سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2011ع

مضمون

صفحو :4

نادر علي شاهه ’فراق‘

غزل

روان ۾ ٿو رهي، شاعر جو جتي قلم،
گدا ڇا شاهه جو ڀي، سر ٿي وڃي ٿو خم.
ذڪر بلبل ۽ قمرين، جو ڏي ڇڏي تون،
تون پنهنجي ديس لئه، کڻ دم دم پيو قدم.
گل و بلبل جا، افسانه هڪ دم وسار،
رفو ڪر قوم جو، دامن ۽ ڌو زخم.
ڦٽي ڪر محب، يارن جي مهرو وفا،
وفا ئي ڪر وطن، سان کڻ سو قدم.
هميشه بزم يا، محفل جو ٿي صدر،
نه تون جي شان ٿي، ڳولين ڇو صنم.
سچائي جو سخن، ٻڌ ۽ سچ ٻول تون،
هٽندا پوءِ نه پٺتي، تنهنجا هي قدم.
سندءِ اشعار ٿي، پوندا گوهر ’فراق‘،
وطن ۽ قوم لئه، لکندين دم به دم.

غزل

رات مئخاني ۾، گذري خوب ٿيو،
هر خوشي وئي، آهي وسري خوب ٿيو.
دل جو مالڪ، دل جو دشمن ٿي پيو،
يار آيو آهي، اُلري خوب ٿيو.
شعر محفل ۾، پڙهيم واه واه ٿي،
لفظ هر هڪ ڄڻ هو، مصري خوب ٿيو.
جاءِ والاري، خوشي آخر اچي،
غم ويو دل کان، اُسري خوب ٿيو.
چاپلوسي ۾ مليا، اعزاز هن کي،
پيار آخر ويو آ، پُسري خوب ٿيو.
عشق ۾ هي ڀي، نئون آيو آ موڙ،
بي گنهه ويو آهي، ڪُسري خوب ٿيو.
آسري ڪنهن جي، فراق آهين لڳو،
دوستي ڀي ٿي پيئي، آهي زهري خوب ٿيو.

 

غزل

غنڊن جي مون ڏٺي، اڄ طاقت ديس ۾،
لُٽجي رهي هتي، اڄ دولت آ ديس ۾.
 

هر دم هر قدم، ڳلي ۽ بازار ۾ ڏسو،
اشراف جي خواري، ذلت آ ديس ۾.
 

دل جو قدر ڪٿي، آ بيدرد دل هتي،
اڄ اشڪبار عصمت، عزت آ ديس ۾.
 

بڇڙو گندو برو، اڄ سارو سماج ٿيو،
شرم و حيا ڪرم، جي قلت آ ديس ۾.
 

انسانيت ٿي تڙپي، ڪنهن جي ’فراق‘ ۾،
ڏاڍو ملڻ ئي مشڪل، محبت آ ديس ۾.
 

غزل

صنم تنهنجي اچڻ جو، انتظار آهي،
تڏهن ئي دل اسان جي، بيقرار آهي.
 

بيابانن کان تختهء، دار پهچي ويس،
ڏسو قسمت! ڪٿي، ٿيو وصل يار آهي.
 

رهه- الفت ۾ منزل، هڪ ئي ڏسجي ٿي،
مگر رستو سڀن جو، ڌار ڌار آهي.
 

ڪٺي ٿيا زائرين، آهن الاهي،
شهيدن جو هتي، شاندار مزار آهي.
 

وڏي مشڪل ۾، ساٿي سڀ ڇڏي ويا،
اجهو هاڻي فقط، پروردگار آهي.

خليل عارف سومرو

تون!

 (آزاد نظم)

تُون حَسِين آهين مٺي!

خوبصورتِ انڊلٺ جان،

رنگ تُنهنجا ٿا وڻن،

سونهن تنهنجي جي اڳيان،

چنڊ چاليهين پَتي ڀي ڪِين آ،

تنهنجن نيڻن کان وڌيڪ،

سمنڊ ڀي گَهَرو ڪٿي!؟

رنگ پوپٽ جي پرن جا،

نانءُ تنهنجو ٿا لڳن.

چنڊ تُنهنجي نَڪ جي سُهڻي ڦُلِي،

۽ سِتارا!

