سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2012ع

مضمون

صفحو :16

مسعود مفتي

سنڌيڪار: سميه قاضي

مَــــٽُ

ٽَپ… ٽَپ…

اُتر سنڌ جي ساڙيندڙ گرمي! پگهر جا ٻه ڦُڙا مٿي کان ٿيندا اچي، هِن جي نڪ تي ڪِريا ۽ ٺِڪريءَ تي ڄميل مٽيءَ جي تهه ۾ رَلي مِلي ويا.

محمد فتح موهن جي دڙي تي ٻين مزدورن سان گڏ کوٽائيءَ جو ڪم ڪري رهيو هو. ڪڏهن ڪوڏر سان، ڪڏهن رنبين سان، ڪڏهن هٿن سان ته ڪڏهن آڱرين سان. هيءُ ڪم ڏاڍو ڏکيو ۽ ٿڪائيندڙ هو پرهن ويچاري کي ته مزدوري ڪرڻي هئي. جڏهن ٿوري ڪم ڪرڻ سان گهڻي مزدوري ملي ته پوءِ ٻيو ڇا گهرجي؟

محمد فتح سان گڏ ٻيا پندرنهن مزدور ڪجهه ڏينهن کان هڪ دڙي جي کوٽائي ڪري رهيا هئا، جنهن مان کوٽائيءَ دوران ڪجهه سِرن جو ڀڳل ٽُٽل فرش، هڪ ٻه موتي ۽ ڪجهه ڳهه ڳٺا مليا هئا. وڌيڪ شيون هٿ ڪرڻ لاءِ گذريل چئن ڏينهن کان هوُ وڏي احتياط سان ڪم ڪري رهيا هئا ۽ ڪلهه شام تائين هوُ هڪ ڀڳل مَٽَ جون ٺِڪريون ڳولهي چڪا هئا، جيڪي سندس آڏو پيون هيون ۽ هوُ ڪنڌ هيٺ ڪري هوريان هوريان انهن ٺڪرين تي ڄميل مٽي صاف ڪري رهيو هو. سندس هٿ ۾ لوهو پَٽُ هو، جنهن سان هوُ مٽي صاف ڪري رهيو هو. جنهن ٺِڪريءَ تي کيس ڪا چٽسالي نظر ٿي آئي، ته اها صاف ڪرڻ کان سواءِ ٻئي ماڻهوءَ کي ڏيندو ٿي رهيو، جيڪو ان جي هوريان هوريان بُرش سان صفائي ڪندو ٿي رهيو. گڏوگڏ هوُ مشهور سنڌي چوڻي جهونگاري رهيو هو: ”هجئي ناڻو، ته گهم لاڙڪاڻو.“

هُو ڪيترن ئي هفتن کان اتي ڪم ڪري رهيو هو، ۽ کيس خبر هئي ته کوٽائي ذريعي پنج هزار سال پراڻي شهر جو هڪ ٻيو حصو نروار ٿي رهيو آهي. هن مٽي لاهيندي سوچيو ته انهن پنج هزار ورهين ۾ هتان جي ڪنهن به شيءِ ۾ تبديلي ڪانه آئي آهي. هنن ٺڪرين تي ڄميل مٽي هوُبهو اڄ ڪلهه جي مٽيءَ جهڙي آهي.... هي ٺڪريون به هوُبهو اسان  جي ڀڳل ٿانون جهڙيون آهن. ان دور جي رانديڪن ۾ جيڪي ڏاند گاڏيون ۽ ٻيڙيون هٿ آيون آهن، اهي به هوُبهو اڄ ڪلهه جهڙيون آهن. جيڪڏهن هي سڀ ڪجهه اهڙو ئي آهي ته پوءِ خبر ناهي ته ڇو هي ماڻهو ايڏي محنت سان کوٽائي ڪن ٿا. جڏهن ته هوُبهو اهڙيون شيون اڄ ڪلهه ڏوڪري ۽ لاڙڪاڻي جي گهٽين ۾ نظر اچن ٿيون.

پَٽُ هيٺ رکي فتح محمد پنهنجي آڱر سان پيشانيءَ تان پگهر آُگهيو ۽ سندس پگهر جا ڦڙا ڪٺا ٿي هڪ لار وانگر آڱر جي چوٽيءَ کان سندس قميص تي ڪِرڻ لڳا. هن ڪنڌ مٿي ڪري ڏٺو ته هڪ ميل پري سنڌو درياء جو ويڪرو پيٽ چانديءَ وانگر چمڪي رهيو هو ۽ ان چمڪ سان گرميءَ جو احساس اڃان وڌيڪ گهرو ٿي رهيو هو.

