنما (گائيڊ) پاڻ سان ضرور رکو. ڇاڪاڻ ته هتي وروڪڙ واري کاريءَ ۾ جهازن جي ڦاسڻ ۽ ٽڪرجڻ جو انديشو رهي ٿو. هتي هيءَ به ڳالهه به ذڪر جي لائق آهي ته سليمان المهري ڪراچيءَ سان لڳو لڳ ننڍن ٻيٽن جو به ذڪر ڪيو آهي ۽ جهاز رانن کي ٻڌايو اٿس ته اهي ڪراچي کان علاوه انهن ٻيٽن تي به لنگر انداز ٿي سگهن ٿا. اهي ٻيٽ يقيناً منهڙو ۽ بابا ڀٽ آهن.

سليمان المهري جو اهو اهم ڪتاب انگريزن ۽ اسان جي محققن جي اڳيان نه هو. ورنه هو هيءُ ڪڏهن به نه لکن ها ته 1729ع کان اڳ ۾ ڪراچيءَ جو وجود ئي ڪونه هو ۽ اهو ته بندرگاهه جي حيثيت سان پهريان 1729ع ۾ استعمال ٿيو. ڇاڪاڻ ته المهري جو اهو ڪتاب پهريون دفعو 1925ع ۾ پيرس مان عڪسي شڪل (Faceimile) ۾ شايع ٿيو. انهي جو ذڪر لائيڊ جي شايع ٿيل انسائيڪلو پيڊيا آف اسلام جي نئين ايڊيشن ۾ به آهي. افسوس آهي جو پنجاب يونيورسٽي مان شايع ٿيل ضخيم دائره معارف اسلاميه ۾ پڻ ڪراچيءَ جي باري ۾ به اهوئي قديم تاريخي احوال درج آهي، جنهن جو ذڪر مون پنهنجي مقالي جي شروع ۾ ڪيو آهي جيڪو اعتماد جوڳو نه آهي.

اسان جي پيش ڪيل شاهدين جي روشنيءَ ۾ هيءَ ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته ڪراچي جو وجود سنه 1729ع کان نه، بلڪ انهي کان ٻه سؤ سال اڳ پراڻو آهي. يعني انهي شهر کي پنهنجي موجوده جاءِ وقوع تي پنج سؤ سال ٿي چڪا آهن. ٿي سگهي ته انهي کان اڳ ۾ به موجود هجي. ديبل جي اهميت زماني جي گردش ڪري گهٽجي وئي ۽ ڪراچي جي اهميت وڌي، حتيٰ ڪه اڄ ديول (ڀنڀور) کنڊرن جي شڪل ۾ موجود آهي ۽ ڪراچي دنيا جو اهم شهر ۽ بندرگاهه آهي. ان جي جيڪا ترقي پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ ٿي آهي، اها به روز روشن وانگر ظاهر آهي. شهر اهڙي طرح برباد ۽ آباد ٿيندا رهندا آهن.

اسان جي انهي تحقيق سان هڪ ٻي ڳالهه به واضح ٿئي ٿي ڪراچي بلڪ مڪران جي ڪنارن جي تاريخ به عربي تاريخ جي ماخذن کان سواءِ صحيح طريقي سان نه ٿي لکي سگهجي. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اسان جي يونيورسٽين ۾ انهي جو فقدان آهي ۽ عربي مدرسن جا طالب ته ڇا پر استاد به اهڙن ماخذن بلڪ جاگرافيءَ جي علمن کان اڻ ڄاڻ آهن. جيڪو ”علم البلدان“ جي نالي سان عربن جو هڪ مايهء ناز علم هو، جنهن مان يورپي قومن انهي علم جي ڳچ ڪتابن کي شايع ڪري گهڻو فائدو حاصل ڪيو. انهن علم ۽ معرفت جي گهڻي خدمت ڪئي آهي، هو يقيناً انهي خدمت لاءِ مبارڪ باد جا مستحق آهن.  

ريحانه نظير

شيخ اياز: بحيثيت هڪ افسانه نگار

شيخ اياز نثر ۾ لکڻ جي شروعات ورهاڱي کان پهرين ڪئي. اهو دور، ننڍي کنڊ ۾ سياسي سجاڳي ۽ سماجي اٿل پٿل وارو دور هو. هر طرف آزاديءَ جون تحريڪون زور شور سان هلي رهيون هيون. ان ڪري ان دور جو جيڪڏهن تجزيو ڪيو وڃي ته ان دور جي هر اديب جي تخليق ۾ آزاديءَ جي پرچار يا انگريز حڪومت کان نفرت جو اظهار موجود نظر ايندو.

شيخ اياز،  جڏهن ڪهاڻي کيتر ۾ قدم رکيو تڏهن پنهنجي آس پاس جي ماحول ۾ اهو ساڳيو سياسي، سماجي ۽ انقلابي تحريڪن جو دور ڏٺائين جنهن دور ۾ ادب جي هڪ نئين نظريي (ترقي پسند) جو پرچار زور شور سان هلي رهيو هو، جنهن ادب کي زندگيءَ جو ترجمان، پنهنجي حقن لاءِ جاکوڙ ڪندڙ ۽ انسانيت جي اعليٰ قدرن کي اجاگر ڪرڻ جو درس ڏنو، هن نئين نظريي، نوجوانن اندر تمام گهڻي مقبوليت ماڻي ۽ انهن وري، ان وقت جي حالتن ۽ واقعن کي پنهنجي ادب جي موضوع بنايو. جن ۾ سوڀوگيانچنداڻي، اياز قادري، گوبند مالهي، ڪرشن کٽواڻي، سڳن آهوجا وغيره قابلِ ذڪر آهن. شيخ اياز جي ڪهاڻي ”سفيد وحشي“ به ان نظريي (ترقي پسند) مطابق حقيقتن جي تصوير هيٺ قومي فڪر جي ترجماني ڪندي نظر اچي ٿي، جنهن ۾ بقول شيخ اياز جي ته ”سنڌ ۾ رايل انڊين نيوي جو مظاهرو هندستان جي ايندڙ انقلاب جو شروعاتي قدم هو. سنڌ کي  فخر آهي ته غير جي چنبي مان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ پهريون ڦٿڪو سنڌين کاڌو جنگ کان پوءِ سنڌي جنتا جي جاڳرتا جو نظارو مون ”سفيد وحشي“ ۾ ڪڍيو آهي(1).

هن ڪهاڻيءَ ان وقت ايتري ته مقبوليت ماڻي جو ڪهاڻي، ڪتاب جي ٽائيٽل بڻي. ان ڪهاڻي کان علاوه شيخ اياز پنهنجي افسانن ۾ سنڌي سماج جي ننڍين وڏين اوڻاين کي هڪ حقيقت پسند ليکڪ جيان پاڻ ۾ محسوس ڪري پنهنجي ڪهاڻين جو موضوع

بنائي پڙهندڙن جي سامهون پيش ڪيو. سندس ڪهاڻين تي نظر وجهبي ته اتي اسان کي ڪجهه اصلاحي، ڪجهه انقلابي، ڪجهه رومانوي ڪهاڻيون لکيل نظر اينديون. اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن جو تعداد ٻين ڪهاڻي نويسن جي بنسبت تمام گهٽ ملندو!

پر جي پاڻ اڃا وڌيڪ ڪجهه ڪهاڻيون لکي ها ته يقيناً سنڌي ادب ۾ ڪجهه وڌيڪ شهپارا شيخ اياز جي ڪهاڻين جي صورت ۾ اسان وٽ موجود هجن ها!

