سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2۽3/ 2017ع

باب:

صفحو:4 

ڊاڪٽر ممتازِ ڀٽو

 

 

 

 

سنڌ ۾ ترخان قبيلي جي حڪومت

 

مرزا شاهه حسن بي اولاد هو هن جي وفات کان اڳ ۾ سندس ويجهن ساٿين سنڌ کي ربيع الاول (962هه/1555ع) ٻن حصن ۾ ورهائي مالڪ ٿي ويٺا هئا. هن جي وفات کان پوءِ سمنڊ کان وٺي لڪيءَ تائين سنڌ جو پرڳڻو مرزا عيسيٰ جي هٿ آيو جيڪو پاٽ ۽ درٻيلي تائين هو. سندس گاديءَ جو هنڌ ٺٽو بڻيو. جمادي الاول- 962هه-1555ع سيوهڻ کان اوٻاوڙو تائين يعني اتريئين ڇيڙي تائين وارو حصو مير سلطان محمود بن مير فضل ڪوڪلتاش کي مليو جنهن بکر کي پنهنجي گادي بڻايو.[1]

مرزا عيسيٰ ترخان:

مرزا عيسيٰ ترخان ننڍپڻ کان شاهه بيگ جو پاليل هو. سندس شجرو هن ريت آهي، مرزا عيسيٰ بن عبدالعلي بن عبدالخالق، هي شنڪل بيگ ترخان جي نسل مان هو. شنڪل بيگ جو والد جنهن جو نالو ايڪو تمر هو هڪ بهادر هو ۽ امير تيمور جو حمايتي هو. هڪ جنگ ۾ امير تيمور پاران وڙهندي شهيد ٿي ويو. امير تيمور هن جي پٽ شنڪل بيگ جي پرورش ڪئي ۽ هڪ خاص اعزازي لقب ”ترخان“ سان نوازيائين اهو ترخانن جو قبيلو ارغون قبيلو ئي هو، پر مٿئين لقب کان پوءِ ٻيو قبيلو ”ترخان“ سڏائڻ لڳو.

مرزا عيسيٰ ترخان ارغون حڪمران شاهه حسن جي وڏن اميرن جي لسٽ ۾ داخل هو. تاريخ طاهري مطابق ته مرزا عيسيٰ شاهه حسن جي درٻار ۾ ننڍي درجي وارو ملازم رهندو ٿي آيو. هيءَ ڏاڍو محنتي نيڪ ۽ زماني شناس هو ۽ ڏاڍي محنت کان پوءِ هُو ان مقام تي پهتو هو. پر جيئن ته هو مورثي طرح حاڪم نه هو انڪري ناڪام ٿيو سندس انتظامي حالت اها هئي جو جيڪڏهن اتفاق سان ڪنهن ماڻهوءَ کان ڪا سزا جوڳي خطا سرزده ٿيندي هئي. (ارغون خاندان) ته ان تي ڪو قدم نه کڻندو هو. ناميارا ارغون جهڙوڪ ڪيبڪ فرخ، قاسم ۽ تيمور شراب ۾ بدست ٿي سندس حويليءَ تي گهوڙا چاڙهي نچندا ڪڏندا هئا ۽ شاهه بيگ جو خزانو گهرندا هئا ۽ کيس هر طرح سان هيسائيندا هئا. هُو صبر کان ڪم وٺندي کين دلداريون ڏيندو هو ته مون کي خزاني جي ڪا ضرورت ناهي جيڪڏهن مان اهو خزانو اوهان ۾ ورهائي ڇڏيان ته هرڪو عيش عشرت ۾ اُڏائي ڇڏيندو پوءِ ملڪ ڪيئن هلندو[1]. اسان ڌارئي ملڪ ۾ آهيون اسان لاءِ خزانو ضروري آهي جو ڏکئي وقت ڪم اچي.[2]

ارغونن هن کي ايڏو ته ڪنبائي ڇڏيو هو جو جيڪڏهن ڪنهن اعلان لاءِ شهر ۾ پڙهو گهمرائيندو هو ته حاڪم (پاڻ) سان گڏ سندن نالا به ورتا ويندا هئا جيئن وري ڪو آزار کڙو نه ڪن.

مرزا عيسيٰ ترخان کي چار پٽ هئا، مرزا محمد باقي، مرزا محمد صالح، مرزا جان بابا ۽ مرزا ابراهيم، پنجون پٽ به هوس[1] جيڪو ننڍي هوندي ئي گذاري ويو هو. هن جا پٽ ڏاڍا بهادر هئا. هُو پنهنجن پٽن ۽ ٻين وفادار ساٿين هرهڪ ملابهبود، شيرنگ خان، ملا صالح فتح خان ۽ ٻين ماڻهن جي سرداري هيٺ پاڻ کي منظم ڪيو پنهنجي حويليءَ جي چوگرد هڪ ننڍڙو قلعو اَڏايو ۽ پٽن کي پنهنجي ڀرسان رهايائين. مرزا عيسيٰ جا پير هينئر پختا ٿيڻ لڳا. ارغون سندس پٽن ۽ ساٿين جي رعب تاب کان مرغوب ٿيندا ويا ۽ هيءُ آرام سان حڪومت هلائڻ لڳو[2].

گهرو دشمني:

عيسيٰ جا پٽ هينئر جوان هئا، جيڪي حڪومت ۾ اچي پاڻ کي طاقتور سمجهڻ لڳا ۽ حڪومت جي هر ڪم ۾ دخل ڏيڻ لڳا جنهنڪري مرزا باقي ۽ مرزا صالح ۾ مخالفت پيدا ٿي پيئي، مرزا صالح دلير ۽ بهادر شخص هو، مريد ڪوڪه بن مراد ڪوڪه ۽ مرزا ڪامران جا ڪوڪه هن وٽ رهندا هئا[1]. جان بابا مرزا عيسيٰ کي ڏاڍو پيارو هو، پر ٻيا پٽ به کيس پيارا هئا، هُو پٽن جي جهيڙي ۾ مرزا صاحب جو طرفدار ٿي بيٺو. سنه 967هه/1559ع ۾ مرزا عيسيٰ جي ٻن پٽن مرزا باقي ۽ مرزا صالح ۾ جيڪو اختلاف شروع ٿيو تنهن ۾ مرزا عيسيٰ پنهنجن ٻين پٽن سان پيار هجڻ جي باوجود به پنهنجي پٽ مرزا صالح جو طرفدار ٿيو.

تاريخ طاهري مطابق مرزا صالح پيءُ جي پيار جو ناجائز فائدو وٺندي کيس ڪنڊ ۾ ويهاري هٿ ڌوئي حڪومت جي پٺيان پيو ۽ ڀائرن ۾ وڏو ڏڦيڙ وڌو. هن پنهنجي ننڍي ڀاءُ غالب کي پنهنجي نگرانيءَ ۾ رکيو ۽ مرزا باقي ۽ جان بابا کي بي دخل ڪري ملڪ بدر ڪيو، مرزا باقي پنهنجن ڪجهه دوستن ۽ ارغون مائٽن سان گڏ واگهه ڪوٽ جي سوڍن وٽ هليو ويو. سيدي علي مطابق اهو شهر سنڌ جي سرحد وارو شهر هو. [1]

جان بابا جنهن سان مرزا عيسيٰ خان ڏاڍو پيار ڪندو هو پنهنجن ناناڻن (سميجا) ڏانهن هليو ويو. مرزا باقي ڀائرن مان جند ڇڏائي پنهنجي مرضيءَ سان حڪومت هلائڻ لڳو.

جان بابا پنهنجن ناناڻن ۾ عزت سان رهڻ لڳو سميجن کيس پاڻ وٽان پرڻايو ۽ سندس وس آهر خدمت ڪئي کيس هڪ پٽ ڄائو جنهن جو نالو عيسيٰ ثاني رکيو ويو.

هوڏانهن مرزا باقي پنهنجن چند دوستن سان عمرڪوٽ ۽ آسي پاسي دربدري واري زندگي گذارڻ لڳو. هُو بک ۾ بدحال هوندا هئا کين کائڻ لاءِ به ڪجهه نه هو گند جي ڍيرن تان پاروٿو کاڌو ڳولهيندا هئا. هڪ دفعي ڪنهن جي ٻڪري چورائي ڪُهي کاڌائون. ٻڪريءَ جو مالڪ ڪڇ جي حاڪم کنگهارام وٽ پهتو هي گرفتار ٿي حاڪم اڳيان حاضر ٿيو. کنگهارام هن کي سڃاتو هن جا بڇڙا حال ڏسي کيس ڏاڍو افسوس ٿيو. هن کي عزت سان وٺي اچي پاڻ وٽ رهايو ۽ سندس مدد پڻ ڪندو رهيو. هو هت عزت واري زندگي گذارڻ لڳو. جاڙيجي قوم جي هڪ معزز شخص صاحب سهي، پنهنجي نياڻي ٻائي جاڙيجي مرزا باقي کي نڪاح ڪري ڏني جنهن مان کيس هڪ فرزند مرزا مظفر ٿيو. مرزا باقي پنهنجي وراثت حاصل ڪرڻ لاءِ جتن ڪرڻ لڳو هو هر حال ۾ مرزا صالح کان تخت حاصل ڪرڻ لاءِ تياريون ڪرڻ لڳو.

مرزا باقي پنهنجي سهري جي مدد سان سمن راجپوتن جو لشڪر تيار ڪري سنڌ روانو ٿيو. جيئن بدين ۽ چاچڪن وارا علائقا مرزا باقي جي تسلط کان آجا ڪرائي حاصل ڪجن، پرکين ڪاميابي حاصل نه ٿي. ڪجهه وقت کان پوءِ هي وري لشڪر ساڻ ڪري جوڻ رستي سنڌ ۾ داخل ٿيو. مرزا صالح مقابلي لاءِ ٺٽي مان مغلن جو لشڪر تيار ڪرآيو جنهن ۾ سندس پيءُ مرزا عيسيٰ جي ماڻهن سميت سنڌ مان هن جا ٻيا ساٿي به شامل هئا. ٻئي لشڪر آمهون سامهون ٿيا. راجپوت لشڪر ريت مطابق گهوڙن تان لهي پنهنجن سندرن جا پلاند هڪ ٻئي سان ٻڌي جنگ ۾ ٽپيا. هوڏانهن مغلن توپن سان حملو ڪيو. مرزا باقي جي لشڪر کي وڏو نقصان پهتو ۽ هي لاچار ٿي جاڙيجن سان ميدان مان سِر بچائي نڪري ويو. آخر ڪجهه وقت کان پوءِ هن سهري کي آفرين ڏيندي کيس گذارش ڪئي ته هو هاڻي اڪيلو سلطان محمود خان وٽان مدد وٺندو ۽ مرزا صالح جو مقابلو ڪندو ائين چئي هُو بکر روانو ٿيو. هينئر هُو به سياست ۽ دشمني جا گُر سمجهي ويو هُو سندس خون ۾ هينئر انتقام جي باه ڀڙڪي رهي هئي هو هر داءَ پيچ کان واقف ٿي چڪو هو.

بکر ۾ اچي سلطان محمود سان مليو ۽ هن کي جنگ ۾ حصو وٺڻ تي زور ڀريو. هن کيس چيو ته تنهنجي پيءُ مرزا عيسيٰ ۾ سندس وچ ۾ هڪ ٻئي جي علائقي تي چڙهائي نه ڪرڻ جو معاهدو ٿيل آهي جنهن موجب آءٌ تنهنجي ڪا به مدد ڪري نٿو سگهان. ان وچ ۾ مرزا صالح بلوچن هٿان مارجي ويو ڇاڪاڻ ته مرزا بلوچن جا گهڻا ماڻهو بي ڏوهي ماريا هئا. مرزا صالح جو قتل ڳجهو رکيو ويو.

سلطان محمود مرزا باقي کي عزت ڏيندي کيس هڪ سال لاءِ سکر شهر جو نگران مقرر ڪيو ۽ سندس هر عمل تي نظر رکي. تاريخ معصومي مطابق ته مرزا باقي ان ڪوشش ۾ هو ته ڪهڙي به طرح هُو هندستان وڃي، سلطان محمود هن کي هندستان وڃڻ جي اجازت ڪا نه پئي ڏني ڇاڪاڻ ته هن کي اهو خوف هو ته هُو اتان مدد وٺي سنڌ تي لشڪرڪشي ڪندو. تاريخ طاهري مطابق ته سلطان محمود مرزا باقي کي جنگ کان جواب ڏنو، پر کيس اهو چيو ته ٿورو انتظار ڪر حالتن جي ٺيڪ ٿيڻ تي آءُ توکي اڪبر بادشاهه جي درٻار ڏانهن اماڻيندس خدا ڪندو ته سڻائي ٿي پوندي تون پاڻهي ڏسندين ته ڇا ٿو ٿئي.

مرزا صالح جو قتل:

جلد ئي مرزا باقي کي مرزا صالح جي قتل جي خبر ملي سندس ڀيڻ هن ڏانهن هڪ قاصد اماڻيو جنهن هٿان مرزا صالح جو رت لڳل چولو ڏياري موڪليو ۽ کيس مرزا صالح جي قتل واري ڳالهه به لکي موڪلي ته بلوچ قوم مان مريد جت نالي هڪ شخص پنهنجي مائٽن جي خون جو بدلو وٺڻ لاءِ جن کي مرزا صالح ٺٽي ۾ ڦِري قتل ڪيو هو ۽ ڪن کي قيد ڪيو هو. هو انهن جي قتل جو قسم کڻي وڏي واڪي چوندو هو ته جيستائين  مرزا صالح کي ديوان خاني جي در وٽ ماڻهن جي ميڙ ۾ قتل نه ڪيو اٿم تيستائين پڳ ڪونه ٻڌندس. ماڻهو هن کي چريو سمجهندا هئا، پر آخر هن پنهنجو وعدو پورو ڪيو. هڪ دفعي مرزا صالح جيئن ديوان خاني وٽان گهوڙي تي سوار ٿي محل ڏانهن وڃڻ لڳو ته مريد وجهه وٺي انصاف انصاف ڪندو هن ڏانهن ڀڳو. مرزا صالح جي چوبدارن هن کان ڪاغذ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ضد ڪري مرزا صالح وٽ ويو ۽ خنجر جو وار ڪري کيس ماري وڌو. چوبدارن هن کي به اتي ئي قتل ڪري ڇڏيو. هينئر مرزا عيسيٰ مرزا باقي کي واپس ٺٽي گهرائڻ لاءِ مرزا محمود کي لکي موڪليو ته مرزا باقي کي مزيد دربدر نه ڪيو وڃي ۽ کيس ٺٽي موڪليو وڃي. هن مرزا باقي کي به لکيو ته تنهنجو بگهڙ جهڙو ڀاءُ انهيءَ کوه ۾ وڃي ڪريو جيڪو هن ٻين جي لاءِ کوٽيو هو. هن وقت تو سڀاڳي پٽ جو دور آهي. مرزا باقي جا ڄڻ صدين جا سور لهي ويا. محمود خان هن کي تحفا تحائف سان نوازي بکر جي سرحد تان ٽپائي وٺي شان سان سندس پيءُ جي حوالي ڪيو. تاريخ معصومي مطابق ته سلطان محمود خان، مرزا عيسيٰ کان مرزا باقيءَ جي خطائن جي معافي گهري. هن مرزا عيسيٰ ڏانهن اها معافيءَ جي درخواست موڪلي ۽ وچ ۾ شيخ عبدالوهاب پوراني کي وڌو، مرزا عيسيٰ پنهنجي ڀاڻيجي مير يار محمد خان کي ايلچي مقرر ڪيو. سلطان محمود بادشاهي جو ضروري انتظام ڪري سلطان باقي کي ٺٽي موڪليو جنهن پيءُ سان ملاقات ڪئي، ۽ معافي گهري. مرزا عيسيٰ هن کي سيوستان جي جاگير عطا ڪئي ۽ کيس اتي رهڻ جي اجازت ڏني، تاريخ طاهري مطابق ته مرزا باقي پيءُ جي هوندي پاڻ حڪومت ۾ اهڙو هٿ وڌو جو ڄڻ ملڪ جو دارو مدار ئي مٿس هو. هر ڪنهن کي پنهنجي سياڻپ سان پنهنجو ڪندو ويو، پر ارغون جيڪي پاڻ کي مرزا شاه حسن جو وارث سمجهندا هئا ۽ خزاني مان حصو گهرندا هئا مرزا باقيءَ کان به ساڳيو مطالبو ڪندا رهيا، پر هي هنن کي ٽاريندو رهيو.

ارغونن جو حشر

مرزا باقي جيئن پيءُ جو جانشين بڻيو ته ارغونن هن کان به خزانو گهرڻ شروع ڪيو. مرزا باقي بظاهر ته هنن سان همدردي پئي ڪئي، پر اندران هنن جو خاتمو آڻڻ پئي چاهيو. ارغون پاڻ ۾ گڏجي چڪا هئا ۽ هن تي ڏاڍو زور وڌائون. مرزا باقي جيئن ته پنهنجن ساٿين سان هنن جي خاتمي جو پروگرام رٿي چڪو هو جنهن تحت ارغونن کي محل ۾ اچي خزانو کڻڻ لاءِ چيو. پروگرام موجب سڀ نامور طاقتور ارغون پهتا خزاني جون پيتيون هنن اڳيان رکيون ويون جيئن پيتيون کوليائون انهن مان هٿيارن سان ماڻهو نڪتا ۽ جيڪي ارغون هئا انهن جو ڪوس ڪيائون ڪجهه ارغون بچي اتان ڀڳا. اڳتي هلي بچيل ارغونن جو اهو حال ٿيو جو نه کين ڪجهه کائڻ پيئڻ لاءِ هو نه ڪو گهر گهاٽ شهر ڇڏي جهنگ ۾ شڪار ڪندا هئا ۽ پيٽ پاليندا هئا. سندن ٻار ٻچا هڪ پاسي ته پاڻ ٻئي پاسي رلي پِني حياتيءَ جا ڏينهن پورا ڪرڻ لڳا[1]

مرزا باقي جي بکر ڏانهن چڙهائي:

