سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2- 1967ع

مضمون

صفحو :9

مٿي آيل هڪڙي اقتباس مان، ’پيڙهين گذرندي آخرڪار آرين ۽ اڻ آرين جي وچ ۾ سڱابندي عام جام ٿيڻ ڪري ۽ منجهن باهمي ميل ميلاپ ٿيڻ مان مخلوط قسم جو معاشرو‘، معلوم ڪيو ويو آهي. آريه لوڪن ۾ شايد کيتيءَ جو رواج به انهيءَ کان پوءِ ئي چالو ٿيو هجي! آيرن اوائل ۾ اچي، هيت جيڪي جاوا ۽ جڃ ڪيا، تن جو رواج هاڻي هيڪاري وڌي  وڻ ٿيو.  انهيءَ  بگيه پوءِ اهڙي انوکي صورت اختيار ڪئي، جو غريب غربي جي ته پهچ کان ئي ڪم چڙهي ويو. راجائون پنهنجي ڀڀي رکڻ لاءِ ’راجسويه‘ يعني گهوڙي جي ٻليدان يا قرباني وارو وڏو ’اشوَميد‘ ڪندا هئا.

__”ڪوئي کتري راجا يا مهاراجا هڪڙو نئون منڊپ (ڇنو) اڏائيندو هو. پوءِ پاڻ سنوارت ٺهرائي، وار لهرائي، بدن تي گيهه مکي، مالش ڪرائي، هرڻ جي سڱ سان پٺي کنهندو، پنهنجي پروهت سان گڏ، اچي انهيءَ  منڊپ ۾ گهڙندو هو.  اتي ڇيڻي مٽيءَ سان لتل جيڪو  پڪو پٽ هوندو هو، ان تي اچي ليٽي پوندو هو... پپوءِ چوندو هو ته ’منهنجي هن بيگه لاءِ هيترا ڍڳا ڪُهو، هيتريون ڳئون، وهڙا، وڇون.... وغيره. جانورن جي ٻڌڻ لاءِ هيترا وڻ وڍي، ٿوڻيون ٿنڀا، مُنيون ۽ ميڙهون 0يوپ) کوڙيو. گوشت رکڻ لاءِ هيترا ڊڀ لڻي اچو.‘ سندس ڪمي ڪاري، سزا جي ڊپ کان اکين مان ڳوڙها ڳاڙيندي، سندس اهو ڪم ڪندا هئا. __سندس ڪمي ڪاري ۽ داس دوت وغيره، يگيه جو ڪم ڪندي ڳوڙها ڇو ڳاڙيندا هئا؟ هن ڪري جو يگيه لاءِ جيڪي به جانور ڪُٺا ويندا هئا، سي سڀ غريب ڪسانن کان زوري4 ورتا ويندا هئا، تنهنڪري هو تمام دُکي ٿيندا هئا“.__”کاڻومت ۽ ڪوٽ دنت نالي  ٻن برهمڻن، هڪڙي راجائي مها يگيه لاءِ، ست سئو ڏاند، ست سئو ڍڳيون، ست سئو وڇون، ست سئو وهڙا، ست سئو ٻڪريون ۽ ست سئو رڍون ميڙي اچي گڏ ڪيون“. برهمڻن کي اهڙين مڙسين ڪرڻ لاءِ ته بعضي سڄا ڳوٺن جا ڳوٺ به انعام (ڏکڻا) ۾ ملندا هئا. پر __”عام ماڻهن کي اهي ڳئون وغيره، پنهنجي ڪٽنب جي ڀاتين وانگر ئي پياريون لڳنديون هيون ۽ يگيه ۾ انهن جو انڌن وانگر ڪوس ڪرڻ، کين بلڪل پسند نه هو. راجائون خود پنهنجيون ڳئون ٻليدان ڪن ها، ته سندن داسن ۽ ڪمين کي رو؟ڻ پٽڻ جو ڪو سبب  ئي نه ٿئي ها؛ پر جنهن حالت ۾ اهيويچارا جانور، غريب ڪڙمين کان زبردستي کسيا ويندا هئا، انهيءَ ڪري سندن دُکي ٿيڻ سڀاويڪ هو“. اهو ڄڻ ته ’مِروان موت، ملوڪان شڪار‘ وارو ئي معاملو هو.