سندس انهن مختصر ڪهاڻين جو جائزو وٺبو ته انهن ۾ اسان کي ڪهاڻيءَ جا سمورا لوازمات موجود نظر ايندا. سندس ڪهاڻين جا جملا، تشبيهون، منظرنگاري، ڪردارنگاري اهڙي انداز ۾ پيش ڪيل نظر ايندي جو پڙهندڙ شيخ اياز جي سحر ۾ پاڻ کي گم ٿيڻ کان روڪي نه سگهندا! احسان بدوي اها وضاحت هنن لفظن ۾ ڪئي آهي ته: ”شيخ اياز سنڌي افسانه نگاري ۾ جو رنگ پيدا ڪيو آهي، اهو بلڪل نئون آهي ۽ شايد هن وقت اياز کان زياده ڪامياب افسانه نگار ٻيو ڪوبه نه آهي. هن جي افسانن ۾ اسان کي رومان ۽ حقيقت جو امتزاج ملي ٿو جو اسان جي روزانه زندگي فطرت جي عين مطابق آهي ۽ اهڙي شعريت سان ڀرپور ۽ مٺڙي زبان شايد ئي ڪنهن سنڌي افسانه نگار کي نصيب هوندي(2)!

هيٺ سندس لکيل ڪهاڻين جا ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا:

آبدار مغربي موسيقي جو رڪارڊ وڄايو. راڳ جون ڇوليون ڇوهه سان آيون ۽ ڇر ۾ بدلجي ويون. جوڙيون فرش تي ترڪنديون رقص ڪنديون ائين ٿي ويون ڄڻ هنج پاڻيءَ تي لهوارا وڃي رهيا آهن، بجلي جي روشنيءَ ۾ زرق برق ساڙهيون چمڪي رهيون آهن(3).

تشبيهه جو وري هيءُ مثال ڏسو جيڪو پنهنجي ماحول جي عڪاسي ڪري ٿو. ڪهاڻي ”سفيد وحشي“ ۾ جڏهن ملاح کي گلان جي هڪ نظر گهايل ڪري وجهي ٿي ته ان جو اظهار ڪهاڻيڪار هنن لفظن سان ڪري ٿو:

”جيئن لنگر ٻيڙي مان اڇلبو آهي ته وڃي واري ۾ کپندو آهي تئين گلان سندس دل ۾ کپي وئي(4).

”واچ جا ڪانٽا“ ۾ هڪ رومانوي جوڙي جي ڪردارنگاري هنن لفظن ۾ ڪري ٿو ته:

”ٻئي هٿن ۾ هٿ ڏيئي لهرن تي اڏامندا پئي ويا. ٻه فطرت جا جزا، ٻه سپون دنيا جي ڏک درد کان دور، ٻه روح اسم جسم کان آزاد، ٺاهه ٺوهه کان آجا، رسم و رواج کان بي نياز(5).“

ائين نه آهي ته ڪهاڻيڪار انهن نفيس جذبن جو اظهار صرف محبت جي پس منظر ۾ ڪري ٿو پر سندس باريڪ نظرون عام ماڻهن جي بظاهر ٻاهران نظر ايندڙ بدصورتي مان به خوبصورتي کي ڪڍي اجاگر ڪن ٿيون. مثال ”مسافر مڪراني“ ۾ ڪم ڪندڙ مزور عورتون ۽ انهن جي ارد گرد جي ماحول جي ڪردار نگاري ڪيڏي نه سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان بيان ڪئي اٿس ته چوڌاري ڪپهه جون پوڻيون هيون ۽ عورتون انهن کي هٿن سان پڃي رهيون هيون. مزور مڪراڻي عورتون سڻڀيون ۽ سوٽ! وٽيل سٽيل ويڻيون، ڏٽا مٽا منهن جي پڪي چمڙي، ڪڪا وار ڄڻ ٽامي جون شيون ٿي لڳيون(6). ساڳي ڪهاڻي اندر مڪراني مزور جي ٻار جي نفسيات جو اظهار ڪندي لکي ٿو ته:

”مسافر جي عمر چار پنج سال هئي، منهن ماسيرو، چپ ٿليهرا، رنگ سانورو، وار ڪڪوريا انهن سان گڏ مون کي هن جي منهن تي عجيب مرڪ نظر ايندي هئي. سندس انگ انگ مرڪندو هو. سندس اکيون چمڪي ڀرون تاڻجي ناسون ڦولارجي چپ سڪي ويندا هئا، اها مرڪ هن جي ماحول تي فتح هئي. گدام جي هانوَ ڪچو ڪندڙ ٻوساٽ پيٽ ۾ ڇتي بک، بت ۾ بڇان، پگهر جي هلڪي پونءِ، چڪڻي مٽي ماءُ جو داٻ دڙڪو، ڇڪيون ڇڙٻون… هنن سڀني جي شڪست هئي اهو ناچ، بک ۽ بدحالي جو اظهار هو هيءُ گيت:

رئو وڏو امان جو

طُرو وڏو ابا جو

تئو وڏو امان جو

ڇُرو وڏو ابا جو

پيٽ وڏو سيٺ جو

پيٽ وڏو سيٺ جو(7).

۽ جڏهن ان معصوم ٻار جي ان گيت، ان ناچ ۽ ان مرڪ کي بک، بدحالي ۽ بيماري ڳڙڪائي ٿي وڃي ته اتي شيخ اياز هڪ انقلابي ليکڪ بڻجي سامهون اچي بيهي ٿو. جيڪو ڪهاڻي جي هن ٽڪري مان هر لفظ اندر بکندو نظر اچي ٿو ته هي ٻار جنهن جي ماءُ صبح کان سانجهيءَ تائين ڪپهه پڃي رهي آهي، تنهن جي انگ تي لٽو نه آهي، دل ۾ ايندو آهي ته پوڻي پوڻي اُڏايان ڳوڻي ڳوڻي جلايان، گدام ڦهلندو نظر ايندو اٿس، هن جون حدون ساري دنيا سان ملي وينديون آهن، هي ساري دنيا گدام آهي جنهن تي ڪپهه جون پوڻيون پکڙيل آهن، بس هڪ هڪڙي تيلي جي ضرورت آهي هڪڙي چڻنگ، فقط هڪڙي تيلي! اي انگ اگهاڙؤ اٿو، هيءَ دنيا هي ڪپهه جو گدام اوهان جو آهي، اي پيٽ بکيؤ اٿو! هيءَ دنيا هي ڪڻڪ جو گدام اوهان جو آهي، ان تي صرف ان جو حق آهي جو پوکي ٿو جو پورهيو ڪري ٿو(8).

هتي اسان کي مزاحمتي ادب جي هڪ انقلابي اديب، مفڪر، انسان دوست سان گڏ هڪ مضبوط ارادن جي مالڪ ۽ هڪ جوشيلي جوان جي صورت نظر ايندي، جنهن کي نفرت آهي انهن سرمائيدارن کان جيڪي مزور جي بک مان پنهنجو پيٽ ڀرين ٿا. هن کي نفرت آهي انهن وڏيرن کان جيڪي پورهئي جو اجورو پگهر سُڪڻ کان اڳ نٿا ڏين. هن کي نفرت آهي ان سماج کان جنهن ۾ دنيا جهان جون خوشيون ڏيندڙ عورت کي سندس جائز مقام ۽ حقن کان محروم ڪيو وڃي ٿو. هن کي نفرت آهي انهن ڦورن کان جن کي جنهن ڌرتي عزت ڏني هو انهي جي تهذيب، تمدن، زبان، مال، ۽ ملڪيت لُٽڻ لڳا.