سيوستان ۾ مرزا باقي سان گڏ هن جا ڪجهه ساٿي ارغون به گڏ هئا جن جي صحبت ۾ هو هميشه ويڙهه ۽ ڪروڌ ۾ وڪوڙيل هوندو هو. ارغون ڏاڍا ويڙهاڪ هئا ۽ ترخانن جا دشمن هت به پهچي ڪجهه ئي وقت اندر مرزا عيسيٰ سان سرڪشي ۽ بغاوت شروع ڪري ڏني ۽ جنگ لاءِ تيار ٿي بيٺا. مرزا عيسيٰ وڏي دليري سان هنن جي جنگ کي روڪيو (معصومي ان جنگ جو سال 1565ع 973هه ٻڌايو آهي) ارغون صلح خوشيءَ جا دهل وڄائيندا جڏهن درياهه لنگهي رهيا هئا تڏهن مرزا عيسيٰ جي ماڻهن هنن مٿان آتشبازي شروع ڪئي ۽ هڪ وڏو تعداد مرزا باقيءَ جي ماڻهن جو مارجي ويو. ارغون اتان بکر ڏانهن ڀڄي ويا ۽ سلطان محمود وٽ پهتا کيس سڄي ماجرا ٻڌايائون، سلطان محمود هنن تي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ هنن کي قيد ڪيو، پر پنهنجي والده جي چوڻ تي (جيڪا سياست جا داءُ پيچ ڄاڻيندي هئي) کين قيد مان آزاد ڪيو ۽ هرهڪ کي گهوڙو ۽ ترار سان نوازيو ۽ کين واپس (سيوستان) موڪليو ۽ پنهنجا به ڪجهه ماڻهو هنن سان گڏ موڪليا. هنن اچي سيوستان جي قلعي جو محاصرو ڪيو جيڪو ڪافي وقت هليو. هوڏانهن پاڻي جي اُٿل سبب سيوستان ۾ ٻوڏ آئي، مرزا عيسيٰ ان وقت هنن تي حملو ڪري کين شهر نيڪالي ڏني. رفيان Rafian وٽ ٻئي لشڪر آمهون سامهون ٿيا جنهن ۾ سلطان محمود جا گهڻا سپاهي مارجي ويا. درٻيلي ۾ ٻئي لشڪر قلعا تعمير ڪرائي ويهي رهيا ۽ جنگ جاري رهي. نيٺ ماهه بيگم شيخ عبدالوهاب پوراني کي ٺاهه لاءِ درخواست ڏني ۽ صلح ڪرائي، سلطان محمود بکر روانو ٿيو ۽ مرزا عيسيٰ ٺٽي پهتو. مرزا عيسيٰ پنهنجي طبعي موت مرڻ کان اڳ ۾ مرزا عيسيٰ پنهنجي ننڍي پٽ جان بابا کي پنهنجو ولي عهد بڻائڻ پئي چاهيو، پر سندس بيگم انڪار ڪيو ۽ مرزا باقي جي سفارش ڪيائين جيڪو سڀني ڀائرن ۾ هينئر وڏو هو. مرزا عيسيٰ انڪار ڪيو ۽ چيائين ته هُو ڏاڍو ظالم ماڻهو آهي جيڪو خلق تي ظلم ڪندو ۽ تون پاڻ به هن جي هٿان مارجي ويندينءَ. مرزا عيسيٰ ارڙهن ورهيه حڪومت ڪري سنه 73- 1572ع 980هه ۾ وفات ڪئي. هن جي وفات کي ماهه بيگم ملڪي مصلحت خاطر ڳجهو رکيو ۽ مرزا باقي کي تخت تي ويهاري انهيءَ ڏينهن مرزا عيسيٰ کي مڪلي جي قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو. مرزا باقي تحت تي ويهڻ سان ظالم جي بازار ٻاري ڏني ۽ جيڪي ڪجهه مرزا عيسيٰ چيو هو اڳتي هلي اهو سچ ثابت ٿيو. حڪومت جي اختيار جي واڳ هن ارغوني اميرن مير ڪوچڪ مرزا قاسم وغيره جي حوالي ڪري ڇڏي جيڪي ڏاڍا ظالم ۽ بيرواهه هئا ماڻهن جو قتل ۽ مال ڦرڻ سندن حڪم ۾ شامل هو. حڪومت جو نه پر وحشت ۽ دهشت جو دور شروع ٿي ويو هو. سنڌ جا اصلي رهواسي ته هنن جي شر کان بچيل نه هئا، پر سندن خاندان جا ارغون به هنن جي ظلم کان بچيل نه هئا جيڪي ڪنهن به طريقي بکر وڃي پهتا. سلطان محمود لشڪر ساڻ ڪري مرزا باقيءَ کي سندن ظلمن خلاف جنگ جوٽڻ لاءِ روانو ٿيو ۽ نصرپور جي قلعي جو گهيراءُ ڪيو اتي هن کي مشهور ديني شخصيت شيخ فريد جي پاڪ پتڻ پهچڻ جو اطلاع مليو جنهن تي هي گهيراءُ ختم ڪري بزرگ جي ملاقات لاءِ واپس وريو. [2]

يورپ جا پورچوگيز:

اڇي چمڙيءَ مان پورچوگيز پهرين قوم هئي جنهن هندستان جي سمنڊن تي قبضو ڪيو ۽ ڦرلٽ کي پنهنجو پيشو بڻايو. 1453ع ۾ جڏهن سلطنت عثمانيه جي ترڪن قسطنطنيہ تي قبصو ڪيو جنهنڪري سمنڊ رستي وينس ۽ جينيوا جي يورپي واپارين جو واپار متاثر ٿيو جيڪي مصر ۽ شام رستي ٿيندو هو. اهي تجارتي رستا بند ٿيڻ کان پوءِ يورپي قومن سمنڊن رستي هندستان پهچڻ لاءِ جاکوڙ شروع ڪئي. مولانا شيدائي مشهور عالم قطب الدين نهرائي جي ڪتاب ”البرق اليماني في الفتح العثماني“ جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته پورچوگيزن جي هڪ اميرالجرا واسڪوڊيگاما آفريڪا جي چوگرد ڦري هندستان جي الهندي ڪناري ڪالڪيٽ پهتو جنهن کي هڪ عرب اميرالبحر احمد بن ماجد جيڪو سمنڊن مان واقف هو، نشي جي حالت ۾ واسڪو ڊيگاما کي هندستان جو رستو ڏيکاريو. ٿي سگهي ٿو هن کي دوکي سان پيئاريو ويو هجي . م .ڀ)

پهريون ايراني نار ۽ هندي وڏي سمنڊ جو واپار عرب جهاز رانن جي قبضي ۾ هو پر هينئر هر طرف سڀ ايشيا جا سامونڊي رستا پورچوگيزن قبضي هيٺ آندا هئا. انهن ڏينهن ۾ مصر تي مملوڪ سلطانن جي حڪومت هئي جن گجرات ۽ بيجاپور سان گڏجي هڪ وڏي ٻيڙيءَ سان پورچوگيزن سان مقابلو ڪيو، پر هنن شڪست کاڌي ۽ پورچوگيزن جو حوصلو اڃا وڌيو. هنن هندستان جي الهندي ڪناري واري شهر ”گوٽا“ کي پنهنجو تختگاهه بڻايو.

فرنگين جي ٺٽي تي چڙهائي، شهر ساڙڻ ۽ ڦُرلُٽ مچائڻ:

مرزا باقي پنهنجي پيءُ جي آيل (ماتحتي) ۾ پنهنجون پاڙون پختيون ڪري ويو، کيس چڱي مٺي جي حال ۽ چال جي پوري پروڙ هئي. دل ۾ سوچ ڪيائين ته ڇو نه هن پوڙهي شينهن (مرزا عيسيٰ) جي جيئري ئي محمود خان سان سرحدن جو نبيرو ڪيو وڃي، متان سڀاڻي سندس فوت ٿيڻ کان پوءِ ارغون وجهه وٺي محمود خان سان ملي ملڪ ۾ ڪو مهيلوڙ نه مچائي وجهن! نيٺ سندس صلاح سان مرزا عيسيٰ پنهنجي عمر جي پڇاڙيءَ 973هه ۾ مرزا باقيءَ سان گڏجي بکر روانو ٿيو. هي ٻئي جڏهن درٻيلي پرڳڻي ۾ پهتا ته محمود خان خبر ملڻ تي بکر واري قلعي کي سوگهو ڪري، پنهنجو لشڪر هنن ڏانهن چاڙهي موڪليو. کين چوايائين ته اوهان آخر ڪهڙي نيت سان معاهدو ٽوڙي هيڏانهن چڙهائي ڪري آيا آهيو؟ مرزا باقيءَ جو ارادو هو، ته درٻيلي وارو پرڳڻو، بکر سرڪار کان کسي، سيوهڻ جي سرڪار ۾ شامل ڪيو وڃي؛ پر ائين ٿيڻ مشڪل هو، ڇو ته هن پاسي محمود خان جو لشڪر وڌيڪ طاقتور هو. نيٺ ٻئي ڌريون جنگ لاءِ تيار ٿي ويون.

اوچتي هنن کي خبر ملي، ته فرنگي لاهري بندر ٽپي ٺٽي پهتا آهن[3]، اوهان کي جلد واپس اچڻ کپي. جيڪڏهن نه ته حريف زور آهي، پاڻ اچي ساڻس منهن ڏيو. اها خبر ٻڌي هي اڳتي ڪونه وڌيا ۽ سرحد جو جهڳڙو ڇڏي، هڪدم پويان پير ڪيائون. هنن جي پهچڻ کان اڳ فرنگين سڄي شهر کي لُٽي ڦري، باهيون ڏئي ڪيئي ماڻهو قتل ڪري ڇڏيا، ڪيترا شهري ڀڄي وڃي مير فرخ ارغون جي جامع مسجد ۾ لڪي ويهي رهيا، جڏهن مرزا جي اچڻ جي خبر ٻڌائون تڏهن ٻاهر آيا.

فرنگين جي اچڻ جو واقعو هن ريت هو ته: ٺٽي ۽ لاهري بندر جي وچ تي خشڪي ۽ درياهي رستي ٻن ڏينهن جي پنڌ جو فاصلو ٿيندو. ان کان پوءِ سمنڊ تائين هڪ منزل ٿيندي. اُتان نار نالي هڪ سوڙهو واهه نڪري بندر تائين اچي ٿو، جنهن جي ڊيگهه ڪٿي ڏهه طناب[4] ته ڪٿي وڌيڪ ٿيندي؛ پر انهيءَ واهه جي اونهائي گهڻي آهي. درياهه جي وچاڳ (سون مياڻي) ۾ ٻي ڪابه آبادي ناهي. اتي مير بندر جي چوڪي آهي، جنهن ۾ هڪڙي توب تيار رکي وڃي ٿي. جڏهن به ڪا ٻيڙي سمنڊ مان اچي ان واهه تائين پهچي ٿي ته توب ڇوڙي ٿي وڃي، جنهن مان چوڪيدارن کي خبر پوي ٿي ته سمنڊ مان ٻيڙي واهه ۾ داخل ٿي رهي آهي. جواب ۾ هيڏانهن به توب ڇٽي ٿي، جنهن جو آواز بندر تائين پهچي ٿو ۽ اها ڄاڻ پوي ٿي ته نئين ٻيڙي اچي رهي آهي، پوءِ سڄو تفصيل ٺٽي جي سوداگرن ڏانهن موڪلي چوڪيدار پاڻ ننڍين ٻيڙين ۾ چڙهي، نار جي منهن وٽ پهچي جاچ ٿا ڪن ته اها ٻيڙي ڪنهن جي آهي. جنهن جي به ٻيڙي هوندي، اُن جي ڄاڻ ٻين واسطيدارن ڏانهن پهچائيندا؛ جيڪي وري غوراب ۾ چڙهي، سڌو اتي هليا ايندا. پوءِ جيڪڏهن ٻيڙي پنهنجي بندر جي هوندي ته ان کي نار ۾ لاهي لاهري بندر تي لنگر هڻائيندا؛ پر جي ٻئي ڪنهن بندر جي هوندي ته ان کي اتي ترسائي؛ سڄو سامان غوراب ۾ ڀري شهر ڏانهن آڻيندا.

جڏهن فرنگي انهيءَ رستي سان هن پاسي آيا، کين خبر پئي ته ملڪ جو والي گهڻو پري نڪري ويو آهي، پويان ڪوبه اهڙو مضبوط ماڻهو موجود ڪونهي، جيڪو منهن ڏئي سگهي ۽ جيئن اڳتي وڌيا ته مير بندر هنن کي روڪڻ جي ڪئي؛ پر فرنگين وٽس ماڻهن جو زور نه ڏسي، جواب ڏنو ته اسان کي بندر تي ترسڻو نه آهي، جن غورابن تي آيا آهيون، انهن سوڌا ٺٽي هليا وينداسين، جتان گهمي ڦري خريداري ڪري وري اجهو ٿا واپس اچون، جيڪو محصول مڙو هوندو سو اتي ڏئي ڇڏينداسين.

بندر وارا هنن جي اڳيان ايڏو ست نه ساري مجبوريءَ کان ماٺ ٿي ويا، هي بندر مان لنگهي، پنهنجا غوراب مٺي پاڻيءَ مان هڪالي، ٺٽي ڏانهن ڌوڪيندا ويا. واٽ تي جيڪا به آبادي ڏٺائون، تنهن ۾ ڦُرلُٽ مچائي ڏنائون. ملڪ ته اڳئي نڌڻڪو هو، انڪري ڪنهن کي به هنن جي اڳ جهلڻ جي سگهه ڪانه ٿي ۽ هي بنا ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي شهر ۾ ڪاهي پيا.

مرزا جو جيڪو لشڪر ٺٽي ۾ رهيل هو، تنهن  هيڪر مڙسي ڪري درياهه جا پاسا جهليا، پر پوءِ پُڄي نه سگهيو. هنن (فرنگين) کي جيئن وڻيو، تيئن هاڃا ڪري ڇڏيائون، جڏهن پتو پين، ته ملڪ جو مالڪ زور آور لشڪر سان بکر کان موٽ کائي اچي رسيو آهي، ته ڦُرلُٽ جو سامان غورابن ۾ هڻي ويندا رهيا[5]. مرزا جيتوڻيڪ هن کان اڳ ارغونن جي خطري سبب قلعي کي مضبوط ڪرائي ڇڏيو هو، ته به هاڻ وڌيڪ خطرو سمجهي، پنهنجي حويلي ۽ شهر جي چوڌاري وڏو ڪوٽ ڏياري ڇڏيائين.

هي وڏا سفاڪ ۽ ظالم هئا انڪري ايتري طاقت ۾ اچي ويا جو ايران جي شاهه اسماعيل صفوي هنن جي اقتدار کي تسليم ڪيو هو. پورچوگيز هينئر آفريڪا کان جزائر المشرق ۽ باب المبذب کان ايراني نار تائين سڀني تجارتي بندرن تي قبضو ڪيو. هي ڏاڍا دغاباز هئا جن کي انوقت جا مسلمان حاڪم سمجهي نه سگهيا. همايون بادشاهه جڏهن گجرات تي ڪاهه ڪئي ته انوقت جي گجرات جي حاڪم بهادر شاهه بن محمود اول جيڪو 932هه ۾ گجرات جي تخت تي ويٺو تنهن پورچوگيزن کان مدد گهري جن 943هه/ 1548 ۾ الٽو بهادر شاهه کي شهيد ڪري گجرات جي بندر ”ڊيو“ تي قبضو ڪيو جيڪو سنڌ کي ويجهو هو جتي هي اچي آباد ٿيا قتل وغارت ۽ ڦرلٽ سندن رت ۾ شامل هو. پورچوگيزن جو هڪ مؤرخ سندن سفاڪي متعلق لکي ٿو ته ”پورچوگيز هندستان جي ڪناري تي هڪڙي هٿ ۾ ترار ۽ ٻئي هٿ تي ظلم ۽ بيرحمي کڻي پير رکيو، مشرق جي اڻ کٽندڙ دولت کي ڏسي سندن حواس خطا ٿي ويا انسانن کي ڦرڻ ۽ مارڻ، شهرن کي ڦرڻ ۽ ساڙڻ ۾ هو درنده بڻجي ويا ليڪن هت ايتري ته گهڻي دولت هئي جو ترار اڇلائي سون ۽ چاندي ميڙڻ لڳا آخر ٻيون حريص مغربي قومون هنن مٿان غالب ٿي ويون. [6]

سنڌ ۾ مرزا عيسيٰ بکر کي گهيرو ڪري ويٺو هو. هڪ ٻه دفعو هنن جي وچ ۾ جهڙپ به ٿي. ان وچ ۾ پورچوگيزن ٺٽي تي حملو ڪيو. ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ اسپين جي مؤرخ جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته سنڌ جي بادشاهه (مرزا عيسيٰ) هڪ سفير پورچوگيز ڏانهن مدد لاءِ موڪليو هو جنهن ست هزار پوچوگيزن کي 28 ٻيڙن ۾ موڪليو جنهن جو ڪمانڊر Pedro Barrseto Rolim هو. اهو لشڪر سلامتي تائين ٺٽي پهتو. مرزا عيسيٰ جي پٽ پنهنجي پيءُ مرزا عيسيٰ کي پورچوگيز جي پهچڻ جو اطلاع موڪليو جنهن کيس انتظار ڪرڻ جو چوايو جيڪي ٺٽي ۾ رهي پيا. جلد ئي هنن کي خبر پيئي ته سلطان محمود ۽ مرزا عيسيٰ جي وچ ۾ ٺاهه ٿي چڪو آهي. پورچوگيزن مرزا عيسيٰ جي پٽن کان سندن لشڪر ۽ اچڻ جو معاوضو گهريو جيتوڻڪ هن ها ڪئي، پر "Barseto" پنهنجي لشڪر کي ٺٽي شهر ۾ گهڙي قتل عام جو حڪم ڏنو، جن اٺ هزار انسانن کي شهيد ڪيو. سڄي شهر جي ماڻهن جو مال ۽ ملڪيت، سون ۽ چاندي ڦري ٺٽي شهر کي باه ڏني. شهر جي جامع مسجد به ان ۾ سڙي ويئي. درياءَ مٿان تيل هاري دريا جي مٿاڇري کي باه ڏنائون تاريخ طاهري ۾ فرنگين جو بيان ڪجهه هن ريت آهي: (ص 119-112)

مرزا عيسيٰ واپس وريو ته سلطان محمود هن جو پيڇو ڪندي سيوستان تائين پهتو ۽ پنهنجي ظالمانه عادت موجب بيٺل فصل کي تباهه ڪرايو. اهو حال ڏسي سيوستان جو هڪ سادات، سيد مير ڪلان[7] وچ ۾ پيو ۽ هڪ معاهدو تيار ڪري ٻنهي ڌرين کي ان تي راضي ڪري ٺاهه ڪرايو سلطان محمود بکر موٽي ويو. مرزا عيسيٰ جڏهن ٺٽي واپس وريو ته پورچوگيزن طرفان ٺٽي ۾ ٿيل نقصان تي کيس ڏاڍي تڪليف ٿي. پورچوگيز ته ڀڄي ويا، پر ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد بي ڏوهي مارجي چڪو هو ۽ ٺٽو سڄو سڙي چڪو هو. مرزا عيسيٰ شهر کي نئين سر ٺهرايو، قلعي ۽ شهر کي مضبوط ڪيو. جامع مسجد کي نئين سر اڏيو ۽ لاهري بندر کي به ٻاهرين حملن کان محفوظ بڻائي مٿانهن نگهبان مقرر ڪيو. جيڪي پري سمنڊ ۾ هلندڙ هو. ٻيڙي تي نظر رکندا هئا. [8] پورچوگيزن جو چوڻ آهي ته هنن کي ٺٽي مان ايتري گهڻي دولت ملي جيڪا کين سڄي ايشيا مان نه ملي هئي[9]

مرزا جان بابا وارث جي حيثيت ۾:

مرزا جان بابا جنهن کي مرزا عيسيٰ (سندس والد) پنهنجو جانشين ڪرڻ پئي چاهيو. پر، مرزا صالح جي خود سري ڏاڍ، ظلم ۽ ستم کان تنگ ٿي پيءُ جو پاسو ڇڏي پنهنجي ناناڻن سميجن ڏانهن هليو ويو. [10] پيءُ جي وفات کانپوءِ هو ڪيترن ڏينهن کان پوءِ سلطان محمود بکري سان ٺٽي پهتو. تعزيت جي رسمن کان پوءِ پيءُ جي ورثي مان ملڪ جي حصي جي گهر ڪئي، پر جيئن ته مرزا محمد باقي سڄي حڪومت ۽ مال تي مڪمل ضابطو آندو هو تنهنڪري هن کي اها ڳالهه ڪانه وڻي هن ڪاوڙ ۾ سلطان محمود کي چيو ته جهڙي نموني توهان اڳ ۾ مرزا صالح ۽ منهنجي وچ ۾ دخل نه ڏنو هو تهڙي نموني هينئر به وچ ۾ نه اچو ته بهتر ٿيندو. مال ۽ ملڪيت ورهائڻ واپاري ٻچن جو ڪم آهي حڪومت ڪرڻ خدائي ڏات آهي. جيڪڏهن منهنجو ڀاءُ راضي ٿئي ته ڀلي مون وٽ رهي آئون سندس چڱي طرح خدمت ڪندو رهندس باقي جدا پرڳڻو ڏئي پنهنجي ڪک ۾ ڪان ڪونه هڻندس. مون هن ملڪ لاءِ ڏاڍا ڏکيا ڏينهن ڏٺا آهن[11] سلطان محمود خان اهو سڀ ڪجهه ٻڌي موٽي بکر پهتو. جان بابا به ڊپ مان ڀڄي وڃي ناناڻن سميجن وٽ پهتو. مرزا جان بابا پنهنجن صلاحڪارن جهڙوڪ خان زمان بيگلار، مرزا سلطان بيگ خان بابا، شاهه قاسم ۽ علي شر سان گڏجي مرزا محمد باقي سان جنگ جي تياري شروع ڪئي. مرزا جان بابا مٿئين) ماڻهن ۽ پنهنجي نياڻي مرزا شادمان جيڪو پنهنجي وقت جو هڪ بهادر شخص هو ۽ پيءُ جي طرفان سندن نسب  مير ذوالنون جي ڀاءُ سلطان علي سان ٿي مليو سان گڏجي ٺري پرڳڻي ۾ پهتا، مرزا باقي کي جڏهن اها خبر پئي ته هن هڪ لشڪر ٺري قلعي ڏانهن موڪليو. مرزا باقي جو سپهه سالار مولانا بهبود لشڪر سميت ٺريءَ اچي پهتو ۽ قلعي جي ڀرسان وهندڙ واهه جي وچ ۾ هڪڙي وڏي کاهي کوٽائي پنهنجن ٻين سپهه سالارن مير شمس ڪشميري ۽ مير برلاس کي اتي گهرائي ويهاريو. اوچتو خان زمان بيگلار ۽ مرزا محمد سلطان بيگلار هنن مٿان زبردست حملو ڪيو. مرزا باقي جي لشڪر جا ڪيترائي سپاهي مارجي ويا. ڪيترا خوف ۽ ڊپ سبب پنهنجا گهوڙا قلعي جي ڀت تان ٽپايا جنهنڪري گهڻا سپاهي هيٺ کوٽيل کاهيءَ ۾ وڃي ڪريا. خان زمان ۽ مرزا سلطان بيگ جي سوڀ ٿي کين وڌو تعداد مال غنيمت جنهن ۾ سوين گهوڙا ۽ جنگي سامان هو هٿ آيو. انهي وچ ۾ کين خبر پئي ته سوڍن جي هڪڙي لشڪر ويرسي ۽ ويسه جي هٿ هيٺ، مرزا جان بابا جي طرفدار امير پير قلي کي ٻن سون ماڻهن سميت قتل ڪري ڇڏيو آهي جنهنڪري هُو قلعي ۾ ميرزا شادمان کي ڇڏي مرزا جان بابا وٽ هليا ويا ۽ ان کي پاڻ سان ساڻ ڪري سوڍن تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ روانا ٿيا.