هن ٻين مزدورن ڏانهن نهاريو، ٻه ٽي ڪم ڪري رهيا هئا ۽ ٻيا مَنههَ هيٺان ٿَڪُ ڀڃي رهيا هئا. دراصل اهي سڀ انتظار ۾ هئا، ڪراچيءَ مان ڪجهه آفيسر خاص طور اهي شيون ڏسڻ لاءِ اچي رهيا هئا، جيڪي کوٽائيءَ دوران هٿ آيون هيون. انهن لاءِ هڪ خاص هوائي جهاز جو انتظار ڪيو ويو هو ۽ ميوزيم جا سمورا آفيسر انهن کي وٺي اچڻ لاءِ موهن جي دڙي جي هوائي اڏي تي ويل هئا.

وڃڻ کان اڳ ڪسٽوڊين مزدورن کي هدايت ڪئي هئي ته اهي ماهر خاص طور هن مَٽَ جون ڀڳل ٺڪريون ڏسڻ لاءِ اچي رهيا آهن. تنهن ڪري هيءُ ڪم انهن جي اچڻ کان اڳ پورو ڪيو وڃي. هوُ تاڪيد ڪري هليو ويو ته آچر، جيڪو سڀ کان وڌيڪ پوڙهو هو، سو کِلڻ لڳو.

”هي صاحب لوڪ به عجيب آهن. هڪ پراڻي ڀڳل مٽ لاءِ هوائي جهاز تي ايندا پيسا ضايع ڪندا.“

لڳاتار ڪنڌ هيٺ ڪرڻ سبب محمد فتح جو ڪنڌ ٿڪجي پيو هو. هوُ ڪنڌ مٿي ڪري آرس ڀڃي، هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳو. موهن جي دڙي جي اتاهين دڙي کان پري پري تائين ٻنين ۾ پاڻي نظر اچي رهيو هو، جنهن جي هيٺان سارين جو رونبو ايئن نظر اچي رهيو هو، ڄڻ ٻارُ ماءُ جي پيٽ ۾ هو. فضا ۾ ڪلراٺي زمين ۾ ريج ٿيل پاڻيءَ جي بوُءِ اچي رهي هئي ۽ گُهٽ سيني تي پٿر جي بار وانگر اڻ ڏٺو دٻاءُ وجهي رهي هئي.

ٿوريءَ دير کان پوءِ هوُ اچي ويا. اهي چار آفيسر هئا. سندن مٿي تي ٽوپلا ۽ اکين تي ڪاريون عينڪون پاتل هُئنِ. هنن هڪ هڪ شيءِ جي ڏاڍي غور سان ڪيترائي ڀيرا چڪاس ٿئي ڪئي پرمَٽُ ڏسي تمام گهڻو خوش ٿيا، ڄڻ عاشق کي مٺو محبوب ملي ويو! ڪڏهن انهن مان هڪ انهيءَ مٽ جي ٺِڪري کڻي ان کي غور سان ڏٺو ٿي، پوءِ وري اها ساڳي ٽِڪري ڏاڍي احتياط سان ٻئي کي ڏيندو ٿي رهيو، ڄڻ ڪو نازڪ شيشو هجي. هو به ان کي ڏاڍي غور سان ڏسندو ٿي رهيو. پوءِ معنيٰ ڀرئي انداز ۽ وڏي آواز ۾ انگريزي ڳالهائيندو ٿي رهيو. ٻيا ڪنڌ ڌوڻيندا ٿي رهيا. پوءِ وري هوُ اها ٺڪري ٻئي کي ڏيندو ٿي رهيو.

هنن ڀڳل مٽ جون ٺِڪريون هڪ خاص شيشي جي مدد سان بار بار ڏٺيون. پوءِ هوُ هيٺ زمين تي ويهي رهيا، ۽ مٽ جي ڪنارن تي مسالو لڳائي، انهن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍيندا رهيا.

محمد فتح اڳتي وڌي سندن مدد ڪرڻ چاهي ته هنن ڪوجهو مُنهن ڪري کيس پري ڪري ڇڏيو. ڄڻ هوُ ڪنهن پاڪ جڳهه کي ناپاڪ ڪرڻ آيو هجي. مجبور ٿي هوُ ويچارو هڪ هنڌ ويهي تماشو ڏسڻ لڳو.

