سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-  1962ع

مضمون

صفحو :1

مهراڻ 2- 1962ع

غلام محمد گرامي

گذارش

ادب ۽ اخلاقيات

موجوده علمي ۽ ادبي دور ۾ ’ادب ۽ اخلاقيات‘ هڪ اهم موضوع بنجي چڪو آهي. هن دور جي نقادن، پنهنجي پنهنجي مخصوص ۽ ذاتي نقطه نظر سان اِن بابت گهڻو ڪجهه لکيو آهي.

اسان جا نقاد ٻن گروهن ۾ تقسيم ٿيل آهن: هڪڙا آهن قدامت پسند ۽ روايت پرست نقاد، ۽ ٻيا آهن مارڪسزم جا ترجمان ۽ داعي. ٻنهي گروهن جي خيالن ۽ نظرين ۾ وڏو فرق آهي. قدامت پسند گروهه زياده تر پراڻين روايتن ۽ فني قدرن کي ئي چهٽيو ٿو اچي، ۽ ادب ۽ سماج جي بدلجندڙ قدرن ۽ فني ارتقا جي جدتّ پذير اصول کان نا آشنا آهي. انهن جو ادبي مطمح نظر قديم الايام کان پيدا ٿيل فني ۽ اخلاقي شعور آهي، جو هر هڪ تاريخي پس منظر کان اثر وٺندي، هر سماجي طبقي کان ’توارث‘ طور هلندو ٿو اچي. ان توارث کي هڪ ”مقدس روايت‘ جي حيثيت ملي چڪي آهي. ٻيو گروهه جدت پذير قدرن کان متاثر آهي. اهو سماج جي ارتقائي شعور کي تاريخي جدليات، بلڪ مادّي جدليات جو مظهر ٿو سمجهي، ۽ ادب خواهه فن ۽ اخلاق جي پراڻن قدرن کي جديد سماجي تقاضائن جي روشنيءَ ۾ پرکڻ ٿو گهري: هو انسان جي جديد قدرن، فڪري ۽ سماجي تقاضائن، تاريخي ۽ مادي جدليات ۽ طبقاتي ڪشمڪش کي مذهبي ۽ اخلاقي، ديني ۽ ڌرمي، علمي ۽ فني، قدامت پسندانه ’مقدس روايتن‘ تي ترجيح ٿو ڏئي. اهو گروهه انساني فڪر جي ارتقا لاءِ جديد سائنسي اڪتشافات ۽ ايجادات کي هڪ انقلاب پسند ۽ ارتقا پذير قدم ٿو سمجهي. بهرحال، اسان جي ٻنهي تنقيدي گروهن جا پنهنجا پنهنجا نظريا آهن، ۽ پنهنجا پنهنجا دليل دلائل آهن. انهن ٻنهي گروهن جي وچ ۾ محاڪمو ڪرڻ، اسان جي مقصد کان بعيد آهي.

سڀ کان اول ’ادب‘ جي تعريف، ۽ ان سان گڏ ’اخلاق‘ جي تعريف متعين ڪرڻ ضروري آهي. افسوس اِهو آهي ته هن مسئلي ۾ به اسان کي ٻنهي طبقن جي خيالات ۽ نظريات سان واسطو پوي ٿو.

’ادب‘ جي هڪ اها تعريف آهي، جا جاگيردارانه دور جي پيداوار آهي، جنهن ۾ ادب امير ۽ حاڪم طبقي جي ذهني تعيش لاءِ آله ڪار ٿي ڪم آيو آهي، ۽ زياده تر بادشاهه جي دربارن ۾ پيدا ٿيو، ۽ ارتقا ڪري، هڪ مقدس روايت، ۽ مخصوص فن، مخصوص اسلوب بيان ۽ مخصوص لغوي تعبير تائين پهتو. ان دور جي شاعري ۽ افسانه طرازي اڄ به موجود آهي.

اهو ادبي دور هڪ مخصوص زاويه نگاه جي ماتحت تخليق ٿيو، وڌيو، ۽ همه گير ٿي، ان دور جي سماجي تقاضائن تي ڇانئجي ويو. اهو دور عشق و محبت ۽ هجرو وصال جي رنگين داستانن جو ترجمان آهي. جڏهن ته عشق و محبت جا سڀ قدر ۽ معيار اميرن ۽ وزيرن سان وابسته هئا، تنهن ڪري مذهبي طور يا اخلاقي طور انهن تي ڪابه گرفت نه ٿي سگهي. عوام ويچارا پنهنجين حسرتن ۽ تقاضائن کي اَميرن ۽ وزيرن جي تخليق ڪيل فن جي زبان ۾ ڳائيندا وڄائيندا رهيا- حالانڪ ان ان دور جي شاعري ۽ سموري فني ۽ ادبي ميراث نڪا اخلاق جي حدن اندر هئي، ۽ نڪا مذهبي ۽ ديني گرفت کان بچي سگهي ها.

ان طرح درٻاري فن ۽ درٻاري شاعري، وڌندي وڌندي، هڪ عظيم فن بنجي ويئي، جنهن ۾ اشارات ۽ ڪنايات جي عالم ۾ قادرالڪلام شاعرن خوب تنقيدون ڪيون، ۽ پنهنجي ضمير جي ترجماني ڪندي، ان دور جي غلطڪار معاشري ۽ غلط سماجي قدرن، غلط روايتن ۽ خوشامندانه انداز بيان جا چڱيءَ طرح ڇوڏا لاٿائون. اهو انقلاب فني نه هو، پر نظرياتي هو. غزل جي پراڻي فني هيئت کي قائم رکندي، انسان جي فڪري جزالت، تنقيدي شعور ۽ اصلاح پسند خيالات جي ترجماني ڪرڻ هڪ تاريخي خدمت آهي، جنهن کان انڪار نٿو ڪري سگهجي.

