سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2012ع

مضمون

صفحو :18

ڊاڪٽر علي اڪبر ’اسير‘ قريشي

قلندري خطاب

(داتا فيض درياهه جي ڪلام تي هڪ نظر)

سنڌ جهڙي طرح قديم دور کان وٺي امن، محبت، پيار ۽ قرب جو مرڪز رهي آهي. تهڙيءَ طرح حق ۽ سچ جي تلاش ۾ پڻ پيش پيش رهي آهي، ڇو ته ڪيترائي وڏا اولياء، درويش صفت انسان، عاشقِ رسول، عالم، مفڪر ۽ مفسر؛ ولايت جا صاحب ۽ شاعر پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن جو نالو اڄ تائين نمايان آهي. انهن ولي الله، صوفي درويشن ۽ شاعرن مان هفت زبان شاعر علامه محمّد هدايت علي نجفي ’تارڪ‘ به ڪنهن تعارف جو محتاج نه آهي.

علامه تارڪ جي علمي ۽ ادبي حاصلات تي جيترو ناز ڪجي اوترو ٿورو آهي. علامه تارڪ هڪ ئي وقت شاعر به آهي ته اديب به. عالم به آهي ته عامل به. عاشق به آهي ته عاقل به. حافظ قرآن به آهي ته قاري به. مصنف به آهي ته مترجم ۽ مؤلف به. صادق به آهي ته صوفي به. حق پرست به آهي ته خدا پرست به. مفسر به آهي ته مفڪر به. مقرر به آهي ته محرربه. مطلب ته علامه تارڪ انهن مڙني خوبين، خاصيتن ۽ نيڪ خصلتن جو ڀنڊار آهي. هيءُ هڪ مثالي عالم، اديب ۽ شاعر جي حيثيت جو درجو رکي ٿو. هن جهڙو عالم، شاعر، اديب، محقق، مڙني علمن جو ڄاڻو ۽ ماهر ورلي ڪو پيدا ٿيو آهي، جو ساڻس ڪو همعصر همسري ڪري سگهي. جيئن پاڻ چيو اٿس:

قدم محبوب سبحاني رکيو ڪل اولياء تي جيئن،

تيئن همعُمر عشاقن تي آهي اڄ قدم منهنجو.

هن مان ظاهر آهي ته سندس ڪو به جوڙ جيس نه آهي. ڇو ته پيرانِ پير دستگير محبوب سبحاني قطب ربانيءَ جو قدم دنيا جي مڙني اوليائن تي آهي. تيئن علامه تارڪ جو قدم به سندس همعصر ۽ همعصر عاشقن تي آهي. اهو بلڪل صحيح ۽ سچ آهي ته پنهنجي وقت جي اديبن، عالمن، عاشقن ۽ شاعرن کان هُو ڪيترائي  ڀيرا افضل ۽ آهي.

علامه تارڪ جي علمي ۽ ادبي حاصلات اهميت ۽ افاديت کان خالي نه آهي. سندس اهڙين غير معمولي تصنيفن ۽ تاليفن مان ”رسالو داتا شاهه فيض درياهه“ سنڌي ٻوليءَ جي صوفيانه ۽ ناصحانه شاعريءَ ۾ پڻ منفرد ۽ مثالي نوعيت جو آهي. علامه تارڪ فيض دريا شاهه جو ڪلام سهيڙي هڪ سٺو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي. هيءُ پهريون دفعو عبدالغني اياز ڀٽيءَ سُوڌي ۽ سنواري 2002ع ۾ شڪارپور مان شايع ڪري پڌرو ڪيو آهي. ڀٽي صاحب هن ڪتاب کي ”قلندري خطاب“ نالو ڏئي ادب جي دنيا ۾ روشناس ڪرايو آهي.

هن ڪتاب جو مهاڳ ۽ مقدمو ٽيونجاهه صفحن تي مبني آهي. جنهن ۾ ناشرطرفان ’عرض احوال‘، مهدي شاهه طرفان ’عرش منزل ساڪن انباهه فيض‘ جي عنوان سان، بعد ۾ ’الله لفظ جي وضاحت‘ ۽ تصوف/صوفي لفظ تي تبصرو‘ جهڙن موضوعن تي روشني وڌل آهي. جنهن کان پوءِ مقدمو شروع ٿئي ٿو. مقدمي ۾ فيض دريا شاهه ميرل جي نسبت سان ڪيترن ئي عنوانن تي ڀٽي صاحب روشني وڌي آهي. جهڙوڪ: داتا جو فيض درياهه جي پيدائش، تعليم، داتا جي سهڻي صورت ۽ رهڻي ڪهڻي، داتا جو ديدار، داتا جو سير وسفر، داتا جا اهم قول ۽ داتا جا طالب وغيره درج ڪيا ويا آهن. اهڙيءَ طرح مقدمي ۾ ڪيتروئي دلچسپ مواد داخل ڪيل آهي. بعد ۾ علامه تارڪ رسالو داتا شاهه فيض درياهه ۽ احوال سيد فيض درياهه جو ٽن صفحن تي لکيو آهي. بعد ۾ ڪتاب جو متن 54 کان شروع ٿي 192 صفحن تي پورو ٿئي ٿو.

علامه تارڪ جو اصل نالو محمّد هدايت علي نجفي تارڪ ولد الهداد فقير عرف تراب علي تونيو لالو رانئڪ تعلقي وارهه (موجوده ضلعو قنبر- شهدادڪوٽ) جو ويٺل هو.   علامه تارڪ جو جنم 1894ع ڌاري ٿيو ۽ سندس وصال پنجيتاليهن سالن جي قليل ڄمار ۾ سال 1939ع ۾ ٿيو. سندس آخري آرام گاهه لالو رانئڪ شهر ۾ آهي. علامه تارڪ جي باري ۾ مون هڪ الڳ مضمون ۾ پنهنجا ويچار ونڊيا آهن ۽ سندس سوانح لکڻ جي چڱي جستجو ۽ ڪوشش ورتي آهي.

علامه تارڪ ڪيترائي ڪتاب تصنيف ۽ تاليف ڪيا آهي. سندن ڪتابن (نثر توڙي نظم) جو ڳاڻيٽواٽڪل ٻه 200 سؤ آهي. هتي سندن ڪجهه ڪتابن جا نالا ڏجن ٿا ته جيئن پڙهندڙن کي معلوم هجي ته علامه تارڪ جو علم و ادب ۾ ڪيترو ڪم ٿيل آهي. جهڙوڪ: ديوان نجفي، ڪليات تارڪ، ديوان تارڪ، چمڪندڙ گوهر، راز اظهار ترجمئه بسيرنامئه عطار، مثنوي برهان الواصلين (قرآن شريف جي چند آيتن جو منظوم ترجمو ۽ تفسير) آثار العرفان تفسير سورة الفرقان، نظم مقبول، گوهر آبدار، عاشقاڻا خطوط، ارشادات الحڪمت ترجمو ميزان الطب سنڌي، عجيب معلومات سنڌي، تحفة العظام ترجمئه تحفة الڪرام، استاد فارسي، ذبح شڪار سنڌي وغيره وغيره. مطلب ته علامه نجفيءَ علم و ادب ۾ وڏو ڪم سرانجام ڏنو آهي. علامه تارڪ جي ٻن سَون ڪتابن مان صرف پنجيتاليهه ڪتاب سيد اظهر گيلانيءَ جي قائم ڪيل ’علامه تارڪ لائبريري‘ گهوٽڪيءَ ۾ محفوظ آهن. جن مان اندازاً ٻه چار ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا آهن. مثال طور: ديوان نجفي سال 1922ع ۾ شڪارپور مان علامه تارڪ پاڻ ڇپرايو. جنهن کان گهڻو پوءِ سيد اظهر گيلانيءَ سندس ٻه ڪتاب ’چمڪندڙ گوهر‘ ۽ ’ڄاڻ سڄاڻ‘ شايع ڪرايا. سال 1989ع تي سنڌي ادبي بورڊ ’ديوان تارڪ‘ سنڌيءَ ۾ اشاعت هيٺ آندو آهي. باقي سندس ٻيا محظوطا قلمي حالت ۾ آهن.

قلندري خطاب (داتا فيض درياهه جو ڪلام) جو شاعر سيد فيض محمد شاهه ولد پير شاهه جيلاني ساداتن مان هو. 1280هه مطابق 1863ع ڌاري ڳوٺ هنباهه ضلع سکر ۾ پيدا ٿيو. سندس ابتدائي تعليم سيد ڏنل شاهه ڳوٺ عظمت تعلقي سکر جي زير نگراني ٿي. اهڙيءَ طرح سنڌي ۽ فارسي علمن جو ماهر ٿيو. سندس وڏا نوشهري جي بزرگ ۽ مشهور و معروف درويش ۽ شاعر شاهه نصير جا مريد ۽ طالب هئا. پاڻ به ان ئي درگاهه جو معتقد ٿي پيو. سندس مرشد تصوف جي سلسلي ۾ نقشبندي طريقو رکندڙ هئا ۽ پاڻ به اهو ئي ساڳيو طريقو اختيار ڪيائين. سندس والد پير شاهه، شاهه نصير جي خدمت ۾ سالن جا سال گذاريا. شاهه نصير وٽ سٺا گهوڙا هوندا هئا، جن جي سار سنڀال سيد پير شاهه جيلانيءَ جي حوالي هوندي هئي. اهڙو ڪم پير شاهه صاحب نهايت خوشيءَ سان سرانجام ڏيندو هو. جنهن ڪري شاهه نصيرالدين سندس باري ۾ فرمائيندا هئا ته: ”هن سيد پنهنجي ذات وساري ڇڏي آهي.“ جنهن جي نتيجي ۾ مرشد شاهه نصير وٽان ئي فيضياب ٿيو. آخرڪار مرشد جي اسرار تي پنهنجي ڳوٺ هنباهه اچي شادي ڪيائين. کيس ٽي فرزند: سيد تاج محمّد شاهه، سيد فيض محمّد شاهه ۽ سيد جان محمّد شاهه ڄاوا. جڏهن هنباهه ۾ اچي سيد شاهه نصير ٽيئي نينگر ڏٺا، تڏهن فيض درياهه جي باري ۾ فرمايائون ته: ”جي هن صاحبزادي جي عمر آهي ته بُلا شاهه وارو طبل وڄائيندو.“ جيئن سچل سائين جي بابت مشهور آهي ته لطيف سائين، سچل کي ڏسڻ سان چيو ته: ”اسان جيڪو ڪُنو چاڙهيو آهي، تنهن جو ڍڪڻ هيءُ نينگر لاهيندو.“ واقعي ٿيو به ائين، جيئن ڀٽائيءَ فرمايو. شاهه نصير به اهڙي دعا گهري ۽ فيض درياهه شاهه بُلا شاهه وارو طبل وڄائي ڏيکاريو.

فيض درياهه شاهه ظاهري تعليم حاصل ڪئي، پر باطني علم/ خيال کان به واقف هو، جو جنهن ۾ ”ايتري ترقي ڪيائين، جو ورهين جا ورهيه کائڻ، ڳالهائڻ ۽ ننڊ کان تارڪ رهيو.“ فيض درياهه شاهه بابت مشهور آهي ته جڏهن مستيءَ ۾ بيخود ٿي ويندو هو، تڏهن جنهن به شخص ڏي ان مستيءَ مان نهاريندو هو ته اهو به مست ٿي ويندو. ان حالت ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي مست بڻائي ڇڏيائين. جڏهن سالڪيءَ جي حالت ۾ آيو ته شعر چوڻ شروع ڪيائين ۽ شاعريءَ ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيائين. ميرل فقير جاگيراڻي، سندس خاص طالب، مريد ۽ معشوق هو. جنهن ڪري پنهنجي ڪلام ۾ تخلص طور’ميرل‘ فقير جو نالو استعمال ڪيائين. ميرل فقير سان بي پناهه محبت هُيس، جو ادب وچان کيس ’بابا ميرل‘ ڪري سڏيندو هو.

ميرل فقير جي ڪل عمر 161 سال هئي. جڏهن ميرل هنباهه/ انباهه شريف ويو ته ٺيڪ ان وقت داتا فيض درياهه جي عمر 25 سالن جي الڳ ڀڳ هئي ۽ بابا ميرل جي عمر اٽڪل 93 سال هئي. فيض درياهه بابا ميرل جي نهايت عزت ڪندو هو. فيض درياهه، بابا ميرل جي باري ۾ چوندو ته: ”جيڪو به ميرل کي بابو ميرل نه چوندو، تنهنجي رزق مان ٽڪرو گهٽبو رهندو.“ ان ڪري فيض درياهه جي فقراء جو سالار ۽ اڳواڻ بابو ميرل هوندو هو. ميرل جي مزار ڪنڊڙيءَ لڳ آهي.

فيض درياهه سڄي عمر لوڙهي ۾ رهيو. لوڙهي کان ٻاهر پير نه پاتائين. آخري عمر تائين شادي نه ڪيائين ۽ مجرد ٿي گذاريائين. جنهن ڪري کيس وقت جو قلندر به سڏيو ويندو هو. ڦوهه جوانيءَ ۾ 45 ورهين جي ڄمار ۾ 14 شوال 1325 هجري (1907ع / 1908ع) ۾ وفات ڪيائين. هرسال  11. شوال کان وٺي 14 شوال تائين ٽي ڏينهن سندس درگاهه تي ميلو لڳندو آهي جنهن کي حضرت هنباهه يا فيض درياهه جو ميلو چوندا آهن.