هڪ ڪلاڪ محنت ڪرڻ کان پوءِ، ڀڳل مٽ جو منهن ۽ ڪجهه مٿانهون حصو ڳنڍجي ويو. انهن آفيسرن مان جيڪو سڀني کان وڏي عمر وارو جهونو هو، سو خوشيءَ مان تاڙيون وڄائڻ لڳو. پنهنجي هڪ ساٿيءَ جي ڪنڌ تي هورڙيان ڌڪ هڻي چوڻ لڳو:

”اسان رڳو هيءُ مٽ نه ڳنڍيو آهي، پر اسان پنج هزار سال پراڻي تهذيب ڳنڍي آهي... هيءُ مٽ انهن ڏينهن ۾ ڪنهن سهڻي گهرجي سونهن هوندو.“

محمد فتح پهريائين ته انهن سڀني آفيسرن کي بيوقوف سمجهي رهيو هو پر انهيءَ جهوني آفيسر جي ڳالهه کيس دل سان لڳي. ڇو ته ٺڪريون ڳنڍجڻ کان پوءِ مٽ جي جيڪا شڪل صورت بڻي هئي، سا هوبهوُ انهيءَ مٽ وانگر هئي، جيڪو سندس گهر ۾ موجود هو. کيس ڄاڻ هئي ته سندس گهرجي رونق انهيءَ مٽ جي ڪري ئي هئي.

محمد فتح جو پيءُ موهن جي دڙي کان ٿورو پري رهندو هو ۽ هڪ وڏي زميندار وٽ هارپو ڪندو هو. ان جي ڪُل مُوڙي ڏاندن جو جوڙو ۽ هڪ هَرُ هو. هوبهوُ اهڙو هر ۽ ڏاند، جهڙا موهن جي دڙي واري ميوزيم ۾ رانديڪن جي روپ ۾ رکيل هئا. سندس گهر هڪ ڪچو ڪوٺو هو، جنهن ۾ سندس ماءُ پيءُ ۽ ننڍا ڀائر رهندا هئا. محمد فتح جي ان وقت عمر پندرنهن ورهيه هئي. ۽ هوُ گهرجي خرچ پکي لاءِ کوٽائي واري ڪم ۾ مزدوري ڪندو هو.

هڪ مٽ انهي اونداهي ڪوٺي جي هڪ ڪنڊ ۾ پيو هوندو هو، جيڪو سندس ننڍن ڀائرن جي قد کان ٿورو وڏو هو. ان جو ويڪرو منهن سدائين هڪ پراڻي ڪپڙي سان ڍڪيل هوندو هو. ان مٽ ۾ هو ڪڏهن چانور ته ڪڏهن ڪڻڪ رکندا هئا. فصل لهڻ وارن ڏينهن ۾ ڪنن تار ڀريل هوندو هو. جيئن جيئن ڏينهن گذرندا ويندا هئا ته اناج جي چوٽي هيٺ سرڪندي ويندي هئي. سندس گهرجي سونهن ان مٽ جي ڪري هوندي هئي.....

.... رات جو سندس ماءُ پيءُ جون کٽون مٽ جي بلڪل ڀرسان پيل هونديون هيون ته جيئن هوُ چورن کان پنهنجي اُنَ مٽ جي حفاظت ڪري سگهن. ننڍو ڀاءُ ڄائو ته اهو هڪ کٽولي تي ستو پيو هوندو هو، جيڪا مٽ جي ڀرسان رکيل هوندي هئي. ٻارڙو سڄو ڏينهن اوئان اوئان ڪندو رهندو هو. ٻيا ٻار مٽ جي چوڌاري ڦري پنهنجي ننڍڙي ڀاءُ کي کِلائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.

گهر جا ٻار ضد ڪندا هئا يا وڙهندا هئا ته ماءُ کين لَپ سوا اَنَ جي ڏيندي هئي ته وڃي دڪان تي کپائي شيءِ وٺي کائين. ڪڏهن ڪو پاڙي وارو اوڌر لاءِ ايندو هو، ته سندن ماءُ مَٽ مان وٽو اَن جو ماڻ طور ان کي ڀري ڏيندي هئي. يا انهيءَ مٽ مان ٻُڪي ڪڍي، ان مان ڪجهه پيسا ڪرائي پنهنجي پاڙيسري کي ڏيندي هئي.

