سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1968ع 

مضمون

صفحو :1

مهراڻ 1968ع

غلام محمد گرامي

22 ساله يوم آزادي

فيلڊ مارشل محمد ايوب خان،

صدر مملڪت پاڪستان جو پيغام

”اڄ اسان پنھنجي قومي تاريخ جي انتھائي شاندار سنگ ميل جي خوشي ملھائي رھيا آھيون. ايڪويھه ورھيه ٿيا آھن، جو برصغير جي مسلمانن خودمختيار پاڪستان قائم ڪيو آھي. قائد اعظم محمد علي جناح جي ولوله انگيز قيادت جي ماتحت، ھڪ عظيم جدوجھد جي نتيجي ۾ مسلمانن غلاميءَ جا زنجير ٽوڙي ڦٽي ڪيا. ٻاھرئين تسلط ۽ غلبي جي ٻن صدين کان پوءِ، برصغير جي مسلمانن ھڪ اھڙو وطن قائم ڪيو، جنھن ۾ پاڻ ۽ سندن ايندڙ نسل وقار ۽ تحفظ جي احساس سان زندگي بسر ڪري سگھن ٿا. اسان کي اللھ تعالي جي حضور ۾، شڪر ۽ انڪساريءَ جي جذبات سان سربسجود ٿيڻ گھرجي، جنھن بي پايان رحمتن سان اسان کي خود پنھنجي قسمت جو مالڪ بنايو آھي.

”ھن سال، يوم آزاديءَ کي ھڪ خصوصي اھميت حاصل آھي. ھڪ نئون نسل جوان ٿي چڪو آھي. اھو نسل آزاديءَ جي فضا ۾ پيدا ٿيو آھي، ۽ ملڪ سان گڏ وڌيو ۽ وڏو ٿيو آھي. ان نسل کي انھن ادارن ۽ سماجي ۽ اقتصادي قالبن جي حفاظت جو ڪم ڪرڻو آھي، جي ادارا اسان جي ضرورتن جي تڪميل ۽ وقت جي چئلينج

 

جي مقابلي ڪرڻ لاءِ قائم ڪيا ويا آھن. سندن سياسي نقطهء نظر، اقتصادي مسئلن ۽ ثقافتي ۽ روحاني قدرن کي ھڪ آزاد ۽ خود ڪفيل معاشري جي صفتن جو مظھر ھئڻ گھرجي. اسبتداد واري دؤر ۾ ، اسان کي ايجيٽيشن ۽ قانون شڪنيءَ جي راھ اختيار ڪرڻي پئي ٿي. پر اڄ اسان جي بنيادي ضروت قومي اتحاد ۽ تنظيم ھئڻ گھرجي. ھڪ آزاد ملڪ جي حيثيت سان زندھ رھڻ لاءِ اسان کي سڀني بنيادي مسئلن تي قومي راءِ کي متفق ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. ان جو مطلب اختلاف راءِ کي ڪچلڻ ناھي. بيشڪ بحث ۽ مباحثي جو مستقل سلسلو جاري رکڻ گھرجي، جنھن ۾ سڀني مسئلن کي پيش ڪرڻ جي مڪمل آزادي حاصل ھجي، ليڪن اسان کي مقصد تي متفق ٿيڻ گھرجي. بنيادي ضروتن، اتحاد، ترقي ۽ دفاع جو علم ھئڻ گھرجي…“

پاڪستان پاينده باد -

[صدر مملڪت جو پيغام، ”حريت“، 15- آگسٽ، 1968]

 