شيخ اياز جون ڪهاڻيون انهن فڪري لاڙن جي ترجماني ڪندي نظر اچن ٿيو. هونء به تخليق اها لازوال آهي، جيڪا پڙهڻ واري ۾ اتساهه پيدا ڪري، ان جي ستل جذبن کي بيدار ڪري. تڏهن چئبو ته ليکڪ پڙهندڙن تائين پنهنجو شعور بيدار ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. بقول خاڪي جويو ته ”هڪ وڏي فنڪار جي وڏي خوبي اها هوندي آهي جو هو پنهنجي جمالياتي ۽ نظرياتي محسوسات کي پنهنجي تخليقي ڏات ذريعي پڙهندڙن جي هڪ وڏي اڪثريت تائين جيئن جو تيئن پهچائيندو آهي، فنڪار جيڪي تاثر جيئن محسوس ڪندو آهي، انهن تاثرن کي ائين عوام تائين پهچائڻ فنڪار جي سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي. مطلب ته اهي ساڳيا تاثرات جيڪي هڪ فنڪار پنهنجي تخليقي عمل دوران جهڙي طرح به محسوس ڪيا انهن کي انهن ئي جذبن، خيالن، احساسن ۽ امنگن مطابق فن جي پڙهندڙن کي به محسوس ڪرائڻ فنڪار جي فنڪاري جو ڪمال آهي(9).“

شيخ اياز جي شخصيت ۾ اهڙو ئي فنڪار موجود هو جنهن پنهنجي ڏات سان ملڪي توڙي غير ملڪي حالتن، واقعن، سياسي ۽ سماجي سرگرمين کان پڙهندڙن کي واقفيت ڪرايو. انهيءَ پس منظر ۾ سندس ڪجهه ڪهاڻين جو جائزو وٺون ٿا.

سفيد وحشي: هن ڪهاڻي مان پڙهندڙن کي ورهاڱي کان پهرين واري دور جي سياسي ۽ سماجي حالتن جو چڱي طرح اندازو ٿي ويندو، 20 صدي جو دور هر طرف کان انقلابن ۽ آزادي جي تحريڪن سان ڀرپور هو، جنهن ۾ هر طرف مظلوم ۽ محڪوم قومون پنهنجي آزادي لاءِ پاڻ پتوڙي رهيون هيون. ان بين الاقوامي سياسي سجاڳي سڄي دنيا جي ڏتڙيل ماڻهن کي هڪ نئون شعور هڪ نئين سجاڳي بخشي ۽ ان سموري جدوجهد ۾ ادب کي نمايان مقام حاصل آهي جنهن پنهنجي قلم وسيلي پنهنجي ملڪ کي هڪ نئين جنگ وڙهڻ سيکاري، اهو دور ننڍي کنڊ ۾ 20 صدي کان 1947ع تائين ڪٿي سگهجي ٿو. شيخ صاحب ان دور جي سياسي سماجي حالتن جو نمايان عڪس ”سفيد وحشي“ ۾ هن طرح بيان ڪيو آهي:

”صديق پنهنجي اڌوراڻي سائيڪل تي چڙهي شهر ڏانهن ويو. ڪچهري روڊ تان گذريو ته ڪيترا ڪاليجي ڇوڪرا ڏٺائين، جي جهنڊا کڻي انقلاب زنده باد جا نعرا هڻي رهيا هئا.“

ساڳي ڪهاڻي اندر هڪ ٻي جاءِ تي هو لکي ٿو ته اسين پنهنجا جائز حق گهرون ته اسان کي گولي سان اڏايو وڃي، اسين جي ظلم ۽ بي انصافي خلاف آواز اٿاريون ته اسان کي ٽيئر گئس هلائي ڇڙوڇڙ ڪيو وڃي ٿو، آخر هي انگريز، هي سفيد وحشي ڪيستائين عوام جو خون وهائيندا… ڪيستائين؟(10)“

اهي جملا انگريز سامراجيت جي سختين ۽ غلام بيٺڪي سرشتي ۾ رهندڙ ماڻهن جي جذبات ۽ خيالات جا امين آهن. جنهن ۾ گلان نالي هڪ غريب ڇوڪري جنهن کي صديق مهاڻي نالي هڪ مرد تمام گهڻو چاهيندو هو ۽ جڏهن ان جي عزت پنجن رپين ۾ وڪڻندو ڏسي ٿو ته سندس غيرت جوش کائي ٿي. هو سوچي ٿو ته اسان جو ملڪ، ان جا وسيلا ۽ مال ملڪيتون کڻي هنن (انگريزن) جو پيٽ ڪونه ڀريو جو هاڻي اسان جي عزت ۽ غيرت به خريد ڪري رهيا آهن، هو پنهنجي ان نفرت جو اظهار هنن لفظن سان ڪري ٿو ته:

”اسان جي زندگي عزت، غيرت ۽ محبت جا خوني سفيد وحشي! سفيد وحشي! سفيد سفيد! صديق جو مغز ڦري وڃي ٿو:

”هي صدري جي کيسي مان چاقو ڪڍي در کي لت هڻي اندر ڌوڪي آيو، هڪ ٻيون ۽ ٽيون سولجر در تي ڪيري وڌو. آدم مڇي جيان ڌرتي تي ڦٿڪڻ لڳو(11).“

اهي هئا ان وقت جا حالات جن کي شيخ اياز هڪ انقلابي ڪهاڻيڪار وانگر نه صرف سچائيءَ سان بيان ڪري ٿو پر صديق مهاڻي جهڙي معمولي ڪردار ۾ اها سوچ ۽ قوت پڻ جاڳائي ٿو جو هو پنهنجي سطح تي پنهنجي حقن لاءِ وڙهي ٿو. اهو هو هڪ ترقي پسند ليکڪ جي ان دور ۽ ان جي حالات مطابق پنهنجي سوچ ۽ جذبن جو فن ۽ هڪ عملي نمونو. فن ۽ حقيقتون هڪٻئي لاءِ لازم ملزوم قوتون هونديون آهن، جي فن هوندو ۽ حقيقت نه هوندي ته اها تخليق صرف مٺيون ننڊون ڪرائيندڙ سڏبي، جنهن مان سجاڳي جو ڪوبه رستو ڪابه منزل نظر نه ايندي ۽ جي صرف حقيقت هوندي ۽ فن ناپيد هوندو ته اهو هڪ اخباري بيان کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نظر نه ايندو، شيخ اياز اهو اديب هو جنهن جي هر تخليق ۾ اهي ٻئي خوبيون هر هنڌ نمايان نظر اچن ٿيون.

ڪهاڻي ”ڪارو رنگ“ پڙهبي ته ان اندر هڪ نواڻ ۽ تازگي نظر ايندي. ليکڪ ڪيئن نه ڪاري رنگ پٺيان لڪل خوبصورتي کي جهٽي پڙهندڙن اڳيان پيش ڪري رنگن جي حقيقتن کان آگاهه ڪري کين ٻڌائي ٿو ته خوبصورتي رنگن جي محتاج نه هوندي آهي، پر اها هر انسان جي ڪردار ۽ ان جي عمل مان عيان ٿيندي آهي.

ڪهاڻي ”نظيران“ ۾ پاڻ هڪ گهريلو عورت جي اخلاق ۽ ان جي هر سختين کي صبر ۽ شڪر سان برداشت ڪرڻ واري جذبي کي ساراهي ٿو، گڏوگڏ ان عورت جي مڙس کي پڇتاءَ جو اهڙو مزو چکائي ٿو جو پوئين سڄي عمر هو رت جا ڳوڙها وهائيندو نظر اچي ٿو.