جڏهن سندس وڏي ڀيڻ جي شادي ٿي هئي ته انهن ڏينهن ۾ به ڏاڍي رونق هوندي هئي. ماءُ بُجڪي مان پيسا ڪڍندي رهندي هئي.... سندن پيءُ شهر ويندو هو ته هوُءَ کيس مٽ مان پيسا ڪڍي ڏيندي هئي.

محمد فتح کي اهو به ياد هو ته جن ڏينهن کيس ۽ سندس ڀاءُ کي بُک تي سُمهڻو پوندو هو ته سندن امڙ آهون ڀري ور ور ڪري مٽ ۾ جهاتي پائي ڏسندي هئي ته من اُن ۾ ڪي ڪڻا داڻا هجن.

سندن گهر ۾ جيڪي لاها چاڙها آيا، انهن جو مظهر اهو ئي مَٽُ هو خوشحالي جو، سُڃائي جو يا بُک تي ويلا ڪاٽڻ جو.... گهر جي ڪيترن ئي حادثن جو تعلق به ان مٽ سان ئي هو.

اڃا ٿورا ڏينهن اڳ جي ڳالهه آهي، هوُ پنهنجي پيءُ سان گڏ گهر آيو ته سندس ماءُ ان مٽ جي مٿان اونڌي مُنهن پئي هئي. هوُءَ وڏا ساهه کڻي رهي هئي. پگهر ۾ شل هئي ۽ سُڏڪي سُڏڪي روئي رهي هئي.

هنن ٻنهن گڏجي کيس کڻي کٽ تي سمهاري ڇڏيو. پڇيائونس ته ”ڇو ٿي روئين“...؟ ڪجهه ڪڇڻ آکڻ بنا هوءَ لڳاتار روئندي رهي. ٿورو ڳالهايائين، پر اهو اڻ چِٽو هو، تنهنڪري محمد فتح سمجهي نه سگهيو. پر پيءُ سمجهي ويو ۽ پٽ کي چيائين ته تون ٻاهر وڃ.

هو پيءُ جي چوڻ تي ٻاهر ته ويو، پر درجي ڀرسان ڪن لائي ڪجهه ٻڌڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. سموري ڳالهه ته هوُ سمجهي نه سگهيو، پر کيس ايترو اندازو ٿيو ته سندس ماءُ کي وڏيري پنهنجي گهر سڏرايو هو ۽ ڪمرو بند ڪري کيس راضي ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪيائين، پر هوُءَ انڪار ڪندي رهي. نيٺ دريءَ مان ٽپو ڏيئي ڀڄي آئي.

ٿوري دير کان پوءِ پيءُ کيس اندر گهرايو ۽ هوُ پنهنجي ماءُ کي ڳُڙ جو شربت پياري رهيو هو ته کيس پنهنجي امڙ جي ٻانهن ۽ منهن تي رهڙون نظر آيون. پوءِ سندس پيءُ شام تائين ڪنهن گهري سوچ ۾ ٻڏل درجي ٻاهران ويٺو رهيو. هن کانئس حقيقت معلوم ڪرڻ گهري، پر هن وڏيري کي ٻه ٽي گاريون ڏيڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ٻڌايو.

وڏيرو نه فقط وڏو جاگيردار هو، پر سياستدان به هو. مختيارڪار ۽ ٿاڻيدار به کانئس ڊڄندا هئا.

محمد فتح سوچيندو رهيو ته آخر معاملو ڇا آهي؟ ۽ کيس ڇا ڪرڻ گهرجي؟ هوُ جڏهن سوچي سوچي پريشان ٿيو ته هڪدم اندر هليو ويو. مٽ مان لپ کن ان ڪڍي، اُهو ڀُڃرائڻ هليو ويو.

موهن جي دڙي مان تول مَٽُ جُڙي راس ٿي ويو هو. ڪامورا ٻيون شيون ڏسڻ لاءِ ريسٽ هائوس هليا ويا هئا ۽ محمد فتح ڏينهن وارو ڪم ختم ڪري، گهر روانو ٿيو.

سڄي واٽ هو انهن ماڻهن متعلق سوچيندو رهيو، جيڪي ڏاڍي شوق ۽ احتياط سان ڀڳل مٽ جوڙيندا ٿي رهيا.

ٽي چارميل پنڌ ڪري هو گهر پهتو ته اها ڏيئن ٻرڻ جي مهل هئي. هو تڪڙو تڪڙو هلندو، آخري موڙ کان مُڙيو، جتان کان ٻه سؤ گزن جي مفاصلي تي سندس گهر هو.