تاج الشعراء، فخرالشعراء، خادم الفقراء ۽ هفت زبان شاعر، بيمثال اديب ۽ عالم علامه محمّد هدايت علي نجفي تارڪ سال 1934ع تي فيض درياهه جو ڪلام سهيڙي ڪتابي صورت ۾ جمع ڪيو هو. جنهن جو نالو ”اناالحق انت الحق هوالحق ثبت الحق، الله، رسالو داتا شاهه فيض درياهه“ رکيو هئائين. جنهن جي تعريف هن طرح ڪندي لکي ٿو ته:

”هيءُ رسالو فيض جو پيالو حقيقت جو حوالو معرفت جو مقالو، جنهن جو مصنف جناب رشادت ماب قدسي خطاب ذي اڪتساب باانتساب فالق حجاب سيد السادات رفيع الدرجات شفيع العرصات وارث دستار مالڪ خرقه ۽ برقعه پير پيران مير ميران غوث الاعظم دستگير محي الدين شيخ عبدالقادر جيلاني حسني حسيني ثم بغدادي سيد العاشقين سندالطالبين سراج السالڪين شمس العارفين قمرالواصلين نورالمتقين سرالساجدين زهرالزاهدين طور الڪالمين فائض فيض مصطفوي نور ديده مرتضوي لمعات الفقر فخري والفقرمني عالي جائيگاه بلند پائگاه فقر جي سند تي شاهه ڪج ڪلاه حقيقت آگاه الوهيت دستگاه هويت نگاه رندانه راه عارف با الله مظهر الله سيد فيض الله فيض درياه داتا فيض محمّد شاهه قدس الله سره العزيز مالڪ درگاه چڪ هانباه، تعلقه سکر ضلع سکر ملڪ سنڌ.“

علامه نجفيءَ سائين جيڪو فيض درياهه شاهه جو رسالو گڏ ڪيو آهي، سو ڪٿان ڪڻو، ڪٿان ڪا سو، ڪٿان رَتي ڪٿان ماسو ميڙي مقصد ڀيڙو وٿيو آهي. جنهن ۾ ڪل 101 ڪافيون سنڌي، سرائڪي ۽ فارسيءَ ۾ چيل آهن. فارسي ٻوليءَ جون 101 ڪافين مان چار ڪافيون آهن. 02 ٻه غزل فارسيءَ ۾ آهن، جن کان پوءِ فراق نامون يوسف زليخا جي سُر تي آهي. بعد ۾ 13 جهولڻا سنڌي ٻوليءَ ۾ آهن. جهولڻن کان پوءِ 3 ڏوهيڙا ۽ بعد ۾ ٽي مڪتو بات هڪ روپ کنڀات، هڪ روپ ڪوهياري ۽ هڪ روپ جوڳ ۾ آهي. علامه تارڪ، فيض درياهه شاهه جي ڪلام ڪَٺي ڪرڻ جي باري ۾ لکيو آهي ته:

”فيض درياهه جو ڪلام هيستائين ڪنهن طالب يا مريد گڏ نه ڪيو هو، تنهنڪري هن مسڪين محمّد هدايت علي فقير کي، سندس هن ڪلام گڏ ڪري ڇاپائڻ جو خيال دامنگير ٿيو، تنهنڪري سندس فقيرن وٽان جيڪو ڪلام حاصل ٿيو، سو هن رسالي ۾ درج ڪيو آهي. اميد ته رند مشرب ناظرين هي رسالو پڙهي خوش ٿيندا ۽ گڏ ڪندڙ کي دعا ڪندا.“

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به ڪنهن تعارف جو محتاج نه آهي، هن صاحب جو سنڌي علم وادب ۾ ڪم مٿانهين درجي کي پهتل آهي. بلوچ صاحب سنڌي لوڪ ادب جي سهيڙ ۾ به پنهنجو نالو روشن ڪيو آهي. لوڪ ادب سلسلي ۾ ته 43 ڪتاب ترتيب ڏنا اٿس، جن مان سنڌي ڪافيون به نشانبر آهي. سنڌي ڪافين جا هڪ ئي وقت ٽي جلد ڇاپائي پڌرا ڪرايا. ڪيترن ئي شاعرن جون ڪافيون جمع ڪري، اڏوهي ۽ سُري کان محفوظ ڪيون اٿائين، جن مان فيض درياهه شاهه به هڪ آهي. فيض درياهه شاهه جو مختصر تعارف به لکيو اٿس. سندس ڪلام لاءِ لکي ٿو ته: ”فيض درياهه شاهه جو اندازاً ٻه سؤ ڪلام نظر مان گذريا.“

اهو ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو رايو آهي، اهو واضح نه ڪيائين ته فيض محمّد شاهه جو ايترو سارو ڪلام ڪنهن وٽ ۽ ڪٿي ڏٺائين. ڇو ته علامه تارڪ درياهه شاهه بادشاهه جون صرف 101 ڪافيون جمع ڪيون آهن. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي يونير کان اهو ڪلام حاصل ڪيو وڃي ته جيئن فيض درياهه شاهه جي ڪلام جي ٻئي ڇاپي ۾ اچي ته بهتر ٿيندو. علامه تارڪ کي جيترو ڪلام ملي سگهيو، سو علامه نجفيءَ هڪ هنڌ گڏ ڪيو. هن ڪلام جي بياض کان اڳ علامه نجفي تارڪ فيض درياهه شاهه جون ڪي ڪافيون اٽڪل 1934ع کان اڳ هڪ قلمي بياض ۾ لکيون آهن، جن جو ڳاڻاٽو پندرنهن آهي، جنهن مان هڪ ڪافي فارسيءَ ۾ آهي. وڏي ڳالهه اها آهي ته هيءُ ڪلام به فيض درياهه شاهه جي ڪتاب (قلندري خطاب) ۾ داخل ڪيل آهي. ليڪن علامه سائينءَ جي ٻنهي صورتن ۾ لکيل ڪافين ۾ ٿورو ٿورو فرق آيل آهي. اهو بياض اڄ کان اٽڪل پندرنهن سال اڳي مون کي دستياب ٿيو هو، جنهن ۾ ڪيترن ئي شاعرن جو سنڌي ۽ فارسي ڪلام گڏ ڪيل آهي. جنهن ۾ فيض درياهه شاهه ميرل، شاهه نصير، مولوي حاجي عبدالله ڊکڻ، غلام محمّد گدا، فقير عثمان سانگي وغيره مشهور آهن. بعد ۾ علامه تارڪ پنهنجون ٽي مثنويون (راز اظهار، نظم مقبول ۽ برهان الواصلين) به لکيون آهن ۽ ماده تاريخ تي چار پنج صفحا شاعريءَ جي صورت ۾ چيل آهن، سي به هن ۾ لکي ڇڏيائين. اهو قلمي بياض مرحوم حاجي احمد نواز پيچوهي (ڳوٺ پيچوها) جي پوين وٽ موجود ۽ محفوظ آهي. فيض محمّد شاهه ميرل جي ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪلام کي جڏهن ڏٺم ته ڪافين ۾ ڪيتريون گهٽ وڌايون هِن ناقص کي نظر آيون. اهڙيءَ ريت ڪجهه ڪافين جا مصرع به اڳتي پوئتي لکيل آهن. طوالت جي لحاظ کان ڪافين جون ٻيئي صورتون ته نه ٿيون ڏجن، پر جيڪي اڻ ڇپيل حالت ۾ آهن، سي هيٺ ڏيندس ته جيئن فيض درياهه شاهه جي ڪلام جا شائق ۽ دلداده سندس ڪلام کي سمجهي سگهن ۽ ڪلام مان واقف ٿين. فيض درياهه شاهه جي ڪافين ڏيڻ کان اڳ، هي حرف ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان ته، حُسن شاعريءَ جي جان آهي ۽ عشق شاعريءَ جو روح آهي. عشق مجازي هجي يا حقيقي، بهرحال عشق، عشق آهي. ڇو ته مجازي عشق کي حقيقي عشق جي ڏاڪڻ چيو ويو آهي، چيو نه بلڪ تسليم به ڪيو ويو آهي. عشق ئي عاشقيءَ ۾ بنيادي محور جو ڪم ڏئي ٿو. جيئن ”ميرل سائين“ عشق جي متعلق بي ڌڙڪ چوي ٿو:

’عشق آهي آڙاهه خليلي،

صوفي تنهن ۾ سڙجي ‘

يا

وسري ويون ٻيون سڀ وايون.

باتيون عجب عشق ٻڌايون.

اهو آهي عشق، جنهن جي اچڻ سان هر شيءِ وسري وڃي ٿي ۽ ڳالهيون به نراليون ٻڌائي ٿو. عشق جي ئي ڪري، شاعريءَ ۾ رنگيني، شيريني، رواني، جاذبيت، منظرنگاري، ڪردارگاري، جدت ۽ ميٺاڄ به پيدا ڪري سگهجي ٿو. عشق کان سواءِ شاعري بي سوادي پئي لڳندي. عشق ايندو آهي ته عقل موڪلائي ويندو آهي. جنهن ڪري عشق کي عقل تي فوقيت ڏني وئي آهي. اهڙيءَ ريت عشق اچڻ سان هر ڳالهه جو خاتمو ٿي ويندو آهي.

ايترو چوندس ته فيض درياهه شاهه ’ميرل‘ جو ڪلام مڙني خوبين جو خزانو آهي. جنهن ۾ عاشقانا، عارفانا ۽ ناصحانا نُڪتا پَٽ ڏيون بيٺا آهن، صرف سمجهڻ ۽ پرکڻ جي دير آهي. فيض محمّد شاهه جو سمورو ڪلام جلال و جمال ۽ حسن و عشق جي ڪيفيتن ۽ نزاڪتن جي خاص نشاني آهي.

جڏهن علامه تارڪ ’فيض درياهه جو رسالو‘ لکي مڪمل ڪيو، تڏهن رسالي جي پڇاڙيءَ ۾ هڪ قطع تاريخ چيائين، جنهن کي موضوع جي مناسبت سان هِتي ڏيڻ ضروري ۽ بهتر ٿو سمجهان. جيتوڻيڪ اهو قطعو  اڳ  ۾ مضمون جي ترتيب وقت ڪنهن جاءِ تي ڏيڻ کپندو هو، پر حافظو نه هئڻ ڪري ياد نه آيو. ان لاءِ معذرت سان چوان ٿو ۽ عقيدتمنديءَ سان عرض رکان ٿو ته هيءُ قطعو ڏيڻ سان فيض محمّد شاهه ميرل ۽ علامه تارڪ جي روحن کي ايثال و ثواب ۽ سڪون و راحت پهچائڻ جي هڪ ادنيٰ ڪوشش آهي ته جيئن هن مسڪين تي احسان عظيم ٿئي ۽ ڪريم ڪار ساز راضي رهي. هن قطعي تاريخ مان فيض درياهه شاهه جي حال ۽ قال کي معلوم ڪري سگهجي ٿو. جيئن اڳ ۾ چئي آيو آهيان ته بابا ميرل جون اهي ڪافيون ڏيندس، جيڪي مون علامه تارڪ جي قلمي بياض تان حاصل ڪيون آهن. مگر هيءُ مضمون نهايت غير ترتيب ۾ لکجي ويو آهي، ليڪن آس رکان ٿو ته ان کي درگذر ڪيو ويندو ۽ پڙهندڙن ۽ شائقين کي پسند پوندو ۽ خير جي دعا ڪندا. (آمين).

قطعہ تاريخ اختتام اين ڪتاب مسمي رسالئه داتا شاهه فيض درياهه از قلم محمد هدايت علي تخلص تارڪ.

خوش کتابے فخرن  توحید  حق   سر بسراین است از نکات دل،

ہست از تصنیف حضرت شاہ فیض       بود آن فیض محمد ذات دل،

آن قلندر تارک  وسرمست  و محو          زداناالحق نعرہاز آیات دل،

بہر   سال   اختیار   این   کتاب توبگو تارکہُ تشریحات دل.

 

فيض درياهه شاهه ميرل جو اهو ڪلام ڏجي ٿو، جنهن ۾ ٿورو يا گهڻو تفاوت نظر ايندو. فيض محمد شاهه جي هيءَ ڪافي علامه نجفيءَ سُر سارنگ ۾ لکي آهي. جڏهن ته قلندري خطاب ۾ ان کي روپ ڪاريهُر جو عنوان ڏنو آهي. اڻ ڇپيل ڪافي ٽن مصرعن تي مشتمل آهي، ڇپيل ڪتاب ۾ چار مصرع ڏنا ويا آهن. جنهن ڪري ڪافيءَ جون ٻيئي صورتون ڏجن ٿيون:

ڪافي (سرسارنگ)

هڻ ٽُٻي آسمان ۾- ڇا هي تنهنجو جهان ۾

1- رهت تون ڪر اوڏانهين، بيشڪ سڃ بئبان ۾

2- نفي ناسوت ڪري وڃ نڪري، رهه وڃي لامڪان ۾

3- مام پروڙج ’ميرل‘ سائين، ڏي سجدو تون مئخان ۾.

                                      (قلمي بياض تان ورتل)

(روپ ڪاريهر)

هڻ ٽٻي آسمان ۾، تنهنجو ڇاهي جهان ۾

1- نفي ناسوت ڪري وڃ نڪري، رهه وڃي لامڪان ۾

2- رهت پنهنجي اوڏهين، بيشڪ سڃّ بيابان ۾

3- موتو اقبل الانت موتوا، ڦولهي ڏسو فرقان ۾.

4- ’ميرل‘ مام پروڙي ساري، ڏي سجده ميخان ۾.

                                         (ڀٽي 106-2002ع)

هن هيٺين ڪافيءَ ۾ علامه نجفيءَ اڳ ۾ چار مصرع ڏنا آهن. اهڙيءَ ريت سندس ڇپيل ڪتاب ۾ مذڪوره ڪافي پنجن مصرعن تي ٻڌل آهي. هيءَ سموري ڪافي ته ڏيڻ جي ضرورت نه آهي، پر جيڪا ٿوري ڦير ڦار يا مصرعن جي گهٽ وڌائي آهي سان بيان هيٺ آڻيان ٿو:

آهيان مان ڀڳوان، ڪونهي تنهن ۾ شڪ گمان.

گوبند ماهيان ڪبير ماهيان، مان ڪشن مان ڪان.

(قلمي بياض تان ورتل)

(روپ ڪاريهر)

آهيان مان ڀڳوان، ڪونهي ڪو تنهن ۾ شڪ گمان.

نانڪ مان هان ڪبير مان هان- مان ڪشن مان ڪان.

هن ڪافيءَ ۾ هڪ مصرع جو اضافو آهي:

ڪاٿي يار پڙهان ٿو پوٿيون، ڪاٿي پڙهان ٿو قرآن.

(ڀٽي- 106- 2002ع)

علامه تارڪ هن ڪافيءَ ۾ ٽي مصرع لکيا آهن ۽ ميرل جي نالي وارو مصرع ڪافيءَ ۾ نه آهي. جڏهن ته ڇپيل ڪتاب ۾ چار مصرع آهن.

(سر سورٺ)

ڪپ سري ڪُهه يار، دم دير توکي نه جڳائي.

ڏي راز ٿي تون راضي، ادا ڙي مڱڻهار.

(قلمي بياض تان ورتل)

(روپ سورٺ)

ڪپ سري ڪُہ يار، الادم دير توکي نه جڳائي.

ڏي تون راز ٿي تون راضي، ادا ڙي مڱڻهار.

مٿي هن ’ميرل‘ جي، هڻ ڪا حيدري ذوالفقار.

(ڀٽي 63- 2002ع)

(ڪافي)

اٿي لاحد ڏي عاشق لڏ وو.

هتان هاج هجڻ جي ڇڏوو.

1- دل پنهنجي کي دلبر سائين، ادا اوڏانهه اڏ وو.

2- فذ ڪروني اذڪرڪم، يار سڄڻ کي سڏ وو.

3- پاڻ سڃاڻ ته ساڳو آهين، ناهين ڪنهنجي هڏ وو.

4- ماڳ ميخانه ڏي ’ميرل‘ سائين، خيال پنهنجي کي سڏ وو.

(قلمي بياض تان ورتل)

(روپ آسان)

هتئون هاج هجڻ جي ڇڏ ميان، اٿي لاحد ڏي عاشق لڏ ميان.

1- دل پنهنجيءَ کي دلبر سائين، اڏيا اوڏهن اڏ ميان.

2- سر سڃاڻ ته ساڳو آهين، ناهين ڪنهن جي هڏ ميان.

3- فاذڪروني اذڪر ڪم ميان، يار سڄڻ کي سڏ ميان.

4- ماڳ ميخانه جي ’ميرل‘ سائين، خيال پنهنجي کي گڏ ميان.