ان طرح ’اخلاقيات‘ به پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ مستقل موضوع آهي. اخلاقيات جي تاريخ هر انساني سماج ۾، هر مذهبي دور ۾ ۽ هر طبقاتي گروهبنديءَ ۾، جدا جدا اصول پئي قائم ڪيا آهن. اڄ ’مشرقي قدر‘ ۽’مغربي قدر‘ اخلاقيات جي دنيا ۾ هڪ حقيقت بنجي چڪا آهن. ان طرح، چند عمومي اخلاقي اصولن ۽ قدرن کان سواءِ، گهڻو ڪري سڀني مذهبن جا اخلاقي قدر به جداگانه اصولن تي مبني آهن. مجوسيت، مسيحيت، يهوديت، هندو مت، ٻڌ مت، جين، سک ۽ اهل اسلام جا اخلاقي قدر علحده علحده آهن. هر مذهب پنهنجي صداقت جو مدعي آهي، ۽ هر مذهب پنهنجن اخلاقي قدرن کي عالم انسانيت لاءِ مناسب ۽ ارتقا پذير ٿو سڏي ۽ پنهنجا دليل ٿو پيش ڪري.

اخلاقيات جو سارو بحث علمي ۽ فني طور مطالع جي قابل آهي. هر هڪ اخلاقي بحث پنهنجي پنهنجي تاريخي، مادي، سماجي ۽ مذهبي دور جي پيداوار آهي. اسين ان بحث کي طول نٿا ڏيون؛ فقط اهو عرض ڪنداسون ته اخلاقيات جي ڄاڻن ڪي همه گير اصول متعين ڪيا آهن، جن کي پوريءَ انسانذات لاءِ مفيد ۽ تعميري قرار ڏنو ويو آهي. انهن جي روشنيءَ ۾ هن دور جي تقاضائن آهر اخلاقي نظام پيدا ڪرڻو آهي، سا هڪ همه گير ۽ اجتماعي تقاضا آهي، جنهن متعلق هن دور جا عالم ۽ مذهبي پيشوا، سائنسدان ۽ فلسفي حيران ۽ سرگردان آهن.

اهڙن اخلاقي مسئلن جي موجودگيءَ ۾، ادب ۽ اخلاقيات متعلق ڪوبه فيصلو ڪرڻ نهايت جلدبازيءَ وارو قدم چئبو.

ادب جي سلسلي ۾ اهو سوال ٿو پيدا ٿئي ته آيا ادب ۽ فن جي ڪنهن به صنف ۾ اگر ڪو ناشائسته لفظ اچي ته اهو آڻڻ جائز آهي يا نه؟ ٻيو ته ادب کي معروف ۽ مسلمه، سماجي ۽ مذهبي اخلاقيات جي حدن اندر ئي محدود رهڻ گهرجي ڇا؟

ان متعلق اسان جي مذهبي گروهه جو چوڻ آهي ته ادب کي مذهبي اخلاقيات جي حدن اندر رهڻ گهرجي. پر ٻين جو چوڻ آهي ته ادب پنهنجي جامعيت جي لحاظ سان وسيع الاطراف آهي: ادب جي جامع تعريف ۾ خود مذهبي ۽ اخلاقي اصول، هڪ جز ۽ فرع جي حيثيت سان، شامل آهن، ۽ ادب کي جامعيت ۽ ڪُليّت جي حيثيت حاصل آهي: ٻيا سڀ اختلافات، علمي ۽ اخلاقي مباحث، فروعات ۾ شامل آهن، ۽ پنهنجي پنهنجي مخصوص ۽ محدود، تاريخي ۽ مذهبي روايات، طبقات ۽ سماجي اثرات جي پيداوار آهن، پر ادب هڪ آفاقي ۽ عالمي، همه گير ۽ عالمگير تنقيدي زاويه نگاهه آهي، جو هر دور جي تقاضائن آهر ارتقا پذير به آهي ۽ تغيّر پذير به: ان جي مقابلي ۾، ٻيا سڀ فروعي قدر جامد محض آهن: ادب ئي آهي، جو عالمي ۽ آفاقي حيثيت سان زندگيءَ جي صحتمند ۽ ارتقا پذير قدرن سان هم آهنگ به رهي ٿو، ۽ تغيّر پذير به، ۽ ان سان گڏ حرڪت پذير به ثابت ٿئي ٿو.

جڏهن ته انساني فڪر ۽ شعور خود ان سان گڏ جامد نه آهن، علوم و فنون جي اڪتشافات ۽ ايجادات جي ڪري نئين سج نيون نگاهون ۽ ڪسوٽيون پيدا ٿينديون رهن ٿيون، تڏهن انهن جو ادب به هر دور ۾ نئون رهي ٿو- نوان تجربا، نوان نظريا، نوان انداز ۽ نوان معيار، بلڪ موضوعات به نوان ٿا پيدا ٿين، ۽ مسائل ۽ مباحث به نوان.

ان ايتري بحث جي روشنيءَ ۾ اهو صاف نظر ايندو ته ادب خود اخلاقيات تي غالب ۽ حاوي آهي: ادب محض اخلاقيات جي مقدس سماجي رسمن ۽ قدرن جو نڪو غلام آهي، نڪو محتاج.

اهوئي سبب آهي جو هڪ هندو اديب، رڳو هندو اِزم جي تبليغ ڪري، ’هندو اديب‘ بنجي نٿو سگهي؛ نڪو هڪ مسيحي اديب، مسيحيت جي تبليغ ڪري، ’مسيحي اديب‘ ٿو سڏائي سگهي؛ ۽ نڪو هڪ مسلم اديب، اسلامي تبليغ ڪري، ’مسلم اديب‘ سڏائي ٿو سگهي. اديب اول به اديب آهي ۽ آخر به اديب- فقط سندس ’اديب‘ هجڻ جي حيثيت ئي خصوصي ۽ حقيقي حيثيت رهندي، جا عالمي به آهي ۽ آفاقي به.