اهي سڀ سندس شروعاتي دور جون ڪهاڻيون هيون جن ۾ هو فن کي حقيقتن جو ترجمان ڪري نه صرف بيان ڪري ٿو پر انهن حقيقتن کي پنهنجي ڪوشش وسيلي بدلائڻ جو سبق پڻ ڏيئي ٿو، اهو ڪيتري قدر درست آهي، ان لاءِ ڊاڪٽر غلام حسين جعفري جي هي راءِ ڪافي وزن رکي ٿي ته فن ۽ ادب هميشه حقيقتن کي بدلائڻ لاءِ ڪم آيو آهي، ڪڏهن جادوءَ جي حيثيت ۾، ڪڏهن فن جي حيثيت ۾، ڪڏهن شعوري طرح، ڪڏهن غير شعوري طرح. ادب ۽ فن برابر حقيقتن تي منحصر آهن ۽ حقيقتن مان پيدا ٿين ٿا پر اهي پنهنجي ليکي حقيقتن تي اثر پڻ وجهن ٿا. اديب جو فرض آهي ته هو نه صرف حقيقتن کي سمجهي انهن کي پيش ڪري بلڪه حقيقتن جي بلڪل تهه ۾ وڃي ان کي خوبصورت ۽ روشن صورت ۾ بدلائڻ جي جهلڪ ڏيئي. جيڪڏهن ڪو اديب حقيقت ۾ پيهي وڃي ٿو ۽ سندس فن تخليقي حقيقت نگاري تي پهچي ٿو، تڏهن چئبو ته هو هڪ اعليٰ چتر يا ڪردار پيش ڪري ٿو(12).“

شيخ اياز جون ڪهاڻيون ۽ انهن جي ڪردارن جي ادبي تور تڪ ڪبي ته اهي مٿي ڏنل مثال جي ڪسوٽي تي کريون نظر اينديون.

شيخ اياز جي هڪ ڪامياب ڪهاڻيڪار جو هڪ ثبوت اهو به آهي ته هن پنهنجي همعصرن ۽ پونئرن تي اثر وڌو آهي، انهن مان هڪ مثال نجم عباسي جو آهي. شيخ اياز جنهن دور ۾ لکڻ شروع ڪيو، نجم عباسي به ان دور ۾ ڪهاڻي کيتر ۾ داخل ٿيو. ان ڪري اياز جي فن ۽ فڪر جو ٿورو گهڻو عڪس سندس ڪهاڻين ۾ به موجود ملندو. مثال: شيخ اياز جي ڪهاڻي ”پاڙيسري“ جيڪا هندو مسلم يڪجهتيءَ تي ٻڌل آهي، اها نجم عباسي جي ڪهاڻي ”دوستي نه ڏسي دين ڌرم“ (1944ع) ۾ نظر اچي ٿي. مثال شيخ اياز هڪ هنڌ لکي ٿو ته:

”خانوءَ کي ڪئين اهڙا روزمره جا واقعا نظر آيا جڏهن هندو مسلمان جو روح مِلي جُلي ويو هو ۽ سنڌ جي هڪ تهذيب، هڪ قوميت جي گواهي ڏني(13).

نجم عباسي وري ان رشتي کي هنن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو ته:

”هندو به انسان آهن مسلمان به انسان آهن. هو به خدا جا خلقيل آهن ۽ اسان به، جهڙيون خدا جون نعمتون اسان تي آهن تهڙيون انهن تي. وڏي ڳالهه ته اسين ٻئي سنڌي آهيون. هڪ ديس، هڪ وطن، هڪ زبان، گڏ رهون، گڏ راند روند ڪريون، اهڙو ڪو ٻيو ناتو ٿي سگهي ٿو(14)!“

”مشيرنامو“ سنڌي سماج جي ڪوڙهه ورتل بيماري ڪارو ڪاري جي ظلم جي زنده تصوير پيش ڪري ٿي. سنڌي جيڪي هڪ طرف ته نياڻي کي ست قرآن جو درجو ڏين ٿا پر جڏهن اها نياڻي پنهنجي سوچ پنهنجي محبت پنهنجي حقن جي لاءِ جڏهن آواز بلند ڪري ٿي ته هڪدم سندس سر ڪوبي ڪارو ڪاريءَ جي هٿيار سان ڪئي وڃي ٿي. شيخ اياز هن ڪهاڻيءَ ۾ اهڙي ئي هڪ نياڻي جي جذبن، خواهشن ۽ محبتن جو احوال قلمبند ڪندي لکيو آهي ته: ”هن عورت کي اهو سنگسار ڪري جنهن نظر يا زبان سان ۽ خيال ۾ به سياه ڪاري نه ڪئي هجي. مون رڙ ڪري جواب ڏنو جنهن نه ڪئي آهي، انهيءَ کي به ڪهڙو حق آهي هي رت شب خيز آهي، پاڪيزه آهي، هر گناهه ثواب کان بالاتر آهي، هي رت عبادت آهي، ان تي هٿ کڻڻ جو ڪنهن کي به حق نه آهي، نه انسان کي نه فرشتي کي“. جمال ابڙو سندس ان ۽ لکيل ٻين ڪهاڻين جي تعريف ڪندي لکي ٿو ته:

”سندس شاعريءَ سبب سندس افسانه نويسيءَ جو پهلو ماڻهن کان اوجهل رهيو. مون کي موجوده ڪهاڻي نويسيءَ جو ابو سمجهيو يا سڏيو وڃي ٿو، ان ۾ اهو سهرو به شيخ اياز تي آهي. مون ڪاليج وارن ڏينهن ۾ 1941ع کان 1947ع دوران سندس ڪهاڻيون- ”سفيد وحشي“، ”کلڻي“ وغيره پڙهيون. جن مون تي اهڙا اڻ مٽ نقش ڇڏيا جو اڄ ڏينهن تائين اڌ صدي گذرڻ کان پوءِ به، نه مٽيا آهن. منهنجون سڀ ڪهاڻيون ۽ شيخ اياز جو هڪڙو ”مشيرنامو“(15).“

شيخ اياز جي ڪهاڻين جو مطالعو ڪبو ته انهن جا اڪثر موضوع هيٺيان نظر ايندا:

1. طبقاتي سماج جون اوڻايون 2. وڏيرن جا هارين مٿان ٿيندڙ ظلم ۽ هارين جي بک ۽ بدحالي 3. سنڌي سماج ۾ عورتن سان ٿيندڙ ناانصافي. جنهن جو اندازو ڪهاڻي ”نظيران“ جي هيٺين سٽن مان بخوبي لڳائي سگهجي ٿو، جنهن ۾ ليکڪ هڪ هنڌ لکي ٿو ته:

”اهي عورتون جيڪي گهرن اندر رهن ٿيون ۽ مردن جي استحصال جو شڪار ٿين ٿيون پر پوءِ به درگذر ڪري صبر جو وقت گذارين ٿيون. ڪيڏي نه! عورت اندر برداشت ڪرڻ جي طاقت آهي!“

گوبند مالهي ورهاڱي کان پهرين ورتل سندس ادبي ڪاوشن خاص ڪري افسانه نويسي کي خراج تحسين پيش ڪندي لکي ٿو ته:

”اياز، ”نظيران“ ۽ ”سفيد وحشي“ جهڙيون ڪهاڻيون به لکيون ۽ ”اڳتي قدم“ مخزن به شروع ڪيائين، سنڌ ۾ انقلابي ادب جو علمبردار شيخ اياز ئي هو. هن جهونن ڳاڻ ڳڻين اديبن کي قلم کڻڻ لاءِ للڪاريو ۽ نون اڀرندڙ اديبن کي لکڻ لاءِ پڻ اتساهيو آماده ڪيو ۽ همٿايو(16).“