22 ساله يوم آزادي

گورنر اولهه پاڪستان، جنرل محمد موسيٰ جو پيغام

عزيز ھم وطنو! السّلام عليڪم: اوھان سڀني کي پاڪستان جي ٻاويھ ساله يوم آزادي جي مبارڪ ھجي. ھي ڏينھن اسان جي قومي تاريخ ۾ غير معمولي اھميت رکي ٿو. ڇا لاءِ ته ان ئي مبارڪ ڏينھن تي، برصغير جي مسلمانن جو آزاديءَ وارو قافلو منزل مقصود تي پھتو. اسان قائد اعظم جي قيادت ۾، ھڪ آزاد ۽ خود مختار مملڪت کي حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪامياب ٿياسين. ھڪ ترقي پذير قوم جي حقيقت پسند فردن جي حيثيت سان، اسان کي ھن ڏينھن تي جائزو وٺڻ گھرجي ته گذريل ايڪيھن سالن جي دؤر ۾، اسان ڇا ڪيو آھي ۽ آئيندي قومي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي ڇاڇا ڪرڻو آھي. ڇا، ان گذريل عرصي ۾ اسان جي ڪارگذاري، ملڪي تقاضا ۽ ملت جي فردن جي خواھشات ۽ احساسات جي مطابق رھي آھي. ملڪ جي ترقيءَ لاءِ اسان جو معيار قائم ڪيو ھو، ان جي حاصل ڪرڻ ۾ اسان ڪھڙي حد تائين ڪامياب ٿيا آھيون. ذاتي ۽ اجتماعي احتساب ڪرڻ وقت اسان کي اھا ڳالھ ضرور اڳيان رکڻ گھرجي ته قيام پاڪستان جي وقت، اسان کي ھر شعبئه حيات ۾ ناگفته به حالات سان مقابلو ڪرڻو پيو ھو. ۽ نئين مملڪت جي قيام سان گڏ گويا ھر چيز جي عملي طور تي ابتدا ڪرڻي پيئي ھئي. ان وقت اگر اسان

 

وٽ ڪجھ ھو ته اھا فقط ايمان جي قوت ھئي، ۽ ان سان گڏ اھو عزم راسخ ھو ته اسان پنھنجي مستقبل کي سنوارڻ ۽ پنھنجي نئين ملڪ کي مضبوط بنائڻ لاءِ ھر مشڪلات تي غلبو حاصل ڪنداسون. اھو شڪر جو مقام آھي جو اسان ان عملي جذبي جي ڪري، جنگ توڙي امن جي دؤر ۾، ھر مشڪلات جو مقابلو ڪري سگھيا آھيون. گذريل حالتن جو اگر غور سان مطالعو ڪنداسون ۽ به نظر غائر انھن جو جائزو وٺنداسون ته پوءِ اھا ڳالھ واضح ٿي وڃي ٿي ته ان عرصي ۾ خاص طرح سان گذريل ڏھن سالن ۾ اسان قومي توڙي بين الاقوامي سطح تي جيتريون به ڪاميابيون حاصل ڪيون آھن، اھي ھر صاحب فڪر ۽ ھوشمند انسان جي لاءِ، ترقي ۽ سربلندي لاءِ واضح علامتون آھن.

حقيقت اھا آھي ته ان ايتري عرصي ۾ قومي زندگيءَ جو ھر شعبو، انقلاب آفرين تبديلين ۽ اصلاح کان متاثر ٿيو آھي، جنھن سان قوم کي پنھنجي وڃايل واٽ ھٿ آئي آھي.اڄ اسان جو ڪاروان حيات، انھن منزلن کي تيزيءَ سان طئي ڪري رھيو آھي، جي ھڪ عظيم قوم جي جدوجھد جي راھه ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکن ٿيون. ان ڪري، يوم آزاديءَ جي مبارڪ ۽ پرمسرت موقعي تي، اسان دل جي گَھراين سان، انجام ڪريون ته اسان انھن بلند مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ ملسلسل جدوجھد جاري رکنداسون، جن لاءِ اسان بيش بھا قربانيون ڏئي چڪا آھيون ۽ انھن قربانين سان پاڪستان

 

حاصل ڪري چڪا آھيون. اسان اھو به عھد ڪريون ته پاڪستان جي لاءِ، قوم جي ناموس جي لاءِ، وطن جي آن ۽ شان جي لاءِ، وڏيءَ ۽ مشڪل قرباني کان ڪڏھن به گريز نه ڪنداسون.