(ڀٽي 55- 2002ع) (بلوچ- 668- 1987ع)

(ڪافي)

ڪاهي سولي مٿي نئين چڙهجي، باب بيخودي جو پڙهجي.

فذ ڪروني اذڪر ڪم، راهه ويٺيون پيو رڙجي.

ماڳ مئخانه کون ’ميرل‘ سائين، مور نه عاشق مڙجي.

(قلمي بياض تان ورتل)

ڪافي روپ آسان)

ڪاهي سوريءَ جي مٿي چڙهجي، باب بيخوديءَ جو پڙهجي.

فاذڪروني اذڪرڪم ميان، راتيو ڏينهان رڙجي.

محويت کان ’ميرل‘ سائين ۽ مور نه عاشق مڙجي

(ڀٽي- 55 – 2002ع)

(ڪافي)

پهلوان پاڻ کون جدائي ڪرتون.

هڪڙو خيال اَلَہ جو ڌر تون

1- لا مظهر وٺ منہ آئينو، تنهن ۾ سرت صفائي ڪر تون.

2- موتوا واري موج ۾، پنهنجو سر فدائي ڪرتون.

3- اصلي سڃاڻي پنهنجو، پنهنجي هتون ادائي ڪر تون.

4- پاڻ کون وڃڻ آهه پاڻ سڃاڻڻ، اهو راهه هدائي ڪر تون.

5- ماڳ مئخانه ڏي ’ميرل‘ ساءِ، پنهنجي سڪ سدائي ڪرتون.

(قلمي بياض)

(روپ تلنگ)

پهلون پاڻ کون جدائي ڪرتون، هڪڙو خيال الهه جو ڌرتون.

1- لا مظهر وٺ منهن آئينو، پنهنجي ابتدائي ڪرتون.

2- موتوا واري موج ۾، پنهنجو سر فدائي ڪرتون.

3- اصلي سڃاڻي پنهنجو، پنهنجي هتون ادائي ڪرتون.

4- پاڻ کون وڃڻ آهي پاڻ سڃاڻڻ، اهو راهه هدائي ڪرتون.

5- ماڳ ميخانه جي ’ميرل‘ سائين، پنهنجي سڪ سدائي ڪرتون.

(ڀٽي- 73- 2002ع)

هن هيٺينءَ ڪافيءَ ۾ هڪ ٻن جاين تي اختلاف آهي، جنهن جي ڪري سموري ڪافيءَ جي بجاءِ هڪ ٻه سٽون ڏجن ٿيون:

(ڪافي)

تون ته آهين مرغ هوائي.

هٿ ڪر پنهنجي بادشاهي.

1- تون ته اڏري ڪر آشيانو، وٺ لاحد لامڪانو،

ڪر غيب ۾ نَئِي گذرانو، اها رهت پنهنجي ڪرجائي.

2- ڀَڃ تون ته کپت جي دام کي، وٺ مو توا واري مام کي.

ڇڏ صبح توڙي شام کي، ڪر يڪي نور صفائي.

3- تون ته خيال ڏي پنهنجو سارو، تون ته ڪرميان

 وجود وسارو،

پنهنجو اتي تون اڏ نَئِي اتارو، اهو برهه اٿي ته بقائي.

4- تون ته ’ميرل‘ ٿي لاثاني، ساڳيو سِر آهين سبحاني،

حق انور نور نوراني، تو ۾ خيال آهي ته خدائي.

(قلمي بياض)

هن ڪافيءَ جي پهرئين مصرع ۾ هيءَ تبديل ٿيل آهي. پهرئين مصرع جي اها سٽ پيش ڪجي ٿي، جنهن ۾ لفظن جو تفاوت صاف ظاهر آهي. هيءَ ڪافي رُوپ بروو ۾ آهي:

1- پنهنجو غيب ۾ ڪر گذرانو.

ٻِئي مصرع ۾ هِيئن لکيو ويو آهي:

2- تون ته ڀڃ قفس واري دام کي، وٺ موتوا واريءَ مام کي،

تون ته ڇڏ صبح واري شام کي، پس يڪي نور صفائي،

3- تون ته خيال ڏي پنهنجو سارو، تون ڪر وجود سارو،

پنهنجو اتي ته اڏ نيئي اوتارو، اهو بره اٿي ته بقائي.

4- ميرل ٿي لاثاني، ساڳيو سر آهين سبحاني،

حق انور نور نورائي، تو ۾ خيال آيو ته خدائي.

(ڀٽي- 80- 2002ع)

هن ڪافيءَ جي مڙني مصرعن ۾ ڪنهن نه ڪنهن لفظ/ حرف جي ڦيڙ ڦار ٿيل آهي. ليڪن ٻنهي صورتن ۾ قلمبند ڪرڻ وارو هڪ ئي علامه تارڪ آهي. منهنجي نظر ۾ ٻئي لکيتون درست آهن، ڇو ته جيئن علامه سائينءَ کي ڪافيون حاصل ٿيون آهن، تيئن ئي قلمبند ڪندو ويو آهي. اچو ڏسون ته هن هيٺين ڪافيءَ ۾ ڪيتري تبديل ٿيل آهي.

(ڪافي)

الله تنهنجي محبت ڪيو آهي وومستان مون کي.

الله تنهنجو درد ڪيو آهي وو ديوان مون کي.

1- سهڻا سائين تنهنجو آهي حسنّ حيرت،

تنهن حسن حيرت ڪيو آهي حيران مون کي.

2- سهڻا سائين تنهنجو آهي وره وير اڳ،

تنهن وره وير اڳ ڪيو آهي حيران مون کي.

(قلمي بياض)

هن ڪافيءَ ۾ ڪل چار مصرع آهن. ڪافيءَ جي ٿل ۽ ٽئين مصرع ۾ فرق ڪيل آهي. جنهن ڪري ڪافيءَ جو ٿل پيش ڪجي ٿو؛

(روپ ڀيروي)

سائين تنهنجي محبت ڪيو آ مستان مون کي.

سائين تنهنجو درد ڪيو آهي ديوان مونکي.

(ڀٽي- 70 – 2002ع)

مصرع جي قافيي ۾ پهرين علامه تارڪ ”حيران“ لکيو آهي ۽ جڏهن هيءُ رسالو ترتيب ڏنائين ٿي ته وري قافيو ’حيران‘ مان ڦري ’ويران‘ ڪري لکيو اٿس. قلمي بياض ۾ هيءُ بند ٽئين نمبر تي ڏنو اٿس، جڏهن ته ڇپيل ڪتاب ۾ اهو مصرع ٻئي نمبر تي آهي.

(ڪافي)

هوڏنہ هلي اسلام کون

ڪفر ۾ ڪاهي آياسي.

1- سچي ستگر بات بتائي، انحد واري ڦوڪ سنائي،

اندر ٻاهر هو هڪڙائي، جڻيا تلڪ لڳاياسي.

2- دين مذهب ڇڏياسي ٻوڙائي، … ڪتاب سڀئي لوڙهائي،

مٿي عرشن خيال اڏائي، پير پريت ۾ پاياسي.

3- رمز رنديءَ جو وَسي چارو، ناس ڪيو سي هي جڳٽ سارو،

اناالحق جو ماري نعرو، سولي سر چڙهاياسي.

4- جام پريم جو ساقي پلايو، ناس ڪيوسي ڪايا جو ڪايو،

الانساني سڀ نور سمايو، ’ميرل‘ کيل کلاياسي.

(قلمي بياض)

هيءَ مٿين ڪافي فيض درياهه شاهه جي ڪتاب ’قلندري خطاب‘ ۾ رُوپ آسا‘ ۾ درج ٿيل آهي. ٻين ڪافين وانگر هن ۾ ٿوري ڦير ڦار نظر ايندي. هيءَ ڪافي ’قلندري خطاب‘ ۾ صفحي 56 تي لکيل آهي. ٿلهه ۾ هن طرح آهي:

هوڏهون هلي اسلام کان، اسان ڪفر ۾ ڪاهي آياسي. ٿلهه ۾ ’هوڏنہ‘ کي ’هوڏهون‘ ڪري لکيو ويو آهي ۽ ’اسان‘ وڌيڪ ڏنل آهي. ڪافيءَ جي پهرين بند ۾ ’انحد‘ جي جاءِ تي ’انهد‘ ۽ ’هو هڪڙائي‘ جي جاءِ تي ’هيڪ هيڪرائي‘ لکيل آهي. ٻئي بند ۾ ’مذهب‘ جي جاءِ تي ’مذاهب‘ ’قران‘ جي جاءِ تي ’قرآن‘، ’عرشن‘ جي جاءِ تي ’عرشين پنهنجا‘ ۽ ’پير پريت‘ جي بجاءِ ’پير پرت منجهه‘ لکيو آهي. ٽئين بند ۾ ’وتو‘ جي جاءِ تي ’ورتو‘، ’جڳت‘ جي جاءِ تي ’جڳٽ‘ ۽ ’سولي‘ جي جاءِ تي ’سوريءَ‘ لکيو ويو آهي. چوٿين بند ۾ ’ناس‘ جي جاءِ تي ’ترڪ‘ لفظ لکيل آهي. هاڻي هلون ٿا اڳتي، ته ڏسون ته هن ڪافيءَ ۾ ڪيترو فرق ٿيل آهي.

(ڪافي)

ڪر ڪايا کون جدا جيئري پنهنجو جيءُ،

نڪري ديهي کان ٻاهر ٿي.

1- ويٺين دواري رمز رلائي، اٿي پنڌ پريم جو هيءُ.

2- سچي گروءَ جو سبد ماڻي، ماڻ لقا وارو اَن ڀئي وِي.

3- پاڻ پڇاڻج پانهنجو، آهين آديسي وليُ.

4- نرڀؤ ڀڳتي ڪرتون ’ميرل‘، ڇڏي ڪام ڪروڌ جو رولوريُّ.

(قلمي بياض)

هاڻي ڏسجي ته ڇپيل ڪتاب ’قلندري خطاب‘ ۾ هيءَ ڪافي ڪهڙي روپ ۾ ۽ ڪيتري تبديل ٿيل آهي. هيءَ ڪافي ’قلندري خطاب‘ ۾ صفحي 77 تي ۽ روپ بروو ۾ داخل ٿيل آهي. هن ۾ به ٿوري ٿوري تبديل ٿيل آهي. ڪافيءَ جي ٿلهه ۾ ’پنهنجو‘ لفظ لکيل نه آهي. قلمي بياض ۾ ڪافيءَ جو پهريون بند جي جاءِ تي، ٻيو بند. پهريون بند هن طرح آهي:

1- سچي گُوءَ جو سبد ماني، ماڻ بقا وارو ان ڀي ويءُ.

2- دسوين دئاري ۾ تاڙي لاتون، اٿي پنڌ پريم جو هيءُ.

هن ٻئي مصرع ۽ علامه سائين جي قلمي بياض تان ورتل ڪافيءَ جو پهريون بند پاڻ ۾ گهڻو فرق رکن ٿا. ڪافيءَ جي ٽئين مصرع ۾ لفظن کي اڳتي پوئتي ’آ ديسي آنهه وليءُ‘ ڪري لکيو ويو آهي. آخري بند ۾ ’ڇڏي ڏي‘ لکيل آهي.

علامه نجفي سائينءَ جي قلمي بياض تان ورتل ڪافين ۽ فيض درياهه شاهه جي ڇپيل ڪتاب ۾ درج ٿيل ڪافين ۾ ڪجهه نه ڪجهه فرق ظاهر آهي. هيٺ ايندڙ ڪافيءَ ۾، ٻين ڪافين جي ڀيٽ ۾ گهڻو تفاوت آهي. علامه سائينءَ جي قلمي بياض ۾ چار مصرع آهن، جڏهن ته ڇپيل صورت ۾ پنج بند آهن. ليڪن جيڪي بند آهن، تن ۾ گهڻي ڦير ڦار نظر ايندي، تنهن ڪري هن ڪافيءَ جون ٻيئي صورتون ڏجن ٿيون.

(ڪافي)

عاشق ڪاڻ الله، روزشب جلندا ويا.

روزشب رڙندا ويا، سامي سوز ۾ سڙندا ويا.

1- شوق محبت ڇيريون ٻَڌائون، ٻهڳڻ سان وڃي لائون لڌائون،

ڪري همٿ هماءَ، نانگا ائين نچندا ويا.

2- توڪل جي ترهي تي چڙهيا، ثابوتي جا سبق پڙهيا،

لاڪيون الا الله، پنڌ اهو پڇندا ويا.

3- جوڳين پنهنجي جُوءِ سڃاتي، دم انهي ۾ هليا هنگلاجي،

پورو ڪيون پساهه، همٿ سان هلندا ويا.

4- سندرا سڪ جا ساهي ٻڌائون، جان جگر سان ونگي وڌائون،

اهڙا سندن ويساهه، ’ميرل‘ سان ملندا ويا.

(قلمي بياض)

(روپ مانجهه جوڳ)

ڪامل ڪاڻ الله، روزشب جلندا ويا.

رمز انهيءَ رلندا ويا.

1- جوڳين پنهنجي جُوءِ ۽ سڃاتي، جوشئون پائي ڏٺڙؤن جهاتي

ٿيڙا ڪامل ڪيائون ڪاهه، سڃ صفائي ملندا ويا.

2- اناالحق جا ماري نعرا، اُلٽا ويڙا عرش اوڀارا

لاڪري لا الله، همت سان هلندا ويا.

3- ترڪ ڪيائون هيءَ جسماني، ذات ٿيا وڃي عين ذاتي

اصل چئي الا الله، پرت انهيءَ پلندا ويا.

4- قتل سندي ڪارڪيائون، سوريءَ تي وڃي سر ڏنائون

ڪري صدقو ساهه پساهه، خوشيءَ مون کلندا ويا.

5- توڪل جي ترهي تي چڙهيا، ثابوتيءَ جا سبق پڙهيا

اهرا سندن ويساهه، جو ميرل سان ملندا ويا.

(ڀٽي – 89 – 2002ع) (بلوچ – 673 – 1987ع)

(ڪافي)

(سورٺ)

ٿيو آ راضي مڱڻهار،

قتل هو يا روبرو.

1- ٻيجل ويهي تند ٻرائي، لاڳ لاحد جي جنهن مون سان لائي

طلب وڄائي تار، وصل هو يا سو بسو.

2- طالب ويهي هنيون ترانو، برخيز منجهون ٿيو پرت پيمانو

نيہ ڪيائين نروار، قبل هويا ڪوبڪو.

3- عاشق ويهي آواز جو ڪيڙو، نعرواناالحق آغاز جو ٿيڙو

لاحد ڪياءِ للڪار، هڪل هويا هو بهو.

4- جام پريم جو ساقي پياريو، رب ارني جو ’ميرل‘ درسن پڪاريو

نور ٿيو انوار، طبل هويا جو بجو.