ورهاڱي کان پوءِ هن نئين ٺهيل ملڪ ۾ سنڌين سان جيڪي ڪجهه وهيو واپريو، ان کان هر پڙهيو لکيو ماڻهو بخوبي واقف آهي. هڪ پنهنجي هم وطن، هم زبان، ۽ هم قوميت رکندڙ ماڻهن جي لڏي وڃڻ ته ٻئي طرف وري ڌاري قوم، ڌاري تهذيب ۽ ڌاري ٻولي جي ماڻهن جي سنڌ مٿان يلغار سنڌين جي سوچ سمجهه کي منجمند ڪري ڇڏيو ته ڇا صحيح آهي ۽ ڇا غلط آهي. سنڌي قوم جي ان شڪست حاليءَ کي ختم ڪرڻ ۾ سنڌ جي باشعور پڙهيل لکيل اديبن پنهنجا قدم اڳتي وڌايا ۽ پنهنجي قوم، ٻولي، ۽ تهذيب تمدن جي تحفظ ۽ بقا لاءِ  قومي سطح تي جدوجهد جو اعلان ڪيو، ڪيترائي ادبي رسالا ادبي ميدان تي نمودار ٿيا، جن ۾ مهراڻ نئين زندگي نمايان آهن. اڃا ڪجهه وقت ئي مس گذريو ته سنڌ مٿان هڪ زوردار وار ون يونٽ جي قيام جي اعلان سان ڪيو ويو جنهن سنڌي قوم جي شناخت ئي ختم ڪري ڇڏي. سنڌي پنهنجي ئي سرزمين تي بي گانه ۽ بي وس نظر اچڻ لڳا. بقول فتاح ملڪ جي ته:

”اهو وقت عجيب وقت هو جڏهن سنڌ مٿان ون يونٽ لڳو، ان کان پوءِ مارشلا لڳائي ويئي، سنڌي ٻولي کي ختم ڪيو ويو، لفظ سنڌ ڳالهائڻ تي بندش وڌي ويئي، اردو کي قومي زبان قرار ڏنو ويو، قومي نشرياتي ادارن تي اردو جو مڪمل غلبو ٿيو، سنڌ جا شهر، بندر ۽ بازاريون زمينون ۽ نوڪريون سڀ ڪجهه کسجي ويو، ڇا ڇا ظلم نه ٿيو!(17)“

اهڙي گهُٽ ۽ ٻُوسٽ واري ماحول ۾ ساهه کڻڻ هڪ باشعور ذهن لاءِ گناهه جي مترادف هو. انهي ڪري ان وقت ۾ سنڌ جي مخلص ۽ محب وطن طبقي، جن ۾ اديبن، دانشورن ۽ شاعرن کان علاوه ڪجهه سياستدان ڪجهه سماجي شخصيتون ڪجهه شاگرد تنظيمون، ڪجهه مزدور، هاري تحريڪن جا ماڻهو ۽ انهن سان گڏ ڪجهه علم دوست به ان قافلي ۾ شريڪ ٿي، ان جي خلاف آواز بلند ڪيو. هنن نه صرف انهن ناانصافين جي خلاف احتجاج ڪري مظاهرا ڪيا پر ان سلسلي ۾ هنن جيل اندر قيد و بند جون اذيتون پڻ سَٺيون. سڄو صوبو سراپا احتجاج بنجي ويو، جنهن ۾ سنڌي اديبن جو ڪردار تارن ۾ چنڊ وانگي چمڪڻ لڳو. اختر بلوچ ”قيدياڻيءَ جي ڊائري“ ۾ انهن حالتن جو ذڪر ڪندي لکي ٿي ته:

”مون کي اڄ به 1979ع جو سال ياد آهي جڏهن سنڌ جا شاگرد، اديب، شاعر، قوم پرست ۽ سياسي اڳواڻ پنهنجي ٻولي، ون يونٽ ۽ ٻين سنڌ جي حقن لاءِ جلسا جلوس ۽ هڙتالون ڪري رهيا هئا. سڀني کي گرفتار ڪري جيل ڀريا ويا(18).“

شيخ اياز جي اثرات هيٺ ته ڪيترائي ليکڪ آيا ليڪن سندس سيهوڳي اديبن ۾ محمد عثمان ڏيپلائي، سوڀوگيانچنداڻي محمد ابراهيم جويو ”روزي جي ماني“ جمال ابڙو، نجم عباسي، رشيد ڀٽي، غلام رباني ۽ نورالدين سرڪي جهڙا برک افسانه نگار هئا، جن خصوصي طرح سنڌ ۾ پرماريت خلاف افسانن جي ذريعي مهم هلائي. هنن پنهنجي افسانن ۾ انقلابي توڙي سماجي موضوعن تي بي ڊپائيءَ سان لکيو. انهن اديبن ۾ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو ڪردار نمايان نظر اچي ٿو. جنهن وڏيرن، ڪامورن، ۽ نقلي پيرن خلاف پنهنجي قلم کي تلوار وانگر هلايو. هڪ لحاظ کان ائين چئجي ته بي جا نه ٿيندو ته شيخ اياز جي افسانه نگاري جي فڪر کي محمد عثمان ڏيپلائيءَ ۽ ڊاڪٽر نجم عباسيءَ تمام گهڻو اڳتي وٺي ويا، ايتري قدر جو شيخ صاحب افسانه نويسي ڇڏي ڏني ۽ پنهنجو سڄو زور شاعري ۽ نثر نويسيءَ جي ٻين صنفن- خطن، ڊائرين، يادگيرين ۽ آتم ڪٿائن تي وڃي ڏنائين. جيڪڏهن هو افسانه نگاري کي نه ڇڏي ڏئي ها ته شايد سندس پائي جو ٻيو ڪو افسانه نگار سنڌ ۾ نه هجي ها! ان هوندي به سندس پونير افسانه نگارن هن صنف کي تمام گهڻو شاهوڪار ڪيو، ايتري قدر جو سنڌي افسانو هندي، بنگالي، اردو، ۽ ٻين ٻولين جي افسانه نگارن جي صف ۾ اچي بيٺو. اڄ به هيءَ صنف ادب جي سڀ کان مقبول صنف آهي.

حوالا

(1)  هَڪڙو انور فگار ڊاڪٽر- جي تند برابر توريان، ص 12، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي اڪيڊمي ڪراچي 1998ع

(2) بدوي احسان- تنقيد ۽ تنقيدنگاري (ڇاپو ٻيون) ڇپائيندڙ: آر.ايڇ.احمد برادرس، شاهي بازار حيدرآباد، 1971ع

(3) ڏسو حوالو-1، ص 105

(4) ڏسو حوالو-1، ص 138

(5)  ڏسو حوالو-1، ص 144

(6) ڏسو حوالو-1، ص 157

(7) ڏسو حوالو-1، ص 158

(8) ڏسو حوالو-1، ص 159

(9) جويو خاڪي- ترقي پسند ادب جا معمار (ڇاپو پهريون)، ڇپائيندڙ: سنگم پبليڪيشن 1986ع

(10)         ڏسو حوالو-1، ص 140

(11)          ڏسو حوالو-1، ص 142

(12)         ٻاٻاڻي ڪيرت- ادب ۽ حقيقت نگاري، ٽماهي ”مهراڻ“ 4/1956ع، ص 114، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو

(13)         ڏسو حوالو-1، ص 150

(14)         عباسي نجم ڊاڪٽر- جيڪي منهنجي من ۾،
ص 34، ڇپائيندڙ: زيب ادبي مرڪز حيدرآباد (؟)

(15)          ڏسو حوالو-1، ص 10

(16)         ڏسو حوالو-1، ص 133

(17)         سهڻي شيخ اياز نمبر، ص 27

(18)         بلوچ اختر- قيدياڻي جي ڊائري (پنهنجي پاران) (ڇاپو چوٿون) ص 7، ڇپائيندڙ: سنڌي اڪيڊمي ڪراچي 2009ع

رياضت ٻرڙو

خوبصورت شعرن ۾ سمايل خيالن جي خوشبوءِ

(نالي واري شاعر نواز علي ’نياز‘ جعفري جي شاعريءَ بابت ڪجهه ويچار)