...... هوُ هڪدم بيهي رهيو.

اتي ته نقشو ئي بدليل هو.

.... گهر جو سمورو سامان ٻاهر ڪڻو ڪڻو ٿيو پيو هو. هنڌ ٽپڙ ۽ ٿانوَ ٿپا کٽ تي پيا هئا. ٻئي ننڍا ڀائر هيسيل حالت ۾ کٽ جي ڀرسان ويٺا هئا. گهر کي تالو لڳل هو. ڪجهه پاڙيسري پري کان رؤنشو ڏسي رهيا هئا. هنن ڏانهن ان ريت ڏسي رهيا هئا، ڄڻ هي ڪي اڇوت هئا.

هو ڀڄندو اڳتي وڌيو ته ٿاٻو کاڌائين. پاڻ سنڀاري اڳتي وڌيو، ڏٺائين ته اندر وارو مٽ ڀڳو پيو هو. ٺِڪريون ٽڙيون پکڙيون پيون هيون. انهن مان هڪ وڏي ٺڪريءَ تي پير اچڻ سبب هو ٿاٻڙيو هو.

پوءِ سندس پيءُ کيس ڏکويل اندازَ ۾ پيرائتي ڳالهه ٻُڌائي ته وڏيري ڳوٺ مان لڏي وڃڻ جو حڪم ڏنو آهي. اسان کي ڪا ڄاڻ ئي ڪانه هئي. اسان تي ڪو ڪُوڙو ڪيس هلندو ٿي رهيو. اڄ مختيارڪار جا ماڻهو آيا ۽ زبردستي اسان کي هن گهر مان تڙي ڇڏيون اٿن.

هن جي نِڙي سُڪي وئي.... ڄڻ ڪو خشڪ ڳوڙهو اندر مان اچي نڙيءَ ۾ ڦاٿو هجي. کيس ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته هينئر ڇا ڪرڻ گهرجي! ڏاڍي ڏک ۽ بيوسيءَ مان چيائين ته: ”پر... هنن هيءُ مٽ ڇو ڀڳو؟“

”پُٽ! رڳو مَٽُ.... اسان جو ته سڄو گهر ڀڄي ڀُري پيو آهي!“ پيءُ کيس چيو.

مجبوري ۽ بيوسيءَ ۾ محمد فتح هيٺ زمين تي ويهي رهيو ۽ ويچارو ٿي ڀڳل ٽُٽل ٺِڪريون ڏسڻ لڳو. پوءِ هن ڏاڍي پيار ۽ پاٻوهه مان اُهي ٺڪريون ميڙي هڪ هنڌ گڏ ڪيون ۽ ڏک مان انهن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. هوبهو اهڙيءَ طرح، جيئن صاحب لوڪن موهن جي دڙي واري مٽ جون ٺڪريون جوڙڻ شروع ڪيون هيون ۽ سندس ذهن تي هڪ سوال تري آيو ته ڇا پنج هزار سال اڳ اهو مٽ ان ئي طرح ڀڳو هو؟... ممڪن آهي... ڇو ته ٻيون شيون به ته اهڙيون ئي آهن....

پوءِ هوُ ڀڳل ٺڪريون ڳنڍڻ جي اجائي ڪوشش ڪندو رهيو پر اهي هر ڀيري ڀڄنديون رهيون.

هن ڪنڌ مٿي ڪري نهاريو، ڏٺائين ته سندس ماءُ ڏانهس نهاري رهي هئي، ننڍڙو ٻار ساڻس چنبڙيل هو ۽ هوءَ روئي رهي هئي.

”امان! مان هينئر ئي هي ٺڪريون صاحب وٽ کڻي وڃان ٿو. وٽس مسالو آهي.... هن صبح ئي پنج هزار سال پراڻو مٽ ڳنڍيو آهي.“

بيوقوف! سندس پيءُ ويجهو اچي کيس چيو: ”هو هيءُ مٽ نه ڳنڍيندا.“

پوءِ هن پنهنجي پياري پٽ کي پيار مان چيو: ”پُٽ! وڏا ماڻهو ٻين جا مٽ ڀڃندا رهندا آهن... مون پنهنجي ڏاڏي وارو وقت ڏٺو آهي.... هو سدائين پنهنجي ڏاڏي جون ڳالهيون ٻڌائيندو رهندو هو... سدائين ايئن ئي ٿيندو رهيو آهي.“ محمد فتح حيرانيءَ مان پنهنجي پيءُ ڏي نهاريندي چيو: ”هي صاحب لوڪ به عجيب آهن، پراڻن مٽن ڳنڍڻ تي ته ايڏو وڏو خرچ ڪن ٿا، پر ڪنهن غريب جو نئون ڀڳل مٽ جوڙڻ جو بندوبست نه ٿا ڪن!“