(قلمي بياض)

(ڪافي روپ سورٺ)

هن ڪافيءَ جي پهرئين بند ۾ ’طلب‘ جي جاءِ تي ’طالب‘ ڏنو ويو آهي. ٻئي مصرع ۾ ’پنهنجو‘ لفظ جو واڌارو ڪيل آهي ۽ ’قبل‘ جي جاءِ تي ’قرب‘ ڏنو ويو آهي. يعني قافيو مَٽ آهي. ٽئين مصرع ۾ ’آواز ۽ آغاز‘ کان پوءِ ’جو‘ ڏنل آهي. اهڙيءَ ريت ’هڪل هويا‘ جي بجاءِ ’هڪل هوئي‘ درج ڪيو ويو آهي. ڪافيءَ جي چوٿين يعني آخري مصرع ۾ ’درسن‘ جي جاءِ تي ’درس‘ ۽ ’روشن‘ لفظ جو واڌرو ڪيل آهي، يعني ’روشن نور ٿيوانوار‘ ۽ ’طلب هوئي‘ ڏنو ويو آهي. ’طلب‘ ڏيڻ سان قافيو بدلجي وڃي ٿو ۽ معنيٰ ۾ گهڻو فرق بيهي ٿو. ڪاڏي ’طبل‘ ۽ وري ’طلب‘ ڇو ته قافيا آهن، قتل، وصل، قبل، هڪل ۽ طبل. قرب ۽ طلب ڏيڻ سان ڪافيءَ جي قافيه پيمائي متاثر نظر اچي ٿي. هيءَ ڪافي ’قلندري خطاب‘ ۾ صفحي 64 تي درج ٿيل آهي. اهڙيءَ ريت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به اها ڪافي ’سنڌي ڪافيون‘ جلد ٻئي جي صفحي 669 تي ڏني آهي. جنهن جي آخري مصرع ۾ ’درشن‘ لفظ جو واڌارو ڪيو ٿو ڏسجي. خير! ڪيئن به هجي، پر علامه تارڪ کي جيئن ڪافي ملي آهي، تيئن ئي لکي ڇڏي اٿائين. ليڪن ڪتاب تي ڪا به نظرثاني نه ڪيائين. جيڪڏهن قلمبند ڪيل ڪافين جي ٻنهي صورتن کي پاڻ ۾ ڀيٽي ها ته شايد هن مونجهاري کي منهن ڏيڻو نه پوي ها.

ڪافي

آهيان مان ته حيات، بحر بقا آهي ماڳ منهنجو.

(قلمي نياض)

هيءَ ڪافي ڪتاب ’قلندري خطاب‘ ۾ صفحي ڇاهتر تي رُوپ بروو‘ ۾ داخل ڪيل آهي. هن ڪافيءَ جي جوڙجڪ ۽ بناوت ۾ ڪو فرق نظر نه ٿو اچي. سواءِ هڪ ٻن لفظن، يعني ’مان‘ جي جاءِ تي ’مون‘ آهي.

(روپ ڪلياڻ)

(ڪافي)

آهي او اگهه يارو قلزم بيکران.

ناهي ڪنڌي انهيءَ جي بحر آهي بي پايان.

1- ترڪ وجود ولايت واصل، نفي سان نسيان.

لا اِلله اِلا الله هو الله، سبحاني مان اعظم شان.

(قلمي بياض)

هيءَ ڪافي روپ ڪلياڻ ۾ ’قلندري خطاب‘ ۾ صفحي 110 تي درج ٿيل آهي. هن جو هيءُ ٿلهه لکيو ويو آهي:

آهي او اگهه يارو هي قلزم بي ڪران،

ناهي ڪنڌي ڪا بحر انهيءَ جي پهري آيو بي بيان.

ناهي نهايت ماڳ انهيءَ جي بحر آهي بي پايان.

1- ترڪ وجود ولايت واصل، نفيءَ سان نسيان،

لا الله الا الله الاهو، سبحاني ما اعظم شان.

علامه تارڪ هن ڪافيءَ جي آخري سٽ ۾ ’بغير نور ازلي ’ميرل‘ مدامي ميخان‘ لکيو آهي. ليڪن ڇپيل مذڪور ڪتاب ۾ ’بغير‘ جي جاءِ تي ’بگير‘ آهي.

(فارسي)

(ڪافي)

هن ڪافيءَ جا چار مصرع آهن، جڏهن ته مذڪور ڪتاب ۾ ستن مصرعن تي مشتمل آهي. جنهن ڪري ٻيئي صورتون هيٺ ڏجن ٿيون:

صنم مستم که دربيخود، جمال الله بود استم.

1- صنم مرغم بحرازلي، ڪمال الله بود استم،

2- صنم مهروئي ميخانه، خيال الله بود استم.

3- صنم منصور نعرو حق، وصال الله بود استم.

4- صنم ’ميرل‘ که در مولا، بقال الله بود استم.

(قلمي بياض)

(ڪافي روپ بنش)

صنم مستم که دربيخود جمال الله بود ستم.

1- صنم مرغم بحرازلي، کمال الله بودستم.

2-صنم منور انور مطهر، خيال الله بودستم.

3- صنم دروادئي ايمن، خصال الله بود ستم

4- صنم منصور نعرو حق، جلال الله بودستم.

5- صنم محرم بميخانه، وصال الله بودستم.

6-صنم بيرنگ بحرباقي، مثال الله بود ستم.

7- صنم ’ميرل‘ که درموليٰ، مقال الله بودستم.

(ڀٽي – 101- 2002ع)

هڪ اهڙي ڪافي آهي، جيڪا فيض درياهه ميرل جي ڪتاب ’قلندري خطاب‘ ۾ نه آهي. ٿي سگهي ٿو ته اها ڪافي علامه تارڪ کي فيض محمّد شاهه جو ڪلام جمع ڪرڻ وقت نه ملي هجي. پر اها هڪ ڪافي نه آهي. البت ڊاڪٽر بلوچ جي چوڻ/ لکڻ مطابق فيض محمّد شاهه ميرل جون ٻه سؤ ڪافيون نظر مان گذريون. اهو نه لکيو اٿس ته ’اهي ڪافيون هِن ڪٿي ۽ ڪنهن وٽ يا ڪڏهن ڏٺيون ۽ ڪنهن جون جمع ڪيل هيون. هيءَ ڪافي ’روپ آسا‘ ۾ آهي.

(روپ آسا)

اسين  رند  رهبر   مست  آهيون.

بيشڪ بيخود ڪمر بست آهيون.

1- مرغ يگانا آهيون شاهي، بيرنگ اسان جي آهي بادشاهي،
سِرُ سِري آهيون نورالاهي، جذبي جام جلالت جست آهيون.
2- علم الاهي ٿا فرمايون، هاج هجڻ جي ٿا ڪل وڃايون.
ڳيت انا الحق ٿا ڳايون، طالب تونهين توسان تُست آهيون
3- رهبر آهيون راز ازلي، واحد وحدت ۾ آهيون وصلي،
ذات مقدس آهيون اصلي، خالص خيال خدائي خَست آهيون.
4- سبحاني ما اعظم شاني، الانساني سِرُ سبحاني،
فاذڪروني نام نيشاني، حاضر حال همت هست آهيون.
5- انا الحق آه وصال منهنجو، انت الحق آه احوال منهنجو
ثِبت الحق آه وصال منهنجو، هُو الحق سان چُست آهيون.
6- عشق اسان جي آه امامت، نور ازلي آه ولايت،
”ميرل“ سان آه ماڳ مداهت، عين صوفي صاف صفت آهيون.

(بلوچ 665- 1987ع)

مطلب ته علامه تارڪ جو سهيڙيل هيءُ ڪتاب (رسالو داتا شاهه فيض درياهه) صوفيانا، عارفانا عاشقانا ۽ ناصحانا شاعريءَ جي باب ۾ تصوف جي خيال کان ڳوڙهي معنيٰ رکي ٿو. اهو جس آهي، عبدالغني اياز ڀٽيءَ کي، جنهن هن ڪتاب کي نئين سِر سوڌي ۽ سنواري ۽ ترتيب ڏيئي اشاعت هيٺ آڻي پڌرو ڪيو آهي. جيڪو اڏوهيءُ جي کاڄ ٿيڻ کان محفوظ ٿي ويو آهي. صوفيانا ۽ اهڙي شاعريءَ کي پسند ڪندڙ ۽ اهڙي شاعريءَ سان منسلڪ حضرات هن مان گهڻو ئي محظوظ ٿيندا رهندا. ان کان علاوه سنڌي علم و ادب جي ميدان ۾ هڪ قسم جو واڌارو ٿيو آهي. البت ايترو چئي سگهجي ٿو ته هن ڪتاب جو مطالعو علم وادب جي شائقين، پڙهندڙن ۽ صوفي مت رکندڙن جي لاءِ نهايت مفيد ۽ ڪارآمد ثابت ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن علامه محمّد هدايت علي نجفي تارڪُ، فيض درياه شاهه ميرل جو ڪلام نه سهيڙي ۽ نه ميڙا چونڊي ڪري ها ته شايد اسان هن ذخيري جي دستياب ٿيڻ جي ڪا به اميد ۽ توقع نه رکون ها. اهڙيءَ طرح ههڙي بي بها ۽ ناياب ڪلام ۽ وڏيءَ وٿ کان محروم رهجي وڃون ها.

مددي ڪتاب

1- بلوچ، نبي بخش ڊاڪٽر سنڌي ڪافيون/ جلد ٻيو، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، (1987ع)

2- ڀٽي، عبدالغني اياز قلندري خطاب/ داتا فيض درياهه جو ڪلام، سپنا ڪتاب گهر لکيدر شڪارپور، (2002ع).

3- علامه هدايت علي نجفي تارڪ جو قلمي بياض.

نور احمد جنجهي

”سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا“ ۽ اشتياق انصاري جي تحقيق

سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا جهڙي املهه ڪتاب تي ويچار ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهرين ضروري آهي ته تاريخ، سنڌ جي تاريخ ۽ اشتياق انصاريءَ جي تحقيق تي نظر وڌي وڃي، ته جيئن جيئن ڪتاب جي اڀياس جو حق ادا ٿي سگهي.

تاريخ، جنهن کي تواريخ، اتهاس يا هسٽري سڏيو وڃي ٿو انهيءَ لفظ جو مطلب سڀني زبانن ۾ لڳ ڀڳ هڪجهڙو آهي، جنهن جو مطلب آهي ماضي جي واقعات جو تٿ يا تاريخ وار احوال، مختلف واقعن ۽ وقوعن جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو ۽ سبب، تاريخ هڪ اهڙو فن آهي جنهن وسيلي قومن جي مزاج، طاقت، وهمن، گمانن، سخاوتن، ويڙهاند، رسڻ پرچڻ، زير ڪرڻ ۽ زبر ٿيڻ جي منظر ڪشي ڪئي ويندي آهي. ائين به چئي سگهجي ٿو ته تاريخ قومن کي ماضيءَ جي تصوير ڏيکاري، مستقبل بابت جاکوڙڻ جو دڳ ڏيکاريندڙ علم آهي. تاريخ لاءِ اهو عام تاثر آهي ته اها بادشاهن جي احوال تي آڌارڪ هوندي آهي ۽ تاريخ صرف بادشاهن ۽ وڏن ماڻهن جي ٿئي ٿي. انهيءَ مان نظر اچي ٿو ته تاريخ جي تصور جي ڪيئن ٽوڙ مروڙ ڪئي ويئي آهي، ڇاڪاڻ ته اهو تاريخ جو صرف هڪ پاسو آهي جڏهن ته باقي اڻ ڇهيل حصو وڏو آهي جنهن تي ڪم ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي يعني اڀري طبقي جي به ڪا تاريخ ٿيندي آهي. تاريخ، سياست جو بنياد آهي ۽ سياست معاشري جو وڏي ۾ وڏو ادارو آهي جيڪو باقي ادارن تي حاوي آهي ۽ سمورا ادارا ان جي پيروي ڪن ٿا. تاريخ جو شعور قومن جي زندگيءَ ۾ رنگ ڀري، روح وجهي ٿو. تاريخ جو شعور مُرده قومن کي زندهه بڻائي ڇڏي ٿو ۽ بيمار قومون چڱيون ڀليون ٿي پونديون آهن.

تاريخ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجو پاڻ کي ورجائيندي آهي، پر اها هميشه اڳتي وڌندي رهندي آهي ڇاڪاڻ ته تاريخ وقت جي اجهل ۽ اڙٻنگ ڪُميت تي سوار ٿي ڪونتل ڪُڏائيندي رهندي آهي، جنهن ۾ فل اسٽاپ جو ڪو تصورئي ناهي. تنهنڪري شاهه سائين جي هيءَ

هدايت دل سان هنڊائڻي پوندي:

ٿڪيائي ٿر ٿيل، چڙهه چڪيائي چوٽيين، هلندي هوت پنهون ڏي، ڀئو مڙئي ڀيل،

اُٿي رائو ريل، ويٺن تان واري وري.

تنهنڪري هر قوم کي تاريخ جو شعور رکڻو پوندو، نه ته واري وري ويندي ۽ اها قوم پنهنجو وجود به برقرار نه رکي سگهندي.

سنڌ جي تاريخ جا مامرا ۽ مسئلا:

سنڌ جي تاريخ جي شروعات چچ نامي جهڙن ڪتابن کان سمجهي ويندي آهي. عرب سياحن جا سفرناما ۽ سڪندر مقدونيءَ سان گڏ آيل لکارين جي لکتن جو احوال به سنڌ جي تاريخ بابت ابتدائي مواد مهيا ڪن ٿا يا وري ميرن جي درٻار ۾ ڊاڪٽرن جي روپ ۾ آيل گورن جاسوسن جون رپورٽون ۽ ڊائريون به تاريخي حوالي طور ڳڻيون وينديون آهن. ان کان سواءِ مختلف دڙن ۽ ڀِڙن جي کوٽائيءَ جا ٺڪراٺا ۽ ڦوٽوڙا به وڏي تاريخي شاهدي آهن. انهن سڀني شين جي اوک ڊوک ۽ ڦلهور ڪجي ٿي ته سنڌ جي سون ورني اتهاس جا ڪيئي گمنام گوشا نروار ٿين ٿا ته گڏوگڏ ڪيئي ڪڙيون هڪٻئي سان مليل نظر نٿيون اچن جيتوڻيڪ اسان جي تاريخدانن انهن ڪڙين کي لوهارن وانگر لپيٽي ملائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن ۾ ڪجهه شيون ڪنهن منطق کان سواءِ دل جي دوڙ سان ڪيل لڳن ٿيون.