تُنهنجي چولي جُون ٽِڪُون،

سُونهن ڀي توکان وٺي ٿي دلڪشي،

واءُ هي توکي ڇُهي،

جسم جي هُٻڪار تي ٿي مست ٿئي،

ٽَهڪ ڏين ٿا گُل ٽڙن ٿا،

تُون جڏهن ڳالهيون ڪرين،

ساز ٿا مٺڙا ڇِڙن،

خوبصورت گل ڇڏي،

ڀؤنر ٿا توڏي اچن!

۽ جڏهن تنهنجو ٺهيو هو،

ڇا ته انگُوري بَدن،

ڄڻ ته جنت جو چمن،

پنهنجي ان تخليق تي،

خود خُدا کي ٿِي خوشي هئي،

جت ڪٿا حورن پرين جي ختم ٿئي،

حسن تنهنجو ٿو شروع ٿئي،

اي پدمڻي، ڪامڻي!

عاشقي تون، شاعري تون،

مُنهنجي آهين زندگي تون.
 

وائي

نَه ٿِي ڄاڻين تون،

ڪيڏي معنيٰ ٿي رکين.

تون جيون جا رنگ سڀ،

مان رڳو ريکون.

ڪيڏي معنيٰ ٿي رکين.

سپنن جو آهين سبب،

تُنهنجُون ئي سوچون.

ڪيڏي معنيٰ ٿي رکين.

رَڳُون آهين رُوح جُون،

دِل جُون ڌَڙَڪَنُون.

ڪيڏي معنيٰ ٿي رکين.

سُڳنڌ هن سنسار جي،

جَڳ جُون تون جوتُون.

ڪيڏي معنيٰ ٿي رکين.

عارف گذرن شال ڪي،

توسان سڀ شامُون.

ڪيڏي معنيٰ ٿي رکين.

 

غزل

صبح جي پَهر، جيئان آهين،

پيارُ جي پَچر، جيئان آهين.

هِير ٿي گهُلِين، مٿان دل جي،

سَمنڊُ جي لَهر، جيئان آهين.

عشق جي وجود، جهڙي تون،

نِينهن جي نظر، جيئان آهين.

دل فريب ڳوٺ، جي منظر،

شهر جي سَحر، جيئان آهين.

ڏُڪَر جي ور، چڙهيل تنهن لئه،

مِينهن جي خبر، جيئان آهين.

پنکڙي نفيس، نازڪ تون،

ڪيئن چوان پٿر، جيئان آهين.

ڄڻ هجين کٽاڻ، ليمي جي،

چَٽ پَٽِي چَهر، جيئان آهين.

پئه ڪڏهن نه، ٿئي پراڻو جو،

تون به تنهن وکر، جيئان آهين.

ساٿ ۾ خليل، عارف سان،

خوشبوءَ جي سفر، جيئان آهين.

سعيد سومرو

ديوانيه غزل

اسان جو هـوءَ اٻـوجھو، پيـار آ ــــــ ڙي!
بحث هن سان بـرهه تي، ڇا ڪبا ــــ ڙي!
دراوڙ خواب منهنجي، آجـپـي جـا،
بڻيا ڇا لاءِ خيـراتي، دٻا ـــــــ ڙي!
جنين پـيـرن ۾، ويٺل آسمـان آ،
پيا ڳوليون اسان تن جي، سڀا ـــــــ ڙي!
اسان هُن جي چپن جو، تــرُّ ناهيون،
اسان جي ڪيرُ لکندو، وارتا ـــــــ ڙي!
وطنَ! تنهنجن شـهـيـدن، جا ڏهـاڙا،
اسان جي ڌيان تان ڇا لئه، لـٿا ـــــــ ڙي!؟
ڀـٽـن وانـگي اسـين، آهيون اُڃـارا،
ڪڏهن اچ وڏڦڙي جي ٿي گھٽا ــــــ ڙي!
اسان کي ڌار، ٺاهي ڏي خدائي،
اسان جڳ سان نه هلنداسين، ڪٺا ــــ ڙي!
ڪبوترــ هانءُ رکندڙ، شخص هڪڙو،
ڏسي ڪئن سرحدن جا، حادثا ـــــــ ڙي!
ڪوي ٿو شـبـد، رامـائـڻ جا ڳائي،
نچن ٿا ڪي سراپا، بي ڊپا ـــــــ ڙي!
انهيءَ سڌِڙي کي عاشق، ڪوهه ڪوٺيون؟

اکين جي جنهن نه ڄاتي، التجا ـــــــ ڙي!
اڌڙ سگـريـٽ لـئه، رسـوا ڪـيائون،
نه آئي آڱـرين کي ڪا، لـڄا ـــــــ ڙي!

