سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2۽3/ 2017ع

باب:

صفحو:20 

سيد عادل عباس رضوي

 

 

 

 

 

سنڌي زبان جو پهريون

سفرنامو عرف زيارت نامو

 

 

زندگي خود اهڙو پُرپيچ ۽ اڙانگو سفر آهي، جنهن ۾ انسان کي هر موڙ تي ڪنهن نه ڪنهن راهبر ۽ راهنما جي ضرورت شدت سان محسوس ٿيندي رهي ٿي ڇو جو ان جي راهنمائيءَ کان سواءِ زندگيءَ جي سفر وارين پيچيدگين ۾ اضافو ۽ مونجهارو پيدا ٿيڻ هڪ فطري عمل آهي. اهوئي سبب آهي جو ادبي صنفن مان انسان جي عام زندگيءَ ۾ سفرنامي جي اهميت ۽ افاديت ٻين ادبي صنفن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه وڌيڪ اهم رهي ٿي ڇو ته سفرنامن مان هڪ ته نت نئين معلومات حاصل ٿئي ٿي ته ٻئي طرف سفرناما هڪ راهبر ۽ راهنما جي حيثيت پڻ رکن ٿا ۽ اهي ئي سفرناما وري منظوم شاعري واري انداز ۾ لکيل هجن ته انهن جي اهميت اڃا به وڌي وڃي ٿي، ان ڪري جو شاعري انساني روح ۽ دلين کي ڇهندڙ صنف آهي ۽ مٿان وري اهو سفر اگر ديار مقدس جو هجي ته ان جي حيثيت سڀني کان مٿانهين بڻجي وڃي ٿي.

باقاعده سنڌي مرثين جي باني سيد ثابت علي شاهه ڪربلائيرحه جي شخصيت ڪنهن به تعارف جي محتاج نه آهي. مرثيي کان علاوه پاڻ شاعريءَ جي سمورين صنفن تي ڀرپور طبع آزمائي ڪئي اٿس. سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي رحه پاران منظوم شاعريءَ ۾ ”زيارت نامو“ جي عنوان سان لکيل سنڌي ٻوليءَ جو پهريون منظوم سفرنامو 1208هه بمطابق 1793ع جو لکيل آهي، جڏهن پاڻ شاهه بندر کان سامونڊي سفر ذريعي ڪربلا معليٰ ۽ عراق جي ٻين مقدس جاين جي زيارتن جو شرف حاصل ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو. سندس هيءُ مقدس سفر 14 شعبان 1208هه بمطابق 1793ع تي شروع ٿي، 1209هه بطابق 1794ع تي پنهنجي وطن پهچي ختم ٿيو. سيد ثابت علي شاهه ڪربلائيرحه پنهنجي سفر جي روئداد کي پيرائتي نموني منظوم شاعريءَ ۾ قلمبند ڪري، ان کي ”زيارت نامي“ جو نالو ڏنو. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته سنڌي زبان ۾ ديارِ مقدس جي سفر بابت سيد ثابت علي شاهه جو منظوم سفرنامو نثر کان به اڳ لکيل سنڌي زبان جي سفرنامن ۾ هيءُ پهريون سفرنامو آهي، جنهن جي باري ۾ ناميارو اديب نصيرمرزا روزانه ڪاوش اخبار جي هڪ ڪالم ۾ لکي ٿو ته: ”سنڌي ٻوليءَ ۾ سڀ کان پهرئين نثر ۾ لکيل ڪربلا مُعليٰ جي ڪنهن سفرنامي کان خير آئون اڃا تائين ته آگاهه ڪو نه ٿيو آهيان ها البته اهو اعتماد سان چئي سگهان ٿو ته ”نظم“ جي صورت ۾ ڪربلا مُعليٰ جو پهريون ”زيارت نامو“ سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي 1794ع ۾ اتان جي زيارتن دوران قلمبند ڪيو هو جيڪو سندس ڪُليات ۾ ٻئي ڪلام سان گڏ شايع ٿيل آهي. ”ڪليات سيد ثابت علي شاهه ڪربلائيرحه“ ته تمام پوءِ شايع ٿيو آهي. ان کان گهڻو اڳ ”زيارت نامو“ جي نالي سان هيءُ سفر نامو 1942ع ۾ مرحوم ميوه خان ڪيريو جوائنٽ سيڪريٽري انجمن اماميه سنڌ، سيٺ حاجي امام بخش صدر جماعت اثنا عشريه ميرپور بٺورو پاران ڇپائي پڌرو ڪيو هو جيڪو 126 صفحن تي مشتمل هو. هن وقت وري نظير حيات سيوهاڻي صاحب ان سفرنامي کي نئين سر مرتب ڪري ان ۾ سيوهڻ ۾ قديم بياضن مان ڪجهه کُٽل بند پڻ ڳولهي، ان ۾ شامل ڪيا اٿس جيڪي اڳ ۾ شايع ٿيل سفرنامي ۾ موجود نه هئا. نظير حيات سيوهاڻي صاحب هن ”زيارت نامو“ جي ترتيب ۾ گهڻي محنت، تحقيق ۽ جستجو ڪئي آهي.

هيءُ ڪتاب سيد ثابت شاهه ڪربلائي اڪيڊمي حيدرآباد پاران پروفيسر سيد اعجاز علي شاهه رضوي صاحب نئين سر ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي جيڪو سنڌ جي سمورن وڏن بُڪ اسٽالن تي موجود آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org