جيئن چچ نامو اصل ۾ فتح نامو آهي ۽ فتحناما لکندڙ مفتوحن جو احوال مناسب لفظن ۾ بيان نه ڪندا آهن. جاسوس صرف اهو احوال لکندا آهن جنهن لاءِ کين ذميواري مليل هوندي آهي. سياحن مان هرهڪ جي پنهنجي پهچ ۽ پنهنجو مزاج ۽ مشاهدو آهي. اڪثر سياحن من گهڙت ۽ ٻُڌل يا ٻُڌايل قصن ڪهاڻين تي به ڀاڙيو آهي. هيون سانگ، فاهين جي سفرنامن کان وٺي ابن بطوطا جي لکيل احوال تائين. ابن حوقل ۽ ادريسيءَ کان وٺي موجوده دور جي سياحن تائين جن جي لکت سندن سفر جي رفتار کان تيز آهي، ٺڪراٺن ۽ ڦٽوڙن جي کوٽائيءَ به انگريزن ڪئي ۽ موهن جي دڙي جي تهذيب کي نظاري نروار ڪرڻ وارا به اهي آهن. تنهن کان پوءِ ته نادر ۽ تاريخي شيون مختلف تاريخي ماڳن تان چوري ٿيون آهن ۽ ان ڪُڌي ڪم ۾ ٻين ڌرين سان گڏ اُهي ڌريون ۽ کاتا به شامل آهن جيڪي انهيءَ املهه ورثي جي رکواليءَ جا پاسبان ۽ ذميوار آهن.

انهن سڀني ڳالهين جي پيش نظر، چئي سگهي ٿو ته سنڌ جي تاريخ جو سُٽ اڃا ڪافي مُنجهيل آهي ۽ ايندڙ وقت جي مؤرخن کي اهو سلجهائڻو آهي جيئن حيدرآباد کي سڀئي نيرون ڪوٽ چون ٿا پر ڪوبه اها شيءِ پيرو کڻي نٿو ٻڌائي ته اهو نيرون ڪوٽ مان حيدرآباد ڪيئن ٿيو آهي؟ ديبل بندر متعلق تمام گهڻا نقشا آيا آهن جن ۾ عربن پاران ڏنل نقشا به غلط آهن ۽ اڃا تائين ديبل بابت ڪا واضح راءِ نه جُڙي آهي ۽ ڪي مؤرخ ان کي ٺٺو به لکن ٿا ته ڪي بنڀور ڪي ان جو سنسڪرتي ڌاتو ”ديول“ ڄاڻائيندي ديو + آليه يعني ديون جو آستانو سڏين ٿا پر ڪنهن جو به ايڏانهن ڌيان نه ويو آهي ته بندرگاهون ۽ وسندڙ هند ديون جا نه پر انسانن جا آستانا هوندا آهن ۽ ديبل عربن کان مليل لفظ آهي جنهن جو سنڌي اُچار ”ڏيپل“ ٿيندو ۽ هن وقت جي سنڌ نار جي ڇيڙي تي ڏکڻ اوڀر ۾ ڏيپلي جو شهر آباد آهي. تحقيق کليل هئڻ گهرجي جي لڪير جي فقيري، صحيح نتيجا نه ڏيندي.

اسان وٽ رواج ٿي ويو آهي ته صفحن جا صفحا ۽ پئراگراف پراين ڪتابن تان حوالي طور اُتاري نتيجن کي نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. نتيجي طور ڪا راءِ جُڙي نه جُڙي، ڪتاب جي ضخامت ضرور جُڙي ويندي آهي. اروڙ شهر سان به ساڳي حالت آهي اروڙ ۽ روهڙيءَ جي پاڻ ۾ ڪنهن رشتي يا ڳانڍاپي کي ڳولڻ بجاءِ ڪڏهن ان کي راوڙ ڪڏهن الرور ڪڏهن الور لکيو ويو آهي. ساڳي صورتحال هيروز جي حقيقتن کي بيان ڪرڻ دوران نظر اچي ٿي، طرفداري ڪندي ڪنهن حقيقت صرف اهو لکيو وڃي ته راءِ سهاسي جي وفات کان پوءِ سندس وزير چچ گادي نشين ٿيو ۽ اهو وساري ڇڏجي ته سيلائج جي پُٽ چچ، راءِ سهاسي جي گهرواري راڻي سونهن ديوي المعروف سُهند سان Extramarital تعلقات قائم ڪيا ۽ ان وسيلي هن اقتدار تي ديرو دمايو جيڪو قبضو هو، ٻيو ڪجهه نه.... اهڙي طرح تاريخ ۾ سوين سوال آهن جيڪي يا ته اڻ واضح ثابتين جي ڪري نروار ٿي نه سگهيا آهن يا اسان جي محترم ليکارين جي تلوار کان تکي قلم جو شڪار ٿي ڪنهن غلط رخ ۾ هليا ويا آهن ۽ ائين ڪيئي نتيجا اهڙين تاريخي طور نروار ڪيل من گهڙت مفروضن تي به ٻڌايا ويا آهن. تنهنڪري ضرورت آهي ته تاريخ، جديد سائنسي انداز سان ايمانداراڻي نموني نئين سرلکندي جيئن، جيئن اها آهي تيئن تيئن نروار ڪئي وڃي، بجاءِ ان جي ته جيئن اسين چاهيون ٿا، ائين تاريخ لکون. اهڙي لکت تاريخ نه پر تاريخ کي تاراج ڪرڻ برابر هوندي آهي.

اشتياق انصاريءَ جو تحقيقي ڪم ۽ ڪُتاب ’سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا‘:

اشتياق انصاري انتهائي جاکوڙي اديب ۽ مُهم جُو محقق آهي، جنهن سنڌ جي تاريخ تي نيارو ڪم ڪندي انتهائي املهه 9 ڪتاب آڇيا آهن، جن جي اهميت متعلق جويي صاحب جي هيءَ راءِ ئي ڪافي آهي:

”سنڌي پڻ هڪ قوم جي حيثيت سان پنهنجو دفاع جا جتن، هر زماني ۾ ڪندا پئي آيا آهن، جنهن جي شاهدي اشتياق انصاريءَ جا هي ٻه ڪتاب سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا ڏين ٿا.“

انهن تحقيقي ڪتابن ۾ هن روايتي تحقيقي انداز يعني ڪتابن تان ٽڪرن جا ٽڪرا اُتاري لکي ضخيم ڪتاب ٺاهڻ بجاءِ پنٿن ۽ پربتن، ڀٽن، ٿرن ۽ برن کي جهاڳيو ۽ جنهجوڙيو آهي. جتي به هو ويو آهي ان ماڳ جون ماپون وٺڻ سان گڏوگڏ تصويري تاريخ به ڏني اٿس. تصويري تاريخ جي تمام وڏي اهميت آهي ڇو ته تصويرن وسيلي وقت سان پيدا ٿيل تبديلين جو پيرو کڻي سگهجي ٿو. اشتياق انصاريءَ جي سموري تحقيقي جاکوڙ کي پڙهڻ جو ثواب ۽ شرف اسان کي به حاصل آهي، محقق هر هڪ ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي آهي ته انهي موضوع بابت وڌ کان وڌ معلومات پيش ڪندي، پنهنجي ڪا راءِ جوڙي. معلومات جي اهڙي ڀنڊار جو مثال سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا ٻه ڀاڱا ۽ گورک جي گسن گاهن گهرن ۽ ماڻهن بابت ڪتاب ”گورک“ چٽو ثبوت آهي. گورک ايترو ته بهترين تحقيقي مواد آڇي ٿو جو مون ان کي انگريزي زبان ۾ اُلٿو ڪيو آهي. جيئن اهي محقق ۽ علم جا پارکو به ان املهه وٿ تائين پهچي سگهن جن جي پهچ سنڌي زبان تائين نه آهي. اهڙي طرح اوڏن تي سندس ڪيل تحقيق ”اوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ“ جو Style پنهنجو مٽ پاڻ آهي. ائين سندس ٻيا ڪتاب ”ووڙيم سڀ وٿاڻ“
”خيما کاهوڙين“، ”انيس انصاري“، ”ڌرتي ماتا“ به معلومات جو ڀنڊار ۽ شاندار سرمايو آهن. انهن خوبين سان گڏوگڏ اشتياق، تحقيق ڪندي پنهنجي تحقيق ۾ انيڪ ۽ اڻ ڳڻيا نوان حوالا پڻ ڄاڻائي ٿو ۽ جڏهن انهن تي نظر ڦيرائجي ٿي ته اشتياق جي هنن تحقيقي ڪتابن خصوصاً ”ڪوٽ ۽ قلعا“ ۽ ”گورک“ بابت انهن ڪتابن جي ضخامت جيترا ڪتاب لکي سگهن ٿا ۽ لکڻ گهرجن. جيئن سنڌ جو پڙهندڙ ڄاڻ جي اهڙي خزاني مان لاڀ پرائي سگهي. کيس خبر پوي ته ڪوٽليا چاڻڪيا ڪير هو ۽ ان اشوڪ ۽ ٻين جي بادشاهن کي ڪيئن متاثر ڪيو. آرڪمڊيز ڪهڙا نه شاندار اصول بيان ڪندي ماڻهن کي جيڪا واٽ ڏيکاري هئي. تنهن ڪيئن اڄ جي جديد بحري
Transportation کي ناممڪن مان ممڪن جو روپ ڏنو. هنيبال ڪير هو؟ 215 ق.م ۾ سيراڪوس جي حملي ۾ ڪتب آندل سمبوڪي جهاڙ ڪهڙا هوندا هئا؟ تنهنڪري چئي سگهجي ٿو ته اشتياق انصاري جنهن پاتار مان پيهي معلومات جي موتين جي ميڙا چونڊي ڪندي، سنڌ کي جيڪي املهه موتي آڇيا آهن، تن جي جيتري اوک ڊوک ڪبي اوتري انهن جي روشني وڌندي ۽ نت نيون راهون روشن ٿي پونديون.

سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا (جُلد ٻيو):

سنڌ جي 17 ڪوٽن ۽ قلعن جو احوال پيش ڪري ٿو. محقق قلعن جي ڪَڇَ. ماپ ڪندي انهن جي Design بابت اسڪيچ ڏنا آهن ۽ انهن ارڙهن ڪوٽن ۾ مشهور ڪوٽن سان گڏوگڏ اهي گمنام ڪوٽ ۾ شامل آهن جن نالو به اسان مان ڪيترن پهريون دفعو ٻُڌو يا پڙهيو هجي. هڪ شيء جڏهن هن ريت اپٽار سان سامهون اچي ٿي ته پوءِ ان بابت وڌيڪ تحقيق لاءِ انيڪ دروازا کلي ٿا پون. اشتياق انصاري ڪوٽ ۽ قلعا جي پهرئين جلد ۾ 19 ڪوٽن جو احوال ڏنو آهي، ان ۾ ساڳي محنت ۽ جاکوڙ سان موضوع تي قلم کنيو آهي پر هي ٻيو جلد ڪوٽَ تي ڪوٽَ آهي جنهن ۾ ڪوٽن ۽ قلعن کي سمجهڻ لاءِ انهن جي پس منظر کي سمجهڻ  جي ڪوشش ڪندي سنڌ جي تاريخ جي معلومات پيش ڪئي ويئي آهي. تنهنڪري بقول محمد ابراهيم جويي صاحب جي، هيءُ ڪتاب سرس ۽سوايو آهي. هن ڪتاب جي پيشڪش جو اندازو به بهترين آهي ۽ ڪوشش ڪندي محقق هر قلعي جي بيهڪ جي GIS به ڏني آهي جيئن ان جي تُزهند جي تعين ڪري سگهجي ڇاڪاڻ ته هيءَ تاريخي نشان آهستي آهستي ميساريا وڃن پيا ۽ ڪنهن وقت شايد ايئن ڪتابن ۾ پڙهيا وڃن جيئن اڄ تعليمي نصاب ۾ Dinosaurs جو احوال پڙهايو وڃي ٿو.

جس لائق ۽ واکاڻ جي مستحق سنڌيڪا اڪيڊمي جنهن هيءُ علمي پورهيو پڙهندڙن تائين آندو. سنڌيڪا اڪيڊميءَ جي روح روان نور احمد ميمڻ کي انهي خدمت لاءِ جس ڏيڻ گهرجي جنهن جون سنڌي ڪتابن جي معياري ڇپائي لاءِ ڪوششون ڪنهن کان به ڳجهيون ناهن.

ڄاڻ جي هن هيرن کاڻ کي ذري پُرزي پڙهڻ کان پوءِ آءٌ گذارش ڪندس ته هن قسم جا ڪتاب تاريخ جا اساسي ڪتاب آهن ۽ اهڙن بنيادي ڪتابن ۾؛

* تاريخي نالا ڄاڻائيندي اسان جا اڪثر محقق هڪ غلطي ڪن ٿا ۽ اها غلطي کين ورثي طور انگريزن جي لکيل تحريرن وسيلي ملي آهي ۽ انگريزن جي تحقيق جا ماخذ سنسڪرت ۽ ڏيهي ٻولين جون لکتون آهن جن ۾ اسمن جو آخري صوتيو متحرڪ هوندو آهي ۽ انگريزن ان کي رسم الخط ۾ متحرڪ رکڻ لاءِ a جو واڌارو ڪيو آهي ۽ رام کي Rama ۽ اشوڪ کي Ashoka اسان جي فاضل ليکڪن وري ترجمو ڪندي اُها حرڪت a جي آواز سان برقرار رکي آهي، جيڪا درست نه آهي جيئن:

اشوڪ کي اشوڪا، مگڌا، گُپت کي گپتا، راڻي ڪونڀي کي راڻا ڪُمبا، رامائڻ کي راماينا، مهاڀارت کي مهاڀارتا، ارٿ شاستر کي ارٿ شاسترا.

ان جو نتيجو اهو ٿو نڪري جو پوءِ اهي لفظ مروج ٿي لکتي سلسلي جو حصو بڻجي وڃن ٿا.

* ڪوٽ ۽ قلعي ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ ڇا صرف لفظن جو فرق آهي يا ڪو فني ۽ بناوتي فرق به آهي؟

* ڪوٽن جا قسم بيان ڪندي لفظ درگ ڪم آندو ويو آهي سڄي برصغير ۾ ڪنهن به قلعي يا ڪوٽ تي اهو لفظ نالي جي اڳياڙيءَ يا پڇاڙيءَ طور مستعمل آهي يا نه؟

* ٽالپرن جا قلعا صرف رهائشي قلعا نه آهن ۽ انهن جي بيهڪ ۽ بناوت مان ظاهر آهي ته انهي جو پهريون مقصد دفاع آهي. ٿر جا سمورا ڪوٽ ۽ قلعا اهڙيءَ ترتيب ۾ آهن جو ٿر جي ٻنهي طرفن يعني ڏاکڻي حصي ۽ اترئين حصي جي نظرداري ۽ دفاع ڪري سگهجي ٿو. اهڙيءَ طرح اڇڙي ٿر جي قلعي کي انگريزن پاران جبرالٽر سڏڻ به چٽو اُهڃاڻ آهي ته ميرن جي قلعن جي پهرين ترجيح دفاع آهي.

* لفظ بنڀور جي معنيٰ ”ڳاڙهو“ لکي ويئي آهي جيڪا تحقيق طلب آهي.

* دفاعي ڪوٽن ۽ رهائشي ڪوٽن ۾ جيڪو فرق نظر اچي ٿو، اهو انهن جي بناوٽ، برجن ۽ مارن مان آهي. خاص طور دروازي جي بناوت، دفاعي ڪوٽ جو دروازو ڏيڍي وانگر ٺاهيل آهي جيئن سڌو نظر نه اچي ۽ دشمن اندر داخل ٿيڻ لڳو ته به ان تي حملو ڪري سگهجي.