پاڪستان جي ٻاويھين سالگرھه جي موقعي تي، اسان کي خاص طرح سان پنھنجن نوجوانن کي اھو ذھن نشين ڪرائڻو آھي ته پاڪستان جو مقصد ڇا ھو؟ ۽ ان جو نصب العين ڪھڙو آھي؟ اھو ان لاءِ ضروري آھي ته جو اسان جي نئين نسل جدوجھد آزاديءَ جو اھو دور نه ڏٺو آھي. اھو دؤر، جڏھن پوري قوم آزاديءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ سينه سپر ھئي. ان طرح انھن نوجوانن کي جذباتي توڙي ذھني طرح سان پاڪستان ۽ آزاديءَ جي تحريڪ سان وابسته ڪرڻ لاءِ اھو ضروري آھي ته مٿن پاڪستان جو تاريخي، ثقافتي ۽ روحاني پس منظر واضع ڪيو وڃي. وطن جي طرف کان اھو ھڪ اھم فريضو آھي، جنھن کي ھر محب وطن پاڪستانيءَ کي پوريءَ ذميداريءَ سان ادا ڪرڻ گھرجي…

ٻيو ته ھن ترقي يافته دؤر ۾ ،ڪنھن به قوم جي اقتصادي ۽ معاشرتي ترقيءَ  جو دارو مدار صحيح قسم جي رٿابندي ۽ وسيلن مان پوريءَ طرح فائدي وٺڻ تي آھي: اھوئي سبب آھي جو اسان جي ملڪ ۾ به پنج ساله ترقياتي رٿابنديءَ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آھي.

پاڪستان جو پھرين پنج ساله رٿا وارو عرصو، ابتدائي سالن جي ھنگامه پرور دؤر جو يادگار آھي. ملڪ

 

جي قائدين جي عدم استحڪام جي ڪري ڪوبه قابل ذڪر ترقياتي ڪم جو موقعو نه مليو آھي.

ان حوصلي شڪن آغاز کان پوءِ، صدر ايوب جي قيادت ۾ نئين حڪومت، ماضيءَ جي نقصان جي تلافي ڪرڻ ۽ ملڪ جي معيشت کي مضبوط بنيادن تي استوار ڪرڻ لاءِ ذميدارانه ڪم ڪيو آھي. پاڪستان جو ٻيو پنج ساله رٿابنديءَ جو پروگرام خدا جو شڪر آھي، جو قوم جي اميدن کان گھڻو وڌيڪ ڪامياب رھيو ۽ ان طرح سان ملڪي معيشت کي مضبوط ۽ مستقبل ۾ بھتر رٿابنديءَ ۾ مدد ملي.

مان ھن کان اڳ به بار بار چئي چڪو آھيان ته حڪومت عام آدمين جي معيار حيات کي بلند ڪرڻ ۽ عوام جي حالات کي پرمسرت بنائڻ ۽ اطمينان ۽ سڪون واري فضا ۾ ترقياتي سرگرمين ۾ ڀرپور حصي وٺڻ لاءِ موقعن مھيا ڪرڻ جي سلسلي ۾، ھر ممڪن ڪوشش ڪري رھي آھي. ان جو واضح ترين مثال، صدر پاڪستان جو اھو خيال آھي ته چوٿين رٿابنديءَ تي، عوام کي ھر سطح تي، ساري ملڪ ۾، تفصيلي بحث جو موقعو ڏنو وڃي؛ جيئن ھر فرد ان جي باري ۾ اظھار خيال ڪري سگھي ۽ حڪومت کي تعميري مشورن کان آگاھه ڪري سگھي.

چوٿون رٿابنديءَ جو پروگرام پنھنجي حجم ۽ وسعت جي اعتبار کان، ايندڙ چند سالن لاءِ قوم جي ترقيءَ ۽ تعمير جو وڏو تعميري پروگرام ثابت ٿيندو.