جان بابا جي سوڍن تي ڪاهه:

سوڍا ڏاڍا بهادر هئا سندن وڏو لشڪر هوندو هو کين هر جنگي سامان هوندو هو. جان بابا هڪ وڏو لشڪر وٺي اتي پهتو جت سوڍن مير پير قلي ۽ ان جي جماعت کي قتل ڪيو هو. ميدان جنگ ۾ هنن جا بي ڪفن لاش پيل هئا جن کي ڏسي هنن جو جنگي جذبو وڌيڪ ڀڙڪيو هنن سوڍن جي لشڪر تي حملو ڪيو سخت جنگ لڳي جنهن ۾ سوڍن جا مشهور ۽ بهادر سپهه سالار سردار مهيه، سردار تيه سميت ڪيترائي سپاهي ۽ سردار مارجي ويا. سوڍا جيئن ته مرزا باقي جا حمايتي هئا ۽ انهن جي تباهي جي خبر جڏهن هن کي پهتي ته هي هڪ وڏو لشڪر ساڻ ڪري ٺٽي مان نڪتو. پهريائين ٺري پهتو اتان مرزا شادمان مقابلي جي همت نه سمجهي ڀڄي نڪتو ۽ ريل پرڳڻي پهتو، جتي مرزا جان بابا ۽ خان زمان ترسيل هئا هنن کي جڏهن مرزا باقي جي ڪاه جي خبر پئي ته بکر جي حاڪم سلطان محمود خان ڏانهن مدد لاءِ ايلچي ڪليو جنهن کين پنج هزار سپاهين جو لشڪر موڪليو جنهن جي مدد سان هنن فتح باغ شهر تي قبضو ڪيو. مرزا باقي کي جيئن اهو اطلاع مليو ته هن پنهنجو ڪجهه لشڪر ساڻ ڪري ٻيڙين ذريعي فتح باغ جي ويجهو پهتو ٻنهي طرف ٻن ڀائرن جا لشڪر هئا اتي جان بابا اعلان ڪيو ته هت مان جنهن جڳهه تي بيٺو آهيان هن جي پٺيان وارا پرڳڻا منهنجا آهن ۽ جت مرزا باقي بيٺو آهي ان جي پٺيان وارا پرڳڻا مرزا باقي جا آهن. هن خان زمان کي چيو ته ڳوٺن ۾ پنهنجا حاڪم مقرر ڪري ڍل اوڳاڙي وڃي جيئن لشڪر جو ۽ پنهنجو خرچ هلائي سگهجي. خان زمان روانو ٿيو ان وچ ۾ خبر پهتي ته مغل شهنشاهه اڪبر اعظم جو لشڪر بکر جي آسپاس اچي پهتو آهي اها خبر جيئن سلطان محمود جي لشڪر کي پئي ته هنن جان بابا کي چيو ته اسين هڪ پل به هت نه رهنداسين ۽ واپس پنهنجي حاڪم جي  مدد لاءِ بکر وينداسون، جان بابا هنن کي ڏاڍيون منٿون ڪيون، پر هُو جنگ جي ميدان مان نڪري ويا. جان بابا مجبوراً هنن کي ان ڳالهه تي راضي ڪيو ته اسين به توهان سان هتان گڏ نڪرون ٿا ۽ ونگ پرڳڻي وينداسون جتان توهان بکر لاءِ هليا وڃجو. جنگ جو ميدان خالي ٿي ويو مرزا باقي لشڪر سميت ٺٽي پهتو.

جان بابا هينئر ڦرلٽ تي اچي سندرو ٻڌو. ونگ کان پوءِ نصرپور جي علائقن تائين ماڻهن تي پنهنجي وحشت تاري ڪري ڇڏي هئائين ۽ جوڻيجن سان اچي شامل ٿيو[12] جيڪي پڻ ڦرلٽ ڪندا هئا. مرزا باقي لشڪر ساڻ ڪري هنن تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو. مرزا جان بابا کي جڏهن هن جي اچڻ جي خبر پئي تڏهن جوڻيجن ۽ انڙن کي پاڻ سان همراهه ڪري نصرپور کان ويهه ڪوه پري برهمڻ آباد جي قلعي ڀرسان هڪ ڳوٺ متاهله ۾ پناهه گزين ٿيو انوقت ڪجهه مرزا قبيلي جا ماڻهو مرزا باقي کان منحرف ٿي هن وٽ اچي رهيا جن وٽ نه گهوڙا هئا نه ئي ڪو ٻيو سازو سامان. هڪ رات جان بابا رات وچ ۾ آسي پاسي جي ستن ڳوٺن ۾ ڦر ڪئي ۽ ڪئي گهوڙا ۽ ٻيو سامان ڦري اچي مرزائن کي ڏنائين. ڦر ٿيل ماڻهو فرياد فرياد ڪندا اچي مرزا باقي وٽ پهتا جيڪو خود عجب ۾ پئجي ويو ته هڪ رات ۾ ايڏي وڏي ڦر! هن نصرپور جي حاڪم تي وڏي ملامت ڪئي.

سلطان محمود خان جي ٺٽي تي ڪاهه:

سنڌ ۾ ٻه حڪومتون قائم ڪرڻ ۽ بي انداز دولت لٽڻ باوجود هنن ٻاهرين لٽيرن جو پيٽ ڀرڻ وارو ئي نه هو. هنيئر بابا سلطان محمود ٺٽي تي ڪاهه ڪرڻ جو اردو ڪيو کيس ڪو نرينه اولاد نه هو هُو مرزا عيسيٰ خان جي پٽ جان بابا کي پٽ وانگر سمجهندو هو جنهن کي هن مرزا باقي سان جنگ ڪرڻ دوران پنجن هزار سپاهين جو لشڪر پڻ موڪليو هو.

سلطان محمود لشڪر ساڻ ڪري سيوهڻ جي آس پاس منزل انداز ٿيو ۽ جان بابا کي نياپو ڪرايائين ته اسين پهريون نصرپور تائين آياسون ۽ موٽي وياسون وري توهان جي مدد لاءِ لشڪر موڪليوسون، پر مقصد حاصل نه ٿيو هينئر توهان کي گهرجي ته اسان جي مدد لاءِ اچو ته گڏجي ٺٽي تي ڪاه ڪيون ۽ مرزا باقي کان بدلو وٺون ۽ ٺٽو فتح ڪري توهان جي حوالي ڪيون. جان بابا ڪافي سوچ ويچار کانپوءِ انڙن ۽ پنهنجن ساٿين سان گڏجي روانو ٿيو ۽ سيوهڻ جي آمهون سامهون سنڌو درياءَ جي اڀرندي ڪناري تي اچي منزل ڪيائين ۽ صبح جو[13] سوير درياءَ پار ڪري سلطان محمود سان ملڻ جو اردو ڪيائين. رات دير سان اوچتو سلطان محمود خان جي والده جو قاصد جان بابا وٽ پهتو جنهن هن کي نياپو ڏنو ته اگر پنهنجي سر جو خير چاهين ٿو ته سلطان محمود وٽ نه وڃجانءِ، خان بابا ساٿين سان صلاح بعد پنهنجن خاص ماڻهن سان لاڙ روانو ٿي ويو. سلطان محمود انتظار ڪندو رهيو جڏهن کيس جان بابا جي ڀڄي وڃڻ جي خبر پئي ته سيوهڻ مان منزل کڻي ٺٽي ڏانهن روانو ٿيو ۽ پير پٺي جي مزار جي زيارت ڪيائين. مرزا باقي جو لشڪر درياءَ جي هڪ ڪپ تي ۽ هن جو لشڪر درياء جي ٻئي ڪپ تي هڪٻئي تي تير وسائيندا رهيا، پر ڪاهي ڪوبه نه آيو ايتري ۾ سلطان محمود کي اڪبر بادشاهه جي لشڪر جي بکر ڏانهن آمد جي خبر پئي ۽ هُو هوڏانهن بغير ڪنهن سوڀ جي روانو ٿي ويو.

اها خبر جڏهن جان بابا کي پهتي ته سلطان محمود بکر پهچي ويو آهي ته هن وري ڦرلٽ شروع ڪئي ۽ اچي نصرپور تائين پهتو ۽ هر طرف ملڪ کي تلف ۽ تاراج ڪري ڇڏيائين. مرزا باقي هن ان عمل کي روڪڻ لاءِ ٽن هزارن جو لشڪر روانو ڪيو جنهن جي سرپرستي نصرپور جي حاڪم حبش خان ۽ مير يادگار مسڪين کي سونپي. اهو لشڪر جڏهن اگهم وٽ پهتو تڏهن رئيس ڪرن هنڱوري اها خبر خان زمان کي پهچائي جنهن جان بابا جي صلاح سان هڪ جاسوس دستو مقرر ڪيو جيڪو کين مرزا باقي جي لشڪر جي هر چرپر کان آگاهي ڏيندو رهي. ائين سنڌ جو اهو حصو لشڪر ڪشي، ڦرلٽ، جاسوسي، چاپلوسي جي دلدل ۾ ڦاسندو ويو. سنڌ جا ڪئي قبيلا ان ڏڦيڙ ۽ بربادي ۾ ڦاسندا ويا.

مرزا باقيءَ تي جان بابا جو حملو ۽ سندس گهر واريءَ جو قتل:

مرزا باقي جان بابا مان ڏاڍو بيزار ٿيو هو جيڪو هميشه پيءُ جي وراثت حاصل ڪرڻ لاءِ ڦرون ۽ حملا ڪندو هو. هن سان گڏ هن جا ڪجهه مائٽ ارغون ۽ ترخان به گڏ هئا. سنڌ جي ڪيترن قبيلن جي سردارن سان هن جي دوستي هئي. مرزا باقي سڄي ملڪ ۽ مال تي قبضو ڪري ويٺو هو ۽ وراثت مان ڀاءُ کي حصو ڏيڻ لاءِ تيار نه هو ۽ هُو ائين ئي لشڪر وٺي هڪٻئي کي مارڻ لاءِ مختلف وقتن تي هڪٻئي تي هلان ڪندا رهيا. اهڙي طرح مرزا باقي سن ڳوٺ جي ڀرسان لاکن جي ڳوٺ ۾ چوطرف هزارين تنبو هڻائي ڇانوڻي لڳائي ويٺو هو هن سان گڏ هن جا امير ۽ وزير به ساڻ هئا. جان بابا کي جاسوسن ذريعي اها خبر پهتي هن خان زمان کي چيو ته مرزا محمد باقي جي لشڪر تي ”شب خون“ ڪر. خان زمان ڪجهه وعدن ۽ اقرارن کان پوءِ ڪجهه وفادار ساٿين ۽ ڪجهه سنڌي دوستن جن ۾ دودو انڙ، غازي انڙ ۽ طالب انڙ وغيره شامل هئا ڪنهن به طريقي سان مرزا باقي جي رهڻ واري هڪ وڏي ٻيڙي ”لاهورو“[14] تائين اچي پهتو. ٻيڙي ۾ مرزا باقي پنهنجي بيگم آريجه جيڪا ناهيد  بيگم جي ڌيءَ سميت موجود هو. نوڪرياڻين جڏهن تلوار وارو شخص ڏٺو ته دانهون ڪرڻ شروع ڪيون. مرزا باقي جيئن خان زمان کي ڏٺو ته ڪوٺي جو دروازو بند ڪيائين پر خان زمان جي ڌڪن تي دروازو کلي ويو آريجه بيگم جنهن جي هٿ ۾ شمعدان هو تنهن اهو هن جي منهن تي زور سان هنيو. تاريخ طاهري موجب ته خان زمان جي پيشانيءَ تي ان شمعدان جو ڌڪ هميشه داغ جي صورت ۾ رهيو. ان دوران مرزا باقي درياء ۾ ٽپو ڏيئي ترندو هليو ويو. هن جي گهر واريءَ کي خان زمان قتل ڪري ڇڏيو مرزا باقي سان سندس هڪ خدمتگار خليل به گڏ هو ڪافي وقت ترڻ کان پوءِ هو وڃي ڪنهن سلامتي واري هنڌ پهتا.

خان زمان اتان ڀڳو، پر هرهنڌ هن جي سامهون مرزا باقيءَ جو لشڪر هن جي سامهون هو. هو مختلف حيلن حربن سان زحمي حالت ۾ اچي ريل پرڳڻي پهتو ۽ جان بابا سان مليو.

هوڏانهن مرزا باقي صبح ٿيندي ٽي درياهه ٽپي پنهنجي لشڪر سان اچي مليو. هن نئين سر تياري ڪئي ۽ جان بابا جي پٺيان ڪاهيندو ويو تان جو هن کي پنهنجن سرحدن مان ڀڄائي ڇڏيو ۽ پوءِ اچي ٺٽي ۾ آرام سان ويٺو. ان شب خون ۾ جن هن جي جان بچائي هئي تن کي انعام اڪرام ۽ مراعتون ڏنيون. خليل جنهن جي مدد سان هن درياءُ پار ڪيو هو تنهن کي خاص مقرر بڻايائين کيس خودمختيار بڻائي پنهنجي مهر ڏئي ڇڏي. مراديو ملاح جنهن هن جي جان بچائي هئي تنهن کي هزارين ننڍيون وڏيون ٻيڙيون ڏئي مير ملاح جو خطاب ڏنو.

ماهه بيگم جو انجام:

ماهه بيگم جيڪا شاهه بيگ جي ڀائٽي هئي ۽ مقيم  جي ڌيءَ هئي ۽ هڪ جنگ دوران بابر بادشاهه جي لشڪر جي هٿ چڙهي هئي جنهن جي شادي قاسم ڪوڪي سان ڪرائي ويئي هئي ۽ کيس هڪ ڌيءَ ناهيد بيگم ڄائي هئي. شاهه بيگ جيڪو ماه بيگم جو چاچو هو ڪنهن طريقي سان هن کي واپس ورايو هو پر هن جي ڌيءُ ناهيد بيگم اتي رهجي ويئي هئي. ماه بيگم شاهه حسن سان شادي ڪئي هئي هن جي وفات کانپوءِ مرزا عيسيٰ ترخان سان شادي ڪئي هئي ۽ هن جي ئي سفارش تي مرزا باقي پيءُ کانپوءِ حڪمران بڻيو هو. اڪبر بادشاهه جي وقت ۾ ناهيد بيگم هندستان مان ٺٽي پهتي جت هن پنهنجي ماءُ سان ملاقات ڪري اتي رهڻ جو فيصلو ڪيو هو هن پنهنجي ڌيءَ آريجه بيگم جو سڱ مرزا باقي سان ڪيو هو هو ٻئي هڪ ٻئي سان ڏاڍي محبت ڪندا هئا.

هندستان جي شهنشاهه اڪبر جو دٻدٻو ايشيا جي ڪيترن ملڪن تي ڇانيل هو، هُو ملڪ وڌائڻ ۽ دولت جمع ڪرڻ ۾ هميشه لشڪرڪشي ڪندو رهندو هو. هن جا ناناڻا سنڌ سان تعلق رکندا هئا سندس جنم عمرڪوٽ ۾ ٿيو هو ۽ ٿر جي آس پاس جي علائقن ۾ هن جو ننڍپڻ گذريو هو. سنڌ ۾ تفرقو ٻڌي هن جو لشڪر اڪثر بکر جي آسپاس چڪر لڳائيندو هو. سلطان محمود بکر جو حڪمران هو کيس ڪو به نرينه اولاد نه هو کيس هڪ ڌيءَ هئي هوڏانهن اڪبر جون اکيون بکر ۾ کتل هيون. مرزا باقي کي وري پنهنجو خوف هوندو هو. اڪبر بادشاه کي راضي ڪرڻ لاءِ هن ناهيد بيگم ۽ ماه بيگم جي معرفت پنهنجي ڌيءَ اڪبر بادشاه جي زوجيت ۾ ڏيڻ لاءِ سوچيو آخر ڪئي اُٺ تحفن، سامانن ۽ سوکڙين سان ڀري پنهنجي ڌيءَ سنڌي بيگم ماه بيگم ۽ ناهيد بيگم سان يادگار مسڪين جي اهتمام هيٺ هندستان روانو ڪيو. هي قافلو جڏهن لڪيءَ وٽ پهتو ته مرزا جان بابا اچي هنن سان مليو هن يادگار مسڪين کي پنهنجو حامي بڻايو جن گڏجي ماه بيگم کي چيو ته توهان ڇو ملڪ ڇڏي هندستان وڃو ۽ مرزا باقي اڪيلو حڪمران ۽ مالڪ بڻجي. ان ڳالهه تي سڀ هڪٻئي سان متفق ٿيا. اُٺن ۽ ڏاچين تي رکيل سامان ۽ مال متاع لشڪر ۾ ورهائي مرزا باقي سان لڙائي ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا. ماه بيگم هاٿيءَ تي چڙهي جنگ جو جهنڊو بلند ڪيو ۽ ميدان ۾ سپاهين جو صفون تيار ڪرايائين مرزا باقي به وڏو لشڪر وٺي جنگ جي ميدان ۾ پهتو کيس فتح حاصل ٿي. مرزا جان بابا ۽ يادگار مسڪين ڪڪرالا ڀڄي ويا ماه بيگم گرفتار ٿي ۽ ناهيد بيگم جي وچ ۾ ڪجهه چڱا ماڻهو پيا ۽ هوءَ بکر ڏانهن هلي ويئي. مرزا باقي ٺٽي موٽي آيو ماه بيگم کي زندان ڀيڙو ڪيائين جيڪا اتي وفات ڪري ويئي. [15]

سلطان محمود لشڪر وٺي ٺٽي تي ڪاهي آيو مرزا باقي صلح جو هٿ وڌايو ۽ سيد ميرعلي شيرازي کي وچ ۾ وجهي مرزا يادگار مسڪين ۽ جان بابا کي دوکي  سان گهرائي کين قتل ڪرائي ڇڏيو سلطان محمود بکر واپس هليو ويو.