* ڪوشش ڪري ڏند ڪٿائي ڳالهين کي تاريخي تحقيق کان ڇنڊي ڇاڻي ڌار ڪرڻ گهرجي ۽ جديد سائنسي دور ۾ ”گلان مان گل ٿيو“ ۽ ”چيچ سيد هٿ ۾“ جهڙين ڳالهين جي ڪا اهميت ناهي.

* موزيڪانس لفظ مقدوني ليکڪن ڪم آندو آهي ۽ انهن ليکڪن پاران ڪتب آندل لفظن کي يوناني زبان جي پس منظر ۾ جاچيندي، سنڌي نالن جو پيرو کنيو وڃي جيئن تحقيقي لکتن ۾ نالا درست صورت ۾ نروار ٿي سگهن.

* اگهم ڪوٽ ۽ اگهاماڻو به الڳ لفظ آهن اگهم ڪوٽ خاص عمارت جو نالو جڏهن ته اگهاماڻو سمورو علائقو آهي جيڪو اگهم جي بادشاهي هيٺ هو.

* سڀني ڪوٽن جي اڀياس کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته راڻيءَ جو ڪوٽ يا المعروف رني ڪوٽ سڀني کان نيارو آهي جيڪو سنڌ جي ديوار چين آهي ۽ هن ڪوٽ تي وڌيڪ تقابلي اڀياس جي ضرورت آهي ۽ اسان کي اميد آهي ته اسان جا فاضل محقق جيئن بدر ابڙو آهي، اشتياق انصاري آهي يا سيد حاڪم علي شاهه آهي، هن ڪم کي اڳتي وڌائيندا، جيتوڻيڪ سندن ان بابت ڪيل ڪم پڻ تحسين لائق آهي.

* ٿر جي قلعن بابت وڌيڪ تفصيل سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

* ڇپائيءَ جي غلطين تي ڌيان ڏنو وڃي.

آخر ۾ آءٌ ٿورائتو آهيان اشتياق انصاريءَ جو، جنهن ههڙو سٺو ڪتاب لکيو ۽ سنڌيڪا ان کي ڇپرايو. هي ڪوٽ ۽ قلعا جيڪي تاريخي اُهڃاڻ آهن پر اهي صرف حاڪم فردن يا قومن جي تاريخ جو اُهڃاڻ آهن سي ياد ٿا ڏيارين ته حاڪم سدائين عوام کان الڳ مخلوق ٿي رهيا آهن ۽ سندن قلعبندي ۽ Isolation جديد وقت ۾ به جاري آهي ۽ غريبن ۽ محڪومن لاءِ سندن ڪوٽن ۽ قلعن تائين اڄ به پهچ ناممڪن يا مشڪل آهي پر قلعبندي جو اهو اهڃاڻ ٻڌائي ٿو ته محڪوم به ڪڏهن بدلجي حاڪم ٿي پوندا آهن ۽ ڌرتيءَ جا ڌڻي ڌرتيءَ جي رکوالي ڪندا آهن ته پوءِ ڌاريا حاڪم اجگر قلعن جي باوجود پنهنجو وجود باقي رکي نه سگهندا آهن. سڪندر مقدوني به هتي آيو پر اڄ سندس پونيرن مان ڪنهن کي به پتو ناهي ته اسين سڪندر جو اولاد آهيون، جڏهن ته سيوهڻ اڄ به اُتي موجود آهي ۽ اها ڳالهه اسان کي وڌيڪ همٿائي ٿي ته پنهنجي ڌرتيءَ سان ۽ وطن سان پيار ڪريون ۽ قدرت جي انهي تبديليءَ جي قانون ۾ ويساهه رکون.

سعيد سومرو

گل ـــ پتين جو  ڪفن

(غزل جي انوکي شاعر غلام نبي گل جي شاعريءَ جو اڀياس)

غلام نبي گل، سنڌي غزليه ڪاڪ جو بلند، نمايان ۽ اهم ڏات  ڌڻي، غزل جھڙي سعيد روايتي ۽ سخت فني سٽاءَ ۾، پنهنجي ڪُل حيات جي تمام روين کي، جنهن سهنج ۽ سادگيءَ سان پروئي پيو ،  اِهو فن ۽ سڀاءُ بنهه گھٽ ڪلاڪارن جي قسمت ۾ آيو آهي.  هُو اُنهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن خوش نصيب ليکارين مان هڪ آهي، جن جيترو لکيو، اُهو سندن حياتيءَ ۾ ئي ڪتابي گلدستن جي صورت وٺي، سندن اکين ۽ سندن چاهيندڙ پڙهندڙ حلقن جي دلين تائين پهتو.

پاڻ جيترو تڪڙو لکيو اٿس، ايترو تڪڙو پڻ شايع ٿيو آهه پر ايترو ئي تڪڙو سندس فن ۽ فڪر جي اونچائيءَ/نيچائيءَ جو گھڻ رخي، جديد تنقيدي انداز سان جائزو نه ورتو ويو آهي. سندس شاعريءَ، ڪهاڻيءَ، ناول نويسيءَ بابت نئين دؤر جي نون رُخن ۽ زاوين مطابق پرک ڪري، سندس ادبي قد و ڪاٺ جو درست تعين ڪرڻ بدران، حاضر دؤر جو ڊڄڻو نقاد الائي ڇو لنوائي، ماٺ ڪري ويٺو آهي!؟ جڏهن ته سندس شاعريءَ ۽ فن جي ٺوس سائنسي طريقن مطابق ڀرپور اڀياسي پرک اڳيان اچڻ گھرجي. جيڪڏهن غلام نبي گل جي شاعري ٺوس تنقيدي اصولن سان نٿي ٺهڪي اچي ته اُها رد ٿيڻ گھرجي ۽ جي اُها جديد رُخن کي اڃان به نوان نکار ۽ رنگ ارپي رهي آهي ته اُن کي ’مڃتا‘ ڏيڻ ۾ ڪنجوسي ڪرڻ، ڪهڙي سبب ...!!؟ سچائي ۽ مڃتا جو فقدان ته اڳي به هو، پر هاڻوڪي وقت ۾ مهانگائيءَ وانگر اهو به روز به روز وڌندو ٿو وڃي!

پوءِ به اسان جي هر نقاد کي ’مون ورت‘ (چُپِ جو روزو) ختم ڪرڻ گھرجي. اڄ جي جديد سنڌي ادب کي الهداد ٻوهئي/تنوير عباسيءَ جھڙن کاهوڙي روح رکندڙ ڄاڻوئن جي سرس ضرورت آهي، جيڪي غلام

نبي گل جھڙن گوهرن جي مڪمل قدر شناسي ڪري سگھن.

سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو
’رات باقي آ‘ (جنوري 1990ع) ۾ شايع ٿيو هو، جنهن ۾ سندس 84 غزل هئا. ان کان پوءِ هُو لاڳيتو لکندو ۽  ڇپجندو آيو آهي ۽ هن قلم جي مس کي سُڪڻ نه ڏنو آهي، جنهن جا گواهه سندس شاعريءَ، ڪهاڻي ۽ ناول تي مشتمل 17 ڪتاب آهن. جن ۾ شاعريءَ جا خاص ڪري غزلن جا ڪتاب 8 آهن.

ڪڏهن من ماڪوڙي، ڪڏهن ڪيهر شينهن‘ وانگر ڪڏهن ڪهڙو ته ڪڏهن ڪهڙو غزل جو ڪبوتر سندس ذهن ــ اُڀ مان اڏري، ڪمري ۾ پيل اڇي ڪاغذ جي سيني تي لٿو. ماءُ کي جيئن ڪوجھا/ڀورا سڀ ٻار مٺا؟ تيئن شاعر به ماءُ. هاڻ ان کي به پنهنجا ڪُل شعر وڻن. ڪنهن کي ڪٽي ته ڇو ڪٽي!؟ اڃان به نوڪ پلڪ سنوار ڪندو ويندو. سهڻا اڳ ۾ هئا، ويتر سينگار ڪن ته خوب موهينِ اُهو وڙ/گڻ وري اچي به ڪنهن ڪنهن مست شاعر کي، ڪٿي رهيا ’رات باقي آ‘ جا غزل، ڪٿي ’آئينو چپ آ‘ جو غلام نبي گل. وچ ۾ وڏوڙ تفاوت آهي. فن جو ، فڪر جو، موضوعن ڏانهن متوجھه  ٿيڻ جو. معنيٰ ته غلام نبي گل بيٺل پاڻيءَ وانگر نه رهيو آهي، بلڪ هُو اڳتي، اڃا به ڪنهن ٻي تازي لهر ۾ پير ڀڄائڻ/آنند ماڻڻ/سڪون وٺرائڻ جو خواهشمند رهيو ئي رهيو آهي.

هر غزل ۾ ڇهن کان اٺن/نون بندن/ شعرن/ بيتن جو هجڻ معنا، اٺن/نون تصورن جو حسين ميلاپ. هڪڙو شاعر لڳاتار مراقبي ۾ رهي، پنهنجي هر غزل جي اٺن/نون بندن ۾، نئين جھان جي نڪورن/اڻ ڇهيل نون نون  جلون تان پردا کڻي، کين ظهوريت جو درجو عطا ٿو ڪري. هڪڙي بند ۾ خدا سان ڪنهن ڳالهه تي بحث ٿو ڪري. ٻي بند ۾، ڪائنات جي ڪنهن شيءِ بابت راءِ ٿو ڏئي. ٽئين بند ۾، محبوبا سان گفتگو. چوٿين بند ۾، برائي کي نندي يا چڱائيءَ کي ساراهي ٿو. پنجين بند ۾، ڪو الميو/ڪا خوشي اظهاري ٿو. ڇهين بند ۾، ڪو فطرتي منظر چٽي ٿو. ستين بند ۾، پنهنجي اندروني/ظاهري حالت، عبادت تي رايا ٿو گُھري.

هڪ هڪ غزل، گلدستي مثل، انيڪ گلن سان سجائي، پنهنجو رت ست، وقت ڏئي، نئين تخيل جي رونمائي ڪرڻ ٿو چاهي.

اهڙا ڪيئي غزل غلام نبي گل جي هن مجموعي ۾ ملندا، جيڪي سڄا جا سڄا انتهائي وڻندڙ رنگن سان سجيل آهن، جن جو هر بند شاهه بند آهي.

*  شڪريه، اي دوست! تنهنجو شڪريه.

*  رات جي سناٽي جون سسڪيون

*  لمحو لمحو جڏهن آ گڏ ٿيندو

*  هن ڀي ته سچ چيو آ

*  مئه جو ڦريو هوندو پيمانو غلط.

مٿئين مختلف خيال رکندڙ غير مسلسل غزلن جھڙا غزل،  جڏهن سهيڙجي ڪتابي صورت وٺن ٿا ته هڪڙي وسيع گلستان/ڊگھي رڻ پٽ جو گڏيل اشتراڪ پڙهندڙ اکين اڳيان اچي ٿو. جيڪڏهن ڪتاب ۾ 100 غزل آهن، هر غزل ۾ اٺ 8 بند آهن ته لڳ ڀڳ 800 اٺ سؤ ننڍا وڏا، مختلف ڪيفيتن جا منظر/پس منظر پڙهندڙن جي آڏو آهن. ايترن رنگن کي يڪجا ڪرڻ، شاعر جي وسيع علمي بصيرت جو خوبصورت ادراڪ آهي. هاڻ جيڪڏهن ڪير ڏاهو نقاد انهن اٺ سؤ تصورن کي ڇنڊي ڇاڻي، انهن مان ’هيرا موتي‘ ۽ ’ڀتر بادي‘ الڳ الڳ ڪري، تڏهن به شاعر وٽ ضرور به ضرور هڪ ڳڻپ جوڳو ۽ فخريه شعري عدد بچندو، جيڪو هن جو نج پنهنجو تخيل هوندو ۽ کيس ساراهه جي مستحق ڄاڻائيندو.

غلام نبي گل جي هن مجموعي ’درد جو چنڊ‘ ۾ اٽڪل 134 غزل آهن، جنهن ۾ اندازاً هزار کان مٿي بند آهن. معنيٰ شاعر هزار کن تعداد  ۾ مختلف شين بابت خيال ۽ رايا ڏنا آهن. انهن مان مون جھڙو ڪو ادب جو ادنيٰ شاگرد، پنهنجي چوڌار موجود ٻولين ۾ ٿيندڙ شاعريءَ سان ڀيٽ ڪري، يا پنهنجي ئي جديد شاعريءَ کي اڳيان رکي جائزو وٺندي، غلام نبي گل جي هزار شعرن مان، اڻ سونهان/روايتي/ ڀرتي وغيره جھڙا الزام هڻي شعر ڪٽ ڪري به ته ڪيترا ڪٽي سگھندو؟ پنجاهه....؟ سؤ....؟ يا ٻه سؤ...!؟ انهيءَ ڇنڊڇاڻ بعد جيڪي موتي ۽ هيرا، ڪوڏ/سپيون پڌرا ٿيندا، اُهي لازماً، ڪائنات جي ڪاڪ کي سمجھڻ/پرجھڻ ۾ اهم حيثيت رکندي، ازل ابد کي انوکي لباس جي معنا پارائيندا ۽ سنڌي غزل کي مانُ بخشيندڙ، غلام نبي گل کي، سنڌي شاعراڻي اتهاس ۾ امرتا ڏيڻ لاءِ ڪافي هوندا. جيڪڏهن ان معيار تي سندس شايع ٿيل ڪتابن تي نظر ڌرجي ته:

رات باقي آ (جنوري 1990ع) 100صفحا 84 غزل

آواز جي خوشبو(جنوري 1993ع) 15 صفحا 142 غزل

آئينو چپ آ (آڪٽوبر 1995ع) 15 صفحا 110 غزل

اڃا تازي قبر آهي          (جولاءِ 1997ع) 7  صفحا 61  غزل

آخري شام(2001ع)      200 صفحا 149 غزل

لمحن جو درد  (2003ع) 17 صفحا 146 غزل

ٻيو جنم          (2004ع)        112 صفحا 102 غزل

خدا جي سرگوشي         (2008ع)        176صفحا 16 غزل      

سندس اردو غزل جي مجموعي ’بکهرئي منظر‘ کي ڇڏي ڪري، هن مجموعي ’درد جو چنڊ‘ جا 134 غزل به شامل ڪجن ته هن وقت تائين يارنهن سؤ (1100) جي لڳ ڀڳ غزل تخليق ڪرڻ، تخليقڪارجي تڙپ، احساس جي اوچائي ۽ مسلسل جاڳ جي نشاني آهي. جنهن کان ڪا عشق کان عاري ڪافر دل ئي منڪر ٿي سگھي ٿي، مون جھڙي مومن من کي سگھه/سمجھه ناهي.