ممڪن آهي ته منهنجي مذڪورة الصّدر بحث مان ڪا غلط فهمي پيدا ٿئي. لهٰذا ان تعريف جي تائيد ۾ هن دور جي وڏي عالم ۽ مفڪر، مولانا سيد ابوالاعلى مودودي جي تصريحات کي پيش ڪرڻ مناسب ٿو سمجهان. مودودي صاحب ان مسئلي متعلق گفتگو ڪندي فرمائي ٿو:

”هيءَ ڳالهه ته ادب کي اسلام ۽ غير اسلام جي تفريق کان بلند هئڻ گهرجي، هڪ لحاظ کان درست آهي: ان لاءِ، جو ادب جو ڪوبه مذهب نٿو ٿئي، بلڪ اديب جو مذهب ٿيندو آهي.“

ان کي مودودي صاحب اڳتي هلي هن طرح مثال ڏيئي بيان ڪيو آهي:

”ان کي هن طرح به سمجهي سگهجي ٿو. پهلوانيءَ جو فن يا سپهه گري وغيره بذات خود نڪو اسلامي آهن، نڪو غير اسلامي. هي اُهي فن آهن، جن جو پنهنجو ڪوبه مذهب نٿو ٿئي؛ البته پهلوان يا سپاهيءَ جو ڪونه ڪو مسلڪ ضرور ٿئي ٿو. ان مان ڪو پهلوان محض پيشه ور ٿئي ٿو،  ان جو مقصد صرف پنهنجي فن جي نمائش ٿئي ٿو؛ ان مقصد لاءِ هو دنگل ۾ وڃي ٿو يا آکاڙو ٺاهي ٿو. ان طرح، هڪ پهلوان پنهنجيءَ قوت کي محض ’غنڊه گرديءَ‘ لاءِ استعمال ڪري ٿو، ته ان کي اسين غنڊ پهلوان چئي سگهون ٿا. ان جي برعڪس هڪ پهلوان اهڙو به ٿئي ٿو، جو پنهنجيءَ قوت ۽ توانائيءَ کي معاشري جي غنڊن کان حفاظت لاءِ صرف ڪري ٿو. بهرحال، اهي سڀ مسلڪ ’پهلوانيءَ‘ جا نه آهن، پر ’پهلوانن‘ جا آهن.“

(”چراغ راه“: سيپٽمبر- آڪٽوبر، 1958ع)

مولانا مودودي، اَدب لاءِ مذهب جو شرط ختم ڪري، اديب لاءِ ڪنهن مذهب ۽ مسلڪ جو هجڻ تسليم ڪري ٿو.

ان بحث کان پوءِ اهو سوال ٿو پيدا ٿئي ته اگر ادب لاءِ مذهب جو لزوم شرط نه آهي، ته پوءِ ادب جو تخليقي عمل ڇا آهي؟ ان جا انسانذات سان ربط ۽ ضبط جا ڪهڙا اصول قائم ڪري سگهجن ٿا، ۽ ادب کي مذهب کان ايترو آزاد ڇو سمجهيو وڃي؟ آيا مذهب، ان جي اخلاقي تعليم ۽ روحاني تلقين ممّد حيات نه آهن ڇا؟ آيا اديب اگر پنهنجي ادب ۾ انهن جي ترجماني ڪري ته پوءِ اهو اديب نه چئبو ڇا؟

انهن سڀني مسئلن جو جواب اهو آهي ته واقعي همه گير انسانيت جا قدر ۽ معيار اهڙا آهن، جي سڀني مذهبن جو مغز ۽ جوهر آهن. ’اديب‘، پنهنجي آفاقي ۽ جامع حيثيت سان، انهن ’جامع قدرن‘ متعلق سوچي ٿو ۽ لکي ٿو: ان طرح هو گويا پنهنجي ’ذاتي مذهب‘ تي قائم به رهي ٿو، ۽ ان سان گڏ هو عالم انسانيت لاءِ مذهب جي محدود حدود اربع کان نڪري، ’آفاقي ۽ عالمي حيثيت‘ سان به سوچي ٿو. ان طرح اديب جو مذهب سان واسطو ۽ ناتو به قائم رهي ٿو، ۽ عالمي فڪر سان واسطو به قائم رهي ٿو. اهوئي سبب آهي جو جڏهن اديب آفاقي ۽ عالمي ٿو ٿئي، تڏهن لامحدود به بنجي ٿو ۽ عالمگير ۽ همه گير به: سندس قوت ۽ توانائي محض ذوقي ۽ ذاتي، انفرادي ۽ شخصي نٿي رهي، پر اها انسانيتِ عامه لاءِ وقف ٿي ٿئي.

ادب ۽ مذهب جي باهمي ربط متعلق ڇنڊڇاڻ کان پوءِ، اديب جي تخليق متعلق مولانا مودودي لکي ٿو:

”در حقيقت اديب جو تخليقي عمل بلڪل ان طرح ٿئي ٿو، جيئن ماءُ جي پيٽ مان ٻار ڄمي ٿو. اديب جي فڪر جي ڪيفيت حمل وانگر ٿئي ٿي، جنهن مان بلڪل فطري ولادت ٿئي ٿي. اديب جو ڪجهه تخليق ڪري ٿو، اها سندس ’فطرت‘ جي تقاضائن موجب ٿئي ٿي. اديب هڪ انسان آهي، ۽ هر انسان ۾ مختلف ميلانات ٿين ٿا. ظاهر آهي ته اگر هڪ اديب جي اندر گمراهيءَ جا ميلانات موجود آهن ته پوءِ هو دنيا ۾ فتنه و فسات برپا ڪرڻ گهري ٿو. ائين ڪرڻ سان منجهس بري نيت ۽ برو ارادو حمل وٺي ٿو؛ ان جي نتيجي ۾ لازمي طور اهائي چيز پيدا ٿيندي، جا انهن سڀني مضر چيزن تي مشتمل هوندي.“ (”چراغ راه“)

مودودي صاحب جو چوڻ آهي ته اديب پنهنجيءَ فطرت جي تقاضائن موجب ادب جي تخليق ڪري ٿو. اهو به ظاهر آهي ته انسان ۾ صالح فطرت به ٿئي ٿي ۽ غير صالح به. پر اهو ڪونه صاف ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪو اديب ”غير صالح فطرت“ جو آهي ۽ تخليقي طور فساد ٿو پيدا ڪري ته پوءِ ان جو جوابده ۽ تلاهي ڪير؟ صالح ۽ غير صالح فطرت جي پيدائش ڪيئن ٿي؟ هڪ ’صالح فطرت‘ سان ڄائو ۽ ٻيو ’غير صالح‘ فطرت سان، اهو فرق ڇو؟