رهـڻ ڏي ڪاڳرن، شعـرن، گـلن سان،
نه کس اي وقت! احساسي، اجھا ـــــــ
ڙي!
صدين جي سونهن رکندڙ، ڪيترا پـل،
عـدم جي انــڌ مان ايندا، اڃا ـــــــ ڙي!
تـمـنّـا جو پڪـو چهرو، جُـڙي ڪئن؟
اسان وٽ رنگ هن سارا، ڪچا ـــــــ ڙي!
اوهان جي عشق جي موسم، اسان لئه
،
اڃا ڀي آ صليبن جي، پُڇا ـــــــ ڙي!
ڏنو ڪنهن آهه پاراتو، وطن کي؟
ڦُـٽـن ٿا هت ڏهاڙي، سانحا ـــــــ ڙي!
جـنـونـن جي فسانن، کي ڌڪاري،
حقيقت سان هلون ٿا، بي رخا ـــــــ ڙي!
چُمن ٿـا چپّ ڪوماڻيل، ڪنول ايئن،
نئين اُتساهه سان ڏيندا، صدا ـــــــ ڙي!
ويا ڪـپـجي وڏيــرا، وڻ پــراڻا،
رهيا ناهن اِهي رستا، ٿڌا ـــــــ ڙي!
مـحـبّـت، ديـنَ، دنـيـا جا مـسئـلا،
اسان جي سمجھه ذرڙيءَ کان، وڏا ــــ ڙي!
اسان جي پياس جو، هن وٽ ذڪر ٿيو،
پڳا ڄڻ گھاٽ تي، تاسا گڊا ــــ ڙي!
اسان خود کي رکيو، آ پاڻ زندهه،
اوهان ڪهڙا ڏنا آهن، ڏڍا ـــ ڙي!؟
اسان جو ديس، ايڌيءَ جو اجھو آ،
ملي ٿي ڪين جت پوري، غذا ـــ ڙي!
اسان جي دل به سا، اُجڙيل سرا آ،
ڏٺئه ٻيهر نه جنهن جا، پيچرا ــــ ڙي!
مٽيءَ جي ٿانـوَ ۾، بارش بـڊيءَ جي،
اُجھائـيـنـدي اُڃـارا، ٿــورڙا ـــــ ڙي!
مڃون ٿا سونهن جا، آهيون گـنـھـگار،
ڏيو ڀل پر ڏيو سهڻي، سزا ـــــــ ڙي!
ورائي مئڪدي جي، مڌ ڏيو ڪا،
اکين جا جام ٿيا آهن، ٻُسا ـــــــ ڙي!
پراڻين چنڊ ــ راتين جا، اکين تي،
چڙهيل هن ڪيترا تازا، نشا ـــــــ ڙي!
کڻي ويو وقت جن جا، ٻانهن ـــ ٻيلي،
پڇون تن کان ڇا ٽهڪن جا، قصا ـــ ڙي!
اڌوريءَ روشنيءَ ۾، ڪي جھروڪا،
رکن ٿا ڪنهن دکيءَ جھڙي، فضا ــــ ڙي!
سکي جا ساهه سان، سهڪي رهي آ،
انهيءَ سان اڻ ڪٿيل هن، واسطا ـــــ ڙي!
وڃن وسري چڱايون، يارڙن جون،
اڃا اهڙا نه ٿيا هن، حافظا ـــــــــ ڙي!
پرينءَ جي ياد، روزا ۽ نمازون،
اسان لئه سنڌ، تهجد جي، دعا ـــــــ ڙي!
 