ڏن ۽ڏکڻا اڳاڙڻ لاءِ، ڪيئين لوڀي پنڊت ۽ پروهت پاڻمرادو ئي اچي مڙندا هئا ۽ سڄوئي ڪاج ڄڻ ته مٿي تي کڻي بيهندا هئا. انهيءَ ۾ رڳو ڪو وڍ_ٽڪ وارو ڪاسائڪو ڪم هجي ها، ته هوند رواجي ماڻهو به ان کي ڏکيو سکيو، پنهنجي منهن ئي نڀائي وڃن ها. پر انهيءَ سان گڏ جيڪي انوکا ساٺ سوڻ، ڦيڻا ڦند ۽ ٽوڻا ٽيڪڙ هئا، سي ته ’اڌوَريو‘ پروهت وٽ ئي پوشيده هئا ۽ انهن جي استعمال ڪرڻ جو اختيار به فقط پروهت لاءِ ئي مخصوص هو. انهيءَ ڪري برهمڻن جو راجائن مٿان پڻ پرڀاو هو. (اڌورا خدا جو ٿيا!)__ ”ديوتا (gods) ٻن صورتن جا آهن: هڪڙا ته ديوتائون ۽ ٻيا وري برهمڻ (پروهت)، جيڪي وري ماڻهن ۾  ديوتا آهن. برهمڻ ايترو ته ڄاڻن ٿا، جو خود ديوتائون (gods) به سندن وس ۾ آهن“.

کيتيءَ جو ڌنڌو به آريه لوڪن ۾ انهيءَ زماني جي آسپاس چالو ٿيو. انهيءَ سان گڏ اصلوڪو چوپائي مال چارڻ وارو چراگاهي ڌنڌو به چالو رهيو. پر آزاديءَ وارن ايامن جي شڪار جو شغل، هاڻي زراعت جي ذميدارانه ڪاروبار ڪرڻ ڪري، ڪي قدر ڪمتي ٿي ويو. تئتريه سمهتا موجب: بجرويد جي زماني ۾ شڪار ڪرڻ شودرن جو ڪم لکبو هو. هاڻي اتم کيتيءَ جي، اتم ڌنڌي اختيارڪرڻ جو، اتم خيال هنن ۾ اچڻ لڳو. __ ”آريه لوڪن،  هتي جي اصلي رهاڪو اڻ آرين وٽان هاڻي کيتي_واهيءَ جو به هنر سکڻ شروع ڪيو. تنهنڪري ويدڪ سڀيتا جي ’پوئين‘ زماني ۾، کيتي_واهيءَ سان واسطو رکندڙ، ڪيتريون ئي انوکيون ۽ اوپيرون ريتيون رسمون به انهن اختيار ڪيون. انهيءَ ڪير پنهنجين ڪکاين ڪُٽيائن (Huts) ۾، اڳوڻين ريتين ۽ اباڻين  رسمن سان گڏ، وري موسمي ۽ زرعي ڏينهن ۽ تٿيون، ملهائڻ جو پڻ بنياد وڌائون. انهن ۾ ٻيجي پوکڻ، لاباري لهڻ ۽ فصل کڻڻ جي خوشين ملهائڻ لاءِ، ڪيترين ئي نمونن جا ناچ ۽ ڳيت به اختيار ڪيائون، جيڪي اصل ۾ مقامي ماڻهن جوئي ورثو هئا“. هيءَ سڄي ٻني_ٻاري جي ڪرامت  چئبي! هارپ جي هنر هنن هارين کي ٿانيڪو ٿي ويهڻ سيکاريو ۽ انهيءَ سک سانت ئي کين مٿين تجربن لاءِ موقعو مهيا ڪيو.