دراصل اهو مسئلو علم الحيات سان وابسطه آهي. آبا و اجداد کان ورثي ۾ مليل متوارث اثرات ۽ ماحول جي تربيت سان ئي انسان ۾ نيڪيءَ ۽ بديءَ جو روح پيدا ٿئي ٿو؛ ورنه هر هڪ انسان ’صالح فطرت‘ تي پيدا ٿئي ٿو: پوءِ اڳتي هلي منجهس آَبا و اجداد کان ورثي ۾ مليل ’متوارث اخلاقي جوهر‘ به کُلن ٿا، ۽ سندس ماحول جي تربيت ۽ زنده عزيزن ۽ دوستن جي صحبت مان به کيس ڪجهه حصو ملي ٿو. گويا، هڪ غير صالح فرد جي ’غير صالح فطرت‘ لاءِ آَبا و اجداد جو ’متوارث‘ ورثو، ۽ سندس زنده عزيزن ۽ دوستن جي صحبت ئي جوابدار آهن. ان طرح، نفسياتي ۽ جنسياتي اثرات به ائين منتقل ٿيندا رهن ٿا.

اهڙن متوارث اثرن کان اديب ۽ بچي نٿو سگهي. اهو هڪ قسم جو ’جبر‘ آهي، جو انساني فطرت ۾ سرايت ڪري ٿو وڃي، ۽ جبلي طور هڪ انسان غير صالح عناصر ۽ اثرات کڻي ٿو ڄمي، ۽ پوءِ غليظ ۽ گمراهه معاشري ۾ رهي، اڃا به زياده غير صالح ۽ گمراهه ٿو بنجي- البته صالح معاشري ۾ سندس غير صالح فطرت ۾ اصلاح ٿي سگهي ٿي.

اهوئي سبب آهي جو هن معاشري کي صالح ڪرڻ لاءِ جا به ڪوشش ڪئي ٿي وڃي، سا دراصل آئنده نسلن جي ”اصلاح ۽ صالحيت“ لاءِ پيش بيني ئي سمجهڻ گهرجي.

ان کان پوءِ اديب جي فني خوش اسلوبيءَ جو سوال پيدا ٿئي ٿو. فني اسلوب نه فطرت صالح جي پيداوار آهي، ۽ نه مذهبي تعليم مان پيدا ٿئي ٿي. هڪ گمراهه يا غلطڪار ماڻهو به فني حيثيت سان بهترين اسلوب پيدا ڪري سگهي ٿو، ۽ پنهنجي خوش رنگ ۽ پرجوش تحريرن سان فساد پيدا ڪري، پنهنجي دور جو وڏو شاعر ۽ اديب به ليکجي ٿو.

اسان کي اهو ڏسڻ گهرجي ته ڪهڙي اديب جي قلم مان پاڪيزه جذبات پيدا ٿين ٿا، ۽ فڪري شعور جي بلنديءَ ۽ ارتقا جو سامان ڪهڙي اديب جي تحريرن مان پيدا ٿئي ٿو. اهو ظاهر آهي ته ’صالح فطرت‘ جي ترجمانيءَ مان فڪر و نظر ۾ وسعت ۽ صالحيت پيدا ٿيندي، ۽ غير صالح جي قلم مان فساد انگيز تحريرون جنم وٺنديون، پوءِ ڀلي ته غير صالح ماڻهو هندو هجي يا مسلمان، يهودي هجي يا مسيحي؛ ۽، ان جي مقابلي ۾، صالح فطرت وارو ڀلي ته غير مسلم ئي هجي، ڪافر هجي، يا دهريو ۽ ملحد هجي، پر ان جي فطري ۽ جبلي صلاحيت جيڪو فن تخليق ڪندي، اهو عام انسانيت لاءِ مفيد به هوندو ۽ صحتمند به هوندو، پر ٻيو مضر ۽ مهلڪ ثابت ٿيندو. اهو تسليم ٿيل اَمر آهي ته هر مذهب نيڪيءَ جا ’جامع قدر‘ پيش ڪري ٿو، ۽ اسلام خود هڪ روشن ۽ تابناڪ، تعميري ۽ ترقي پذير فڪر جو حامل آهي، پر ”غير صالح فطرت“ وارا ماڻهو ان مان اهڙو ئي فائدو وٺن ٿا، جهڙو نانگ کير مان وٺي ٿو- يعني کير جي پيئڻ سان نانگ ۾ زهر ئي پيدا ٿئي ٿو، کير بهرحال کير آهي.

اسان وٽ اهڙا مثال موجود آهن، جن ۾ ’فن‘ ۽ ’اخلاص‘ جي مدح ڪيل آهي. ان ئي نقطهء نظر سان علامه اقبال نٽشي ۽ ڪارل مارڪس لاءِ مدح ۽ تحسين جا ڪلمات آندا آهن، حالانڪ هو غير مسلم ئي هئا. نٽشي لاءِ فرمائي ٿو:

آن ڪه بر طرحِ حرم بتخانه ساخت،

قلبِ او مومن، دماغش ڪافرست.

اتي نٽشي کي قلبي طور مومن سڏي، سندس مدح ڪئي ويئي آهي، ۽ سندس اختلاف ۽ اضطراب کي دماغي ڪفر سڏيو ويو آهي.

ان طرح، ڪارل مارڪس لاءِ چوي ٿو:

وه ڪليمِ بي تجلّي، وه مسيحِ بي صليب،

نيست پيغبر وليڪن در بغل دارد ڪتاب.