”ها پُٽ! اسان جو زمانو اهڙو ئي آهي. شايد پنج هزار سالن کان پوءِ اسان جو مَٽُ ڳنڍڻ وارو ڪو پيدا ٿي پئي....“

جمن احمداڻي

جرمِ وفا جو آخري اسڪيچ

ڳوٺ جي سادي سودي مصور کان شهر جي هڪ ڇوڪريءَ دل چورائي پنهنجي پرس ۾ رکي ڇڏي!

ان کان اڳ هو فطرت جي رنگن ۾ گُم هوندو هو. ڳوٺ جا وڻ، رستا ۽ گهٽيون کيس وڻنديون هيون. هن وٽ هڪ سادي پينسل هئي، جنهن سان هو فطري حُسن جي منظرڪشي ڪري پنهنجو پاڻ ۾ ئي گُم رهندو هو.

هن کي بارشون وڻنديون هيون، هو آسمان تي ڊوڙندڙ ڪڪرن تي عاشق هو. سُرمائي بادل پينسل جي بدن تي لهي پوندا هئا ۽ هو اُنهن سان راند ڪندو هو. هو ڳوٺ ۾ وڻن جي ٿُڙن ۽ پنن تي اسڪيچ ٺاهيندو هو. هن جي رفاقت ۾ پکي لهي ايندا هئا ۽ هو انهن جي پرن تي پنهنجا نفيس هٿ گهمائي ساڻن محبت جو اظهار ڪندو هو.

هڪ ڏينهن روشنيءَ جي شهر مان هڪ ڇوڪري سندس ڳوٺ آئي. هوءَ نه رڳو بهار جي رنگن جهڙي رنگين هئي پر هوا ۾ خوشبوءِ جا نياپا اماڻيندي هئي. هن پنهنجي پينسل سان سندس اسڪيچ ٺاهيو ۽ اکين جي شيلف ۾ محفوظ ڪري ڇڏيائين. موٽ ۾ اُن ڇوڪريءَ سندس دل چوري ڪري پنهنجي پرس ۾ وڌي ۽ ٻيهر موٽي اچڻ جو چئي هلي وئي.

ڳوٺ جو اهو سادو سودو مصور هاڻي ويڳاڻو ٿي پيو. بارشن جون موسمون کيس جهورڻ لڳيون. سُرمائي بادل سندس اکين منجهه لهي آيا. ڳوٺ جون گهٽيون، رستا ۽ وڻ هن جي ڏک ۾ پاڻمرادو وڃائجي ويا، پکي سندس هٿن جي لمس لاءِ سڪڻ لڳا. هو خاموش ٿي ويو هو.

موسمن جا لباس ڦڪا ٿيندا ويا پر هوءَ نه آئي. هڪ ڏينهن هن ڪاري گلاب جو اسڪيچ ٺاهيو ۽ اکين جي شيلف ۾ رکيل اُن ڇوڪريءَ جي اسڪيچ سان ملائي هوائن جي سرگوشين ۾ روشنيءَ جي شهر ڏانهن اماڻيو ته گلاب جي مهڪ سڄي فضا ۾ پکڙجي وئي. ڳچ وقت تائين هو گلاب جي اُن مهڪ کي پنهنجي ساهه ۾ محسوس ڪندو رهيو. آخرڪار هن فيصلو ڪيو ته کيس روشنيءَ جي شهر ڏانهن ضرور وڃڻ گهرجي، جتي اها ڇوڪري رهندي آهي. هو سندس پرس مان پنهنجي چوري ڪيل دل موٽائي کڻي ايندو. هن پنهنجي پينسل کنئي ۽ شهر پهتو. هن ڏٺو ته ماڻهو کانئس لاتعلق هئا، ماڻهن جون اکيون ته هيون پر اُهي بينائيءَ کان محروم هئا. شهر ته روشن هو پر گهٽيون ۽ گهر اونداهه ۾ ٻڏل هئا. اهڙي حالت ۾ کيس ڇوڪري4 جي پرس تائين پهچڻ ڏکيو هو ۽ سندس ڳولا به فضول هئي. هن پينسل ڏانهن ڏٺو، پينسل اهڙي ڀوائتي اسڪيچ کي ٺاهڻ لاءِ هرگز تيار نه هئي.