سنڌي شعر ۽ ادب جي تاريخ ۾ ويهين صدي عيسويءَ کي وڏي حيثيت حاصل آهي. هن صديءَ جي پهرين 50 سالن ۾، اسان کي سنڌي غزل گو شاعريءَ، مشاعرن ۽ ادبي ڪانفرنسن جي حوالي سان جنهن شهر جو نالو سڄيءَ سنڌ ۾ جرڪندي نظر اچي ٿو، اهو سنڌ جي پنج هزار سالا تهذيبي يادگار موهن جي دڙي کان ٿوري پنڌ تي وسندڙ لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو آهي. مان چاهيان ٿو، ته لاڙڪاڻي ۾ ان مشاعراتي دؤر بابت، پس منظر چٽو ڪرڻ لاءِ، نالي واري محقق
پير حسام الدين راشدي جي مشهور ڪتاب ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ (1977ع) مان اقتباس ڏيان. پير صاحب لکي ٿو:

”لاڙڪاڻي ۾ سنڌي زبان جي ادب ۽ شعر و سخن جو به ڏاڍو چرچو هوندو هو، گويا ان وقت، جيستائين مسلمانن جو تعلق آهي، لاڙڪاڻي کي مرڪزي حيثيت حاصل هئي. ’سانگي‘، ’گدا‘ ۽

’قليچ‘ جي دؤر ۾ اهو شرف حيدرآباد کي هو، اتي اهو چهچٽو هوندو هو، جڏهن اتي مجلسان منتشر ٿيون ۽ جڏهن اها راند ڦِٽي، تڏهن لاڙڪاڻي جو وارو وريو. حيدرآباد تي جنهن وقت خزان آئي، ان وقت لاڙڪاڻي ۾ ادبي بهار جي آمد ٿي. سنڌي ادب ۽ سنڌ جي ادبي تحريڪن جو سمورو معاملو ۽ مرڪز لاڙڪاڻي منتقل ٿي ويو. ’سانگيءَ‘ کي خدا جنت ۾ جايون ڏئي، هميشه پاڻ وٽ شعر و سخن جي مجلس مچائيندو هو، شاعرن کي گڏ ڪري کانئن هم طرح غزل پڙهائيندو هو. انهيءَ مجلس کي ”شعربازي“ چئبو هو. مشاعري جي نالي مان اڃا ڪوبه واقف ڪونه هو. لاڙڪاڻو ئي سنڌ ۾ پهريون شهر آهي، جتي انهيءَ طرحي شعربازيءَ جي ميڙ يا محفل کي، هندستاني طرز تي، ”مشاعرو“ سڏيو ويو ۽ پهريون ڀيرو مشاعري جا گهڻو ڪري سڀئي آداب، سواءِ پان ۽ ٿڪدان جي، انهن مشاعرن ۾ استعمال ڪيا ويا(1).“

مشاعرن جي ابتدا 1919ع ڌاري، هڪ پنجابي وٽرنري ڊاڪٽر عبدالمجيد صديقيءَ ڪئي، جيڪو اردوءَ جو سٺو شاعر ۽ اڪبرالهه آباديءَ جو شاگرد هو(2). ”ڊاڪٽر صاحب مرحوم لاڙڪاڻي جي شاعرن کي گڏ ڪري اهي مشاعرا شروع ڪرايا. فقير علي محمد قادري مرحوم و مغفور ان دؤر جو پخته مشق شاعر هو… منهنجو استاد حضرت ’خادم‘ لاڙڪاڻوي، پيارو ۽ مٺو دوست ميان غلام سرور قادري ۽ اسان جو مرحوم نواز علي خان ’نياز‘ به انهيءَ ابتدائي دؤر جا قادرالڪلام شاعر هئا. قادرين جو خاندان ۽ جعفرين جو گهراڻو زماني ۾ گويا علمي ۽ ادبي تحريڪ جو روح ۽ جان هو(3).“

زود رنجِي، تلخ گوئي ڏي ڇڏي،
ڏي تون هر ڪنهن کي محبت روز شب.
              
              (نواز علي ’نياز‘)

اها پيار ۽ محبت جي پرچار ڪرڻ، اسان جي سنڌ جي شاعرن جي بنيادي سڃاڻپ آهي. جنهن جو اظهار پنهنجي خاص انداز ۾ جعفري گهراڻي جي اهم پيشرو شاعر نواز علي ’نياز‘ مٿئين شعر ۾ ڪيو آهي. نواز علي ’نياز‘ جعفري (ڄم: 18- آڪٽوبر 1892ع وفات: 12- نومبر 1959ع) پنهنجي وقت جو برجستو، نالي وارو، مشاعرن ۾ سرگرم حصو وٺندڙ، ڪُهنه مشق، عروض جو ماهر، صنعت گر، تجنيسن جو ڄاڻو ۽ في البديهه شاعر هو. هن جي مزاج ۾ فراخ دلي، رحم دلي، نرم طبيعتي، نوڙت، انڪساري ۽ ننڍن توڙي وڏن لاءِ محبت سمايل هئي.

نالي وارو شاعر ۽ سندس شاگرد هري درياني ’دلگير‘ لکي ٿو:

”تن ڏينهن 1930ع ۾ نياز صاحب جي شاعريءَ جو ڌاڪو سنڌ جي سمورن مشاعرن ۾ وڳل هو. هو بهترين مرثيه نويس شاعر هو، عاشورن تي شهيدِ ڪربلا جي شان ۾ پنهنجا لکيل مرثيا پاڻ سُر سان پڙهندو هو. سندس سر ۾ غضب جواثر هوندو هو، ٻڌندڙ روئي پوندا هئا. ’نياز‘ صاحب نهايت ئي عاشق مزاج، حسن جو شيدائي هو(4).“

لاڙڪاڻي لاءِ حسن ۽ حسن پرستيءَ جي حوالي سان ڪنهن شاعر جو چوڻ آهي:

لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو، معشوقن جو مڪان آهه،
عاشقن لاءِ برهه جو بستان آهه(5).

جتي عاشق ۽ معشوق هوندا، ته شاعريءَ جو جهان ته ازخود ئي آباد ٿيندو نه! ڀلا، شاعرن کان به ڪو وڏو عاشق هوندو آهي ڇا! جيڪڏهن نياز صاحب عاشق مزاج ۽ حسن جو شيدائي هو ته هجڻ به گهرجي ها، نيٺ به ته هو شاعر هو! سوال- جواب جي صنعت ۾ سرجيل هڪ غزل ۾ نياز صاحب چوي ٿو:

اڄ ڏسي دلبر چيو: توکي اڳي هي غم نه هو،
مون چيو: هو غم مگر، هي عشق جو ماتم نه هو.

ڪيئن نه هو ماتم؟ پيچ هو پاتل جڏهن،
مون چيو: هو پيچ پر، هي زلف جو خم، خم نه هو.

ناز سان مُرڪي چيائين: زلف جو خم، خم ته هو،
مون چيو: خم خم جي هو ته به ناز هي دم، دم نه هو(6).

يا پياري پرين پاران دل چورائڻ بابت ڏاڍي خوبصورت نموني هيءُ شعر سرجيائين:

ڪالهه دل چورائي دلبي ساڻ مرڪي دلربا،
چال چوريءَ جي عجب هئي، منهنجي دلبر يار جي.

هن شعر ۾ وڏي محبت سمايل آهي، لفظن جو انتخاب اهڙو ته وڻندڙ آهي جو ڪنهن به لفظ مان ڪا فرياد پڌري نه ٿي ٿئي، خاص ڪري ”چال ڇوريءَ جي عجب هئي…“ ڏاڍي خوبصورت نڀاءَ ۽ کڻاءَ سان رچيل سٽ آهي. ايئن ٿو محسوس ٿئي ڄڻ انهن لفظن ۾ باطن استعمال ٿيل آهي، جنهن لاءِ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي چيو آهي:

”جيستائين اسان جو ڪو شاعر سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جي باطن جو استعمال نه ٿو ڪري، ايستائين هو نه شاعر آهي ۽ نه آرٽسٽ(7).“

هن موقعي تي ڏک اهو ٿو ٿئي ته نياز صاحب جي شاعري ڪتابي روپ وٺي نه سگهي آهي ۽ ڄڻ ته اسان کان ماضيءَ ۾ وڃائجي وئي آهي، نه ته جيڪر اهڙا ٻيا به شعر ڄاڻائي سگهجن ها. پوءِ به، مثال طور نياز صاحب جو هڪڙو ٻيو شعر به ”سنڌي انداز“ ۾ هن ريت آهي:

مون کي بيمار ڏسي، پاڻ پڇيو ٿي پياري،
هي اٿي عشق جو آزار، اڙي مان صدقي(8).