ڪارل مارڪس پنهنجي انقلابي نظريات جي بنا تي گويا ’صاحبِ ڪتاب‘ آهي. سندس ڪتاب ”سرمايو“ جي حيثيت ڄڻ ته عالمي ۽ پيغمبرانه آهي، پر پنهنجي ماده پسندانه ۽ زوليده ۽ پيچيده، مغلق ۽ مبهم خيالات جي ڪري، ’ڪليم‘ آهي پر بي تجلي، ۽ ’مسيح‘ آهي پر بي صليب.

تاهم، نٽشي کي ’قلب مومن‘ سان ياد ڪرڻ، ۽ ڪارل مارڪس کي ’صاحب ڪتاب‘ سڏڻ، انهن جي عالمي حيثيت جي ڪري آهي- حالانڪ عملاً ۽ اعتقاداً هو مسلم نه آهن. اها مدح، سندن ’فني صلاحيت‘ ۽ ‘فڪري صالحيت‘ جي ڪئي ويئي آهي.

بلڪل ان طرح، ايام جاهليت جي شاعر اُميه بن ابي الصلت جي ڪلام ٻڌڻ کان پوءِ حضور ڪريم صلي الله عليه ولسم جن تنقيدي طور ارشاد فرمايو:

”آمَنَ لسانہ و ڪَفَر قلبہ.“

يعني، ”سندس ’زبان‘ ايمان آڻي چڪي آهي، پر سندس ’قلب‘ ۾ ڪفر موجود آهي.“

هڪ دفعي پاڻ اميي جا هڪ سو شعر حضرت شريد رضي الله عنہ کان ٻڌائون، ۽ فرمايائون:

”ڪاد ان يسلم في شعره.“

(”قريب هو ته هو شعر ۾ مسلمان ٿي وڃي ها!“)

حضور جن جو شاعر جي فن ۽ مواد تي داد ڏيڻ به ان نقطه نظر کان خالي نه سمجهڻ گهرجي ته اها ڪفر وٽ به اهڙيون چيزون ٿين ٿيون، جي انساني ذهن ۽ فڪر لاءِ ڪارآمد ثابت ٿين ٿيون. اهي ادب ۾ ته شمار ٿين ٿيون، پر ڪنهن مذهب ۾ انهن جو جائز قرار ڏيڻ ناممڪن آهي.

اهوئي سبب آهي جو شاعر ۽ اديب جي فن کي عالمي فن، ۽ ’انسانيت عامه‘ جو ’مشترڪ ورثو‘ چيو ويو آهي، ۽ انهن جي افادي حيثيت جي ڪري کين مقام مدح تي بيان ڪيو ويو آهي.

جڏهن ته تمام انسانذات جو علمي، ادبي، فڪري ۽ ديني ورثو گويا اسان جي لاءِ گڏيل سرمايي جي حيثيت رکي ٿو، ۽ اها مشترڪ ميراث گويا ’انسانذات‘ جي فڪري دولت آهي، تڏهن اهو سوال ٿو پيدا ٿئي ته هڪ اديب ايتري عظيم سرمايي کي استعمال ڪيئن ڪري ۽ مختلف مڪاتبِ فڪر ۽ مختلف مذهبي نظرين سان ڪيئن عظيم فن پيدا ڪري؟ ان جو جواب هي آهي ته هڪ صحيح الخيال اديب، ’ماکيءَ جي مک‘ وانگر، مختلف گلن مان خوش ذائقه رس چوسي، ’ماکي‘ ٺاهي. اديب کڻي مسلم هجي يا غير مسلم، ان کي پنهنجو ’فني نصب العين‘ ماکيءَ جي مک کان سکڻو پوندو- جتي به خوش رنگ ۽ خوش ذائقه گل هجي، ان مان رس چوسي وٺي. بقول مولانا مودودي صاحب:

”ڪفار جي ادب ۾ به تمام سهڻيون ڳالهيون ملنديون؛ مغربي ملڪن جي ادب ۾ به گهڻيون ڪم جون چيزون ملنديون؛ عربي ۽ فارسي ادب ۾ به گهڻو ڪجهه نظر ايندو: اصل چيز اِها آهي ته ’اسلام جي فطرت‘  ۽ مزاج جو صحيح ادراڪ هجي، پوءِ فطرت ۽ مزاج جي مطابق جا چيز ملي اها اخذ ڪري سگهجي ٿي.“ (”چراغ راه“)

’اسلام جي فطرت‘ مان مفهوم اها ئي ’فطرت صالح‘ آهي، جنهن ڏانهن حضور ڪريم صلي الله عليه ولسم جن ارشاد فرمايو آهي ته ”هرڪو نومولود فطرت تي ڄمي ٿو، پوءِ سندس ابا ۽ عزيز کيس يهودي، مسيحي ۽ مجوسي ڪن ٿا.“ (حديث جو حاصل مطلب اهو آهي.)

آخر ۾ گذارش آهي ته تعميري ۽ صحتمند، حيات بخش ۽ ترقي يافته فن کي افادي حيثيت سان وڏي اهميت حاصل آهي. رڳو لفظن جي انتخاب ۽ ترڪيبن جي حسين بندش، بديع و معاني جي مراعات، عروض ۽ بلاغت جي اصولن، ۽ محض وعظ گوئيءَ کي ڪا خاص حيثيت حاصل نه آهي. ان خيال کان، حضور ڪريم عليه الصلواة والسلام جن عرب جي عظيم شاعر ۽ فنڪار امراء القيس جي فن متعلق فرمايو آهي:

”اشعر الشعراء قاعد هم الي النار.“

(يعني، ’فن‘ جي لحاظ سان هو ’شاعرن جو بادشاهه‘ آهي، پر ’افاديت‘ جي لحاظ سان ’جهنمين جو سردار‘ آهي.)

ان هڪ تنقد مان ئي ادب ۽ اخلاقيات تي ڪافي روشني پوي ٿي.