مرزا باقي پنهنجا ڪي خاص ماڻهو عمدن سروپائن ۽ خلعتن سان خان زمان، علاوالدين انڙ ۽ ميان انڙ ۽ انهن جي پٽن دودي ۽ غازي ڏانهن ڏياري موڪليون ۽ کين چوائي موڪليو ته مرزا جان بابا پنهنجي زندگيءَ جا ڏينهن پورا ڪري ويو هاڻي توهين بي خوف اسان سان وفادار ٿي رهو جيڪڏهن نوڪري ڪرڻي هجيو ته اوهان جي شان موجب نوڪري ڏينداسون، پر جيڪڏهن پنهنجن گهرن ۾ رهو ته به اسين توهان کي عزت ۽ مان ڏيندا رهنداسون. اوهين فقط صلح ۽ سانت سان رهو ۽ پنهنجن ماڻهن کي به صلح ۽ سانت جي نصيحت ڪندا رهو. [16]

مرزا باقي هينئر سوچڻ لڳو ته سڄي عمر سلطان محمود ۽ جان بابا سان جنگين ۾ گذري ويئي آهي هن کي خان زمان (شاهه قاسم ارغون) ۽ انڙن جي بهادري ۽ ويڙهه جي خبر چڱي طرح پئجي چڪي هئي هينئر هو سياسي مصلت خاطر سلطان محمود، خان زمان ۽ انڙ سردارن ڏانهن صلح جو هٿ وڌائڻ لاءِ تيار ٿيو هو ۽ دوستيءَ وارو خط سلطان محمود کي موڪليو جنهن هن سان وفاداري جو عزم ڪيو.

بي گناهن ۽ بزرگن جو قتل:

اڪيلو ملڪ جو مالڪ هئڻ باوجود هن جي ذهني دماغي ڪيفيت هينئر عجيب ٿي ويئي هئي. هُو ڪيترن معززين تي شڪ ڪرڻ لڳو ۽ کين پنهنجي رستي مان هٽائڻ جي سوچڻ لڳو. سڀ کان پهريائين هن پنهنجي ننڍي ڀاءُ غالب کي قتل ڪرائي ڇڏيو جنهن کي سياست ۾ ڪا دلچسپي نه هئي ۽ هڪ آرام واري زندگي گذاري رهيو هو، پر هن کي اچي ڊپ ويٺو ته اڳتي هلي هي زور نه وٺي ۽ منهنجي خلاف ڪا سازش نه ڪري.

ان کان پوءِ شيخ ڀرڪيو جنهن جو تڪيو مڪلي ٽڪري تي هوندو هو جتي هُو ڪيئي دفعا دهل تي ڏونڪو هڻندو هو. هن جي ڏاڍي بزرگي واري حيثيت هوندي هئي ڪيئي ماڻهو هن جا معتقد هئا ۽ هن جي قدم بوسي کي سعادت سمجهندا هئا. ٻاهران ايندڙ سوداگر هن کي نذرانا پيش ڪندا هئا ۽ هن جو لنگر هلندو رهندو هو. هن سرن سان هڪ منير ٺهرايو هو ان جي مٿان هڪ شمعدان هو جنهن جي روشني رات جو پري کان ايندڙ ماڻهن گهرن ۽ سوداگرن تائين پهچندي هئي. سوداگر سلامتيءَ سان اچي پهچندا هئا ۽ هن کي سلامي پيش ڪندا هئا. هن جون ڪرامتون تمام گهڻيون هيون. ماڻهن جو هن ۾ ايڏو اعتبار ۽ يقين هوندو هو جو پنهنجون قيمتي شيون هن وٽ امانت ڪري رکندا هئا. مرزا باقي هن بزرگ جي مشهوري ۽ پئسي کان اچي پريشان ٿيو، هن وٽ ماڻهن جا ميڙا انهن جي بزرگ لاءِ عزت ۽ سعادت ڏسي کيس خار لڳڻ لڳا. هن پنهنجا ڪجهه ماڻهو هن کي مارڻ لاءِ موڪليا جن وجهه وٺي هن کي قتل ڪيو ۽ سندس لاش درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيو ۽ هن جو سڄو سامان مال، متاع کڻي اچي مرزا باقي جي اڳيان رکيائون. صبح جو جڏهن هن حادثي جي خبر مريدن ۽ معتقدن کي پهتي ته سڄي شهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو ۽ ماڻهن جا قافلا مڪلي ڏانهن روانا ٿيا. مرزا باقي کي جڏهن اها خبر پهتي ته بلڪل اڻڄاڻائي ڏيکاريندي حيرت جو اظهار ڪيائين ۽ حڪم ڏنائين ته قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ اولياءَ جي قتل جو قصاص ورتو وڃي ۽ بهانو ڪري روئڻ شروع ڪيائين ڪجهه ڏينهن ۾ ڳالهه ختم ٿي ويئي نه قاتل مليا نه ڏوهيءَ جي خبر پئي.

انهيءَ کان پوءِ هڪ ٻئي بزرگ شيخ عبدالوهاب پورانيءَ کي مارڻ جو فيصلو ڪيو جنهن کي ملڪي ۽ سياسي سرگرمين ۾ به حڪمران طرفان اهميت حاصل هوندي هئي. ازانسواءِ ٻاهرين ملڪن مان جيڪي معزز شخصيتون سمنڊ رستي لاهري بندر وٽان ٺٽي پهچندا هئا تن جي آجيان هي ڪندو هو ۽ سندن مهماني ۽ رهائش وغيره جي نگهباني ڪندو هو. هن جو نالو ۽ نيڪي يقيناً ٻاهرين ملڪن تائين مشهور هوندي. شيخ عبدالوهاب لاءِ تاريخ طاهري مطابق ته هن جي اهميت مرزا شاهه حسن کان وٺي هئي ۽ ان وقت کان وٺي هن کي جيڪي جاگيرون عطا ڪيون ويو هيون تن جي سموري آمدني خدا جي راهه ۾ خرچ ڪندو هو ايتريقدر جو گهوڙا ۽ قيمتي لباس به حاجتمندن کي ٿي ڏنائين ۽ پاڻ ڪڏهن گهوڙي تي سواري به نه ڪيائين. ملڪ ۾ هرهنڌ هن جي عزت ۽ واکاڻ هئي. مرزا باقي هاڻي هن کي وڌيڪ برداشت نه پيو ڪري سگهي اندر جو شيطان ۽ وسوسن هن کي گهيري ڇڏيو هن شيخ عبدالوهاب کي مارائڻ جو فيصلو ڪيو. هن پنهنجي خاص ماڻهو قاضي خميسي کي هن بزرگ کي مارڻ جو حڪم ڏنو جنهن عيد ڏينهن، عيد نماز پڙهڻ کان پوءِ واپسي تي کيس وچ بازار ۾  قتل ڪري ڇڏيو[17] ۽ اڳتي هلي هن جي پوين کي ايترو تنگ ڪيو ويو جو هُو ٺٽو ڇڏي پنهنجي جاگير ڏانهن هليا ويا ۽ وري ٺٽي جو منهن نه ڏٺائون.

خليفي عبدالوهاب عباسي جو قتل:

هن جا وڏا محمد طور (ماهم طور) کان لڏي اچي ٺٽي ۾ آباد ٿيا هئا. هن بزرگ جون ڪرامتون به مشهور ٿيون. پکي هن سان گڏ گهمندا ڦرندا هئا ۽ ڪنهن ٻئي شخص کي ڏسي اُڏري ويندا هئا. مرزا باقي هن جي ڪرامتن کان واقف هو. تاريخ طاهري مطابق ته هن بزرگ مرزا باقي جي خاندان مان شادي ڪئي هئي ان کان پوءِ هن کي اچي خوف ۽ ڪروڌ ورايو هو ۽ هن کيس قتل ڪرڻ لاءِ خليل خدمتگار کي حڪم ڪيو ۽ کيس تلقين ڪيائين ته هن جي موت جي تصديق کان سواءِ نه هٽجانءِ. خليفي عبدالوهاب کي اها سڄي خبر پئجي ويئي. هن پنهنجي خاندان ۽ پٽن کي چيو ته مرزا باقي جي حڪم سان خليل خدمتگار مونکي قتل ڪندو جيڪا قضا لکيل آهي مان ان تي راضي آهيان توهان وچ ۾ نه پئجو. سندس معتقدن عرض ڪيو ته اسين خليل کي ٻڌي مرزا باقي ڏانهن اُماڻيون، پر بزرگ کين ائين ڪرڻ کان جهليو. خليل جي آمد جو ٻڌي خليفو ڳوٺ کان ٻاهر تڏو وڇائي ويٺو. ڀرپاسي سندس پُٽ به بيٺا هئا. خليل پهچي هن کي دعا لاءِ چيو هن دعا لاءِ هٿ مٿي کنيا ته خليل جي ماڻهن خليفي جي سِسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏي. خليفي جي هڪ پٽ خليل تي حملو ڪيو ان حملي ۾ هن جو نڪ ڪٽجي ويو ۽ هن جي ڪجهه ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيو. خليفي جو خاندان به ملڪ ڇڏي هليو ويو. خليل جيستائين جيئرو رهيو بنا نڪ جي رهيو ۽ ميڻ جو نڪ ٺاهي لڳائيندو هو. ظلم جي اها بازار گرم رهي ۽ مرزا باقي هاڻي ڪجهه ماڻهن کي شهر نيڪالي ڏيڻ جو پروگرام ٺاهيو جيئن کيس ڪنهن به بُري روش کان ڪو چڱو ماڻهو هن کي روڪي نه سگهي. هن جي خيال ۾ هر علم ۽ هنر وارو ماڻهو هن لاءِ زحمت جو باعث جو سبب هو. جيڪي شريف، سيد ۽ بزرگ شهر ۾ پنهنجين حولين ۾ رهندا هئا تن کي اتان لڏائي شهر کان ٻاهر ڪڍيائين هر ڪنهن کي پنهنجو بدخواه سمجهندو هو، هيءُ نه صرف چڱن ماڻهن ۽ ملڪي ماڻهن جي پٺيان پيو هو، پر جيڪي ماڻهو ٻاهرين ملڪن مان ايندا هئا تن کي به دوکي سان درياءَ جا سير ڪرآئي وچ درياءَ ۾ ٻوڙائي ماري ڇڏيندو هو. جيئن هن ملڪ جي خبر ٻاهر ڪنهن کي به نه پوي. انهيءَ تحفظ جي خيال کان جنهن به ماڻهوءَ ۾ ٿورو گهڻو شڪ پئي پيس تنهن کي ختم پئي ڪرائي ڇڏيائين. پنهنجن يا پراون مان پوءِ کڻي اهي عام شهري هئا يا فوج ۾ هئا جنهن لاءِ ڪجهه پئسن ۽ خوشحاليءَ جي خبر ٻڌندو هو ته انهن کي خوار خراب ڪري پنڻ جهڙو ڪري ڇڏيندو هو.

تاريخ طاهري مطابق[18]، مرزا باقي بکن، ڏکن ۽ سختين جا ڏينهن گذاري هن منزل تي پهتو هو، هُو ڊپ ۾ رهندو هو ته ملڪ ۾ ڪنهن کاڌي پيتي يا اَن جي کوٽ نه ٿئي، تنهنڪري هميشه اناج ذخيري ڪرڻ ۾ لڳل رهندو هو هن ايترو اناج جمع ڪرايو جو قلعي ۾ هينئر مزيد رکڻ جي جڳهه نه هئي ۽ هيٺيون اناج خراب ٿيڻ لڳو. سندن ماڻهن هن کي ان متعلق ٻڌايو، پر هو ڪاوڙجي ويو. هن خراب ٿيل ڪڻڪ مان اٽو پيسرائي ماني ٺاهڻ جو حڪم ڏنو ۽ ٻئي طرف چيڪي مٽيءَ جون مانيون ٺهرائي انهن ماڻهن اڳيان رکيائين ۽ کين کائڻ لاءِ چيو. ماڻهو سينواريل اٽي جي مانيءَ ڏانهن هٿ وڌايو هن هڪل ڪري کين چيو ته مٽيءَ جي ماني کائو. ماڻهن ڊڄي کيس چيو ته مٽيءَ جي ماني ڪيئن کائي سگهنداسون ڏاڍو ڏکيو آهي. هن ڏند ڪرٽيندي چيو، ”توهان جهڙن ڄٽن کي اسان جي دورانديشي ۽ دانشمندي تي شاهد هئڻ کپي ته جيڪڏهن اهڙو بيڪار اَن به ڪم اچي سگهي ٿو ته اهو مٽي کان بهتر سمجهيو وڃي. ڇا اوهان کي خبر ناهي ته جڏهن همايون بادشاهه هن ملڪ ۾ آيو هو ۽ مرزا شاهه حسن زمينون ناس ڪرائي اناج پوکڻ کان روڪيو هو تڏهن ماڻهن جي بک ۾ اهڙي حالت ٿي هئي جو چمڙو پاڻي ۾ ڪاڙهي ان کي پئي کاڌائون. مرزا باقي عقل پٺيان هلندي هينئر ديوانگي جي حد تي اچي پهتو هو ۽ هر ڪم ۾ اتنها تي وڃي پهچندو هو جنهن ماڻهوءَ تي ڏمربو هو ان کي مارائي ڳڀا ڳڀا ڪري ٻوڙ جي ڍاڪنن ۾ ڍڪي سندن مائٽن ڏانهن موڪليندو هو.

خان زمان ۽ انڙن مرزا باقيءَ جي ماڻهن کي عزت ڏني سروپائون ڍڪيون ۽ مهمانن کي تعظيم سان رخصت ڪيو.

اهڙن واعدن اقرارن جي باوجود به خان زمان مختلف ڳوٺن ۽ قبيلن تي چڙهايون ۽ ڦرلٽ ڪندو رهيو جنهن جو جواز هُو ”بدلو“ ٻڌائيندو هو. هن راهو پوٽن، سهتن، هڱورن تي ڪئي حملا ڪري ماڻهن کي قتل ڪيو ۽ مال ڦريو. سوڍن سان به ڏاڍيون جنگيون جوٽيائين[19]

اڪبري لشڪر جي بکر تي ڪاهه:

خان زمان جي ڀاءُ، مرزا محمد سلطان بيگ جي چغليءَ تي شهنشاهه اڪبر پنهنجن ٻن سپهه سالارن محب خان ۽ مجاهد خان جي سرپرستي ۾ هڪ لشڪر بکر ڏانهن موڪليو، خان زمان به هنن سان اچي مليو. سلطان محمود مرزا باقي کي پيغام موڪليو ته اڪبر بادشاهه طرفان مجاهد خان پنجاهه هزار سوارن جو لشڪر اسان تي چڙهائي ڪري آيو جنگ هلي ٿي ۽ اسين مجبور ٿيندا پوئتي هٽندا ٿا وڃون ۽ قلعي ۾ محصور ٿي ويا آهيون جتان ٻاهر نڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي جيڪڏهن توهين اسان کي کاڌ خوراڪ جو سامان پهچائي سگهو ته دير نه ڪيو ۽ ڪجهه لشڪر به موڪليو ڇاڪاڻ ته هن وقت توهان جي مدد جي سخت ضرورت آهي جيئن اسان جو ڪو بچاءُ ٿي سگهي ٻي صورت ۾ شاهي لشڪر اسان تي قبضو ڪندو ۽ پوءِ اوهان تي به ڪاهي ايندو.

مرزا باقي ڪجهه اميرن کان راءِ پڇي جن کين هن کي ئي فيصلي ڪرڻ جو اختيار ڏنو. جنهن ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ نه پوڻ جو فيصلو ڪيو ڇاڪاڻ ته هن سمجهيو ٻئي ته شاهي لشڪر بکر تي قبضي کان پوءِ هنن ڏانهن رخ ڪندو تنهنڪري ان مصيبت کي ٽارڻ لاءِ هن اهو فيصلو ڪيو سڀ هن جي فيصلي سان متفق ٿيا ۽ خاموش ٿي ويهي رهيا. [20] جلد ئي شاهي لشڪر ارغونن سان گڏجي بکر قلعي تي قبضو ڪيو. سلطان محمود هڪ ننڍڙي ٻيڙي ۾ چڙهي گم ٿي ويو[21] ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سلطان محمود هڪ عريضي دهلي جي حڪمران اڪبر اعظم ڏانهن موڪليا ته اسين حضور جن جا ٻانهن ٻڌا غلام آهيون اسان ۾ ڪابه سرڪشي نه آهي مگر محب خان جنهن کي حضور جن هن ملڪ کي فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي تنهن سان ارغون ماڻهو (خان زمان ۽ ان جا عزيز) همراهه آهن جن جي اسان سان عداوت ۽ دشمني آهي تنهنڪري عرض آهي ته حضور جن مهرباني ڪري ڪو ٻيو صُوبو موڪلڻ فرمائيندا ته آئون پنهنجو سمورو ملڪ ان جي حوالي ڪندس ۽ پنهنجي ڌيءَ به اڪبر اعظم جي زوجيت ۾ ڏيڻ لاءِ رواني ڪئي اڪبراعظم انهيءَ پيغام پهچڻ کان پوءِ ڪيسو خان کي بکر روانو ڪيو ۽ محب علي خان کي دهلي ڏانهن گهرائي ورتو. ڪيسو خان اڃان بکر ۾ پهتو ئي ڪين تنهن کان اڳ ۾ سلطان محمود وفات ڪئي.

سلطان محمود جي سڀني اميرن وزيرن ڪيسو خان جي مرحبا ڪئي ان تي بيعت ڪيائون ۽ کيس قلعي ۾ رهايائون.

تاريخ طاهري مطابق ته مرزا باقي جي ڪچهري جي ڪن ماڻهن کان نقل آهي ته ڪجهه ڏينهن ۾ اڪبر بادشاهه طرفان هڪ ايلچي مرزا باقي وٽ ڪبوترن جون ڪي جوڙيون کڻي آيو ۽ شاهي فرمان به پهچايائين، مرزا باقي چيو بادشاه سلامت اسان کان هنن ڪبوترن جي داڻي جي گهر ڪئي آهي، پر پاڻ وٽ ته اهڙي ڪا شئي ناهي، خير پنهنجي حال مطابق شاهي درٻار ۾ ڪجهه نه ڪجهه موڪليو. هن ايلچي کي ڪوڻي (نيلوفر) جو ٻج ۽ ڪجهه گاهن جا ٻج ڳنڍ ٻڌائي پنهنجي عريضي (درخواست) سان موڪلي ۽ پنهنجي مسڪيني ۽ عاجزي ڏيکاريندي لکيو ته هن ملڪ ۾ اناج جي اڻاٺ رهي ٿي هتي جيڪي ڪجهه پيدا ٿئي ٿو سو شاهي ڪبوترن جي خوراڪ لائق ناهي تنهن هوندي به پنهنجي حال مطابق ڪجهه داڻو موڪليو آهي جيئن هن ويران هنڌ تي رهندي پريشان ٿيڻ جي حاجت درپيش نه اچي. مرزا باقي وٽ اناج جو وڏو ذخيرو هو ۽ سنڌ جو اهو حصو زرعي آبادي کان مشهور هو، پر هن کي اهو ڊپ هو ته اڪبر بادشاهه هيڏانهن جو رخ نه ڪري تنهنڪري هن غلط بياني کان ڪم پئي ورتو.