هاڻ اها الڳ پرک آهي ته ڇا هن وٽ سمورا جا سمورا غزل، ڀرپور ۽ اعليٰ ڪوالٽي جا غزل آهن؟ ڇا سندس هر غزل جو الڳ الڳ اسٽائيل آهي يا هن پنهنجو فني ۽ فڪري ورجاءُ به ڪيو آهي؟ ڇا هن جي تخليقي سوچ ۾ وقت تفاوت وڌو آهي يا نه؟ ڇا سندس ذهني اڏام سينوريل تلاءَ جھڙي آهي يا دؤر سان تبديل ٿيندي رهي آهي؟ اهڙين ۽ ٻين اهڙن سوالن جو جواب لهڻ لاءِ، غلام نبي گل جي شاعري ايم.اي جي مونوگراف جھڙي تحقيقي اڀياس جي طالبو آهي پر افسوس جنهن ادب جا نقاد اڃا ان مامري وٽ بيٺا هجن ته غزل فارسي وارن وٽان آيو آهي يا عربيءَ جو آهي؟ انهن کي جديد سنڌي غزل جي لاڙن، تجربن جي ڪهڙي سڌ ...! کين ڇا ڄاڻ ته غلام نبي گل پنهنجي غزل کي ڪهڙين ڪهڙين منزلن تائين رسايو آهي

ايترا غزل لکڻ مان بخوبي اندازو هڻي سگھجي ٿو ته وٽس موضوعن جي کوٽ بنهه ناهي ۽ هُو هڪ هڪ شيءِ کي، ڌار ڌار اينگل کان ڏسڻ جو ڏانءُ پڻ رکي ٿو. جيڪڏهن سندس غزليات مان رڳو ’شاعري‘ جو موضوع ئي کڻجي ته هُن ڪيئن شاعريءَ لکڻ، نه لکڻ/ سمجھڻ/ ٻڌڻ/ڀوڳڻ وغيره جا مرحلا طئه ڪيا آهن؟ ته اهو خود هڪ وڏو مونوگراف ٿيندو. ’گُل‘ تخلص کي هُن ڪيتري فنڪارانه نموني سان ادا ڪيو آهي؟ ڪٿي ’گُل‘ رڳو تخلص آهي ته ڪٿي هن ’گُل‘ پنهنجي چئني خوبين سان ڪيترن انوکن نمونن سان اظهاريو آهي، جو ڌيان و گيان حيرت ٿا کائن. هن ’آئينو، آواز، خوشبو، چنڊ‘ ۽ ٻين  لفظن کي احساسن جا انيڪ  اوڍاڻا اوڍايا آهن، جن تي هوند الڳ الڳ مقالا لکڻ گھرجن ته جيئن شعرن ۾ موجود اڻ کٽ رنگن جي بي قدري نه ٿيئي ۽ نه شاعر ميار ڏئي.

هي گل شعرن ۾ هيڏا رنگ!

قــدر جــا، بــي قــدر آهـيـون.

غزل، بنيادي طرح نج سنڌي صنف ناهي. هڪ ڌاري صنف جي صورت ۾ جلوه نما  ٿِي ۽ اها سنڌي شاعريءَ جي مڙني صنفن تي جنهن ريت حاوي ٿي وئي آهي ته اِها غزل جي پنهنجي قوت ۽ خوبي آهي. ’فارسي گاڏڙ غزل‘ ۽ ’گيڙو ويس غزل‘ جون ٻه شڪليون، سنڌي ادب ۾ عام رائج آهن. غزل جي فن/ٻوليءَ جا تضاد به پنهنجي سطحي راين سبب، اڃا نبري نه سگھيا آهن، پوءِ به ان راءِ تي مڪمل اتفاق آهي ته غزل هڪ مشڪ بُو، نرتڪو ناچ، ۽ دلي ترجمانيءَ جو بهترين انتخاب آهي ۽ غلام نبي گل جو غزل به مختلف لنگهه لتاڙي، هينئر جنهن منزل تي آهي، اُهو مارڳ قابلِ تحسين ۽ دلي داد جو مستحق آهي. ’رات باقي آ‘ کان وٺي هن ’درد جو چنڊ‘ تائين، غزل جي پُرخار ورن وڪڙن  کي جنهن معصوم انداز سان غلام نبي گل پار ڪري آيو آهي، اُهو ڪنهن لفظي تعريف جو محتاج ناهي.

منهنجي ناقص پرک موجب، غلام نبي گل وٽ فني حوالي سان غزل جا ٻه رنگ وڌيڪ چٽا ۽ نمايان آهن. هڪ غزليه رنگ پڪن قافين وارو ۽ ٻيو صوتي قافين وارو. سندس پهريتو ڏيکاءُ/رنگ هڪ استادانه صلاحيتون رکندڙ شاعر جو آهي، جنهن وٽ نوان نوان، مشڪل/ آسان قافيا ۽ ڊگھا/لنڊا رديف آهن. ننڍي/وڏي وزن بحر جي پنجوڙ ۾ ساڻن نڀائڻ جي شعوري/ لاشعوري جاکوڙ آهي.

ٻيو جلوو، وجدانه تخليق جي انوکي اڏام جو آهي جتي وزن بحر/قافيا/رديف ثانوي حيثيت اختيار ڪري ٿا وڃن. سلاست توڙي فصاحت سان ڀريل مصراعون پنهنجو پاڻ ئي قالبن ۾ پلٽجيو وڃن. سواءِ ڪنهن اجائي دٻاءَ، زور زبردستيءَ يا وٺ پڪڙ جي، سٽ پويان سٽ ائين ٿي اچي، ڄڻ ڪنهن سفر ۾ هڪ منظر پٺيان ٻيو سهڻو منظر ايندڙ هجي.

سندس پهرين رنگ جا ڪجهه غزل.

 ٽپ ٽپ ٽپ ٽپ، ڇت تي ٽپ ٽپ

 گھرگھلا، اڻ فٽ ٿيل نٽ ٿي لڳي

*  ڪو اهڙو روپ رنگ ڏسجي، خزان ۾

 رکيائين فون، چئي آ رانگ نمبر

*  مئه جو ڦريو هوندو پيمانو غلط.

*  اکڙين جي مرڪ پويان ڳوڙها نظر نه آيا

مٿين ڪجهه غزلن ۾ پڪن قافين ۽ رديفن جا جيڪي مثال آهن، اُهي رڳو سندس هن مجموعي ۾ ناهن بلڪ اهڙي رنگ جا گھڻا غزل سندس سموري شاعريءَ ۾ جا بجا نمايان آهن.

سندس ٻئي غزل جو انداز:

*  تو چيو، اڻ پڙهيل آ آئينو

*  خدايا! ڪهڙي هيءَ تنهنجي آ دنيا

*  تنهنجو رويو ڏسان ٿو اڄ اهڙو

*  ويو ٿي حُسن ۾ ويتر اضافو

   مختلف رايا رکن ٿا

سندس اهڙا صوتي/ حرف روي تي آڌاريل قافين وارا غزل، سادن لفظن ۾ بي پناهه گھرائيءَ سان، دل جي ڌيان جون سڀ دريون ۽ در کولي ڇڏين ٿا. مون کي دلي ۽ ذهني طرح سان غلام نبي گل جو ’اهو رنگ‘ سنڌ امڙ جي مٽيءَ وانگر عزيز آهي، توڻي جو  ان انداز کي سنڌي غزل ۾ ’نارائڻ شيام‘ آندو پر ان کي اڳتي وٺي اچڻ ۾ ’اياز گل‘ کان ’غلام نبي گل‘ تائين گھڻن شاعرن جي ننڊ ۽ جاڳ جي مسلسل محنت شامل آهي.

ڇا سبب آ، تون ئي گل ٿورو ٻڌاءِ،

تنهنجي گھٽيّءَ، گھر وٽان گذران نٿو.

 

اوچتو اچرج منجھان بيهي رهيس،

هيءَ ته تنهنجي گھر ڏي ويندڙ آ ڳلي.

 

گل ــ پتين جو ڏجي ڪفن توکي،

بـاغ ســارا اُجــڙ ويـا ٿــي هــا!

 

رکيو چنڊ رات جي آ گود ۾ سرُ،

مٿان تارن جي جھرمر چهچٽو هو.

 

هُن ته اوڳر پئي اندر جو ڪو ڪڍيو،

مون رڳو هن سان ڪئي پئي هان ۽ هون!

 

غلام نبي گل جي ٻين شايع ٿيل مجموعن وانگر ’درد جو چنڊ‘ مجموعي ۾ شامل غزلن ۾ پڻ مختلف ننڍن/وڏن بحرن ۾، ڊگھي رديف کان وٺي غير مردف غزل تائين، انيڪ سٽاءَ جا نمونا آهن. ان سان گڏ غلام نبي گل پنهنجن روايتن مطابق پراڻن/نون موضوعن کي به نئين اک سان نهارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هر شاعر ، پنهنجي دؤر جي ماڻهن جي احساسن جو تاريخدان آهي. هُو انهن جي ڀوڳيل/اڻ ڀوڳيل پيڙائن جو راقم به آهي ته گواهه به. ماڻهن جي رش ۾ جتي فرد گم ٿي وڃي، متل ميلي ۾ ماڻهو تنها هجي، گھر تلاشيندي، گھر نه لڀي، محبت مهانگائيءَ جي ور چڙهيل هجي، رڳو دانهُن جو دونهون ۽ نارسائن جي رَئِي، فضائن ۾ ملي، دنيا جي هر سُڌ هوندي، پنهنجي خبر نه پوي، ته  اهڙي دؤر جي لمحي لمحي جي ڪهاڻي الڳ ئي هوندي! ان دؤر جي حساس فرد جا رويا/احساس اهڙا ئي هوندا، جھڙا هيٺ غلام نبي گل اظهاريا آهن.

ٽي وي، ريڊيو، ويڊيو هليا گانا،

ميلو، تنهائيءَ جو مچي ٿو پيو!

 

لائوڊن تي هلي پيو واعظ،

شور ۾ ڪير آ سمهي سگھندو!

 

پنهنجي گاڏي نصيب ۾ ڪاٿي!

  ڪا ڪرائي تي ئي ڪيل هوندي!

 

آدمـيءَ کــان آدمـي بـيـزار ڇــو؟

مان به آهيان آدمي، خود کان پڇان!

 

صحافيءَ جان پڇين ٿو سوال مون کان

جواب اخبار ۾ ڇپجن نه منهنجا!

 

لُنڊا بازار مان ورتل ٿو ڀاسي،

اجايو ڪوٽ ۾ هيرا جڙين ٿو!

 

گھـرگـھـلا، اڻ فـٽ ٿـيـل نٽ ٿي لڳي

زندگي ڄڻ اڻ ڇڪـيـل کٽ ٿي لڳي!

 

هن جي هر ٻئي شعر۾ جديد وقت جون ڪٿائون/نراسائون/رومانوي لاڙا آهن. هر وقت وٽ عشق و محبت جا انداز ۽ ناز تبديل ٿيندا اچن پيا ۽ انهيءَ تبديليءَ کي ڪو خوش آئنده  قرار ڏئي ٿو، ته ڪير ان مادي تبديليءَ خلاف مُنهن ۾ گھنج  وجھي، پنهنجي پراڻي وقت جي چڱن لاڙن کي ياد ڪري ٿو. غلام نبي گل جو اندر ۽ ٻاهر، ٻنهي ڪيفيتن جو مظاهرو ڪري پيو.

پٺيان ان جي آهن وصل جون اميدون،

جــدائـي به ايـڏو ڪـو جـنـجـال نـاهي!

 

رسڻ پـرچـڻ جو اڄ ڪلهه معاملو ڀي،

دلـيـن جـي دوست! بک هـڙتـال تي آ!

 

هٿ ملن ٿا، چپ ملن ٿا، جسم جسمن سان ملن ٿا،

ڪو ملي اهڙو ملي، جنهن ساڻ پنهنجو روح رلجي.

 

رکيائين فون، چئي آ رانگ نمبر،

لڳي هر شـهـر ڇـو ڀـڙڀـانگ نمبر.

 

ڪنهن به هڪ جو ڪونه هو تو وٽ جواب،

تــو سـمـوريـون ئـي چـٺـيـون ڦـاڙي ڇـڏيـون!

 

آ احـسـاس دل کـي، مـتـان ڪــو نه چـاهــي،

چـيـو ناهه، ڪنهن کي به هٿ ڏئي هلڻ جو.

 

چپن تي آ وفا ــ  نعرو،

اکـيـن ۾ بـي وفـائـي آ.

جدائيءَ جھڙي رويي کي شاعر جنجال نه سمجھي، محبت ۾ نئين رخ کان هلڻ چاهيو آهي. دلين جي بک هڙتال- روح رلڻ واري ڪلاسيڪل تمنا- نئين وقت جو ڪبوتر، ’فون‘ تي ڄاڻي واڻي رانگ نمبر جي زحمت ملڻ بعد جي ڪيفيت-  چٺيون ڦاڙڻ- متان نه چاهي واري وهم ۾ اڻ اظهاريل پيار جو اهو انداز هن وقت جو ترجمان رومانس آهي، جتي چپن تي وفا جا نعرا ۽ اکين ۾ بي وفائي جي نه لڪي سگھندڙ وارتا آهي.

چهري جي چونڊ هئي يا چهرن جي هئي نمائش،

سارا ئي نيڻ هڪ ٿي، هڪ چهري ڏي ڏسن پيا.

ڪنهن نظر ڪجهه لکيو آ چهري تي،

لـوڪ چـهـري ڏي ٿـو وڃـي ڏسـنـدو.

چهري‘ بابت غلام نبي گل جا ٻيا به حُسناڪ شعر آهن پر مٿيان ٻئي شعر، ٻٽين وصفن سبب نهايت وڻندڙ آهن. گلوبل دور جي ’مقابله حُسن‘ ۾ ويٺل ججن مان ڪير جيڪڏهن شاعر هجي ته ان لاءِ تهائين مشڪل هوندو ته حُسناڪ ڀيڙ مان ڪنهن هڪ چهري کي اوليت ڏئي. خبر ناهي ته ان ’مقابله حُسن‘ جا جج ’سارا ئي نيڻ هڪ ٿي‘ ڪنهن هڪ چهري کي ڪيئن ٿا چونڊين؟ ۽ ’هڪ نظر‘ ٻئي چهري تي ڪيئن ايتري ڪمال سان ڪجهه لکي ٿي جو اهو لوڪ ڏسي ۽ پڙهي ٿو!؟ اهو بيان جو انداز غلام نبي گل جو ئي دينُ آهي.

ڪڪر پـريشان ڪيڏا آهن،

ڪٿي به هڪ جاءِ بـيٺا ناهن.

 

هُن ڀـي ته سچ چـيـو آ،

ڪچري ۾ ڇو پـيـو آ!؟

 

ٻئي تي ڪهڙي ڇايا ٿينـدي،

پنهنجو ئي پاڇو مان ناهيان.

 

چــؤڪـنـو ٿـي چـنـڊ ٻُــڌي ٿـو،

چانڊوڪيءَ ڪا ڳالهه چئي آ.

 

ڪنهن چيو تو هوءَ ڏٺي آ ڇوڪري،

ريءَ ڏسندي ڀي ڏٺو ڄڻ ان کي مون.

 

نـظـر اڳـتـي وڃـي، ڪاٿي ته رُڪبي،

اها پو ڳالهه ڪنهن منظر کان پڇبي.