زراعتي جشن جي باري ۾، اٿر ويد جي ٽئين منڊل موجب: هر سال چيٽ ۽ ڪَتيءَ جي فصلن لهڻ تي ٻه وڏا موسمي يگيه عام  طرح ٿيندا هئا. اهڙا عوامي  ساليانه يگيه (ميلا) ۽ ڌاما به وڏيءَ ڌوم ڌام سان ٿيندا هئا، جن ۾ سڄي4 ديهه جا زميندار ۽ وڏيرا  اچي مڙندا هئا. ٻانڀڻ ۽ پروهت پڻ پنهنجو مکيپڻو پڌرو ڪرڻ لاءِ وچ ۾ هوندا هئا.__ ”سندن جيڪي جنتر منتر ۽ ٽوڻا ڦيڻا هوندا هئا،  انهن سان عام خلق جي ته ڪا به دلچسپي ڪانه هئي ۽ نه وري انهن کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ به ايندي هئي، تنهن کانسواءِ پنڊتن  جون اهي پوڄائون پيچيديون، لنبيون،  ٿڪائيندڙ ۽ ڪڪ ڪندڙ هونديون هيون. تنهنڪري اٻوجهه عوام جي ايڏي ساري ڌڻ کي ڌتارڻ ۽ انهن جي اکين ۽ ڪنن کي وندرائڻ لاءِ ناچ ۽ ڳائڻ جي کوٽ کي پنڊتن خود به محسوس ڪيو“

“The congregation…. Was not able to follow all the details, and  at times the proceedings must have been rather wearisome. So in order to keep their  flock interested, the early priests sought to please bothe the eye and the ear by introducing singing and dancing.”

        پر انهيءَ کوٽ جي پورائي لاءِ پڻ، پنهنجن پراڻن  ڏيهي ڀائرن جي واهر واسطي واجهائڻ کان سوا3،  في الحال ته ٻيو ڪو وسيلوئي ڪونه هو. پراڻا  جاتي ڳيا، جيڪي هتي جا آدي، جڳادي_ ڳيت هئا، سي ايڏن انقلابن اچڻ کان پوءِ به مٽجي نه سگهيا. عوامي ڳيت هئڻ ڪري، اهي ايتريقدر تغير پذير هئا، جو پنهنجي اندر سدائين جدت سمائيندا رهيا.__ ”جاتي_ڳيا هر زماني جي سڀني  ڦيرين گهيرين سان موافق ئي رهندا  پئي آيا“. ساڳيءَ طرح گرام_ڳيا پڻ هئا.

__”هتي مقامي ڳائڻ  مان، اسان کي پهريون ئي دفعو ڌرمي_ٻول، ’ديسي ڳيت‘ ۾، مذهبي تنوار سان معلوم ٿين ٿا. خود رگ ويد جي رچائن کي به انهن ’پراڪرتي‘ ڳيتن مان ئي پنهنجو سُيرلپڻو حاصل ٿيو. رگ ويد جو به ساڳيوئي متن، مختلف موقعن تي، مٽيل طرزن ۾ آزمايو ۽ ڳايو ويو.... ته رگ ويد جا اصلي لفظ ڇو مٽائي يا رد ڪري، انهيءَ ’ديسي‘ ڳيت سان ڳنڍي، مخلوط ڪيا ويا؟ انهيءَ جو فيصلو ڪرڻ ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي!... ۽ هي تمام قديم ۽ بلڪل ئي پنهنجي نموني جا ڳيت هئا، جيڪي اول سڀ جا سڀ  آرين اختيار ڪيا ۽ پوءِ انهن کي پنهنجي تعميري مقصد لاءِ پڻ ڪتب آندو...  ته پوءِ انهيءَ ’ڳائڻ ‘ جي اصليت ۽ ذريعو ڇا هو؟ ۽ سو آرين  جي روايتي  ڳيتن ۾  ڪيئن ۽ ڇو داخل ٿي گڏجي ويا؟“ ؟ مٿئين سوال جو جواب پڻ پنڊت  گوسوامي پاڻ ئي ڏنو آهي ته ”دنيا جي ٻين به ڪيترين ئي قديم قومن جي (سنگيت جي ) تاريخ ۾ اسين ڏسون ٿا ته دنياوي دستور جا به ڪيترائي ڳيت ڌرمي روپ وٺي، ڌرمي ڪارج لاءِ ڪم آيا آهن ... ويندي ڪن آلاپن مان ننڍا ٽڪا ڪاٽي به، ڌرمي رچائن ۾ جوڙيا ويا آهن .... اهڙا پراچين لو ڪ ـ ڳيت اسان جي به نگاهه ۾ آهن . مثال جي طور تي، اسين ڊچ لوڪن جا ’ميسو‘ (Messo) وٺون ٿا، جن جو بنيادي مقصد نج دنياوي ڳيتن وارو هو “ انهيءَ اقتباس مان ، آرين کي نه فقط عوامي ڳيت اڌارا کڻڻ لاءِ جواز ڳولي ڏنو ويو آهي، پر انهيءَ کان الڳ، هيءَ ڳالهه پڻ پڌري ڪئي وئي ويئي آهي ته يجر ويد واري زماني تائين به آريا لوڪن انهيءَ ميدان ۾ ڪا اڃا خاص ڪاميابي حاصل نه ڪئي هئي .البت يجر ويد کان پوءِ جيڪو سوم ويد وارو زمانو آيو، تنهن ۾ ئي وڃي ڪو ’سامن‘ جي ٻرندڙ گونج غوغاءُ ٻڌڻ ۾ آيو .    