پر اهڙا شعر اسان کي حوالي طور پيش ڪرڻ لاءِ بنهه ٿورا ٿا ملن، صرف اهي ئي شعر پڙهڻ لاءِ موجود آهن جيڪي اياز قادري صاحب قلمي ”ديوانِ نياز“ مان پنهنجي پي ايڇ.ڊي مقالي ”سنڌي غزل جي اوسر“ ۾ جواد جعفري صاحب ڪتاب ”وساريان نه وسرن“ ۾ ڇپيل پنهنجي مضمون ۾، هڪ غزل مختصر تعارف سميت جناب ’مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ‘ پنهنجي ڪتاب ”در ناياب عرف يادِ رفتگان“ 1994ع ۾، ۽ هڪ نظم ميمڻ عبدالغفور سنڌيءَ پنهنجي ڪتاب ”عظيم سنڌي انسان“ 1981ع ۾ ڏنو آهي. جنهن ۾ ڇهن ٻولين: سنڌي، انگريزي، فارسي، اردو، سرائڪي ۽ عربي ٻولين ۾ سٽون شامل آهن. البت حيرت ان تي آهي ته سندن تعارف ۽ شاعري ”مهراڻ“ جي شاعر نمبر ۾ شامل ناهي. ڇپيل مجموعهء ڪلام نه هوندي به، اها وڏي ڳالهه آهي ته نواز علي ’نياز‘ جي شاعراڻي حيثيت مستحڪم رهي آهي، جا ڳالهه يقيناً ٿورن شاعرن جي حصي ۾ ايندي آهي، اهڙو اندازو پڪ ئي پڪ ’نياز‘ صاحب کي به هو، تڏهن ته اياز قادري صاحب لکيو:

”نواز علي ’نياز‘ کي پنهنجي ڪلام جي بلنديءَ ۽ دلفريبيءَ جو ايترو يقين آهي جو هن کي ڪڏهن نه ڪڏهن حافظ، سعدي يا فردوسيءَ جو لقب ملي پوڻ جي اميد آهي(9).“

ان بعد قادري صاحب نياز جعفري صاحب جو هيءُ شعر پيش ڪيو آهي:

مان ٿيندس سنڌ جو سعدي يا حافظ يا ته فردوسي،
ملي پوندو مون کي ڀي ڪو خطاب آهسته آهسته.

اسان ڏسون ٿا ته نواز علي ’نياز‘ جعفريءَ جي غزليه شاعريءَ تي فارسي ۽ اردو ٻولين جو پڻ چڱو اثر آهي، ممڪن آهي ته ان اثر ٿيڻ ۾ سندس فارسي ٻوليءَ جي مطالعي جو به دخل هجي، باقي اردو ٻوليءَ جو اثر ته ان دؤر ۾ سندن مڪتبهء فڪر ۽ مڪتبهء فن تي غالب هو. ان حوالي سان سنڌي ٻوليءَ جو هاڪارو عالم
غلام محمد گرامي سندن شاعريءَ جي شوق ٿيڻ بابت لکي ٿو:

”کيس شاعريءَ جو ذوق، مرحوم ’بلبل‘ جي ديوان جي مطالعي ڪرڻ سان پيدا ٿيو، ان لاءِ سندس (يعني نياز صاحب جو) چوڻ آهي ته ’ديوان بلبل‘ مون پنهنجيءَ والده ماجده وٽ ڏٺو ۽ ان جي پڙهڻ کان پوءِ شاعريءَ جو شوق پيدا ٿيو(10).“

هتي شمس الدين بلبل صاحب جو هڪ شعر پيش ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان:

پنهنجي عاشق جي عيادت ڪر ته ڪڏهين اي عجيب،
فاتحه گل ڀي پڙهن ٿا بلبلِ بيمار تي(11).

نواز علي ’نياز‘ جعفريءَ کي بهرحال هڪ اهڙو خطاب ضرور مليو جيڪو پڻ ان دؤر کي نظر ۾ رکندي اهم آهي. اهو آهي ”عمدت الشعراء“ جو خطاب، جيڪو کيس 27 ۽ 26- مارچ 1948ع تي ميهڙ ۾ منعقد ٿيل نائين سنڌ ادبي ڪانفرنس ۾، هڪ ٺهراءُ پاس ڪري ڏنو ويو، جيتوڻيڪ جواد جعفري ان خطاب بابت ڄاڻائيندي ڀُليو آهي ته اهو خطاب کيس ”سنڌ سرڪار“ ڏنو هو(12).

نياز صاحب جا اِن فارسي- اردو ٻوليءَ جي اثر ۾ جيڪي شعر آهن، تن مان ڪيترائي شعر پنهنجي وڻندڙ ۽ سادگيءَ ڀري انداز سبب اسان جو ڌيان ڇڪائن ٿا. انهن مان ڪجهه هتي ڏجن ٿا:

حقيقت ڇا ٻڌايان توکي، پنهنجي دلربا دل جي،
اٿس حالت اها ساڳي، جا آهي نيم بسمل جي.

’نياز‘ آخر ٻڌي منهنجو غزل، سهڻي چيو وهه واهه،
تمنا بزم شعراء ۾ ٿي، پوري اڄ ائين دل جي.

منهنجا مارو غمزديءَ سان نيٺ غمخواري ڪندا،
درد ۾ دلگير جي هيڪر ته دلداري ڪندا.

ثابتي گم ڪرڻ لئه، قاتل جو هٿ ڌوتو وڃي،
سرخ درياء، سرخ ساري، شڪل ساحل ٿي وئي.

بوسه گهريم، چيائين: ايها اٿم امانت،
تنهن ۾ ڪرين خيانت، ائين ته ڪين ٿيندو.

نياز صاحب جي ٻوليءَ جي حوالي سان
پير حسام الدين راشدي صاحب تجويز ڪندي لکي ٿو:

”درحقيقت ’نياز‘ ايڏو باڪمال شاعر هو ۽ کيس زبان ۽ خيال تي قادر ايتري قدرت ڏني هئي، جو ڪافيءَ ۽ سنڌي ڪلام جي ٻين نمونن ۾ ته خير، پر خود غزل ۽ نظم جهڙي ڌاريءَ سرزمين ۾ جڏهن ايندو هو ته اتي به زبان، ديسي استعارن ۽ مقامي تشبيهن جا باغ ۽ بستان پکيڙي هڪ عجيب لئي ۽ لقاءَ لائي ڇڏيندو هو. جيڪڏهن ڪنهن سان ڪڏهن هوڏ تي ايندو هو، ته غزل ۽ نظم ۾، قطعي ۽ رباعيءَ ۾ نه فقط فارسيءَ جا اڻ ٻڌل ۽ اڻ ڏٺل اکر آڻي گڏ ڪندو هو، بلڪ عربيءَ جا غير معروف الفاظ ملائي، شعر کي بلڪل ’بهارِ دانش‘ بڻائي ڇڏيندو هو. الغرض هر نموني تي کيس قدرت هئي ۽ هر طرح طريقي تي هو قادر ۽ ڪامل هو(13).“

دل منهنجي دوست ڌُتاري، ڙِي اديون!
باهه ته ٻاروچل ٻاري، ڙِي اديون!
دل منهنجي …………………

جن کان جانب ٿئي جدا،
تن کي ڏجي ڪا دلداري، ڙِي اديون!
ڇو ٿيون منهنجو جيڏيون جگر جلايو!
دل منهنجي …………………