هو شهر جي گهٽين ۽ چوراهن تي ڀٽڪندو رهيو. هوءَ نه ملي ته مايوس ٿي سمنڊ ڏانهن رُخ ڪيائين. ان وقت سج سمنڊ کي ڀاڪر وجهي کانئس موڪلائي رهيو هو. هن هڪدم پينسل ڏانهن ڏٺو ۽ آخري اسڪيچ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪيائين.

منهنجي شهر جي اُن منظر کي توهان پنهنجي پينسل جي بدن تي نٿا ويڙهي سگهو!“ اوچتي آواز تي هن پوئتي ڏٺو ته اها ڇوڪري کيس اسڪيچ ٺاهڻ کان منع ڪري رهي هئي.

هو حيرت ۽ خوشيءَ جي لباس ۾ ويڙهجي ويو.

وراڻيائين:

”تون منهنجي ڳوٺ ۾ ڇا آئين، هر منظر بهارن جي رنگن ۾ ڀرجي آيا. واعدو ڪري هلي وئين ته وڻن جي پنن رنگن وکيرڻ ئي ڇڏي ڏنا آهن. گهٽيون ۽ رستا اڃا تائين سڪتي ۾ آهن. موسمن جي اکين ۾ اُداسي ڇانيل آهي، مان اُنهن منظرن کي قتل ٿيڻ نه ڏيندس، توکي پنهنجي واعدي جو اهو ننگو بدن ڍڪڻو پوندو جيڪو تو ڳوٺ جي منتظر رستن تي بي لباس ڇڏيو آهي!“

هوءَ مصور جي سادگي تي مُرڪي پئي،

چيائين:

”نه مون تنهنجي ڳوٺ جي ڪنهن رستي جي چيچ پڪڙي واعدي جي گس کي بي لباس ڪيو آهي ۽ نه ئي وري ڪن اکين جا خواب چورائي وارن جي چوٽيءَ ۾ ويڙهيا اٿم. تو پاڻمرادو منهنجو اسڪيچ ٺاهي اکين ۾ لڪائي ڇڏيو هو.“

وراڻيائين: ”تو به ته منهنجي دل چورائي پرس ۾ رکي هئي. تنهنجي ته شهر جا سڀ رستا اونداهه ۾ ٻڏل آهن، ماڻهن جي اکين ۾ ڪا ديد ڪانهي، اُهي پينسل جي زبان ڇا سمجهي سگهندا. تنهنجي بيوفائيءَ جو آخري اسڪيچ ٺاهڻ کان اڳ توکي منهنجي دل واپس ڪرڻي پوندي.“

مصور نااميد ٿي ويو.

روشنيءَ جي شهر ۾ رهندڙ ڇوڪري ڪي پل خاموش ٿي ويئي. موٽ ۾ چيس:

”پر اُن لاءِ توکي پنهنجون اکيون ڪڍي مون کي ڏيڻيون پونديون جن ۾ تو منهنجي تصوير لڪائي رکي آهي.“

ڳوٺ جو سادو سودو مصور ٽٽڻ ۽ ڀرڻ لڳو. هن پنهنجا ٻئي هٿ اکين تي رکيا، کيس ٽڪرن ۾ ورهايل دل واپس ملي.

شهر مان ٻاهر نڪتو ته زندگيءَ جي سڙڪ سُنسان هئي، سندس اکيون نڪتل هيون ۽ کانئس ڳوٺ جا سمورا رستا چورائجي ويا هئا.

عزيز قاسماڻي

(1) هاڻي سياست کي گامنيءَ جيتري اهميت آهي

هن جو ڪهڙو تعارف ڪرايان.

هاڻي منهنجو يار سڏرائيندو آهي.

وار وار گهوري ويندو آهي.

مان ڪهڙو تعارف ڪرايان هُن جو،

هو پنهنجو تعارف پاڻ آهي.

رڳو بس هُن جون خوبيون ٻڌائيندس،

ته سمجهي ويندءُ،

جي نالو کڻندس،

ته خوبيون بي ساخته سامهن اچي وينديون.

توهان پاڻ ٻڌايو نالو وٺانس.