امراءَ القيس جو ڪلام، لغوي ۽ لساني حيثيت سان بلند مقام تي فائز آهي، پر سندس معنوي حيثيت ’ابتذال ۽ اشتعال‘ تي مبني آهي، ۽ منجهس انساني فڪر جي تطهير ۽ تشڪيل لاءِ ڪوبه سامان نظر نٿو اچي. انسان ۾ عملي حرڪت پيدا ڪرڻ لاءِ منجهس ڪوبه پيغام ڪونه آهي. سندس ڪلام ۾ محض ’هوس پرستي ۽ جنسي جذبات‘ جي ترجماني موجود آهي، لهٰذا سندس ’افادي ۽ معنوي‘ حيثيت مردود قرار ڏني ويئي. ان کي ئي اخلاقي حيثيت سمجهڻ گهرجي.

ان نقطه نظر سان دنياي ادب جي ڪافي شاعرانه ذخيرو (مسلم يا غير مسلم جو) اهڙو آهي، جو عمل ۽ حرڪت، پيغام ۽ اصلاح کان پالهو آهي- ان ۾ مذهبي خشڪ وعظ به اچي وڃي ٿو، ۽ فني مبالغه آرائي به اچي وڃي ٿي. چنانچه اهو سارو علمي ۽ ادبي ذخيرو علمي ۽ اخلاقي قدرن کي گهڻو هيٺ ڪريل آهي. باقي ذوق جماليات کي تعمير ڪندڙ فن ان مٿئين اصول کان مستثنى آهي. شرط اهو آهي ته جماليات جي تشڪيل به اعتدال ۽ احتياط سان ڪئي وڃي. عريانيت ۽ جماليات جي وچ ۾ امتياز پيدا ڪرڻ بذات خود هڪ بحث آهي، جنهن تي انشاءَ الله آئينده لکنداسون.

مواد جو تعارف

اسان، پنهنجي حال آهر، ’مهراڻ‘ جي هن پرچي جي ترتيب جي سلسلي ۾ پوري ۽ مخلصانه ڪاوش صرف ڪري، ناظرين لاءِ معياري، معلومات افزا ۽ ڪارآمد مواد پيش ڪيو آهي. حصه نظم ۾ حسب دستور بيت، دوها، ڪافيون، وايون، گيت، نظم، آزاد نظم، سانيٽ، غزل، نظم معرى، قطعا ۽ رباعيون آيل آهن. حصه نظم جا فنڪار سنڌي ادب جا مشهور معروف شاعر آهن، ۽ اهو سنڌي ادب جي قديم ۽ جديد اصناف سخن تي مشتمل آهي.

افسانن ۾ ’مهربان خوني‘ از م. ع. ڏيپلائي، ’ڪنهن کي دلڙي ڏيڻ ڪنهن کان ڌار ٿيڻ‘ از قمر شهباز، ’ٿرڊ ڪلاس‘ از ذوالفقار راشدي، ’عورت‘ از امر جليل، ’ڪارو سج‘ از ڪرشن چندر، مترجم اقبال آگرو، ’زندگيءَ جي آغوش ۾‘ از وڪٽر هيوگو، مترجم غلام نبي ميمڻ، ’هيءَ ڪهاڻي ڪهڙي!‘ از ايوان ڪينڪر، مترجم شمشيرالحيدري، نهايت معياري ۽ فني آيل آهن.

نانڪ جي سلسلي ۾ ايترو عرض ڪرڻ مناسب آهي ته سنڌي ادب ۾ هن صنف تي تمام گهٽ توجهه ڏنو وڃي ٿو، تاهم اسين ’مهراڻ‘ ۾ ڪو نه ڪو ناٽڪ شايع ڪندا اچون ٿا. هن پرچي ۾ ’هندستان ڇڏي وڃو‘، موهن ڪلپنا جو لکيل ناٽڪ پيش ڪيل آهي. اميد ته صاحبِ فن احباب تمام گهڻو پسند ڪندا.

مقالن جي سلسلي ۾ مسٽر ڪريم بخش چنه جو مضمون، ’سنڌ جو سماجي جائزو انگريزن جي دور حڪومت ۾‘، نهايت معياري چيز آهي. هن مضمون ۾ سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت، معاشرت ۽ معاشي حيثيت متعلق ڪافي معلومات پيش ڪيل آهي. ٻيو مضمون عبدالڪريم لغاريءَ جو، ’جرمن عالم ۽ جت قوم‘ آهي. مضمون نگار، ڊاڪٽر زيگرڊ ويسٽ فال ۽ ڊاڪٽر هائينز ويسٽ فال، ٻن جرمن عالمن سان جت قوم جي تحقيق متعلق اسسٽنٽ ٿي ڪم ڪري چڪو آهي. هن مضمون ۾ علم الاقوام جي شائقن لاءِ ڪافي معلومات موجود آهي. ان کان پوءِ مسٽر محبوب علي چنه جو ’سيوهڻ شريف‘ آهي. چنه صاحب حضرت قلندر لعل شهباز جي 708- ساله ورسيءَ تي هيءَ تقرير پيش ڪئي هئي، جنهن ۾ سيوهڻ جي تاريخي، تمدني، ثقافتي ۽ علمي حيثيت تي مورخانه ۽ محققانه انداز ۾ سير حاصل بحث ڪري، بعض تاريخي غلط فهمين جو ازالو پڻ ڪيل آهي.

آڳاٽي ادب جي سلسلي ۾ ’نالهء مجروح‘، مرحوم مولوي عبدالڪريم ’مجروح‘ جو، پيش ڪيل آهي اها علمي چيز اڄ کان 60 سال کن اڳ جي آهي، جنهن جو مسودو شيخ محمد اسماعيل (شعبهء سنڌي لغت جي اسسٽنٽ) جي ڪوشش سان ملي سگهيو آهي. ’نالهء مجروح‘ عشقيه ۽ حزينه شاهڪار جي حيثيت سان قابل قدر چيز آهي.