سام ويد هن سلسلي جو ٽيون پستڪ آهي ، جيئن مٿي بيان ٿي آيو آهي. هيءُ خاص طرح ’سامن‘ وارو دور يعني سر ۽ ڳيت جو زمانو هو . يونان جي مغني اعلى ، حڪيم فيِثاغورث جي هند ۾ اچڻ جو به اهو ئي زمانو (7.5 ق. م.) هو . چين جي خاموش فضا کي گونجائڻ لاءِ به ، ڪنفيوشس هن ئي زماني (551 ــ 478  ق.م.) ۾ سهارو ڏنو . ڀرت برهما جو به اهو ئي زمانو 500 ق.م ؟) هو . هن زماني جو ’ادگاٿ‘ ۽’اڌ وريو‘ ٻئي، ڳيت ڳائڻ ۾ ايڏو ته رڌل آهن، جو انهيءَ کان اڳ ۾ اسان کي اهڙو گمان به ٿي نٿي سگهيو . انهيءَ ڪري ئي اها ڳالهه اڄ تائين مشهور آهي ته ’هند ـ سنڌ ۾ سگيت ۽ ڳيت يعني شعر ۽ موسيقيءَ جي تاريخ ئي سوم ويد سان شروع ٿئي ٿي .‘ جيئن خود اسين به عام طرح سان اهوئي ٻڌندا ٻڌائيندا پي آيا آهيون .هن باري م هندستان جي هڪڙي هاڻوڪي تعليم يافته پنڊت ، پروفيسر گوسواميءَ جا ڪي اقتباسات هتي پيش ڪجن ٿا ،جن مان وڌيڪ حقيقتون معلوم ٿينديون ۽ سندس تحقيقاتي نظرين مان پڙهندڙ خود به  ڪو نه ڪو نتيجو ڪڍي وٺندا .

انهيءَ سلسلي ۾، ”ٻيو مک دور سامن يعني سر يا ڳيت (tune) جو زمانو آهي . انهيءَ  زماني م ئي سام ويد تصنيف ٿيو ، جنهن کي هندستاني سنگيت ۽ ڪوتا جو منڍ مڃيو وڃي ٿو. هن جو گهڻو تڻو مواد رگ ويد مان ئي ورتو ويو آهي ، جو يا ته اٿلائي پٿلائي ابتو سبتو  Alter) (   ڪيو ويو آهي ، ياته ڇڪيتائي انگهايو   (Exponded) ويو آهي .سو محض انهيءَ لاءِ  ته ان کي ڪا مناسب ترتيب ڏيئي ، ادگاٿ ۽  اڌ وريو جي آلاپڻ واسطي آسان بنائي سگهجي .... هن ۾ هيٺ مٿي جي ٽن آوازن يا سرن ۾ ڳائڻ ٿيندو هو ، جنهن کي ’ساميڪا ‘دور سڏيو ويو  آهي “.