سلطان محمود خان جي وفات:

تاريخ معصومي مطابق ته سلطان محمود اڪبر بادشاهه ڏانهن جيڪي تحفا ۽ پنهنجي ڌي جنهن کي اڪبر سان نڪاح ڪرڻو هو، اهي بادشاهه کي ڏاڍا پسند آيا ۽ قبول ڪيائين، جنهن بکر جي حڪومت جو فرمان سلطان محمود کي موڪليو. مغل حڪومت جي موجود سکر جي ايلچي محب علي خان ۽ مجاهد خان شهنشاهي فرمان کان انڪار ڪيو ۽ سلطاني قلعو بند رهيو.

رجب سنه 980هه جي شروع کانوٺي رمضان 982هه تائين سلطان محمدو جلندر جي بيماري ۾ مبتلا رهيو، هن اڪبر بادشاهه کي چوايو ته ڪو شخص موڪليو جنهن جي حوالي قلعو ڪجي. محب خان قلعي ٻاهران ڏاڍو ظلم ٻاري ڏنو هو، بک ۽ بيماري وگهي جيڪو ماڻهو پئي نڪتو تنهن جو پيٽ چيري پيٽ مان سون ڳولهيندو هو ته ڪٿي هن سون ڳجهي ته نه ويو آهي. معصومي اهو سڀ ڪجهه لکي ٿو، پر اهو نه ٿو ٻڌائي ته بادشاهه اڪبر تائين محب خان جون شڪايتون ڇو نه ويون، اگر ويون ته عمل ڇو نه ڪيو ويو، ڪٿي هن کي اهو ته حڪم مليل نه هو ته سلطان محمود تي اهي ظلم ڪيا وڃن. سلطان محمود صفر 982هه ڇنڇر ڏينهن منجهند جو هن عالم فاني کان جهان جاوداني ڏانهن رحلت ڪئي. محب خان قلعي کي گهيرو ڪيو قلعي وارن همت ڪري هن سان جنگ جاري رکي ۽ کيس قلعي کان دور ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا.[22] دربار اڪبري سان گيسو خان پهتو، جنهن کي خوش آمديد ڪرڻ لاءِ قلعي جا امير پنهنجون ٻيڙيون سينگاري موڪليون، بکر پهچي گيسو خان قلعي جون چاٻيون ورتيون، ائين سلطان خان جي حڪومت ختم ٿي ۽ بکر حڪومت اڪبر بادشاهه جي شهنشاهيت هيٺ آئي ۽ گيسو خان کان صوبيدارن جي مقرري شروع ٿي.

بکر تي اڪبر اعظم جو قبضو انهن ڳالهين مرزا باقي کي پريشان ڪري ڇڏيو پنهنجي عاقبت بچائڻ لاءِ هن پنهنجي ڌيءَ سنڌي بيگم جو سڱ اڪبر بادشاهه کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. آخوند جمال الدين جيڪو هن جو نائب هو تنهن کان صلاح ورتائين ته اڪبر بکر تائين اچي پهتو آهي اگر هن جو لشڪر اسان ڏانهن آيو ته اسين پنهنجو بچاءُ به نه ڪري سگهنداسين ڇاڪاڻ ته هنن جو لشڪر جو تعداد تمام گهڻو آهي ۽ هر قسم جو جنگي سامان هنن وٽ موجود آهي، مون فيصلو ڪيو آهي ته پنهنجي ملڪ جي بچاءَ لاءِ اڪبر کي خوش ڪيان ۽ پنهنجي ڌي سنڌي بيگم هن جي زوجيت ۾ ڏيان. جمال الدين جو چوڻ آهي ته مون هن کي ان عمل کان روڪيو، پر هو هن تي سخت ڪاوڙيو ۽ کيس محل مان ڌڪا ڏيئي ڪڍي ڇڏيو ۽ ٻين اميرن کي گهرائي صلاح مصلحت ڪري پنهنجي نياڻي ۽ سندس ڏاج ۽ تحفا ڏئي سيد جلال شاهه ولد سيد علي (سيد جلال شاهه مرزا صالح جو ناٺي هو[23] ۽ خواجه امير بيگ ديوان سان شاهي درٻار ڏانهن ڏياري موڪليائين. ارغون جيڪي مرزا باقي جي ظلمن کان ڀڄي اچي شاهي درٻار ۾ پهتا هئا تن مرزا باقي کي ڪافي بدنام ڪيو هو هن جي ظلم جي داستان کان بادشاهه اڪبر به واقف هو تنهن هن جي ڌيءَ کي هڪ محل ۾ رهڻ جو حڪم ڏنو. تاريخ طاهري مطابق ته بادشاهه هن وٽ هڪ دفعو وٽس رهيو وري سندس منهن نه ڏٺائين. ملازمن کي چيائين ته هيءُ مرزا باقي جنهن جا ٺٽي جا سيد ۽ ترخان سڱابندي ڪري مائٽ ٿي ويا هئا. خونيءَ جي ڌيءَ آهي کيس شاهي محل مان ڪڍي ٻئي هنڌ رهايو وڃي. سنڌي بيگم ڪيترا ڏينهن بي يارو مددگار ويٺي رهي. آخر ارغونن کي ڪجهه غيرت آئي هنن بادشاهه کي عرض ڪيو ته جيتوڻڪ مرزا باقي پنهنجي ڀائرن جو خوني ۽ اسان جو جاني دشمن آهي، پر ان ۾ هن نياڻي جو ڪو ڏوهه ناهي توهان مهرباني ڪري هن کي مرزا باقي ڏانهن روانو ڪيو. اڪبر بادشاهه هن کي هڪ هاٿي عنايت ڪيو ۽ ڪجهه زمين هن جي نالي ڪئي جيئن ان جي آمدني مان هن جو گذر سفر ٿي سگهي ۽ کيس مرزا باقي ڏانهن روانو ڪيو. مرزا باقي کي ڌيءَ جي روانگي جي خبر پئجي ويئي هن صبر ڪيو ۽ آخوند جمال الدين کي گهرائي کيس سڄي ماجرا ٻڌائي جنهن کيس آٿت ڏني ته خير سان تنهنجي نياڻي تو وٽ پهچي ويئي.

بکر جي حڪمران مرزا باقيءَ جي علائقن سان ڇيڙخاني شروع ڪري ڏني هن جو لشڪر سيوهڻ تائين پهچي آباد زمينن کي برباد ڪري ڇڏيندو هو. مرزا باقيءَ طرفان فتح خان جيڪو هڪ غلام هو اهو حڪمران مقرر هو جنهن هڪ هندوءَ کي جنهن جو نالو جوڻو هو مير منشي رکيو هو ۽ هر ڪم هن جي حوالي ڪري پاڻ ۽ سندس پٽ ابوالتع محفلون رچائيندا هئا. مردن کي زنانا ڪپڙا پارائي پنهنجي اڳيان ويهاريندا هئا. بي شمار طعام تيار ڪرائيندا هئا. فتح خان کان ملڪي معاملات ۾ اگر ڪو پڇندو هو ته چوندو هو جوڻو کي خبر هوندي. خزانو برين حرڪتن تي کپائيندا هئا. مرزا باقي کي جڏهن اهڙين حرڪتن جي خبر پئي ته هن پنهنجن ٽن پٽن کي جن کي پنهنجي نگرانيءَ ۾ سٺي تربيت ڏياري هئي مختلف پرڳڻن تي صوبه دار ڪري موڪليو. مرزا پائنده خان جيڪو سڀني ڀائرن ۾ وڏو هو، پر دماغي طور تي هو صحيح نه هو تنهن کي شاهي لشڪر سان منهن ڏيڻ لاءِ سيوهڻ ۾ رکيائين. سيوهڻ جي حڪومت جو سڄو ڪاروبار مرزا پائنده خان جو پٽ مرزا جاني بيگ هلائيندو هو. شمس ڪشميري هن جو وزير هو. شير علي ڪوڪو هن جو وزير مقرر ٿيو. ٻئي پٽ مرزا شاهه رخ ترخان کي نصرپور جو حاڪم مقرر ڪيو. ٽئين پٽ مرزا محمد مظفر پٽ کي چاچڪن ۽ بدين واري  سرڪار تي حاڪم مقرر ڪيو ۽ علي خان کي هن جو وزير مقرر ڪيو. نيرون ڪوٽ جتان جا رهواسي هن کي ڍل ڏيڻ کان انڪار ڪندا هئا، اتي مرزا محمد زمان ترخان کي حاڪم ۽ قاسم علي سلطان کي وزير مقرر ڪيو. ٺٽي وارو صوبو لاهري بندر کان ڪڪرالي تائين جتي جا سنڌي قبيلا، سما، دل ۽ لانگاهه رهندا هئا جن مان مرزا باقي هميشه خطرو محسوس ڪندو هو. اُهو پنهنجن خاص ماڻهن جي حوالي ڪري منصوبه بندي جو هڪ ڄار وڇائي ڇڏيو هر هفتي هر سرڪار جي ڪارگذاري جي خبر وٺڻ. پر جيڪڏهن اها وقت تي نه ملي ته اتان جي وزير کي قتل ڪرائڻ لاءِ ملڪ جي هر ڪنڊڪڙڇ ۾ جاسوس پکيڙي ڇڏيا هئائين جن جو ڪم هو ته مرزا باقي جي پٽن ۽ انهن جي وزيرن بابت هر سٺي يا خراب خبرون پهچائڻ هو. پاڻ قلعي ۾ آرام سان ويٺو هوندو هو. هن پنهنجا حڪم اهڙي نموني مضبوط ڪيا جو اميرن وزيرن جون حياتيون زهر ڪري ڇڏيائين ٿوري گهڻي غلطي تي سندن ڪن ۽ نڪ ڪپائي ڇڏيندو هو ۽ ڪيترن کي قتل ڪرائي ڇڏيائين. ان ۾ هندن توڙي مسلمانن سان ڪا رعايت نه هوندي هئي. تاريخ طاهري موجب مرزا باقي جي پٽ مرزا پائنده خان جو دماغي طور تي صحيح نه هئڻ به مرزا باقي ڪارڻ هو. هڪ دفعي هن ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪجهه ڏنو جيڪو هن ڏسي ورتو هن پٽ تي وڏي ڦٽڪار وجهي ان سان ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو. مرزا پائنده ان ڏينهن کان پاڻ کي گونگو ۽ ٻوڙو ڪري ڇڏيو ۽ هميشه چپ رهندو هو[24] آهسته آهسته هن جي دماغ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو. هن جا ظلم رعيت تي ايترا وڌي ويا ۽ هن ماڻهن جو ايترو ته جاني ۽ مالي نقصان ڪيو جو سڄي ملڪ ۾ روڄ راڙو مچي ويو مسلمان مسجدن ۾ ۽ هندو مندر  ۾ هن مان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ هن جي لاءِ موت جي دعا گهرندا هئا. اوچتو نصرپور ۾ حاڪم طور مقرر ٿيل هن جو پٽ جيڪو کيس ڏاڍو پيارو هو ان جي موت جو اطلاع مليو. بجاءِ ڏک ۽ پنهنجي دل نرم ڪرڻ جي هي ٻين لاءِ هڪ خونخوار ماڻهو ٿي پيو هو، پر ان سان گڏ ملڪ هلائڻ لاءِ هو وڏو ايڊمنسٽر هو. ملڪ جون سرحدون مضبوط ڪيائين ان لاءِ هن جي زندگيءَ جو هڪ وڏو حصو جنگين ۾ گذريو. ملڪ بچائڻ لاءِ ۽ حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ هيءُ پنهنجن ڀائرن ۽ عزيزن کي قتل ڪرڻ کان به نه مڙيو. پنهنجي حڪومت جي سختي جو ڏهڪاءُ اهڙو پکيڙي ڇڏيائين جو هرڪو پيو هن کان ڊڄندو هو. ملڪ ۾ اناج ۽ کاڌي پيتي جو وڏو ذخيرو موجود هو. هينئر هن جا پٽ ۽ ٻيا اعتماد جهڙا ماڻهو ملڪ جي مختلف پرڳڻن تي حڪمران هئا جتي هن جو  سخت قانون موجود هو. پاڻ گاديءَ تي آرام سان ويٺو هو، جيڪڏهن گهرائيءَ سان ان ڳالهه جو جائزو ورتو وڃي ته مرزا باقي اهڙو ماڻهو خودڪشي ڇو ڪندو. ٿي سگهي ٿو ته هن جا اعتماد وارا ماڻهو جيڪي هن سان ڏينهن گڏ رهندا هئا انهن هن خلاف ڪا سازش تيار ڪئي هجي ۽ خودڪشي جو ڊرامو رچايو هجي. ٿي سگهي ٿو سياٽي جي والد کي ان سازش جي خبر نه هجي. لب تاريخ، تحفة الڪرم تاريخ طاهري کي مڃيو آهي، پر مرزا باقي جي زندگي ۽ ڪردار کي ڏسجي ته جيڪو ماڻهو ڪيڙن واري پراڻي ڪڻڪ به پاڻ وٽ لڪائي رکندو هو سو ڪيئن پنهنجي زندگي ۽ حڪومت جو پاڻ لاءِ خاتمو آڻيندو. مرزا باقي جي قتل يا خودڪشي جي خبر جڏهن اميرن وزيرن تائين پهتي ته هنن جن کي قتل جو ملزم قرار ڏنو تن کي في الحال بند خاني يعني لاڪب ڪيو ۽ نئين حڪمران لاءِ صلاح مشورو شروع ڪيائون. مرزا پائنده جئين ته سڀني ڀائرن ۾ وڏو هو، پر دماغي طور تي صحيح نه هو تنهنڪري اهو فيصلو ڪيو ويو ته هن جي پٽ مرزا جاني بيگ جيڪو هڪ بهترين ايڊمنسٽر هو تنهن کي حڪمران مقرر ڪجي. مرزا مظفر جيڪو مرزا باقي جو ٻيون نمبر پٽ هو ان کي انهيءَ ڪري حڪومت نه ڏني ويئي ڇاڪاڻ جو هن جي ماءُ ”سما“ خاندان مان هئي جن کان ارغونن حڪومت کسي هئي کين ڊپ هو ته سمن جي اچڻ وڃڻ ڪري ترخان حڪومت تي اثر پوندو ۽ اڳتي هلي هو پنهنجا پير پختا ڪندا.

هينئر هنن پنهنجي توجهه انهن ماڻهن ڏانهن ڏني جن کي مرزا باقي جو قاتل سمجهيو پئي ويو. جيتوڻيڪ انهن هر قدم جي شاهدي مرزا باقي جي خودڪشي جي جڳهه ۽ نوڪرن مٿان ڪرڻ جو ٻڌايو پر ڪنهن به يقين نه ڪيو ۽ حڪومت جي دهشت ثابت ڪرڻ ۽ ماڻهن کي سيکت ڏيڻ لاءِ کين سخت سزائون ڏئي ماريو. درياهي آبدار کي آلي ڪاٺي جا ٽڪرائي ڪرائي ان ۾ پوري باهه ڏني جيڪو ڏاڍي تڪليف سهي پنهنجي جان ڏني. مارقدم قورجي کي چيرائي سندس جسم جا ٻه حصا ڪيا ويا ۽ انهن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري شهر ۽ جهنگ ۾ اڇلايا ويا. هندوءَ کي سنگسار ڪيو ويو. ملڪ احمد لاءِ حڪم ٿيو ته هن کي وچ بازار ۾ سمهاري پيرن کان چوٽيءَ تائين سندس کل لاٿي وڃي پوءِ هن جي جسم جون ٻوٽيون ڪري ڪتن اڳيان اُڇلايون وڃن. چون ٿا ته جڏهن ملڪ احمد جي کل لاٿي پئي ويئي ته ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍيائين ۽ سور جو عذاب سهندي مري ويو.

ميان حسن (نسياني) جي والد جيڪو مرزا باقي جي قتل واري رات اتي موجود هو تنهن جي جان بخشي لاءِ خليل مهردار مرزا جاني بيگ کي عرض ڪيو ۽ کيس سمجهايائين ته هي سيد زادو بي گناه آهي ان رات هي ملڪ احمد جي چوڪيءَ ۾ داخل هو هن وٽان نه ڪوبه رت لڳل سامان وغيره هٿ نه آيو آهي ۽ نه ڪا ٻي ثابتي ملي آهي تنهنڪري هن جي جان بخشي وڃي.

مرزا باقي ترخان جي خودڪشي يا قتل:

ذهني دٻاءَ ماڻهن جي آهن ۽ دانهن جو نيٺ اچي انت ٿيو. ترخان دور لاءِ تاريخ طاهري کي وڏي اهميت آهي ۽ مورخن هن کي صحيح مڃيو آهي بهرحال ڪجهه وڌاءُ ۽ گهٽتائي به ٿي سگهي ٿي. تاريخ طاهري جو مصنف سيد طاهر محمد نسياني ٺٽوي مرزا باقي ترخان جي خودڪشي متعلق لکي ٿو ته سندس والد ميان حسن هن کي ٻڌايو ته مرزا باقي پنهنجن خاص خدمتگارن مار قوم قورجي ڇتي هندو ۽ درياهي آبدار سان خوابگاه ۾ ستو پيو هو. ٻاهر سندس پٽيلو ملڪ احمد جي چوڪي هئي. اڌ رات جو هي اٿيو ٻرندڙ ڏيئو وسايو، ترار مياڻ مان ڪڍي ان جو مٺيون[25] دروازي جي طاق ۾ ڦاسائي ترار جي چهنب کي زور سان پنهنجي پيٽ ۾ وڌائين جيڪا وڃي هن جي پٺيءَ مان نڪتي سندس آنڊا ٻاهر نڪري آيا جن کي پنهنجن هٿن سان جهلي هٿوراڙيون هڻندو وڃي نوڪرن جي مٿان ڪريو نوڪر گهٻرائجي اٿيا ۽ کيس کڻي پلنگ تي ليٽايو. مرزا باقي مرڻ کان اڳ ۾ پنهنجي پٽيلي ملڪ احمد کي گهرايو، پر هن کي اچي ڊپ ورايو ته متان هن جي مٿان مرزا باقي جي قتل جو الزام نه لڳي پر آخر مرزا جي گهڻي اسرار بعد هي خوابگاه پهتو.

مرزا باقي هن کي پاڻ وٽ سڏيو ۽ کيس زور سان ڀاڪر پاتو هن جا ڪپڙا رت ۾ ڳاڙها ٿي ويا. ملڪ احمد ڊڄي ويو ۽ مرزا کي چيائين ”مون کي هن واقعي جي ڪا خبر ڪانهي ته هيءَ مصيبت ڪنهن اوهان تي آندي، پر توهان زوري مون کي ماڻهن جي روبرو قتل جو ملزم بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو، اوهان جي انتقال کانپوءِ خبر ناهي ته منهنجو الائي ڪهڙو حشر ٿيندو.