يا خوبيون بيان ڪريان.

 

هڪڙي ڏينهن پڇيو هئائين:

هن وقت سٺو ڪير لکي رهيو آهي،

چيومانس: اهو پوءِ ٻي ملاقات ۾ ٻڌائيندوسانءِ.

وڏو ٽهڪ ڏيندي چيائين:

تون ته صفا سعادت حسن منٽو،

۽ شيخ اياز وارو مزاج ٿو رکين.

هو به اينءَ ئي چوندا هئا.

ڀلا ٻي ملاقات جي ڪهڙي پڪ آهي

۽ پنهنجي هم اثر دوستن کي خوشي،

تٿان ڦٿان ڪري ڇڏيندي ته

مهان ڪوي منهنجو نالو ضرور وٺندو.

ان خوشيءَ جي احساس ۾ ولوڙجندا رهندا.

 

پر توکي ته يقين آهي نه،

هن ڪائنات ۾ حسين کان

حسين تر مرد آهي.

عورت پنهنجي سڀني نفاستن سان

سندس پيرن کان ويهي زور ڏيندي اٿس.

جنهن کي يقين نه اچي ته

پنهنجي ماءُ کان پڇي ڏسي

جا تيمارداري ڪندي ڪندي

پنهنجي مڙس جي تعريف جا پن،

ڪومائجڻ کان اڳي،

گنگا جي ڇاتيءَ تي وڇاڻو ڪري رکندي آهي.

ٻئي گڏ هئاسين

مون کي ڪنهن نيوز چئنل جي مالڪ چيو:

اچ چئنل جوائن ڪر.

مون کان اڳ ”هُن“ جا ڪن ڳاڙها ٿي ويا.

چيومانس: تون ڇا ٿو سمجهين

ته مان چئنل جوائن ڪندس.

تنهنجي ڪارڊ ۽ پيسن تي آڪڙجي گهمان،

۽ تنهنجي اسسٽنٽ ٿيڻ کان بهتر آهي

زال جي پئسن کي ترجيح ڏيندس.

هن جي چولي جي ڪڙهائيءَ جا،

ٽيهه رپيا منهنجي لاءِ امرت آهن.

مون وارو يار

جنهن جو ذڪر پهريان ڪيم پئي

اهو وٺي روئي.

تنهائيءَ کان

تنهائيءَ کي ڪابه ڪاما ناهي

فل اسٽاپ ناهي

مخاطبت جي نشاني ناهي.

هُن کي پنهنجا ساز ۽ سڳا آهن

جنهن به پاتا ته،

سڀني کان اوجهل…

پاڻ سڀني جو تماشو،

ڏسي- ڏسندو ئي رهي.

هو تنهائيءَ کان ڊڄندو آهي،

ڊڄندو ڪٿي آهي.

پنهنجي مٿي کي

ڇانهين جيئان

ٻئي هٿ وجهي

زور ڏيندو آهي.

هُن جي هٿن ۾

ايترو انش ناهي

ڦيهي وجهي

بس پوءِ رڙيون ڪندو آهي.

عام ماڻهو ته پري جي ڳالهه آ،

توکي ته تنهنجي دؤر جا رائيٽر

به نه ٿا سمجهي سگهن.

سؤ اسي ڪلو ميٽرن جي سفر

جو مُنهن اورتي ڪندي

آئن اسٽائن

ڪافڪا

رودڪي

اليگزينڊر

نٽشي

۽ هاڻي ته

منٽو به مري ويو آهي.

تڏهن ته مان توڏي ٿو اچان

چيومانس:

هاڻي سياست کي گامنيءَ جيتري اهميت آهي.

ان ڪري ويساهه نزديڪ نه ٿو رهي

هلندڙ دؤر جي بي فڪر روش

مذهب، سائنس ۽ سماج جا ٿانوَ

جوٺا ڪري ڇڏيا آهن.

سرمائيدار سوچ ماڻهپي جي

اڏيل حسين تصورن کي پنهنجيءَ قابوءَ ۾،

ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڪامياب ٿو ڏسجي.

هن چيو:

علم وڏي کان وڏو مؤذن آهي محبت جو.

هاڻ توسان محبت ٿي وئي آهي.

محبت محور آهي.

سڄي دنيا سندس چؤگرد طواف ٿي ڪري.

 

 (2) اعلان

سنڌ کي،

پاڻيءَ کان وڌيڪ،

عقل جي،

ضرورت آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com