حڪومت جي اھا ئي ڪوشش آھي ته ھر لحاظ سان، عوام جي خواھشات ۽ احساسات جو اھو پروگرام آئينه دار

ھجي ۽ انھن جي ضرورتن تي حاوي ھجي. تاھم ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ عوام جو تعاون ضروري آھي. ان لاءِ ھر فرد ملت کي عھدي ۽ منصب، عمر ۽ رتبي جي لحاظ ۽ فرق کان سواءِ پنھنجي راءِ ۽ خيالات کان حڪومت کي آگاھه ڪرڻ گھرجي. ان طرح رٿا جو تفصيلي مطالعو ڪري، گذريل ڪاميابين ۽ مستقبل جي ضرورتن جي روشنيءَ ۾ ملڪ جي خوشحالي ۽ بھتريءَ جي لاءِ تعميري بحث مباحثي ۾ ڀرپور حصو وٺڻ گھرجي.

اھل دانش و بينش، عوامي ڪارڪن، اقتصاديات جا ماھر، معاشيات جا ڄاڻو، تعليمي معلمن، قومي زندگيءَ جي ھر شعبه سان تعلق رکندڙ اھل علم حضرات مان انھن سڀني کي اپيل ٿو ڪريان ته ھو ھن سونھري موقعي مان فائدو حاصل ڪن، ۽ ملڪ جي بھتريءَ لاءِ مفيد تجويزون پيش ڪري، قوم جي فلاح و بھبود جي سلسلي ۾ براه راست حصو وٺن. پاڪستان جي خوشحالي ۽ ان جي مستقبل کي روشن ۽ تابناڪ بنائڻ جي ذميداري، ملت جي ھر فرد تي ھڪجھڙي عائد ٿئي ٿي. ان فريضي کي اوھان به ذميدارانه طرح سان ادا ڪري، عملي جدوجھد ۾ شريڪ ٿي سگھو ٿا. پاڪستان پاينده باد.

گذارش

ادب ۽ ان جو منصب

’ادب جي فني تعريف ڪندي چيو ويو آھي ته ”ادب زندگيءَ جو ترجمان آھي.“ بيشڪ ائين چوڻ سورھن آنا صحيح آھي. پر سوال ٿو پيدا ٿئي ته خود زندگي ڇا آھي ۽ ان جي ترجماني ڪرڻ جا ڪي بنيادي اصول، ڪي بنيادي شرط ۽ ڪي فني لوازمات آھن؟ اگر ھر لکندڙ ۽ پڙھندڙ، ٻه چار ڪتاب پڙھي، ٻه چار آڏا ابتا شعر لکي، ٻه- چار افسانا ۽ ڊراما تيار ڪري، اَديب سڏائي، زندگيءَ جي ترجماني جا حق ادا ڪندو رھندو ته پوءِ ظاھر آھي ته اھڙي ترجماني ڪارائتي ثابت نه ٿيندي.

اصل ۾ اديب ٿيڻ ڪا اھڙي معمولي چيز ناھي، جو ھر ڪو لئيءَ مان لٺ ڀڃيووتي اديب سڏائيندو! اديب اھو آھي جو علم ۽ فڪر، مطالعه ۽ مشاھده جي دنيا ۾ پنھنجي توانائي ۽ حوصلي، قوّت ۽ وقت جو وڏو حصو صرف ڪري سگھيو ھجي. ھر فن تي مستند ۽ معتبر مواد جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري سگھيو ھجي، جديد ۽ قديم علوم و فنون جي ھر چشمي تان سيراب ٿيو ھجي.  ان قسم جو اديب اڄ ناياب نه ته ڪمياب ضرور آھي.

اَديب جون ٻه حيثيتون ٿين ٿيون: ھڪ انفرادي حيثيت آھي، جنھن موجب علم ۽ مطالعه جي بحر بي ڪنار ۾ ھر وقت غوطه زن رھڻو پوي ٿو. فڪر ۽ دانش جي دائري ۾ محوّيت ۽ استغراق جي ڪيفيت طاري رھي ٿي. زندگيءَ جا ڪيئي لاينحل مسئلا ۽ پيچيده معاملا حل ڪرڻا پون ٿا. الاھيات کان وٺي افساني ڪھاڻيءَ تائين سير حاصل مطالعو ڪرڻو پوي ٿو. زندگيءَ جي گوناگون رخن جي نقاب ڪشائي ڪري، پيڪر حقيقت کي ڏسڻو پوي ٿو. اھو به ظاھر آھي ته انسان جي زندگي بلڪل محدود آھي، ان سان گڏ سندس قوتون به محدود آھن. ماحول ناسازگار ھجي ته پوءِ ويچارو ضعيف انسان ڇا ٿو ڪري سگھي. باوجود ان جي، ھڪ اديب کي پنھنجيون سموريون صلاحيتون ۽ قوتون علم ۽ فڪر جي مطالعي ۾ صرف ڪرڻيون آھن.