مرزا باقي اتي چوڻ شروع ڪيو مان توهان سڀني کي تاڪيد ٿو ڪيان ۽ شاهد ٿو بڻايان ته منهنجي موت جو ڏوهه ڪنهن تي به نه هڻجو مون پاڻ کي پاڻ قتل ڪيو آهي ان ۾ ڪنهن ٻئي جو هٿ ناهي. ڳالهائيندي سندس پساه پورا ٿيا ۽ دم ڌڻي حوالي ڪيائين. سندس وفات 8 شوال 993هه مطابق 1585ع ۾ ٿي کيس مڪلي جي قبرستان ۾ مرزا عيسيٰ ترخان جي ويجهو دفن ڪيو ويو. [26]

اها خبر جڏهن عام ماڻهن ۽ مائٽن کي پهتي ته هرڪو پنهنجي جاءِ تي حيران ۽ پريشان ٿي ويو. ماڻهن، سردارن، سپهه سالارن جو وڏو تعداد ديوان خاني ۾ اچي جمع ٿيو سڀني ۾ مرزا باقي جي قتل جو چوٻول متل هو. نيسائي پنهنجي والد کان ٻڌل ڳالهه لکي ٿو ته ڪيترن ماڻهن کان ائين ٻڌو ته ملڪ احمد سان گڏ ٻين ماڻهن کي به جيڪي مرزا باقي سان گڏ هئا خوار خراب ڪري کين قتل ڪيو ويندو ڇاڪاڻ ته ڪنهن به ماڻهو مرزا باقي جي خودڪشي کي تسليم نه ڪيو ۽ ان سازش جو الزام ملڪ احمد تي هنيو ويو. نيسائي جو والد ته گهڻو ڪجهه خودڪشي متعلق ٻڌايو آهي، پر هن تي يقين ڪرڻ وارو ڪو به نه هو.

مرزا پائنده بيگ ۽ مرزا جاني بيگ:

مرزا باقي جي قتل يا خودڪشيءَ ۾ ملوث مجرمن کي سزا ڏيڻ کان پوءِ مرزا پائندو جي حڪومت جو اعلان ڪرايو ويو. ماڻهو ايڏي دهشت ۽ بربريت کان ڊڄي پاسيرا ٿي ويهي رهيا. مرزا مظفر خان جنهن جي حوالي بدين ۽ چاچڪن جو پرڳڻو هو پيءُ جي مرڻ کان پوءِ حڪومت جي وارثيءَ لاءِ پنهنجي وزير علي خان سان گڏ ٺٽي جي ويجهو اچي رهيو هو. واپس بدين هليو ويو ۽ مرزا جاني جي حڪومت کي تسليم نه ڪيائين جاني بيگ مرزا مظفر کي ڪنهن به صورت ۾ گادي ڏيڻ لاءِ تيار نه هو ۽ هن جي طاقت کي ٽوڙڻ لاءِ بدين ڏانهن ڪاه ڪيائين. مرزا مظفر به جنگ جي تياري ڪئي. هن جا ناناڻا سما هئا اهي به پنهنجن ساٿين سان گڏ هن جي لشڪر ۾ شامل هئا ۽ ڪيئي ارغون ۽ ترخان به شامل هئا. مرزا جاني پنهنجن مغلن کي لکي موڪليو ته اها ڳالهه اوهان جي شان وٽان ناهي جو منهنجي خلاف جنگ ۾ شامل ٿي پاڻ کي توڙي مرزا مظفر کي خراب ٿا ڪيو. سڀاڻي جيڪڏهن مرزا مظفر جي فتح ٿي ته هُو سمن ۽ راجپوتن کي ترجيح ڏيندو ۽ توهان جي ڪا به حيثيت نه رهندي جيڪڏهن توهان مرزا مظفر جو ساٿ ڇڏيو ته مان اوهان تي نوازشون ڪندس ۽ هر قسم جا عهدا ڏيندس ان جو مان اقرار ڪيان ٿو.[27] تاريخ طاهري مطابق ته جنگ ۾ هرڪو سر تريءَ تي رکي هاٿيءَ وانگر گوڙيون ڪندو ۽ شينهن وانگي گجندو هڪ ٻئي مٿان ڪڙڪندو ۽ ڪاهيندو رهيو ڪنهن کي به پنهنجي سر جو اونو ڪو نه هو جنهن کي جتان پئي وڻيو وڄ جيان پئي چمڪيو. جوانن جي هيبت ڀريل هڪلن ۽ ترارن جي ڪٽڪن جو ايڏو ته پڙاڏو پکڙجڻ لڳو جو آسمان تي تسبيح پڙهندڙ ملائڪن جي ذڪر فڪر ۾ به خلل پئجي ويو.

لشڪر ۾ شامل مغل جنگ هلندي پاسو ڪري بيهي رهيا. مرزا مظفر کين جنگ لاءِ ڏاڍو همٿايو، پر هُو نه آيا آخر پنهنجي لشڪر جو نفاق ۽ مرزا جاني بيگ جو غلبو ڏسي پنهنجي ماڻهن کي چيائين ته توهين جنگ جاري رکو، مان پنهنجي والده ۽ تعلقدارن کي پنهنجي سامان سميت اڳڀرو ڪري اچان ٿو. جتان هُو ڪڇ جو رستو وٺي هليو ويو. ۽ ڪڇ جي حڪمران وٽ پناه ورتائين. جاني بيگ قلعي ۾ داخل ٿيو مغلن تي مهرباني جو هٿ رکيائين  کين جاگيرن ۽ ٻين نوازشن سان نوازيائين. فتح حاصل ڪرڻ کانپوءِ واپس ٺٽي وريو ۽ مرزا باقي جو جمع ٿيل خزانو لشڪر، اميرن ۽ حقدارن ۾ ورهايائين. جمع ٿيل اناج به عام ماڻهن ۽ ضرور تمندن کي پهچايائون. خراب ٿيل اَن پکين کي ڏئي ڇڏيائين سندس احسانن جي ڪري ماڻهن جا درد ختم ٿيا ڄڻ سندن ڦٽن تي مرهم رکي ويئي.

مرزا جاني بيگ هر ادنيٰ ۽ اعليٰ کي خوش رکيو ۽ پنهنجي ملڪ جي حدن جي ڏاڍي سهڻي نموني سنڀال ڪيائين.[28]

اڪبر بادشاه جي لشڪر جي ڪاهه:

مرزا جاني بيگ کي اوچتو اطلاع مليو ته شهنشاه اڪبر جي حڪم موجب ته صادق محمد خان جيڪو بکر تي هندستان جي بادشاه اڪبر طرفان مقرر ٿيل صوبه دار هو، ڏکڻ سنڌ فتح ڪرڻ جي ارادي سان سيوهڻ اچي پهتو آهي[29] مرزا جاني بيگ هڪ لشڪر وڏين ٻيڙن ۾ چاڙهي امير خسرو خان جي سپهه سالاري هيٺ سيوهڻ روانو ڪيو ۽ ٻيو لشڪر شاهه قاسم (خان زمان) جي سرپرستي  ۾ موڪليو. صادق علي سخت مقابلو ڪيو، پر کيس ڪاميابي حاصل نه پئي ٿي. قلعي وارن هن سان سخت مقابلو ڪيو. تحفةالڪرام موجب ته صادق خان قلعي ۾ کاٽ هئڻ جو حڪم ڏنو. قلعي وارن اندران ٻي ڀت ٺاهڻ شروع ڪئي. کاٽ کان پوءِ بارود وجهرائي ان کي باه ڏياريائين ڌماڪي سان ڀت اڏري، پر اڳيان وري ان کان به مضبوط ڀت ڏسي ششدر ٿي ويو اوچتو جاني بيگ به لشڪر سان ان پاسي پهچي ويو. صادق خان لشڪر سميت وٺي ڀڳو ۽ وڃي بکر ۾ ساه پٽيائين[30] مرزا جاني بيگ پنهنجي ننڍي ڀاءُ مرزا شاه رخ کي تحفا ڏيئي اڪبر بادشاه ڏانهن موڪليو ۽ بادشاهه کي هڪ عريضي موڪلي جنهن ۾ پاڻ کي بادشاه جو فرمانبردار ٿي رهڻ جو اقرار ڪندي وڌيڪ لکيو ته اسين هن ڪنڊ ۾ آزاد نموني وڏي آرام سان حڪومت جي گادي تي ويٺا آهيون جيڪا جنت مڪاني (همايون) جي ڀلائي هئي جنهن عهدنامي ذريعي هن ملڪ جي حڪومت اسان کي ڏياري. اسين توهان لاءِ دعائون ڪندا رهون ٿا. جيئن ته هتان جا ماڻهو فتني باز ۽ موقع پرست آهن انڪري توهان جي قدمبوسي جو شرف حاصل ڪرڻ جي مهلت نه ملي سگهي آهي جنهنڪري پنهنجي ڀاءُ مرزا شاهه رخ کي موڪلجي ٿو جنهن جي توهان اڳيان بحر ۾ قطري جيتري حيثيت هوندي ان کان پوءِ مرزا جاني بيگ حڪومت هلائڻ لڳو ۽ آرام سان زندگي گذارڻ لڳو.[31]

خان خانان جو سنڌ ۾ اچڻ:

ابوالفضل (آئين اڪبري) مطابق عبدالرحمان خان خانان بيرم خان جو پٽ هو جنهن کي دربار اڪبري مان قنڌار فتح ڪرڻ جو حڪم مليو هو بلوچستان جو رستو ورتائين، پر جيئن ته ملتان ۽ سنڌ (ٺٽو) وارن سان هن جي عداوت هئي تنهنڪري هن شهنشاهه کان سنڌ تي حملي جي اجازت گهري[32] ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ مطابق ته سن ۽ تاريخن جو وڏو تضاد آهي جنهن ۾ خان خانان جي مقرري ۽ بکر ڏانهن پهچڻ جو آهي. هن جي مقرري ستين ربيع الاول 999هه 13 جنوري 1591ع آهي. معصومي لکي ٿو[33] ته سکر ۾ ماڪڙ جي حملي فصل تباه ڪيو سڄي پرڳڻي ۾ ڏڪر پئجي ويو. اڪبر بادشاه لاهور جي تختگاهه پهتو جيڪو هن جي حڪومت هيٺ هو. مرزاجاني بيگ اطلاع باوجود به بادشاه جي قدمبوسي لاءِ نه پهتو ۽ پنهنجي اطاعت جا فرض بجا نه آندائين ۽ خود مختياريءَ جو دم هڻڻ لڳو. بادشاهه هن جي خلاف جلال ۾ اچي ويو ۽ خان خانان کي ٺٽي جي فتح ۽ بلوچن جي بندوبست لاءِ مقرر ڪيو کيس درٻيلو، ڪاڪڙي ۽ چانڊڪا (هاڻوڪو لاڙڪاڻو) جاگير طور عطا ڪيو. معصومي جيڪو پڻ درٻار ۾ هو تنهن کي بادشاه طرفان سندس والده سان ملڻ جي اجازت ملي. لکي ٿو ته 14 صفر 999هه  Dec:1590 تي بکر پهتس ”بغايت خوب است“ مهينو ۽ سن ٻڌايو ويو آهي، ۽ پٺيان خان خانان به اچي پهتو. معصومي مطابق موسم ڏاڍي گرم هئي ۽ ندي ۾ سيلاب هو اڳيان هُو مهينو ڊسمبر ٿو ٻڌائي هت وري گرمي جو ذڪر ڪيو اٿس. يقيناً معصومي کان يا لکڻ ۾ غلطي ٿي اهي جيڪا ڪيترن تاريخدانن نوٽ ڪئي آهي.) ڪجهه ڏينهن بکر ۾ رهي هُو جاني بيگ جي پرڳڻن ڏانهن روانا ٿيا ۽ سيوهڻ پهتا. خان خانان سان وڏو لشڪر ساڻ هو. مرزا جاني بيگ کي جڏهن بکر ۾ خان خانان جي اچڻ جو اطلاع مليو تڏهن هن پنهنجن صلاحڪارن کان صلاحون وٺڻ شروع ڪيون. تاريخ طاهري موجب ته شروع ۾ ئي هن کي صلاح ڏني ويئي هئي ته بادشاهه جي فرمانبرداري کان منهن نه موڙ. هينئر کيس چيائون ته سنڌي بيگم (سندس پڦي) ۽ مرزا باقي جي ڌيءُ جيڪا اڪبر بادشاهه جي حرمن (بيگمات) مان آهي تنهن کي عهدنامن جي فرمانن سان گڏ خان خانان ڏانهن بکر موڪل ۽ کيس آگاهه ڪر ته اسين بادشاهه جا تابعدار آهيون.

مرزا جاني بيگ اها ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار نه ٿيو ۽ وراڻيو ته جيڪڏهن اسان جا وڏا پنهنجي تنگ ناموس جو ڪو خيال نه ڪري جيڪا بدنامي پاڻ تي کڻي ويا تن وانگر مان ڪڏهن به اهڙو عمل نه ڪندس. پنهنجي بچاءَ لاءِ جيڪا به جنگي قوت آهي استعمال ڪندس اڳتي جيڪي قسمت ۾ هوندو پنهنجي عورت ڏئي پناه ڪونه وٺندس. مرزا جاني بيگ اعلان ڪيو جنهن به شخص کي پنهنجي سر ۽ اولاد جي سِر جو ڊپ هجي ان کي جدا هئڻ کپي ۽ جيڪي ڪجهه وٽس هجي کڻي وڃي. سندس صلاڪارن وري ميڙ منٿ ڪيس ته هي ننڍڙو ملڪ جنهن جو لشڪر به گهٽ آهي ۽ ملڪ جو خزانو جيڪو مرزا شاهه حسن ارغون کان وٺي مرزا باقي تائين سلامت هو[34] اهو به ورهايو ويو آهي شاهي لشڪر سان ڪيئن مقابلو ڪندا مرزا جاني بيگ وٽ هر سوال جو جواب هو سندس موقف هو ته اڪبر بادشاهه جي لشڪر سان ڪو به مقابلو نه ٿو ڪري سگهي، پر مون کي اهو نه ٿو جڳائي ته مان پنهنجو ملڪ ۽ مال مفت ۾ ڪنهن غنيم جي حوالي ڪيان جو ماڻهو منهنجي بزدلي بيان ڪري چون ته هن گهراڻي ۾ هڪ اهڙو ماڻهو هو جو محض پنهنجي جان جي خوف کان پنهنجو مورثي ملڪ ٻين حوالي ڪري ڇڏيو. آخر فيصلو اهو ڪيو ويو ته جنگ هر حالت ۾ ڪرڻي پوندي. مرزا جاني بيگ جي لشڪر ۾ قابل سپاهي ۽ سورهيه جوان شامل هئا هن دستام بيگ جي پيءُ رستم بيگ ڪجهه لشڪر ڏيئي سيوهڻ روانو ڪيو ۽ کيس حڪم ڏنو ويو ته قلعي جي ٻاهران ٺهيل گهر ڊاهي پٽ ڪيا وڃن ۽ قلعي جي اهڙي سخت نگهباني ڪئي وڃي جو ڪو به ماڻهو قلعي ڀرسان گهمي نه سگهي. رستم بيگ ائين ئي ڪيو. جاني بيگ پاڻ لشڪر ساڻ ڪري نصرپور صوبي جي بوهري Buhiri ڳوٺ وٽ مورچا ٻڌي ويٺو. خانخانان سيوهڻ پهچي قلعي کي گهيرو ڪري ويٺو ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هن ٺٽي تي حملي ڪرڻ جو سوچيو جيڪو گادي وارو شهر هو. سيوهڻ ۾ ڪجهه لشڪر ۽ ٻيڙيون ڇڏي باقي لشڪر ساڻ ڪري اڳتي وڌيو. جڏهن لڪي وٽ پهتو ته ان جي بيهڪ ڏسي حيران ٿي ويو. کيس خبر پيئي ته ڏاها ۽ دورانديش ماڻهو لڪيءَ کي سنڌ جو دروازو ڪري سڏين ٿا. هن ڏٺو ته جالا ڏيندڙ درياءَ وٽان لڪي جبل جو اولهه وارو پاسو چوٽي ڪڍي بيٺو آهي ۽ ان جي مٿان تمام سنهي واٽ آهي جنهن تان رڳو قطار ٺاهي آهستي آهستي هڪ هڪ ٿي پرينءَ ڀر وڃي سگهجي ٿو. هن کي خيال آيو ته جيڪڏهن جاني بيگ جا ڏهه ماڻهو اڳيان بيٺل هجن ته شاهي لشڪر ڪڏهن به هن ڀر نه وڃي سگهندو.

کيس اهو به معلوم ٿيو ته لڪيءَ وارن جبلن سان گڏ جيڪي ٻيا جبل آهن اتي بلوچ، نومڙيا، جوکيا، جت ۽ ٻين قومن وارا رهن ٿا، جيڪي ڪيچ مڪران تائين پکڙيل آهن هيڏانهن وري درياهه جي اورئين پاسي کان بدين کان عمرڪوٽ تائين سميجن جا علائقا آهن جنهنڪري لشڪر جو اڳتي وڌڻ ڏکيو لڳس، خان خانان اهي حالتون اکين سان ڏٺيون ۽ اتان جي ماڻهن کان پڻ ٻڌيون هن چيو بيشڪ هي اوکو ۽ اڻانگو لنگهه آهي ۽ هن ملڪ جو ڳجهو دروازو آهي، هن چوڌاري نظر وڌي ۽ پنهنجا ڪجهه سپاهي به موڪليا ته مرزا جاني بيگ جو ڪو لڪل لشڪر نه هجي، پر کيس خبر پئي ته مرزا جاني بيگ جي لاپرواهي سبب اتي ڪوبه لشڪر موجود نه هئو، هن واڪو ڪري چيو انهن افعالن جي ڪري اجهو ترخانن جي حڪومت ختم ٿي ٿئي.(1) اها خبر جڏهن مرزا جاني بيگ تائين پهتي ته ڏاڍو پڇتايائين. جيڪڏهن ان سوڙهي جبل جي گهٽ ۾ هن جو لشڪر خان خانان تي حملو ڪري ها ته هو وڏي نقصان سان شڪست کائي ها، پر قدرت جو فيصلو ترخان حڪومت جو خاتمو هو، خان خانان پنهنجي مرضي سان هلندو اچي مرزا جاني بيگ تائين پهتو، سندس مقابلي لاءِ سامهون اچي کايون کوٽايون جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ جنگي سامان رکايو، مرزا جاني بيگ جي ٻين قلعن تي به گهيرو ڪرڻ لاءِ لشڪر موڪليو، هن شاهه بيگ کي نصرپور ۽ شاهه ڳڙهه واري قلعي کي گهيرو ڪرڻ لاءِ موڪليو جتي ابوالقاسم، مرزا جاني بيگ جي طرفان سلطان مقرر ٿيل هو. سيوهڻ جي قلعي تي خان خانان اڳ ۾ گهيرو ڪرايو هو، جنهن تي قبضو ڪرڻ لاءِ هن کي ست مهينا لڳي ويا(2). ٽيون لشڪر هن نيرون ڪوٽ کي گهيري لاءِ موڪليو، ائين مرزا جاني بيگ کي چؤطرف کان سوڙهو ڪيو، پر هي شخص به آخري دم تائين بهادري ۽ همت سان هليو ۽ تڪڙي آڻ نه مڃيائين، ٻنهي پاسي جنگي جوان ڇاتيون ٺوڪي هڪٻئي کي پنهنجي جهلڪ ڏيکاريندا هئا. مرزا جاني بيگ اعلان ڪيوته جيڪو شخص دشمن جي سپاهيءَ جي سسي لاهي ايندو تنهن کي انعام (پنج سو ڪبر، ان وقت جي ڪرنسي) ڏنو ويندو تاريخ طاهري مطابق ته سنڌ جا غريب ماڻهو جيڪي پنهنجي حاڪم مٿان پنهنجو سر قربان ڪرڻ لاءِ تيار هئا انهن ٿوري انعام ۾، پر گهڻي احسان تي راضي رهي دشمنن جي ماڻهن مان ڪنهن نه ڪنهن جي سسي لاهي ايندا هئا. انهي مارا ماريءَ ۾ سندن سر به ڌڙ کان ڌار ٿيندا ويا. اهو سلسلو ڪيترا مهينا هليو، مرزا جاني بيگ جو خزانچي گريو هندو انعام گهٽائيندو ويو پنج سو ڪبر کان پنجاهه ڪبر تي پهتو، پر هتان جا وفادار ۽ مسڪين ماڻهو حڪم کي مڃيندا رهيا. مرزا جاني بيگ جا ڪيترا ماڻهو قتل ٿي ويا. خزانو کٽندو ويو تباهي جا آثار ظاهر ٿيڻ لڳا. هن حڪمت عملي کان ڪم وٺندي پنهنجي لشڪر کي چوڌاري پکيڙي ڇڏيو ڇاڪاڻ ته هڪ طرف ڄمي جنگ ڪرڻ ۾ کيس ڪو فائدو نه هو. اوچتو کيس خبر پئي ته خان خانان جو خزانو خشڪي رستي اچي رهيو آهي، مرزا جاني بيگ ابوالقاسم کي خزاني تي قبضي ڪرڻ لاءِ موڪليو، جنهن اوچتو حملو ڪري خزانو ڦريو ۽ مغلن جا ڪيئي سپاهي ماريا.