 ساميڪا وارا ساڳيا ئي ٽي سر، گفتگو ۾ به  عام طرح سان استعمال ٿيندا آهن . رواجي  بحث مباحثي ۾ ڪوبه سوالي جملو ، چڙهيل آواز (اُداته) سان ئي شروع ٿيندو آهي. مثال ؛ ڪهڙو شاعر سمنگ چارڻ کان اڳ جو آهي؟ هن جملي ۾ ’ڪهڙو‘ لفظ ، عام آواز جي آستان پنج  پتيون    Microtones اوچو اڀريل آهي. اهڙيءَ طرح رواجي ۽ جوابي جملي جي وري پڇاڙيءَ وارو لفط، يعني فعل، آواز جي معمولي معيار کان به هيٺتي ڍري ايندو آهي. مثال: سمنگ کان اڳي ڪو به شاعر معلوم نه ٿي سگهيو آهي. هتي وري ’آهي‘، جملي جو فعل، سُر جي سرسري سطح کان ٽي درجا، هيٺتي ڪريل (انوداته) آهي. گفتگو جي وچولي يا عام آواز کي وري سنسڪرت ۾ ’سُر‘ چئبو آهي.  پراجننه نندسامي به لکيوآهي ته: اُداته، انوداته ۽ سوريته آواز جا اهي ٽي ئي ڏاڪا عام گفتگو ۾ به هوندا آهن. سر جا اهي ساڳيائي ٽي درجا سامن ڳائڻ ۾ به ڪتب ايندا هئا انهيءَ زماني تائين ممڪن آهي ته اصلي سنڌين جا به ڪي ٽن سرن وارا سادا ۽ عوامي ڳيت اڃا هلندڙ هئا ۽ سامن، اول انهن سادن ڳيتن جي طرز تي ئي شايد آزمايا ويا هجن!

ــ ”انهيءَ زماني ڌاري وري نوان جاتي ــ راڳ به نمودار ٿيا، جن جو واسطو ناچ ۽ ناٽڪ يعني سانگ سان هو، برهما ڀارت ۽ سداسو ڀارت نالي ٻه وڏا سنگيتڪار به ، انهيءَ زماني (500 ق، م؟) ڌاري پيدا ٿيا“ . ـ ”سامن، جيڪي ٽن سرن ۾ ڳائبا هئا، تن سان گڏوگڏ، ٻيا ’اصلي ڳائڻ‘ يعني بنيادي  ڳيت پڻ هلندڙ هئا. هن معمولي معلومات جي بنياد تي، جا اسان کي حاصل ٿي سگهي آهي؛ انهن جو ۽ سام ويد جو پاڻ ۾ لاڳاپو صاف نه آهي. انهن جي اري ۾ جيڪي ڪجهه چئي سگهجي ٿو، سو سڀ ايترو آهي ته اهي ڳيت ’پراڪرتي‘ يعني ديسي ڳائڻ جو هڪ سهيڙيل گنج هو، جنهن جون طرزون سامن جي ڳائڻ لاءِ آزمايون وينديون هيون. اهڙي ڳائڻ ۾ ويدن جا الفاظ ڇنڊيا، انگهايا، دهرايا ۽ خارج ڪيا ويندا هئا ۽ اهي اڪثر ايترو ته ڦيرايا ويندا هئا، جن جو ڪو مطلب ئي نه رهندو هو!.... هن لاءِ اهو جواز هو ته سامن جي ڳائڻ ۾ معنيٰ جي بجاءِ سُر کي ئي فوقيت هئڻ گهرجي. (جيئن برهه ديشيءَ ۾ ماتنگ به مڃيو آهي) ۽ ائين مڃي ويندو هو ته اهي الفاظ ، ڳائڻ جي ڪرامت ڪڍيو ڇڏين، طبيعت بگاڙيو ڇڏين، ۽ دل جو سڄو لڳاءُ ٽوڙيو رکن“ مٿي ذڪر ڪيل اهي عوامي ــ ڳيت، ــ ”نج ديسي بنيادن تي ٻڌل هئا ۽ خالق مقامي طرزن ۾ ڳائبا هئا، سي تقابلي حصو تسليم ٿيا. خود برهما به انهن  ئي ڳيتن کي قبول ڪيو هو، جن جي مخلصانه پيشڪش به ڌرمي لاڀ خاطر هئي“.