اديب جي ٻي حيثيت اجتماعي آھي، ڇا لاءِ ته اديب به پنھنجي دؤر ۽ معاشري جو ھڪ فرد آھي .ھڪ فرد جي حيثيت سان ھو ڪڏھن به پنھنجي معاشري ۽ ان جي اجتماعي نظام کان ٻاھر رھي نٿو سگھي.

اديب، ان اجتماعي دائري اندر، ھڪ مصلح ۽ صلح پسند، امن طلب ۽ ايمان پسند ۽ ’صلح ڪل‘ جي حيثيت ۾ رھي ٿو. پنھنجي عمل ۽ پنھنجي قول سان، پنھنجي تقرير ۽ پنھنجي تحرير سان دانشمندانه نصب العين تي ھلي ڏيکاري ٿو. انحراف ۽ اختلاف جي ماحول ۾ اعتدال ۽ احتياط جي راھه تي گامزن رھي ٿو. ھنگامه آرائيءَ ۽ اشتعال انگيزيءَ واري وقتي طوفان کان ھميشه ڪناره ڪش رھي نيڪيءَ ۽ ڀلائي جي تلقين ڪري ٿو. ماڻھن جي ذھني سطح ۽ عملي صلاحيت آھر ڳالھه ٻولھه ڪري ٿو. اجائي نعره بازي ۽ مفسد پردازي، ھنگامه آرائي ۽ اشتعال انگيزي، اديب جي عالمي ۽ آفاقي، ھمه گير ۽ جامع نصب العين ۾ ڪابه جاءِ نٿي رکي.

اديب جي نگاھه دور رس ۽ نڪته شناس، ھمه گير ۽ جامع ٿئي ٿي. تنھنڪري ھو ھميشه ’ڪلّ‘ کي خيال ۾ رکي ٿو، ’جز ۽ فرع‘ تي ڪل جو قياس نٿو ڪري، ۽ نڪو ڪلّ تي جز ۽ فرع کي ترجيح ڏيڻ جي غلطي ٿو ڪري. سندس دستور حيات، اعتدال ۽ توسط واري راھه سان وابسته رھي ٿو. محبت ۽ اخّوت، نرمي ۽ مروّت، خوش ذوقي ۽ صلح پسندي سندس مطمح نگاھه رھن ٿا. ان ڪري ھو پنھنجي معاشري جو متاع عزيز تصور ڪيو وڃي ٿو.

زندگيءَ ۾ ڪيئي ھنگامه خير طوفان اچن ٿا؛ مختلف نالن ۽ مختلف تعبيرن سان نصب العين پيدا ڪيا وڃن ٿا؛ ملڪ ۽ ملت جي اصلاح ۽ خدمت جي آڙ ۾ ڪيئي روشن ۽ تابناڪ مقصد پيدا ڪيا وڃن ٿا. تاھم ھڪ دانشمند اديب جي نگاھه انھن جي نڪو پيچ و خم ۾ ڦاسي ٿي رھي، ۽ نڪو اديب ۽ دانشمند تماشبين بنجي رڳو ان کي ڏسندو ٿو رھي. اديب انھن سڀني کي ڇنڊي ڇاڻي، پنھنجي اصلاحي ۽ تعميري ڪم ۾ مشغول ٿو رھي، جو ڪم زياده تر فڪر انگيز ٿو رھي ۽ اشتعال ۽ ھيجان جي جاءِ تي تعّمق ۽ تدبّر ٿو پيدا ڪري.