جلد ئي ٻنهي لشڪرن ۾ خشڪي ۽ درياهه رستي جنگ لڳي وئي، مغلن جو لشڪر لاتعداد هو ۽ مرزا جاني بيگ جو بهادر لشڪر هو ٻنهي طرفان ڏاڍي بهادري ڏيکاري ويئي ۽ لشڪر جو وڏو تعداد مارجي ويو.

تاريخ طاهري مطابق ته آخر مرزا جاني بيگ ۽ خان خانان ۾ دوبدو جنگ جو اعلان ٿيو ۽ جنگ واري رات هڪ اهڙي رات هئي جيڪا جنگ جو ميدان سنواريندڙ هزارين سوڍن ۽ سورهين جي آخري رات هئي جنهن جو صبح ڪنهن قيامت واري ڏينهن کان گهٽ ڪين هو، جنگي جوان موت جو ڀيانڪ تصور ۾ آڻيندي هڪٻئي کان ڏوهه گناهه ٿي بخشايا ۽ پنهنجي حاڪم جي ننگ ناموس بچائڻ لاءِ پنهنجي جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار هئا. خان خانان جي سپاهين هڪٻئي جي سڃاڻپ لاءِ پنهنجن ٽوپن ۾ تير ٽنبيا هئا ۽ سنڌين (تاريخ تحفة الڪرام، مرزا جاني بيگ جي لشڪر کي سنڌين جو لشڪر سڏيو آهي). پنهنجن پٽڪن ۾ وونئڻ جون سايون ٽاريون لڳايون هيون. تحفة الڪرام موجب ته هيءَ جنگ اهڙي هئي جنهن جي ڪيفيت جي اندازي لڳائڻ کان عقل جي تعارازي عاجز آهي[35]. تاريخ طاهري مطابق ته: ٻئي لشڪر ڇوليون هڻندڙ سمنڊ جيان زمين آسمان هڪ ڪري هڪٻئي مٿان ڪاهي پيا. جنگ جي انڌوڪاري ۾ چوڌاري بارود جون باهيون وِڄ جيان چمڪاٽ ڪرڻ لڳيون ۽ تيرن جا وسڪارا مندائتي مينهن جيان وسندا رهيا[36]. ۽ مرزا جاني بيگ جو پاسو چڙهندو ڏسڻ ۾ آيو. تحفة الڪرام ۽ تاريخ طاهري جي لکندڙن جو خيال آهي ته شهنشاهه اڪبر جو اقبال الله کي پسند هو اوچتو هڪ هاٿي مرزا جاني بيگ جي لشڪر ۾ ڪاهي پيو ۽ هوا جو رخ جنهن ۾ مٽيءَ جو طوفان هو مرزا جاني بيگ جي لشڪر ڏانهن رخ ڪيو. هوڏانهن مغلن جو لشڪر پڻ ڪاهي پيو. لشڪر ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو، عين غلبي جي حالت ۾ جڏهن مرزا جاني بيگ جو لشڪر خان خانان تي غالب پئي ٿيو ته هن جي ايڏي تباهي آئي جو لشڪر ۾ صرف پندرهن ڄڻا بچيا[37]. مرزا وري به مضبوطي سان بيٺو رهيو. سندس لشڪر مان ڪي مارجي ويا ته ڪي موت کان بچڻ لاءِ ڀڄڻ لڳا، مرزا جاني بيگ ميدانِ جنگ مان نڪرڻ کان انڪار ڪيو، پر شاهه قاسم ارغون هن کي زوري اُتان وٺي ويو ۽ ٻيڙيءَ ذريعي کيس انڙپور پهچايو. مرزا جاني بيگ تڏا سبي ان ۾ واري ڀري ماڻهوءَ جي قد جيتري پناهگاهه بيهاريائين[38]. هوڏانهن خان خانان جو لشڪر وحشين ۽ درندن وانگر جنگ جو ميدان ٽپي مرزا جاني جي لشڪر سان مئلن جا لاش لتاڙيندو زخمي ۽ مرڻينگ سپاهين کي بيدردي سان قتل ڪري، مرزا جاني بيگ جو تعاقب ڪندو اچي پهتو ۽ هن جي رسد جي آمد ورفت بند ڪيائين، جاني بيگ پيءُ کي لکيو ته شهر مان ماڻهن کي لڏائي ويران ڪري ڪلان ڪوٽ جي قلعي ۾ وڃي رهو. ٺٽي جي هر ڳوٺ کي تباهه ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جيئن دشمن جي لشڪر کي ڪجهه به ملي نه سگهي، هن اعلان ڪرايو رعيت مان هرڪو پنهنجا ڪچا پڪا فصل ناس ڪري، جنهن وٽ جيڪي ڪجهه هجي سو پاڻ سان کڻي ڪنهن نه ڪنهن پاسي نڪري وڃي ۽ ڪٿي وڃي پناهه وٺي[39].

تاريخ طاهري مطابق ته ٺٽي ۾ امن امان جو اهو حشر ٿيو جو رهزن ۽ ڦورن ماڻهن جو مال ملڪيت لُٽڻ شروع ڪيو[40]. هڪ مهيني جي اندر ٺٽو برباد ٿي ويو، هيڏي ساري عاليشان شهر کي باهه ڏئي ساڙيو ويو، ماڻهن جو زمين ۾ پوريل مال ڦورو کوٽي کڻي ويا، ڪيئي ماڻهو مارجي ويا ۽ ماڻهو مفلس ۽ ڪنگال بڻجي ويا. خان خانان کي جڏهن اها خبر پئي ته مرزا جاني بيگ پاڻ پنهنجي ملڪ جو خانو خراب ڪيو آهي ته هن چؤطرف پنهنجا صوبيدار موڪليا، جن نيرون ڪوٽ جو قلعو محمد امان ترخان ۽ قاسم علي وڪيل کان فتح ڪيو. شاهه بيگ خان، شاهه ڳڙهه وارو قلعو ابوالقاسم کان کسيو. چاچڪان جي قلعي تي به قبضو ڪيائون. هيڏانهن مرزا جاني بيگ جي پيءُ مرزا پائينده خان ۽ سندس پٽ ابوالفتح عمر وفات ڪئي، پر هن ڪابه آڻ نه مڃي، ۽ لشڪر سان گڏ خان خانان جي سامهون همت سان بيٺو رهيو[41]. ٻئي ڌريون اڻ نبرندڙ ويڙهه ۾ وقت ضايع ڪنديون رهيون.

خان خانان کي اها خبر پئي ته هن جيڪي به پرڳڻا گهيري هيٺ آندا ۽ لشڪر جي اڳواڻ کي زباني طور اتان جو حاڪم مقرر ڪيو هو انهن ڏانهن حڪم موڪليائين ته:

”اسان مرزا جاني بيگ کي گهيري ۾ آڻي ملڪ جو هي پاسو برباد ڪرايو آهي تيئن توهان به صوبن ۾ ماڻهن کي ماري باندي بڻايو سندن ان پاڻي بند ڪيو وڃي ۽ هر ڳالهه جي خبر موڪليندا رهو.[42]

حڪم ملندي ئي شاهي ڪارندن پنهنجو ڪم شروع ڪيو، نيرون ڪوٽ ۾ مقرر حاڪم محمد امان ترخان جي انتقال کان پوءِ سندس وزير قاسم علي سلطان سندس جاءِ تي نيرون ڪوٽ ۾ رهيل هو. انهيءَ شهر ۾ نصرالله نالي هڪ عرب ترخان حڪومت سرڪاري نوڪريءَ ۾ هو ۽ ٻيا به اوسي پاسي ڪجهه عرب سرڪاري نوڪرين ۾ هئا، شاهي لشڪر اتي پهچي، نصرالله کي شاهي درٻار مان منصب ڏيڻ جي لالچ ڏنائون، جنهن دوکي سان قاسم علي سلطان کي نماز دوران قتل ڪري ڇڏيو. قاسم علي سلطان جون عورتون مرداڻا ڪپڙا پائي گهران نڪتيون ۽ ٺٽي وڃي پهتيون. نيرون ڪوٽ قلعي تي شاهي فوج قبضو ڪيو.

شاهه ڳڙهه تي خان زمان جو پٽ ابوالقاسم حاڪم هو، اڪبري سپاهي شاهه بيگ هن کي گهيرو ڪيو ويٺو هو. هڪ دفعي شاهه بيگ جا ماڻهو شڪار تي ويل هئا، ابوالقاسم موقعو ڏسي هن تي حملو ڪيو پر جلد ئي واپس قلعي ۾ وڃي ويٺو سندس ماڻهو اتي ئي رهجي ويا.

بدين ۽ چاچڪن جي منصبدارن به خان خانان جي اطاعت قبول ڪئي، مرزا جاني بيگ کي سڀ خبرون پهچنديون رهيون. پنهنجي والد مرزا پائنده ۽ پٽ ابوالفتح جي انتقال جي خبر کيس جهوري ڇڏيو هو، چؤطرف خان خانان جو گهيرو هو، گهر فصل تباهه ٿي چڪا هئا، امن امان جو فقدان هو ملڪ ۾ بک ڪاهي پئي هئي. ڪٿان به ڪنهن گهر ۾ کاڌي پچائڻ لاءِ باهه نه ٻرندي هئي، ملڪ خزاني کان خالي ماڻهو گذر سفر بنا هئا، هر طرف بارود جو دونهون ۽ بندوقن جا آواز پئي آيا، پر مرزا جاني بيگ اڃان تائين همت سان بيٺو هو ساڻس جيڪو ٿورو گهڻو لشڪر هو اهي شاهي لشڪر کي پٿر ڀتر اڇلائي ڀڄائيندا هئا، ٻئي لشڪر ايڏي ڊگهي جنگ مان بيزار اچي ٿيا هئا.

خان خانانان ۽ مرزا جاني بيگ ۾ صلح:

جنگ ۽ صلح جا اصول ازل کان دنيا ۾ هلندا رهيا آهن، فتح ۽ شڪست بادشاهن جا مقدر هوندا آهن، ارغون ۽ ترخان ڏاڍ ۽ ظلم سان سنڌ ملڪ تي قبضو ڪيو هو ۽ پوءِ هُو هت ائين حاوي ٿي ويا، ڄڻ ازل کان هتان جا مالڪ هجن سندن رهڻ لاءِ ڪو سنڌ کان سواءِ ڪوبه ملڪ نه هو، پر قدرت جو به هڪ پنهنجو اصول آهي ۽ وقت آهي ڪوبه هميشه لاءِ نه ٿو رهي. خان خانان جڏهن مرزا جانيءَ جو ايڏو ضد ۽ هوڏ ڏٺي ۽ سندس بربادي به ڏٺي ته صلح لاءِ پنهنجو ايلچي موڪليائين ۽ کيس چوايو ته اسين هڪ ئي بادشاهه جا درٻاري ۽ دعاگو آهيون، جيڪڏهن زماني جي گردش کان اسين ڪجهه وقت لاءِ هڪٻئي جا دشمن بڻجي وياسون، تڏهن به سڀ ڪنهن ڏٺو ته ان جنگ ۾ ٻئي ڌُريون همت ۽ بهادريءَ سان وڙهيون، اهي اوهان ئي هئا جو ايترو وقت شاهي فوج سان مقابلو ڪيو هاڻي سڀني جي ڀلائي ان ۾ آهي ته توهان پنهنجي ملڪ کي مزيد برباد نه ڪيو، هندستان جي چئن ئي پاسن ۾ موجود ستن ولايتن جا حڪمران به اهو چاهين ٿا ته هروڀرو جنگ ۾ هيترا ماڻهو نه ماريا وڃن.

ان وقت مرزا جاني بيگ جو لشڪر پنهنجي مري ويل ساٿين لاءِ ماتم ۾ ڪارا ڪپڙا پائي هلندو سندن بيوسي تي دشمن به ڳوڙها ڳاڙيندا هئا. مرزا جاني بيگ جي اميرن ۽ وزيرن خان خانان ڏانهن صلح لاءِ چٺيون موڪليون هيون، صلح لاءِ جڏهن ايلچي پهتو ته مرزا جاني بيگ پنهنجي خاص مقرب محمد علي سلطان ڪابلي کي خان خانان جي ايلچيءَ سان گڏ موڪليو جيئن صلح جو معاملو طئي ٿي سگهي. آخر فيصلو ڪيو ويو ته ٻنهي پاسن جا سپاهي دلين مان ڪدورت ڪڍي دشمني بدران دوستي جو رستو اختيار ڪن، ٻنهي ڌرين هڪٻئي ڏانهن دوستي جا تحفا ڏياري موڪليا. مرزا جاني بيگ ڄڻ شڪست قبول ڪئي ملڪ مان جنگ جو خوف ٽري ويو ماڻهن سڪون جو ساهه کنيو.

خان خانان جا ماڻهو هر صوبي ڏانهن روانا ٿي ويا. مرزا جاني بيگ هر صوبي جي حاڪم کي لکيو ته اُتان جون ڪُنجيون انهن جي حوالي ڪيون وڃن، مرزا جاني بيگ ٺٽي روانو ٿيو، خان خانان به سندس پٺيان هلندو آيو، رستي تي جڏهن ٻئي ڄڻا هڪ ٻئي جي سامهون ٿيا ته پنهنجن گهوڙن تان لهي پاڻ ۾ مليا هڪ فاتح هو ۽ ٻيو شڪست زده. فيصلو ڪيو ويو ته مرزا جاني بيگ تغرل آباد ويندو ۽ خان خانان ٺٽي. فيصلي تي عمل ٿيو خان خانان ٺٽي پهچي ماڻهن کي آٿت ڏني. دربدر ماڻهن کي گهرائي کين پنهنجي گهرن ۾ موڪليو ويو. ملڪ ۾ هاڻي مغلن جو راڄ هو خان خانان دولت لوڌي کي هتان جو حاڪم مقرر ڪيو ۽ جاني بيگ کي اڪبر درٻار ۾ پيش ڪرڻ لاءِ کيس وٺي هندستان روانو ٿيو.

مرزا جاني بيگ سان پنهنجا ڪجهه امير به روانا ٿيا جن ۾ خان زمان ۽ امير خسرو چرڪس به شامل هئا. شهنشاهه اڪبر هنن کي طرحين طرحين نوازش سان نوازيو[43] خان خانان جي عرض ڪرڻ تي بادشاهه هن سان نهايت لطف ۽ مهربانيءَ سان پيش آيو ۽ ٺٽي جو پرڳڻو هن جي حوالي ڪيو ۽ مرزا جاني رعايت ۽ اعتماد  حاصل ڪري پنج هزاري منصب سان سرفراز ٿيو[44]. تاريخ طاهري مطابق ته مرزا جاني بيگ تي اڪبر بادشاهه وڏيون نوازشون ڪيون خان خانان جي سفارش تي هن جون مڙئي خطائون معاف ڪرائي ڇڏيون. بادشاهه حڪم ڪيو ته لاهري بندر (ديبل بندر) ۽ سيوهڻ صوبي (جيڪي مضبوط ۽ پناهه وارا هنڌ هئا) کان سواءِ باقي مرزا جاني بيگ جي قبضي واري سنڌ سندس حوالي ڪئي وڃي، پر هي پاڻ هتي ئي رهي ۽ پنهنجا ماڻهو سنڌ ڏانهن ڏياري موڪلي جيڪي ملڪ جو ڪاروبار هلائي ضروري خرچ شاهي درٻار ڏانهن موڪليندا رهن[45]. بيگلارنامه مطابق ته بادشاهه ارادو ظاهر ڪيو ته ڏکڻ سنڌ جي نوابي مرزا شاه رخ بدخشي کي ڏجي، پر خان خانان بادشاهه کي صلاح ڏني ته حضور جن ڏکڻ سنڌ جي نوابي پنهنجي طرفان مرزا جاني بيگ کي ڏيڻ فرمائين. بادشاهه اها ڳالهه قبول ڪئي، پر مرزا جاني بيگ حياتيءَ جا باقي ڏينهن بادشاهه جي حاضريءَ ۾ رهڻ لاءِ رضامندي ڏيکاري. انوقت ننڍين حڪومتن جا حڪمران قيد واري زندگي دشمن وٽ گذاريندا هئا. تنهنڪري مرزا جاني بيگ جي خواهش ۽ خان خانان جي سفارش موجب سنڌ جي نوابي مرزا جاني بيگ جي پٽ مرزا غازي بيگ جي حوالي ڪئي، پر جيئن ته هو عمر جو ننڍو هو تنهنڪري مرزا جاني بيگ جي اميرن کي شهنشاهه طرفان حڪم مليو ته جيستائين مرزا غازي بيگ وڏو ٿئي، تيستائين ان جي طرفان حڪومت جو انتظام رکن[46].

خان زمان (قاسم) مرزا خسرو چرڪس ۽ امير شاهه قاسم سنه 1001هه سنڌ ڏانهن روانا ٿيا، مرزا جاني بيگ کي هندستان ۾ رهايو ويو. جلدئي بادشاهه حڪم ڪيو ته مرزا جاني بيگ جو حرم (خاندان) دولت خان جي سرپرستي ۾ هيڏانهن ڏياري موڪليو وڃي جيئن نوروز جي موقعي تي ٻين اميرن جي عيال وانگر هو به هتي حاضر هجي. مرزا جاني بيگ اهو حڪم ٻڌي پريشان ٿي ويو هو. هنن حڪمرانن جي فيملي ۽ خاندان سنڌ جي ڪلچر ۾ پروان چڙهيا هئا، جڏهن ائين اڪيلو ڪنهن غير مرد سان گڏ هيڏي وڏي سفر ۽ درٻار ۾ حاضر ٿين پنهنجي بيعزتي پئي سمجهي. هن پنهنجي پراڻي ساٿي آخوند جمال الدين کي چيو ته آءٌ سڄي زندگي سنڌ ۾ رهي پنهنجي نانءُ ناموس لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي، مون کي اها خبر ڪانه هئي ته قسمت مون سان هي ڪيس ڪندي جو اسان جي اهل و عيال کي هينئن خوار خراب ٿيڻو پوندو، جيستائين زندگي آهي ۽ جيڪو وس آهي ته پنهنجي ننگ ناموس جي حفاظت ڪندس اڳتي الله مالڪ آهي. آخوند جمال الدين خان خانان سان مليو ۽ کيس مرزا جاني بيگ جي جذبات ۽ تڪليف کان آگاهه ڪيو ۽ کيس ٻڌايو ته مرزا جاني بيگ جهڙي غيرتمند ۽ بهادر هستيءَ جي اندر جي اوهان کي پوري ڄاڻ هئڻ گهرجي، جيڪڏهن هن جي اهل و عيال کي هت گهرايو ويو ته هو غيرت ۾ اچي پاڻ کي ماري وجهندو، خان خانان منجهي پيو ۽ چيائين بادشاهه پنهنجي حڪم جي انحرافي سمجهندو. هر امير، سلطان ۽ سردار بادشاهه جي درٻار تائين پهچڻ کي پنهنجي عزت سمجهندا آهن.