جُھري پوندو نڪورو، جـيءَ ـــــــ جھوپـو،
مسلسل ائن نه برسايو، دغا ــــــ ڙي!
اوهان جي بي رخيءَ جي، معجزي سان،
اسان جي دل اسان کان ٿي، خفا ـــــــ ڙي!
بـتـيـلو ٿي اوهان جو، هر تـصّـور،
ڪَٽي وڃبي جنم جي هر، گـڦـا ـــــــ
ڙي!
اباڻي ڳوٺ ۾، ڪجھه چينُ ماڻي،
وڻي پنهنجي نه شهري، ارتقا ـــــــ ڙي!
نـڊر سپنا ملڻ، چاهين ٿا توسان،
نـٺـر باغين جيان ناهن، ٿڪا ـــــــ ڙي!
اڌوري وصل جا لمحا، اسان ۾،
وکيـري ويا وڇـوڙا، اڻ لـکـا ــــ ڙي!
اسان ڀي نيٺ وينداسين، جدا ٿي!
ڇڏي ساحل تي اڌ خـالـي، مـگـا ــ ڙي!
مــزارن تي وسـامـيـل، چـنـد ڏيـئـا،
اسان کي پاڻ جھڙا ئي، لـڳـا ـــــــ ڙي!
سـڀـاڳـي عـشـق جــا، لـيـئـا لـتـاڙي،
ويا ڪيڏانهن ڪنوارين جا، گھگھا ــ ڙي!
اڃا تائين هي، نيرولي نئون آ،
روا اهڙا نه ٿو راڱي، چڱا ـــــــ ڙي!
اسان ويڙهون وڙهون ها، وقت سان پر،
ڪسا تو ڪيا اسان جا، حوصلا ـــــ ڙي!
اسان جو ڪاروان ڀـٽـڪي، نه ڀٽڪي،
اوهين قاتل ٿيو يا، رهنما ـــــــ ڙي!؟
خبر ناهي ته ڪيئن آهي، ڪٿي آ؟
’زماني‘ نانءِ منهنجو، آشنا ـــــــ ڙي!
گلن جي آسري، خوشبوءِ جي خاطر،
رُلن ٿا رُڃّ ۾ ڀؤنرا، گھڻا ـــــــ ڙي!
جنم جا ساٿ لمحن ۾، ڇڻن ٿا،
گُھلي ٿي بي نيازيءَ جي، هوا ـــــــ ڙي!
اسان جي روح تي، هوءَ گھاوَ ٺاهي،
ورائي پاڻ ئي رکندي، پها ـــــــ ڙي!
پتو ناهي ته جـن تي، عـمـر گذري،
انهن رستن جا نالا ڇا، هُـئـا ـــــــ ڙي!
اسان ڇو ’سعيد‘، جھڙي وڏَ مولَ کي،
ڇڻيل گل جي بها سمجھون، پيا ـــــــ ڙي!

 

رکيل مورائي

غزل

ريت جي سمنڊ ۾، ٻُڏي شايد!

سمنڊ جي رڻ منجهان، بچي شايد!

اُس جو احساسُ، کڻي آيو آ،

ڇانوَ جي جهول ۾، وهي شايد!

بَرَ تان اکٻُوٽ ڪري، گذري ويو،

ڪڪرُ درياء تي، وَسي شايد!

ٻوڏِ لوڙهي وئي، ڪتاب سڀئي،

ٻارڙو پاڻ کي، پڙهي شايد!

گهُور اُوندهه ۾، ٽمڪي ٽانڊاڻو،

ڪنهن مُسافر کي گسُ، ڏسي شايد!

رات ساري اکين ۾، ڪاٽي ٿَئين،

ڪو صُبحَ ساڻ ٿو، اچي شايد!

 

غزل

مون گذاري ائين، زندگي شهر ۾،

ڳوٺ ڄڻ آ ڪئي، خودڪشي شهر ۾.

چؤڏِسا آههِ، اوندهه پکڙجي وئي،

راتِ اغوا ڪئي، روشني شهر ۾.

جنهن مُسافر کي، پنهنجو اجهو آڇيو،

ٿو لڳي گهر ڌڻي، اجنبي شهر ۾.

ڪير ڄاڻي ڪٿي، ٿي حياتي کُٽي،

زهر گاڏڙ هوا، آ گهُلي شهر ۾.

سي گهٽيون اَڄُ سُڃاڻن، نٿيون ڇو مون کي؟

جن گهٽين سان عُمرِ، مون ڪَٽي شهر ۾.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com