جڏھن ته اديب پنھنجي منصب کي سنگ ميل تصور ڪري ٿو، تڏھن وقت ۽ ماحول جو ڪوبه طوفان کيس ڪکن ۽ ڪانن وانگر چوري ۽ ڦيرائي نٿو سگھي. زماني جون گرم ۽ سرد ھوائون سندس مزاج ۽ طبع ۾ ڪوبه فرق پيدا ڪري نٿيون سگھن. ملڪ ۽ ملت جي نالي ۾ شاندار ۽ ڪشش انگيز نعره بازيءَ ۾ کيس ڪابه دلچسپي محسوس نٿي ٿئي، ۽ نڪو رياست ۽ سياست سان سندس سنئون سڌو واسطو ٿو رھي. ھو ھر محب وطن وانگر مخلصانه جدوجھد ۾ مشغول رھي ٿو.

اھوئي سبب آھي جو اديب جو منصب ذري گھٽ پيغمبرن جي منصب جھڙو تصور ڪيو وڃي ٿو، جن جو پيغام عالمي ۽ فڪر انگيز، صلح پسند ۽ امن پسند رھي ٿو. سندن عمل، اخلاقي تصورات ۽ اصلاحي اعمال تائين رھي ٿو. جدوجھد ۽ جھاد جي ميدان ۾ ھو ڪڏھن به اصلاحي ۽ اخلاقي نصب العين کي نظر انداز نٿا ڪن. ھنگامه آرائي ۽ اشتعال انگيزي، جذباتي ڪردار ۽ ھوش کان ٻاھر واري عمل کي پسند نٿا ڪن.

بيشڪ ھي دؤر عالمي نقطه نظر سان طوفان انگيز آھي، ھر ھنڌ امن ۽ صلح، محبت ۽ اخوت جي متاع عزيز کي جلايو ويو آھي؛ ذھن ۽ دماغ جي آبياريءَ جا سرچشما خشڪ ٿي چڪا آھن؛ انسان انسان کي پٽيَ کائڻ تي آماده ٿي چڪو آھي؛ عوام حيران ۽ پريشان آھي. اھڙي دؤر ۾ اديبن جو فرض آھي ته امن ۽ صلح، محبت ۽ اخوت پيدا ڪرڻ لاءِ تحرير ۽ تقرير سان جدوجھد ڪن، زخميل دلين لاءِ آبحيات پيدا ڪن؛ جذبات انگيز ماحول ۾ سڪون ۽ امن پيدا ڪن؛ حقائق ۽ معارف جي روشنيءَ ۾ پنھنجا شاھڪار پيش ڪن- جيئن ذھني اضطراب ۽ دماغي خلفشار دور ٿئي ۽ روح جي باليدگيءَ ۽ ذھن جي آسودگي جو سامان پيدا ٿئي. ھن دؤر جي اھا ئي تقاضا آھي، ھن ماحول جي اھائي طلب آھي. ڪاش! اسان جو دانشور طبقو سنجيدگيءَ سان سوچڻ جي ڪوشش ڪري.

”مھراڻ“ رسالي جي نئين ترتيب.

’مھراڻ‘ پنھنجي ٻئي دؤر کان (55-68ع) اڄ تائين، جنھن بلند معيار مواد کي پيش ڪندو آيو آھي؛ ترتيب ۽ ڇنڊ ڇاڻ جي جنھن ڪشش انگيز ۽ فڪر آميز نصب العين تي ھلندو آيو آھي؛ اھو علمي دنيا ۾ ھڪ تاريخي روايت بڻجي چڪو آھي. ’’مھراڻ‛‛ جي ان فني زيبائش ۽ آراستگي کي اڃا به وڌيڪ مقبول ۽ ڪشش انگيز ڪرڻ لاءِ ھن پرچي ۾ ڪجھه تبديلي پيدا ڪئي وئي آھي.