بادشاهه ٺٽي ۾ مقيم حڪمران لوڌي خان کي حڪم ٿيو ته دستور موجب سنڌ جي سڀني اميرن ۽ سردارن جي حرم کي نوروز (نوروز هڪ تقريب جو نالو آهي، جيڪو ايران ۾ شروع ٿيو هو) جي ڏينهن درٻار ۾ حاضر ٿين، مرزا جاني بيگ پنهنجي حرم ۽ عورتن جي معاملي ۾ غيرتي مرد هو تنهن ايترو ڏور پنهنجين عورتن جي سفر کي مناسب نه سمجهيو ۽ سوچن ۾ ٻڏي ويو ۽ خان خانان سان پنهنجا خدشا ۽ پريشانيون اوريون جنهن بادشاهه کي عرض ڪيو ته سنڌ ملڪ پري آهي ۽ مرزا جو حرم شايد نوروز تائين نه پهچي سگهي جنهن لاءِ درخواست آهي ته ٻئي سال واري نوروز ۾ کين دعوت ڏجي. بادشاهه اهو عرض مڃيو.

مرزا جاني بيگ جي پٽ ۽ سندس صلاحڪار سنڌ پهچي دولت خان لوڌيءَ کي بادشاهه جو فرمان ڏيکاري کيس روانو ڪيو، ماڻهن پنهنجا سڙيل گهر ۽ اباڻا ڪک اچي ٺاهيا حويلين کي نئين سر ٺاهيائون ۽ مرزا جاني بيگ جي حڪم موجب ملڪ جي پرگهور لهڻ شروع ڪئي.

مرزا جاني بيگ جي وفات:

دنيا جي تاريخ تي جيڪڏهن نظر وجهبي ته اها ڳالهه ظاهر ٿيندي ته طاقتون ننڍين حڪومتن تي هميشه غالب رهيون آهن، جنگيون انسانن جي ارادن لاءِ نه پر فطرت جو مقصد پورو ڪرڻ لاءِ جوٽيون ويون آهن، جيئن مختلف قومن ۾ نوان تعلقات پيدا ٿين ۽ ان تباهي ۽ برباديءَ ۾ نئين سياسي نظام جي تشڪيل ٿي. ڪوبه سياسي يا حڪومتي نظام هميشه لاءِ نه هوندو آهي، پر وقت جي هڪ حصي ۾ نئين انقلاب مان هلڻو پوندو آهي، نسل انسان جي تاريخ مان خبر پوندي ته اها فطرت جي لڪيل منصوبن جي تڪميل پئي ڪري.

مرزا جاني بيگ جي حڪومت جو خاتمو به مٿئين اصول تي منبي آهي، جيستائين جيئرو هو، ارغون، ترخان خان خانان ۽ شهنشاهه اڪبر هن جي رعب ۽ دٻدٻي کان مرعوب ٿيندا هئا، پر اڪبراعظم جي بادشاهت هندستان ۽ ٻين حڪومتن تي غالب ٿيڻي هئي، جنهنڪري اڪثر سنڌ جي حڪمرانن کي هنن وٽ بند رهڻو پوندو هو پوءِ اهي محل هجن، مال و متاع سان ڀريل هجي کين هر قسم جي سهوليت هيج پر هندستان جي مسلمان بادشاهن کي نفسياتي طور اهي شيون سرور رکنديون هيون، غلام حڪمرانن کان مغل بادشاهن ۽ پوءِ انگريز حڪمرانن سنڌ ملڪ کي گهڻو ئي لٽيو ڦريو آهي، پر قدرت هن قوم تي راضي آهي ۽ چنڊ وانگر دنيا جي گولي تي نروار بيٺي آهي.

مرزا جاني بيگ شهنشاهه اڪبر جي درٻار ۾ اسيري واري زندگي ۾ اٺ هزاري منصب تي مقرر رهيو، اٺن سالن کان پوءِ سندس زندگي جا آخري ڏينهن آيا ۽ وفات ڪري آزادي ماڻي ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي خاڪي جسم جي تدفين جو هنڌ ٺٽو ٻڌايو هو. شاهي حڪم مطابق خواجه محمد قدر بيگي هن جو لاش کڻائي ٺٽي پهتو[47]. هينئر سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهوءَ کي ان خوف ورايو ته ڪٿي گذريل جنگين ۽ ڦرن وانگر ملڪ تي ڪا مصيبت نه نازل ٿئي ۽ هو مرزا جاني جي بهادريءَ جي واکاڻ ڪرڻ لڳا ۽ هن جي موت تي ماتم ڪرڻ لڳا. هن جيڪي پنهنجي ننگ ناموس ۽ ملڪ لاءِ پنهنجي ملڪ توڙي ملڪ کان ٻاهر رهي جيڪي ذهني ۽ جسماني سختيون سٺيون اُهي ماڻهن لاءِ وسارڻ آسان ڪم نه هو. کيس مڪلي ۾ دفن ڪيو ويو. تاريخ طاهري جو مصنف لکي ٿو ته خدا کيس ٻنهي جهانن ۾ سرخرو ڪري، جنهن جي رعايا جي خواهش موجب هن حقير (نسائي) سندس درد ڀريو داستان ۽ نيڪيءَ وارو نالو نشان جيڪو گهڻن ڪونه ٻڌو هوندو هن ڪتاب ۾ درج کيس هميشه لاءِ يادگار بڻائي ڇڏيو.

مرزا غازي بيگ:

پير حسام الدين راشدي موجب مرزا محمد باقي جو زمانو قيامت بڻجي آيو هن نه فقط هتان جي ماڻهن کي ناس ڪيو، پر پنهنجي خاندان جي ماڻهن جو به صفايو ڪيو ۽ ماڻهن جو ايترو رت وهايو جو آخر پاڻ به چريو ٿي پيو ۽ خودڪشي ڪيائين[48]. جيتوڻيڪ تاريخ طاهري مرزا غازي بيگ متعلق لکي ٿو ته هي ننڍي وهيءَ کان وڏو اورچ، وڏي ظرف وارو، روشن ضمير، دانائن جو دوست، بي مرادن جو داد ۽ هنرمندن کي احسان سان نوازيندو هو[49]. پر گهرائيءَ سان هن جي دورِ حڪومت تي نظر وجهبي ته خبر پوندي ته هي به پنهنجي وڏن وانگر ظالم ۽ خون وهائيندڙ هو، پر مغلن جي تلوار مٿانئس لڙڪندي هئي تنهنڪري هُو پنهنجن سان گڏ رهڻ کي ترجيح ڏيندو هو، آئين اڪبري مطابق هي تمام گهڻو خوبصورت هو ماڻهو هن جي حسن کان متاثر ٿيندا هئا.

ٺٽي جا امير جن جي اڳيان هيءُ وڏو ٿيو سندس ڪا عزت نه ڪندا هئا ۽ هُو هن  وڏي ڀاءُ ابوالفتح جي اڳيان پٺيان هلندا هئا. اتفاقاً ابوالفتح انتقال ڪري ويو ۽ مغل بادشاهه هن کي سنڌ جي تخت تي ويهڻ جي اجازت ڏني. تخت تي ويهڻ کان پوءِ هن هر مخالف تي به هٿ رکيو ايتريقدر جو يعقوب علي منڊو جيڪو هن جو استاد هو ۽ هن مٿان ۽ ٻين شاگردن تي ظلم ڪندو هو. مرزا جاني بيگ طرفان شاگردن ڏانهن موڪليل سوکڙين ۽ انعامن کي پاڻ وٽ رکي ڇڏيندو هو ۽ منٿن ايلازن کان پوءِ کين ڏهون حصو مس ڏيندو هو[50]. عرب ڪوڪه ۽ پائيخان هن جي پرواهه ئي نه ڪندا هئا. هن احمد بيگ جنهن جو تعلق مغل درٻار سان هو، تنهن جي حوالي ماليات جو شعبو ڪيائين، جنهن هن کي ملڪ مان لکين روپيا ڪمائي ڏنا تڏهن رعيت ۽ سپاهين جو سندن عهدن موجب پگهار مقرر ڪيو ۽ کين راضي ڪيو. ننڍي عمر باوجود هي آهستي آهستي ملڪي ڪاروبار کي وڌائيندو ويو ڪجهه وقت اندر هي خودمختيار ٿي ويو،  احمد بيگ کي احمد سلطان جو لقب ڏنو هن جي مخالفت ۾ عرب ڪوڪو ۽ پائيخان اڳيان هئا، هميشه سندس غيبت ڪندا هئا ۽ هر ڪم جي مخالفت ڪندا هئا. مرزا غازي بيگ احمد بيگ جي مدد سان هر سازش کي منهن ڏنو، خزاني ڀرڻ جي ڪوشش ۾ رهيو جيئن وقت سر ماڻهن کي وظيفا ملندا رهن، پر انهن ماڻهن کي خاطر ۾ نه آندائين  نه ئي کين ڪوئي عهدو ڏنو جيڪي سندس پيءُ جا دوست  ۽ مددگار هئا جنهنڪري هُو به هن سان جهيڙو جوٽي هليا. آخر اهو وقت به آيو جو پراڻن اميرن ملڪ ۾ وڳوڙ پيدا ڪرڻ شروع ڪيو. پهرين بغاوت محمد علي سلطان شروع ڪئي جنهن کي تقويت ابوالقاسم سلطان ولد شاهه قاسم ارغون پهچائي، جيتوڻيڪ ان وقت به هن جي حوالي نصرپور جو صوبو هو، هن جو پيءُ اڳ ۾ نصرپور جو حاڪم هو جنهن جو ايترو دٻدٻو هو جو ابوالقاسم آرام سان حڪومت ڪندو رهيو هن جي جاني بيگ سان ويجهي مٽي مائٽي پڻ هئي هن جو خيال هو ته اسان نهايت بهادري ۽ ايمانداريءَ جي باوجود مرزا غازي خان جهڙي نادان ٻار (تخت تي ويهڻ وقت مرزا غازيءَ جي عمر 16 سال هئي) پڄي نه ٿا سگهون، جنهن جو ملڪ سندس غلامن پنهنجي تابع رکيو آهي، هينئر اسان کي نڪري نروار ٿيڻ گهرجي، جيئن ملڪ ۽ مرزا غازي کي تابع رکي سگهجي، ٻنهي پاسي جنگ جي تياري ٿي، جنگ به هلندي رهي ڳالهيون به هلنديون رهيون. غازي بيگ پنهنجن ساٿارين سان صلاح ڪري پهريائين ڀائيخان جو قتل ڪرايو ۽ ابوالقاسم سان ٺاهه ڪري سندس جان بخشي لاءِ قرآن تي هٿ رکي قسم کنيائين، مرزا غازي بيگ هن جي جان بخشي، پر کيس انڌو ڪرائي ڇڏيو، سندس چوڻ هو ته اها عبرتناڪ سزا هن کي ياد رهندي ۽ بيا به سبق حاصل ڪندا. مرزا غازي هر جنگ ۽ سازش مان واندو ٿي اچي ٺٽي پهتو جيڪي امير هن جو منهن به ڏسڻ پسند نه ڪندا هئا انهن تي ايتري دهشت اچي ويئي جو ملڪي معاملن ۾ دخل ڏيڻ ئي بند ڪري ڇڏيائون، انهن ئي ڏينهن ۾ اڪبر بادشاهه جو ايلچي بابا طالب سنڌ پهتو  هتان جا سڀ معاملا معلوم ڪري اڪبر کي اطلاع ڏنائين[51]. جلد ئي هڪ ٻيو ايلچي سعيد خان سنڌ ۾ پهتو، مير علي شير قانع مطابق ته غازي بيگ اميرن کي چيو ته جيڪڏهن زر ۽ خزانو هجي ها، ته پيءُ وانگر (مرزا جاني بيگ) زور آزمايا ها، پر هُو ائين ڪري نه سگهيو. سعيد خان هن کي آگري اڪبر درٻار ۾ حاضر ٿيڻ جو پروانو ڏنو[52]. چون ٿا ته اڪبر بادشاهه کي مرزا غازي بيگ لاءِ بغاوت جو شڪ پيو، هن سعيد خان کي بکر، سبيءَ جي جاگير ڏني ۽ کيس سنڌ ڏانهن روانو ڪيو ۽ ابوالقاسم کي به حڪم مليو ته غازي بيگ کي شاهي درٻار موڪليو وڃي، مرزا غازي کي جڏهن اهي خبرون مليون ته هن کيس چوايو ته مون شاهي حڪم مڃيو آهي ابوالقاسم سيوهڻ پهتو[53] جتان ٽئي ڄڻا گڏجي روانا ٿيا ۽ سنه 1012هجري شاهي درٻار پهتا[54]. اڪبر بادشاهه سنڌ جو صوبو ته هن کي عنايت ڪيو، پر کيس درٻار ۾ پنج هزاري مقرر ڪري قيدي بڻايو ويو[55]. ڪجهه مهينن جي اندر اڪبر بادشاهه انتقال ڪيو (1014-1605ع). جهانگير بادشاهه هن کي ٺٽي ۽ سيوهڻ کان علاوه ڪجهه حصو ملتان ۽ قنڌار جو به جاگير طور عطا ڪيو، ۽ کيس قنڌار روانو ڪيو. قنڌار ۾ جن ماڻهن ظلم جي باهه ٻاري ڏني هئي، تن کي شڪست ڏئي زمين داور ۽ گرم سيل تي قبضو ڪيو، گنج آبه جي بلوچ سردارن دائود خان ۽ درياهه خان آڻ مڃي 1004ع ۾ سڄو بلوچستان اڪبر شهنشاهيت هيٺ اچي ويو. غازي بيگ گهڻو وقت قنڌار ۾ رهيو، پر پنهنجي غلام هٿان زهر وگهي مري ويو[56]. جهانگير بادشاهه کي هن جي مرڻ جو ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ هُو قاتل ڳولهرايائين جنهن کي سزا ڏني ويئي.

مرزا غازي بيگ جي انتقال کان پوءِ مغل سلطنت کي اها مشڪل درپيش آئي ته سنڌ جو نئون حاڪم ڪير موڪلجي، کين دلين ۾ ڪئي وسوسا جنم وٺي رهيا هئا ته ترخان گڏجي سنڌ ملڪ کي اسان جي تسلط کان آزاد نه ڪرائين، درٻار مغليه مان مرزا رستم صفوي کي سنڌ حڪومت جو پروانو ڏنو ۽ ترخانن خاندان جون ڪيئي نامور شخصيتن کي آگره درٻار ۾ موڪليو ويو، تاريخ طاهري، ذخيرة الخوانين جي مصنف جو حوالو ڏنو آهي ته ارغون ۽ ترخانن جي خاندان کي ائين سنڌ مان ڪڍيو ويو جو هنن جي هت ڪا بانس (بوءِ) به نه رهي. ٻنهي قبيلن سنڌ مٿان هڪ صدي حڪومت ڪئي، سنڌين سان سندن سڱابندي به ٿي، پر هُو هن مٽي ۽ ملڪ ۾ ضم نه ٿي سگهيا ۽ آخر تائين ڌاريا رهيا[57]، سندن ٻولي، تهذيب ۽ رسم و رواج جدا هئا. سو ورهيه رهيا، پر پنهنجي ذهنيت بدلائي نه سگهيا جنهنڪري هن ڌرتيءَ کين ڌڪاري ڇڏيو.


[1] تاريخ طاهري، ص 128

[2] تاريخ معصومي، ص

[3] ڏسو حوالو ۽ متعلقات.

[4] طناب زمين جي ماپ ڪرڻ لاءِ سڻيءَ مان وٽيل سٺ وال ڊگهي نوڙي جيڪا اڪبر جي زماني ۾ رائج هئي. آئين اڪبري ابوالفضل، ج 2، ص 605

[5] اصل ۾ مرزا عيسيٰ پاڻ ۾ پورچوگيزن کي دعوت ڏئي پنهنجي مدد لاءِ گهرايو هو. محترم مولائي شيدائي لکي ٿو: سلطان محمود (بکر جي حاڪم) خلاف مرزا عيسيٰ پورچوگيز حاڪم کان مدد گهري هئي. سندس غير حاضريءَ ۾ پورچوگيزن جو ٻيڙو (1555ع) ڌاري لاهري بندر کان ٺٽي پهچي ويو. جنت السنڌ، ص 406.

[6] مولائي شيدائي، ص 405

[7] ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ”سنڌ سياحن جي نظر ۾“، ص 108

[8] ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ، ص 33-132

[9] سنڌ جي رهواسين جي ترخانن سان مائٽي هئي.

[10] تحفة الڪرام، ص 172

[11] بيگلارنامو، ص 9-10

[12] بيگلارنامو، ص 27

[13] بيگلارنامو، ص 32

[14] بيگلارنامو، ص 57

[15] تاريخ معصومي، ص

[16] بيگلارنامو، ص 60

[17] تاريخ طاهري، ص 131

[18] تاريخ طاهري، ص 144

[19] بيگلارنامو، ص 64

[20] تاريخ طاهري، ص 150

[21] بيگلارنامو، ص 169

[22] تاريخ معصومي، ص 221

[23] بيگلارنامو، ص 150

[24] تاريخ طاهري، ص 159

[25] ص 63-162

[26] لبِ تاريخ سنڌ، ص 160

[27] تحفة الڪرام، ص 183

[28] لب تاريخ سنڌ، ص 99

[29] بيگلارنامو، ص 95

[30] تحفة الڪرام، ص 181

[31] مرزا شاهه رخ مرزا باقي جو پٽ انتقال ڪري ويو هو. ٿي سگهي ٿو هي هن جو ڀاءُ هجي يا مرزا شاهه رخ جو پٽ هجي. تاريخ طاهري هن کي مرزا جاني بيگ جو سوٽ ڪري لکيو آهي.

[32] آئين اڪبري، ص 917-887

[33] تاريخ معصومي، ص 37-236

[34] تاريخ معصومي 237، ڊاڪٽر پٺاڻ، 194

(1) تاريخ طاهري، ص 188

(2) مولائي شيدائي تاريخ تمدن سنڌ، ص 378

[35] ص 183

[36] ص 93-192

[37] تحفة الڪرام، ص 183

[38] تحفة الڪرام، ص 184

[39] تحفة الڪرام، ص 184

[40] تحفة الڪرام، ص 198

[41] تحفة الڪرام، ص 184

[42] ص 199

[43] بيگلارنامه، ص 100

[44] تاريخ معصومي، ص 243

[45] تاريخ طاهري، ص 216

[46] بيگلارنامه، ص 101

[47] تحفة الڪرام، ص 187

[48] پير حسام الدين راشدي ”ميرزا غازي بيگ ترخان“ انجمن ترقي اردو پاڪستان ڪراچي، 1970ع، ص 15-14

[49] ص 214

[50] تحفة الڪرام، ص 188

[51] تاريخ طاهري، ص 244

[52] ص 193

[53] تاريخ مظهرشاهجهاني، ص 199-200

[54] تاريخ هندستان، ص 468- 469

[55] حسام الدين راشدي، مرزا غازي بيگ ترخان، ص 25

[56] سندس لاش مڪليءَ جي قبرستان ۾ دفنايو ويو، تحفة الڪرام، ص 200

[57] تاريخ طاهري، ص 406

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org