ڏيندس عجز نياز سان،
سورن جي هيءَ سُڌ ساري، ڙِي اديون!
ڇو ٿيون منهنجو جيڏيون جگر جلايو!
دل منهنجي ………………(14)

ڪير چوندو ته هيءَ ڪافي ڪنهن اهڙي شاعر لکي آهي جنهن جي شاعراڻي ٻولي اردو ۽ فارسي آميز آهي!؟ افسوس ته اهڙيون ٻيون انيڪ ڪافيون اسان جي اکين کان اوجهل آهن. انهن شاندار ڪافين کي پڙهي ئي ’نياز‘ جعفري صاحب جو شاگرد هري دلگير لکي ٿو:

”نياز صاحب جي شاعريءَ تي اردو ۽ پارسي ٻوليءَ جو ڪافي اثر هوندو هو، پر شاهه جي سپڪ ۽ سٻاجهي ٻولي به سندس روح ۾ سمايل هئي(15).“

’نياز‘ جعفري صاحب جي وطن جي حب واري شاعري به ڌيان ڇڪائيندڙ آهي. ان شاعريءَ جي مطالعي مان محسوس ٿو ٿئي ته تنهن وقت به اسان جا شاعر پنهنجي ڏيهه ۽ ٻوليءَ جي مسئلن ۽ مامرن کان غافل نه هئا ۽ ان جي ڳڻتي ۽ احساس رکندڙ هئا. ڏسو نياز جعفريءَ جا هي شعر:

جي اٿوَ حب وطن، ڳالهايو سڀ سنڌي زبان،
قوم زندهه ٿي رهي، پر جي زبان زندهه رهي.

قوم جي تون درد جا رک داغ دل ۾ اي نياز!
پوءِ گهر دم دم دعا، هي گلستان زندهه رهي.

وطن ٿيو سنڌ پنهنجو ۽ مٺي سنڌي زبان پنهنجي،
نه ٻوليءَ ڪنهن به ٻئي کي، مان سڏيندس پيار مان پنهنجي.
ايها حب وطن ناهي، زبان پنهنجي وڃي وسري،
جي سنڌي آهين دل تي، ياد رک طرز، زبان پنهنجي.
وطن جي حب جي دل ۾ نه ٿئي، ايمان ڪهڙو ٿيو!
عمل ناهي جي انسان ۾، ته پوءِ انسان ڪهڙو ٿيو!

پر مان اڃا هن ليک جي پڄاڻي ڪرڻ نه ٿو چاهيان، نواز علي ’نياز‘ جعفريءَ جي شعري خزاني مان مليل اڃا ڪي موتي آهن جيڪي منهنجو ڌيان ڇڪي رهيا آهن. انهن موتين ۾ هڪڙو شعر- موتي هي آهي:

اڄ وڃي بخشاءِ ان کان، تو ڪئي جنهن جي خطا،
ڇو سڀاڻي تائين ڀي، ان جي رهي دل بي قرار.

انتهائي وڏو خيال آهي، جيڪو هنن ٻن سٽن ۾ سمايل آهي، ماڻهو جيڪڏهن ان تي عمل ڪري، ته هي دهشتگرديون بند ٿي وڃن ۽ دنيا پرامن بڻجي وڃي.

۽ ٻيو شعر- موتي هي آهي، جيڪو اسان جي صوفين جي ترجماني ڪري ٿو:

پاڻ ۾ پيهي سي پهتا، معرفت کي اي نياز!
خود خدا جي ذات ۾ آخر فنا ٿيندا ويا.

اهي شعر- موتي، سائين ’نياز‘ جعفريءَ جي شخصيت جي به عڪاسي ڪن ٿا. اسان هن جي حياتيءَ ۾ ته ڪونه هئاسون، پر اسان کي خوشي آهي ته هو اسان جي حياتيءَ ۾ موجود آهي. پنهنجن خوبصورت شعرن ۾ سمايل خيالن جي خوشبوءِ وسيلي هن موقعي تي مان هن اقتباس سان هيءُ ليک پورو ڪرڻ چاهيان ٿو:

”…هر فن پارو پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ خاص حيثيت رکي ٿو، تنهنڪري ان جي پرک لهڻ وقت اها ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ۽ ان جي خوبين مطابق ئي ڪو فيصلو ڪرڻ گهرجي(16).“

 

حوالا

(1)       هوڏوٿي هو ڏينهن، سيد حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، ڇاپو پهريون، آڪٽوبر 1977ع، ص 22

(2)     ساڳيو، ص 22

(3)     ساڳيو، ص 23

(4)                    ”منهنجو استاد نواز علي ’نياز‘“ (مضمون)، هري درياني دلگير. ڪتاب: ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“

مرتب: گل محمد گاد، ميونسپل ايمپلائيز يونين لاڙڪاڻو، ڇاپو پهريون، 1984ع، ص 226

(5)      هو ڏوٿي هو ڏينهن، سيد حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، ڇاپو پهريون، آڪٽوبر 1977ع، ص 183

(6)     سنڌي غزل جي اوسر، اياز قادري، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو، ڇاپو پهريون، نومبر 1983ع، ص 157

(7)     شعر جي اڀياس جا نوان طريقا (مضمون) ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو.

(8)     ”منهنجو استاد نواز علي ’نياز‘“ (مضمون)، هري درياني دلگير، ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“، مرتب: گل محمد گاد، ميونسپل ايمپلائيز يونين لاڙڪاڻو، ڇاپو پهريون 1984ع، ص 229

(9)     سنڌي غزل جي اوسر، اياز قادري، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو، ڇاپو پهريون، نومبر 1983ع، ص 58

(10)                      ويا سي وينجهار، غلام محمد گرامي، سهيڙيندڙ: سيد بچل شاهه سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ڇاپو پهريون، جون 1995ع، ص 114

(11)سنڌي غزل جي اوسر، اياز قادري، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو، ڇاپو پهريون، نومبر 1983ع، ص 103

(12)                  ”مڻيادار ماڻهو ۽ سدا بهار شاعر نواز علي ’نياز‘

جعفري“، (مضمون)، جواد جعفري، ڪتاب: ويل نه وسريام، مرتب: احسان دانش، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي، ڇاپو پهريون، آگسٽ 2006ع، ص 45

(13)                      هو ڏوٿي هو ڏينهن، سيد حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، ڇاپو پهريون، آڪٽوبر 1977ع، ص 116

(14)                      هو ڏوٿي هو ڏينهن، سيد حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد ڇاپو پهريون: آڪٽوبر 1977ع، ص 423-424

(15)                       ”منهنجو استاد نواز علي ’نياز‘“ (مضمون)، هري درياني دلگير. ڪتاب: ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“، مرتب: گل محمد گاد. ميونسپل ايمپلائيز يونين لاڙڪاڻو، ڇاپو پهريون، 1984ع، ص 228

(16)                      ادبي تنقيد جا اصول، پروفيسر لاسيلس ايبر ڪرومبي، مترجم: مراد علي مرزا 1981ع، ص 113

مددي ڪتاب

1.             سنڌي غزل جي اوسر، اياز قادري، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو، ڇاپو پهريون، نومبر 1983ع

2.           لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو، مرتب: گل محمد گاد، ميونسپل ايمپلائيز يونين لاڙڪاڻو، ڇاپو پهريون، 1984ع

3.           هو ڏوٿي هو ڏينهن- سيد حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد ڇاپو پهريون: آڪٽوبر 1977ع

4.           ويا سي وينجهار، غلام محمد گرامي، سهيڙيندڙ: سيد بچل شاهه سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ڇاپو ٻيو، جون 1995ع

5.            ويل نه وسريام، مرتب: احسان دانش، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي، ڇاپو پهريون، آگسٽ 2006ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com