مھراڻ جي فنڪارن لاءِ اھا صلاح خوشيءَ جو سبب ٿيندي ته مھراڻ جي فنڪارن جي فوٽو ۽ سوانح ۽ مختصر تعارف سان سندن شھپارن کي سينگاريو ويو آھي. ان سلسلي ۾ اھا گذارش خيال ۾ رکڻ گھرجي ته مھراڻ ڏانھن مواد موڪليندي، ھر فنڪار، شاعر، مقاله نگار ۽ افسانه نويس، پنھنجو فوٽو ۽ مختصر تعارف ضرور موڪلي ڏئي. ان طرح ترجمي واري مواد لاءِ اصل حوالي ڏيڻ جي مھرباني پڻ ڪئي وڃي، جيئن ناظرين مواد جي معيار کان آشنا رھن.

”مھراڻ“ جو ”شاعر نمبر“

سنڌي ادبي بورڊ جي معياري رسالي مھراڻ  جو نمبر 4-68ع، بورڊ جي تازي فيصلي موجب شاعر نمبر ٿي شايع ٿيندو. ان ۾ زنده شاعرن جو چونڊ ڪلام، مختصر سوانح ۽ فوٽي سان شايع ڪيو ويندو.

شعراء ڪرام کي عرض آھي ته ھو شاعريءَ جي صنف تي، مثلاً: بيت، دوھا، ڪافي، وائي، غزل، نظم آزاد نظم، گيت، رباعيون، قطعا، وغيره، پنھنجي سوانح ۽ فوٽي سان جلد ارسال فرمائين، جيئن وقت تي ترتيب ھيٺ آڻي سگھجن. ھي خاص نمبر، ضخامت ۾ اڳين خاص نمبرن جيترو ٿيندو، ۽ سنڌي ادب ۾ ھڪ تاريخي يادگار ۽ علمي سنگ ميل ثابت ٿيندو.

-غ . م . گ

لافاني ڪلام

(شاهه جا اڻ ڇپيل بيت)

قوت جن جي ڪرڙيون، پر ھڻ پاٻوڙا،

پايو منھن ”مھرڻ“ ۾، ڪڍن ڪالھوڙا،

جن تي ڏن ھا ڏوڙا، سي سڀ انعامي ٿيا.

 

ڄام تماچي آئيو، آٺا ڪينجھر ڪَپَ،

وڄي ٿي وڻڪار ۾، ڍنڍ مَٿي ڍولڪ،

پيئي خبر خلَق، ته سميِڻ اڄ سيڻ ڪيا.

 

گند جن جي گوڏ ۾، ڪڍَن ڪالھوڙا،

لوڙھيون کين ’لطيف‘ چئي، آسڻ اجوڙا،

تماچيءَ توڙا، وڻين ويچارن سين.

 

ڄار وجھندي ڄاَم، ڏٺي ڊونڊيءَ مٿي ڊيل،

ان کان کاڄ کسي وٺو، جنھن جو مرڪ تيل – ڦليل،

سمي ڄاَم سويلَ، ٿي گاڏيءَ چاڙھي گندري.

 

ادليون گدليون، گندريون، ميريون مھاڻيون،

ڀاڪل پائي ڀل کي، پاڻيءَ ۾ پيئون،

ڄام سمين سيئون، حرف سڃاڻي حق جو.

1

”جتيءَ جوڙ به جي ٿيان“ بيت ۽ ڪافي- مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ‘.

بيت: ’سرويچ‘ سجاولي، ’قمر‘ شھباز ، حافظ ’احسن‘ چنا، جئسنگھاڻي ’سام‘، ’استاد بخاري‘، احمد خان ’آصف‘، حيدر علي ٽالپر.

دوھا: ’استاد‘ بخاري؛ سروپچندر ’شاد‘، حيدر علي ٽالپر.

ڪافيون: عبدالڪريم پلي ’ڪريم‘، ’آصف‘ مصراڻي، جئسنگھاڻي ’سام‘، ’خادم‘ رفيقوي؛ قادر بخش ’محزون‘؛ غلام سرور ٻگھيو.

وايون: قمر ’شھباز‘: حيدر علي ٽالپر؛ ’آصف‘ مصراڻي؛ منظورالله قريشي.