ان کان پوءِ ’ٽالپرن جي عهد حڪومت ۾ آداب نويسي‘، شائق قيصريءَ جو مضمون پيش ڪيل آهي. ان ۾ ٻڌايل آهي ته ٽالپر مختلف خاندانن، ارڪان ۽ عمال حڪومت ڏانهن ڪيئن خط پٽ لکندا هئا. ان کان پوءِ ’شعر جو شرف ۽ شان‘، مرحوم شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي هڪ علمي تقرير تي مشتمل آهي. اها تقرير پاڻ لاڙڪاڻي جي ادبي ڪانفرنس ۾، 1922ع ۾ پيش ڪئي هئائون؛ نهايت لذيذ ۽ معلومات چيز آهي. آخر ۾ ادب متعلق رابيندر ناٿ ٽيگور جو ترجمو، مسٽر جهامنداس ڀاٽيا جو پيش ڪيل آهي، جو هڪ علمي شاهڪار آهي.

’مهراڻ جا موتي‘ جي عنوان هيٺ حڪيمانه قول، دستور موجب پيش ڪيا ويا آهن.

”آديسي اُٿي ويا“ جي عنوان هيٺ، جناب عثمان علي انصاري مرحوم ۽ سنڌ جي نوجوان شاعر مرحوم عزيزالله ’مجروح‘ جي فن ۽ زندگيءَ متعلق معلومات پيش ڪيل آهي.

حضرت لعل شهباز قلندر (سلسله طريقت)

سيوهڻ شريف جي تاريخي ۽ تهذيبي پس منظر، ۽ حضرت لعل شهباز مخدوم سيد عثمان مرندي رحمة الله عليه جي حالات و سيرت کي محترمي چنه صاحب نهايت جامعيت سان بيان ڪيو آهي. اها تقرير هن پرچي ۾ شايع ڪئي ويئي آهي. هت، اضافي طور، حضرت قلندر جي سلسله طريقت متعلق چند گذارشون ڪجن ٿيون.

قادري طريقو: ڪيترن محققن حضرت قلندر جِي نسبت ’قادريه‘ بيان ڪئي آهي. ”تذڪرة الفقراءَ“ جي صاحب داراشڪوه جو شجرو، حضرت لعل شهباز جي واسطي سان، حضرت غوث اعظم شيخ عبدالقادر جيلانيءَ تائين هن طرح بيان ڪيو آهي: ”دارا شڪوه مريد ملا شاهه بدخشي، مريد ميان مير سنڌي (لاهور)، مريد خضر سيوستاني، مريد شاهه اسڪندر، مريد خواجه حاني، مريد سيد علي قادري، مريد حضرت مخدوم سيد عثمان مرندوي لعل شهباز، مريد شاهه جمال مجرد، مريد شيخ ابو اسحاق ابراهيم، مريد مرتضى سبحاني، مريد حضرت احمد بن مبارڪ، مريد حضرت غوث اعظم شيخ عبدالقادر جيلانيؒ“.

سهرورديه. ڪن عالمن حضرت لعل شهباز جِي نسبت ’سهرورديه‘ بيان ڪئي آهي. ”تذڪرة الفقراءَ“ جو صاحب لکي ٿو:

”سهرورديه، طريقي جي مختلف شاخن ۾ ’لعل شهبازيه‘ گروهه به شامل آهي. ان شاخ جو آغاز حضرت لعل شهباز ؒ کان ٿيو آهي“. فرمائي ٿو: ”نيز بچند واسطه درميان بذريعهء شيخ عثمان لعل شهباز بخانواده سهرورديه منتهي مي شود.“

ان طرح حضرت شيخ الشيوخ شهاب الدين سهروردي ؒ تائين هن طرح پڻ نسبت بيان ڪئي ويئي آهي:

”شيخ عثمان مرندي لعل شهباز، مريد شيخ بهاء الدين زڪريا ملتاني ؒ، مريد شيخ شهاب الدين سهروردي.“

هن نسبت متعلق مورخن ۽ محققن ڪابه علمي ۽ تحقيقي سنَد بيان نه ڪئي آهي ته آيا حضرت لعل شهبازؒ، حضرت بهاء الدين زڪريا ؒ جا مريد هئا يا نه؟ البته صحبت ڪئي اٿن، جنهن کي ”معاصرانه صحبت“ چئي سگهجي ٿو.

ڪن بزرگن حضرت لعل شهباز ؒ کي حضرت شاهه جمال مجرد جو مريد لکيو آهي، ۽ اهو بزرگ شاهه ابراهيم جو مريد پڻ لکيو ويو  آهي؛ پر ڪي محقق لکن ٿا ته حضرت لعل شهباز باب ابراهيم ڪربلائيءَ جو مريد هو. ”تذڪره مشائخ سنده“ جي صاحب ان تحقيق کي ترجيح ڏني آهي؛ پر ”خزينة الولياء، جي صاحب حضرت لعل شهباز کي شيخ جمال مجرد جو مريد بيان ڪيو آهي. والله اعلم باالصواب. ان متعلق عالمن کي صفائي ڪرڻ گهرجي.

منشيات ومسڪرات.”خزينة لاولياءَ“،”معارج الولاية“ جي حوالي سان آندو آهي ته

”چون جذب و مستي بغايت داشت، پابند احڪام شرح نه بود، و طريقه ملامتيه پيش نظر داشت، و در نظر مردان بشرب اڪل مسڪرات و مڪيفات مصروف ماندي و آب گياه خمر (ڀنگ) بسيار بنوشيدي.“

”يعني پاڻ مستيءَ جي جذب ۾ فنا هئا ۽ شرع جا پابند نه هئا، ۽ سندن طريقو ملامتي هو، ۽ پاڻ نشه آور چيزون، ڀنگ وغيره گهڻي استعمال ڪندا هئا،“

ان جي اصل روايت کي ڪنهن به محقق ۽ علامه تسليم نه ڪيو آهي. ان روايت کي خزينة الاوليا، معارج الولاية، تذڪرة الانساب، رياض الاولياء، تذڪرة الفقراء، برڪات الاولياء، اخبار الاولياء ۽ تاريخ الاولياء ۾ به ڪنهن محققانه سَنَد سان نه آندو ويو آهي.