 

عـيـنـڪ تـو وٽ وسـري وئــي آ،

عينڪ سان گڏ وسريون اکيون.

 

مٿين شعرن جھڙن ڪيترن شعرن غلام نبي گل جي شاعريءَ ۾ هر ٻئي جاءِ تي موجودگي مسڪرائي اهو ٻڌائي پئي ته غلام نبي گل انهن اعليٰ درجي جي ڪلاڪارن مان آهي، جيڪي اڻ ڏٺل شيءِ کي نهارڻ جو گڻ رکن ٿا. جن کي ساڪن شيءِ کي متحرڪ معنيٰ جا نڪورا ويس پهرائڻ اچن ٿا. هُو انهن فلسفي شاعرن مان به آهي، جيڪي مختصر لفظن ۾ تمام عميق معنائن جا موتي پروئي سگھن ٿا. وٽس حقيقت نگاريءَ جو جلوو ايترو چٽو ۽ پڌرو آهي جو اکيون کيرون ٿي وڃن ٿيون.

تو چـيـو: ’اڻ پـڙهيل آ آئـيـنو،

چهرو چهرو پڙهڻ ته ڄاڻي ٿو!

 

تـمـاشـو ڏسـڻ لاءِ اکــيـون هـجـن،

اُهي جي تماشي کي سمجھي سگھن

 

ڏسڻ کان ڪيترا منظر رهيل هن،

خبر ناهي، اُهي ڏسبا نه ڏسبا!؟

 

مـٿـان اُڀ تـان جـو ڏسـي ٿـو پـيـو،

آ حسرت ته ان کي اکيون هي ڏسـن.

 

وڃان ڪاڏي پيو، ڪاڏي آ وڃڻو؟

رُڪي رستي ۾، رستي کان پڇان ٿو.

 

دوست اهـڙا مـلـيـا جـھـڙا هـيـرا،

جئن ٽـٽا پـو رهيا نه ڪنهن ڪم جا!

 

کُـلي پـيـو آ تـحـفـظ جـو ڀـرم ڀـي،

ڪيو هر شخص آ خود کي ئي اغوا!

 

مٿين شعرن ۾ نمايان ساده پڻي سان، سرل انداز جو فلسفو به آهي، حقيقت به آهي ته احساس رکندڙ فرد لاءِ هڪڙو واضح سنيهو پڻ آهي. هونئن به اهڙي شاعري ڪهڙي ڪم جي، جيڪا پڙهندڙ جي مٿان ئي مٿان گذري وڃي ۽ کيس ڪجهه به حاصل نه ٿئي. لفظن جي آنڌيءَ ۽ زوردار رڌم ۾ شعر جي معنوي گھرائي تائين پهچڻ جي رڳو حسرت ئي ذهن ۾ رهجي وڃي!

 تنوير عباسيءَ بقول: ’اسان جي دؤر جا ڪيترائي شاعر لفظي رڌم لاءِ زورائتا ۽ ڦاٽندڙ ۽ گونجندڙ اُچار ڪتب آڻي، وقتي واهه واهه ته حاصل ڪن ٿا، پر ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ جو ذهن اُن ڦاٽندڙ ۽ گونجندڙ رڌم ۾ اٽڪي پوي ٿو ۽ شعر جي اونهائيءَ (اهڙن شعرن ۾ اونهائي ٿئي به ڪانه، پر هجي تڏهن به) تائين پهچي نٿو سگھي. شاعريءَ جو اصل مقصد آهي ڪو نياپو ، ڪو سنيهو، ڪو خيال، ڪو عڪس، ڪو جذبو پڙهندڙ جي ذهن ۾ منتقل ڪرڻ، نه ان جي ذهن کي اُچارن جي ڪاڪ محل ۾ ڀٽڪائڻ يا لفظن جي جادوگريءَ ۾ منجھائڻ.

اهڙي لفاظي ڪندڙ سنڌي شاعرن جا نالا کڻڻ بدران اسان پنهنجو موقف غلام نبي گل وٽ نهايت سولائي ۽ سيبتائيءَ سان ڏسون پيا.

اگـھاڙا ٿـي سمورا شعـر پـوندا،

لفاظي جي لباسن کي ته لاهـن.

هن وٽ شاعري الهامي به آهي ته شعوري جاکوڙ جي پيڙا به. سندس شعر ’آمد‘ ۽ ’آورد‘ جي وچ تي بيٺل آئيني جو عڪس آهي.

اچن سوچ ۾ لـفـظ ٿـا پاڻ پـنـهـنـجـو،

ڪڏهن سوچيو آ نه سوچي لکڻ جو.

پاڻمرادو سوچ ۾ لفظ ته ايندا آهن پر جذبو ۽ پيغام انهن لفظن ۾ ڀرڻ شاعر جي شعور جو ڪرشمو هوندو آهي.

ڪڏهن محسوس ٿيو آ شعـر لـکـندي،

ڪٿي لفظن ۾ ڪجهه ڀُـلندو هجان مان.

شاعر پنهنجي لفظن ۾ ڀولو تڏهن محسوس ڪندو آهي، جڏهن هُو کُليل ۽ چٽو پيغام ڏيڻ ۾ ناڪام ٿيو وڃي يا هُو جيڪو لکڻ چاهيندو آهي، اُهو تيئن پنن تي ناهي پلٽجندو، جيئن سندس دل و ذهن جي ڪائنات ۾ هوندو ته سچو شاعر پنهنجو پاڻ ئي اعترافي ٿيندو آهي

ڪري انصاف شعرن سان نڀاهي،

اِهي خوبـيـون نه هر شاعر ۾ آهــن.

اهو اگھاڙو سچ آهي ته هر شاعر خامين کان بنهه آجو ناهي، نه وري شاعر پيغمبر آهي جو  مٿس تنقيدي آڱر اُڀي نه ٿي سگھي. (جيڪي فرد، شاعري کي پيغمبري جُز قرار ڏئي، شاعر کي اڌ/منو پيغمبر سڏين ٿا، اُهي شاعر ويچاري سان سخت زيادتي ڪندي، کيس خامين کان ڄڻ پاڪ قرار ڏئي، پنهنجي نقادن کان پري ڪري ٿا ڇڏين).

 جڏهن ته بقول سنڌي شاعري جي سرمور شاعر نارائڻ شيام جي:

هجي جا کاڻ خوبين جي ۽ خامين کان بنهه آجي،

نه منهنجي زندگي اهڙي، نه منهنجي شاعري اهڙي.

غلام نبي گل وٽ به جيڪڏهن ڪا خاص خامي آهي، ته اُها ساڳي زمين ۾ بار بار طبع آزمائي ڪرڻ  آهي. ساڳيا بحر، ساڳيا وزن ۽ ساڳيو قافيو استعمال ڪرڻ سبب ڪٿي ڪٿي هُو يڪسانيت جو شڪار به محسوس ٿئي ٿو. ڪن ڪن غزلن ۾ رڳو غزل جي مـشـق آهي. منجهن اهڙي ڪا به سٽ ڳولي نٿي لڀجي، جيڪا روح اندر ۾ واڪا وجھي وڃي جيڪا ويندڙ لمحي کي چيچ کان وٺي پاڻ وٽ هڪڙي سيڪنڊ لاءِ بيهاري سگهي.

انهن خامين ۽ خوبين ــــ کاڻ  کي پڌرو ڪرڻ لاءِ، ڪي انصاف جون اکيون گھرجن .اُها مشڪل غلام نبي گل پاڻ آسان ڪري ڇڏي ٿو.

هي منهنجا شعر گل منهنجا نه آهن،

وتــا تـنـهـنـجـن خـيـالـن کـان اُڌارا.

ڪيتري نه انڪساري سان پنهنجي شيءِ ماڻهو پنهنجي ڪرڻ بدران ٻي حوالي ڪري ٿو ڇڏي! پر سوچجي ته اهو ’تون‘ ڪير آهي؟ جنهن جي خيالن کان، غلام نبي گل جھڙو شاعر به شعر اڌارا وٺي ٿو!؟ اهو ’تون‘ شاعريءَ ۾ ڪيترو نه معناخيز لفظ آهي.ڪٿي ’تون‘ خدا ته ڪٿي  زمانو آهي! ڪٿي محبوب ته ڪٿي رقيب جي شڪل آهي! ان ’تون‘ کي انيڪ وشالتائون آهن. ’تون‘ ۽ ’مان‘ سان ساري ڪائنات جا ڪل محور آهن. ’تون‘ ناهي ته ’مان‘ بي معنيٰ/ خسيس شيءِ آهي. انهيءَ ’تون‘ کي شاعرن جيئن ڪتب آندو آهي، جيڪڏهن شاعريءَ جو پاڙهو پرکي ته اهو ايترن انوکن اسرارن کي سمجھي سگھي ٿو، جيڪي ڪڏهن هُن سوچيا به نه هوندا.

انـڌيـري ۾ جيئن موتـي ٿـا چـمـڪـن،

چمڪ اهڙي ئي شعرن منجهه رکجانءِ.

اهڙي چمڪ شعرن ۾ تڏهن ايندو، جڏهن شعر رڳو مشق نه پر تغزل ۽ جذبن/خيالن/ ۽ اڻ ڇهيل احساسن جي اڻ لکي اپٽار سان ڀريل هوندو.

هي منهنجا شعر گڏ مون سان هجن گل،

سـنـڀـالـي سـنـڀـالي هـي رکـجـو ڪـفن ۾.

توڻي جو شاعر بخوبي ڄاڻي ٿو ته ’ڪفن کي کيسا نه هوندا آهن‘ ۽ شعر ته عوامي امانت آهي، ان کي دوام آهي، اُهو خاڪي بُت وانگر فنا نه ٿيڻو آهي، اُن جو هجڻ  شاعر جي جسماني هجڻ جھڙو ناهي. اُهو شاعر سان دفن ٿيڻ بدران، عوام ۾ پيو پڙهبو. بقول غلام نبي گل جي:

مان نه هوندي به ڄڻ ته هوندس مان،

ڪا ڪـهـاڻي ڪـا شـاعـري پـڙهبي.

اها آشا هر ڪويسر جي روح جي ڪُنڊ ڪُنڊ ۾ هوندي ته سندس ڏات، رهندي جھان تائين رهي ۽ ڪڏهن به  مات نه کائي. اُن جا ٻُــڌڻ/  سمجھڻ وارا حلقا هجن ۽ کوکلي ساراهه جو زهر ڏئي، شاعراڻي حسن کي تباهه ڪندڙ نه هجن.

خوامخوا هر شعر تي آ واهه وا،

شاعري بـهـتـر ٻُـڌڻ وارو هجي.

جن جي اندر ۾ انصاف زندهه آهي، سچ ته ڪوتا ــ ڪامڻيءَ کي بهتر ٻڌڻ/پرکڻ وارا اُهي ئي ڄاڻو پڙهندڙ آهن. ڇو جو بقول غلام نبي گل جي:

ڄاڻ ليکڪ کي ڀي نه آ هوندي،

ڇـا لـکـيـو ٿـس ۽ ڇا اڃا لکندو!

اڄ، جڏهن هر ننڍو وڏو شاعر غزل تي طبع آزمائي پيو ڪري، تڏهن ايترن غزل گو شاعرن جي گھڻائيءَ ۾، پاڻ کي منفرد رکڻ، هر شاعر لاءِ هڪ گنڀير مسئلو آهي ئي آهي. سڄي سنڌ کي ڇڏي ڪري، رڳو لاڙڪاڻي شهر جي غزليه شاعرن جي نئين پراڻي کيپ ڏانهن ئي ڏسبو ته واجد ناز/سعيد ميمڻ/ وشال/جواد جعفري کان وٺي، رضا بخاري/ساجد سنڌي/پنهل/نويد ناز تائين، ڪيترائي انوکا ۽ پنهنجي پنهنجي رنگ ڍنگ وارا ڪلاڪار موجود آهن، اُتي غلام نبي گل کي بيحد خبرداريءَ ۽ ذميداريءَ سان پنهنجي غزل کي، روايتن ۽ همعصرن جي اثرن کان بچائي هلڻو پوندو ته جيئن هڪ دؤر کان ٻئي دؤر پهچڻ باوجود به هُو پنهنجي الڳ ۽ نظر ايندڙ سڃاڻپ برقرار رکي. خدا کيس طويل عمر ۽ صحت بخشي جو هُو سنڌي  ادب ۾ اهڙين نادر سٽن جي واڌاري جو سبب بڻيل رهي.

نـظـر تـنهنجي غصي ۾ جيئن اُٿي آ،

اسان جي دل چِـدي وانگر چُـٽـي آ.

 

ڏسندي ڏسندي رنگ انڊلٺ جا اکين ۾،

ڪيـتـرا رنگن جي راهن ۾ رُلي پيا!

 

آ هڪڙو خواب ننڊ ــ ڇاڻيءَ ۾ اتريو،

ڇـڻـي ويندو اُهـو ، هـر خـواب وانگـر!

 

ڪجل پائڻ اکين ڀورين جو حق آ،

اکين ڪارين ڪجـل ڇالاءِ پـاتـو؟

 

اڄ عالـم بـرزخ ۾ هــلـچـل ڏسـڻ ۾ آئـي،

سڀ روح گڏجي آيل نئين روح سان ملن پيا.

 

مٿيان شعر پڙهي، دل بي اختيار جديد شاعريءَ جي غزل کي دادُ ڏئي ٿي. نه لفظن جي اجائي ڊيگھه، نه ٻوليءَ جو بگاڙ، نه ئي وري ڪو مونجھارو بنهه سادگيءَ ۽ عجب معصوميت سان روح جي ريتيءَ تي وڏڦڙي جھڙو احساس رکي ٿا وڃن. ڪجل پاتل ڀورين ۽ ڪارين اکين جو تفاوت، ڪيترو نه آسان طريقي سان سمجھه ۾ اچي ٿو جو ٻئي رنگ رتيون اکيون اڳيان ٿيون اچي وڃن. ’ننڊ ــ ڇاڻيءَ‘ جي مرڪب لفظ واري ترڪيب کي ساراهجي يا تخيل جي اڏار ڏانهن ڏسجي يا خواب ڇڻڻ واري الميي تي ماٺ سوچجي؟ غصيلي نگاهه جي کڄڻ کي، دل جي چِدي چُٽڻ جي تشبيهه غلام نبي گل جي تخليق جي بلند پرواز ئي آهي.

روشنيءَ جا ته رنگ ست آهن،

تنهنجي رنگن جو ناهه اندازو.

غلام نبي گل جي رنگن ڪو به اندازو/ انت ڪونهي. هر ست رنگي روشنيءَ جو اندازو ڪرڻ ان ڪري به آسان ناهي هوندو جو هر رنگ ۾ انيڪ ٻيا رنگ هوندا آهن ۽ سڀني رنگن تائين اڪيلي اک جو پهچڻ ناممڪن خواب آهي ئي آهي. ڪجهه رنگ مون ڳوليا نه ڳوليا آهن. باقي رنگ پڙهندڙ جي دل جي نيڻن جي دستڪ چاهين ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com