گيت:  لطف الله بدوي؛ قمر ’شھباز‘؛ ’اقبال‘ سجاولي؛

’خادم‘ رفيقوي؛ ’استاد‘ بخاري، ولي محمد ’وفا‘.

نظم: ’تنوير‘ عباسي؛ عبدالڪريم ’گدائي‘؛ قمر ’شھباز‘؛ حافظ ’احسن‘؛ ’سليم‘ سرھندي؛ آصف ’مصراڻي‘؛ ’استاد‘

بخاري؛ امتياز حسين قاضي.

آزاد نظم: ’راز‘ ناٿنشاھي، ولي محمد ’وَفا‘.

غزل: مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ‘؛ آغا عبدالنبي خان

’آغا‘؛ عبدالقيوم ’صائب‘؛ ’عارف الموليٰ‘؛ محمد خان ’غني‘؛

’سليم‘ ڳڙھوي؛ ’ذوالفقار‘ راشدي؛ عبدالڪريم ’ڪريم‘ پلي،

’محسن‘ ڪڪڙائي؛ جئسنگھاڻي ’سام‘؛ ’استاد‘ بخاري؛ ’انور‘

ھالائي؛ ’محبوب‘ سروري؛ رحيم بخش ’قمر‘؛ ’ممتاز‘

دراني؛ ’غازي‘ ٽکڙائي؛ ’نشتر‘ ناٿنشاھي؛ ’آثم‘ ناٿنشاھي؛

’وفا‘ ناٿنشاھي ؛ ’راز‘ ناٿنشاھي؛ ’داغ‘ ٽکڙائي؛ ’خادم‘

 رفيقوي ؛ ’نثار‘ بزمي؛ ولي محمد ’وفا‘؛ پرڀو ’ناشاد‘.

قطعا: ’خواب‘ حيدرآبادي؛ ’احسن‘ چنا؛ ’استاد‘ بخاري؛ ’آثم‘

ناٿنشاھي؛ ’داغ‘ ٽکڙائي.

”تخيّل جي بلندي ۽ احساس جي شدت ھڪ فنڪار لاءِ روح جي مثال آھن. انھن کان سواءِ ڪو به فن، اثر پذيريءَ ۽ بلنديءَ، افاديت ۽ صداقت جي درجي تي پھچي نٿو سگھي. پر تخيل سان گڏ، ھڪ سھڻي شاعر ۽ اديب لاءِ اھو به ضروري آھي ته ھو، ٻين علمن ۽ فنن جي تحصيل سان گڏ، شاعريءَ جي فن تي به تڪميل حاصل ڪري.

”ھڪ قادر الڪلام ۽ استاد شاعر، حسن خيال جي لاءِ تمام سھڻن لفظن کي تلاش ٿو ڪري ۽ پوءِ انھن سھڻن لفظن ۽ سھڻي خيال کي پاڻ ۾ ملائي، ھڪ پيڪر حسن تيار ٿو ڪري. ان جي مقابلي ۾، نو آموز ۽ معمولي شاعر، رڳو روزمره جي محاورن ۽ اصطلاحن جي تلاش ۾ پنھنجي صلاحيت کي گم ڪري ٿو ڇڏي ۽ وڌ ۾ وڌ لفظن جي بندش ۽ فقرن جي بيھڪ کي ئي ڪمال جي انتھا ٿو سمجھي. حالانڪ، قادر الڪلام ۽ صاحب فن اھوئي ٿي سگھي ٿو جو معنيٰ ۽ فن ۾ ھم آھنگي ۽ يڪ زنگي پيدا ڪري سگھي ٿو. جڏھن ان قسم جي ھم آھنگي پيدا ٿئي ٿي، تڏھن اھو ٻڌائڻ مشڪل ٿي پوي ٿو ته ڪھڙو حصو صورت جو آھي ۽ ڪھڙو حصو معنيٰ جو آھي. معنيٰ ۽ صورت جي ميلاپ سان جو فن تخليق ٿئي ٿو، اھو ئي زندگيءَ جو حسين فن ڪوٺجي ٿو، ۽ ان حسين فن وارو فنڪار ئي ’صاحب ڪمال‘ ڪوٺجي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com