ان طرح،سنڌ جي محقق مرزا قليچ بيگ به حالات اولياء ۾ اها ساڳي روايت آندي آهي، ۽ اردوءَ جي مشهور اديب نور احمد فريديءَ به بهاء الدين زڪريا ؒ جي سوانح عمريءَ ۾ مٿين روايت آندي آهي: حالانڪ حضرت لعل شهبازؒ شرع جو پابند هو، ۽ قادري ۽ سهروردي نسبتن جو جامع، عالمِ دين ۽ شيخِ طريقت هو. تڏهن ته چيو ويو آهي:

اهلٖ دل، عارفٖ معارفٖ حق،  صاحبٖ وجد، تارڪٖ مطلق،

صاحبٖ حال، ڪاملٖ ابدال،       محرمٖ خلوت، حريمٖ وصال،

بحرٖ عرفان، ڪنوز دانائي، مهرٖ ايقان، چراغٖ بينائي.

ملامتيه. معلوم ٿئي ٿو ته سندن ’ملامتيه‘ طريقي کي ڏسي، سڀني کي مغالطو ٿيو آهي: حالانڪ حضرت سيد علي هجويري، لاهوري، پنهنجي شهره آفاق تاليف ”ڪشف المحجوب“ ۾ صوفياي ڪرام جي طبقات کي بيان ڪندي، ’ملامتيه‘ مشرب متعلق صاف صاف لکيو آهي ته ”ان مشرب وارا پابند شرع، پرهيزگار ۽ متقي بزرگانِ دين ٿين ٿا؛ البته اهي پنهنجي ’باطني مقام ۽ حال‘ کي ظاهربين نظرن کان اخفاء ۽ حجاب ۾ رکڻ لاءِ، ظاهري طور شهرت ۽ نمائش کان احتراز ڪندا آهن. باقي شرع جي خلاف هلڻ ته ’زندقه ۽ الحاد‘ آهي، ان کي صحيح الحال صوفياي ڪرام محفوظ آهن.“

ان حيثيت سان، حضرت لعل شهباز ؒ سرخ لباس پهريندا هئا، جنهن نسبت سان کين سندن مرشد ’لعل شهباز‘ لقب عطا ڪيو: اهو لباس ئي سندن ’ملاميته‘ هو. ان جو ثبوت سڀني محققن ۽ سوانح نگارن وٽ موجود آهي:

”و لباس سرخ داشتي، و خطاب ’شهباز‘ از پيشگاه پير روشن ضمير بوي عطا شده بود، و در خلق بسبب ’طريق ملامتيہ‘ وي بہ حضرت ’شهباز‘ قلندر اشتهار يافت.“

(”تذڪرة الانساب“، ص 101)

اميد ته حضرت لعل شهباز قلندر ؒ جي ملامتيه مشرب متعلق غلط فهمي دور ٿي ويندي. نڪو پاڻ شرع جي خلاف هئا، نڪو منشيات ۽ مسڪّرات جو استعمال ڪندا هئا. پاڻ ”قادريه“ ۽ ”سهرورديه“ نسبتن جا جامع هئا، ۽ هڪ ”قلندريه شهبازيه“ طريقي جا باني هئا. بقول سعدي ؒ:

مپندار سعدي ڪه راهٖ صفا،

توان يافت جز درپئي مصطفى.

تصوف ۽ ان جي حقائق ۽ معارف کان بيخبريءَ ۽ لاعلميءَ جي ڪري، اهڙيون لغو ۽ غلط روايتون بزرگانِ دين ڏانهن منسوب ڪيون ويون آهن، ورنه ڪوبه اهل طريقت خلافِ شرع نه رهيو آهي، ۽ نڪو ڀنگ نوش ۽ شرابخور ماڻهو اهل تقوى عارفن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. ان متعلق فتوح الغيب، امام رباني جي مڪتوبات، ڪشف المحجوب، عوارف المعارف، حجة الله البالغه ۽ احيا علعلوم کي مطالع ڪري، تصوف ۽ ان جي مقامات متعلق صحيح معلومات حاصل ڪرڻ گهرجي.

آه، عثمان علي انصاري!

هيءَ خبر سنڌي ادب لاءِ وحشت اثر ثابت ٿيندي ته سنڌي ادب جو هڪ اديب، عالم، مخلص ۽ محقق، جناب عثمان علي انصاري، 2- سپٽمبر 1962ع تي، ڪراچيءَ ۾، داعيء اجل کي لبيڪ چئي، هن دار فانيءَ کان موڪلائي، عالم جاودانيءَ ڏانهن راهي ٿيو. انا لِله و انا اليہ راجعون.

مرحوم انصاري صاحب هڪ شگفته مزاج، هر دلعزيز، رلڻو ملڻو شخص هو. سندس شخصيت علم و فن، تهذيب و ثقافت جي جامع هئي. هو سنڌي تهذيب ۽ ’لطيف‘ جو عاشق هو. ان موضوع تي سندس مقالا نهايت پُرمعز، معلومات افزا ۽ محققانه حيثيت رکن ٿا. ’شاهه‘ جي رسالي جي ترتيب ۽ ڪلام جي تنقيد ۽ تحقيق متعلق انصاري صاحب جي جستجو عالمانه آهي. افساني، ادب لطيف ۽ ناول سان پڻ سندس تعلق رهيو آهي. ان حيثيت سان به سندس ناول ۽ افسانا، زبان توڙي مواد ۽ فن جي حيثيت سان قابل قدر آهن مرحوم انصاري صاحب ساري زندگي تعليم جي خدمت ڪئي ۽ سنڌ جي محڪمه تعليم جي ڊئريڪٽر جي حيثيت سان رٽائر ڪيائين. آخري دور ۾ ”سنڌي ادبي بورڊ“ جو اعزازي سيڪريٽري به سال کن تائين رهيو. اهو به ياد رهي ته انصاري صاحب مرحوم ”مهراڻ“ جي ابدتائي دور ۾ ان جو مئنيجنگ ايڊيٽر به ٿي رهيو هو. انصاري صاحب جي علمي ۽ ادبي خدمتن جو سلسلو وسيع آهي. سندس وفات سنڌي زبان لاءِ ناقابل تلافي نقصان آهي. رب ڪريم شال مرحوم کي مرهي ۽ جنت ۾ جاءِ ڏئي! (آمين)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com