مٿئين احوال مان معلوم ٿيندو ته فراخدل آريه ، ڏيهي ماڻهن سان ايتري قدر کيرکنڊ ٿي رهيا هئا، جو دسيه ۽ شودر لوڪن جي ڳيتن کان به، ڪا ڇوت ڇات نه رکندا هئا .انهيءَ ڪري هاڻي ــــــ ”سامن توڙي ’ديسي ڳائڻ‘ (ڳيت)، ٻئي ڌرمي مڃيا ويندا هئا ، جن جو پوڄا سان خاص لاڳاپو هوندو هو. انهن جو مک مقصد، سوم ٻوٽيءَ جي پوڄا ڪرڻ ئي هو. سوم ٻوٽيءَ جو گهوٽڻ ،ڇاڻڻ ۽ اهو رس ديوتائن کي آڇڻ وغيره، اهو سڄو لاڳيتين رسمن جو هڪڙو ڊگهو سلسلو هوندو هو، جنهن ۾ تمام گهڻو جتن ڪندا هئا.  پر سڀني رسمن ۾ جيڪا مکه ڳالهه هئي، سا  انهيءَ ٻوٽيءَ جي رس پيئڻ واري هئي . ڇو ته ائين وسهندا هئا ته انهيءَ ٻوٽيءَ جو اثر انسان کي ديوتائن سان ملائي هڪ ڪريو ڇڏيو . سام ويد اسان کي  ٻڌائي ٿو ته ’انهيءَ موقعي جا ڳيت جيڪڏهن ٺيڪ طرح سان ڳائجن، ته انهيءَ پيالي جو اثر به جادوءَ جهڙو ٿيندو‘، ۽ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته ’سکو پيئڻ مهل  ماڻهو (صدائون هڻندي)، ڪوئل ،مور، بدڪ ۽ ٻين پکين جهڙيون لاتيون لوندا هئا  . ڪي ٻيا وري انهيءَ مل، ڏيڏرن  وانگر  ٽانٽان ، ٻڪريءَ واريون  ٻيڪون، گانءِ   جهڙيون رنڀون  ۽ بگهڙن  جهڙيون  اوناڙيون   وغيره ڪندا هئا‘.اهي پکين ۽ جانورن  جهڙا آواز پوءِ ’اسٽوڀا‘ (ستوها) سڏيا ويا  . انهن  ۾ مختلف قبيلن جا ماڻهو مليل معلوم ٿين ٿا“. انهن  پيالي ڀائن  جي   مٿينءَ ٻاريءَ جو تصور ڪرڻ سان اندازو ڪري سگهبو ته اهو موقعو سندن لاءِ بي انتها خوشيءَ جو لمحو هو، جنهن ۾ هو اهڙا ’هوڪا‘ هڻي پنهنجي دل هلڪي ڪندا هئا . ڊاڪٽر راگهوان Dr:v, Raghvan)) سندس ڪتاب ’پراچين ساهتيه ۽ سنگيت ‘(Music in  Ancient literature) ۾ وري انهن  خوشطبعي وارين تفريحي ـــــــ صدائن جي باري ۾ لکيو آهي ته ”سام ويد جو اصلي متن ڳائيندي، ڪي ڳائڻا (ادگاٿ) وچ ۾ هڪڙا بي  مطلب ۽ واڌو الفاظ عام جام ڪم آڻڻ لڳا . جيئن ته هيم’، ڀاو، آو ،اي، هو وغيره، جن کي پوءِ ’اسٽوها‘ (ستوڀا) چيو ويو. سام ويد ۾ اهڙا سوين الفاظ اڃا تائين موجود آهن“ (35) . اندازو آهي ته اهڙا بي مقصد، فاتو ۽ زائد الفاظ، رڳو سامن کي آزاديءَ سان ڳائڻ ۽ انهن ۾ پنهنجي سر جي ڪنهن سهنج ڳولڻ لاءِ آزمايا ويندا هوندا . هيئن به آهي، ته اهي منتر اصل ۾ هئائي رواجي نثر  ۾ ، جيئن اڳيئي بيان ڪيو ويو آهي، تنهنڪري سر جي انداز ۾ پورائي  بيهارڻ لاءِ، اهڙا بي مطلب گفتا ڀرتي ڪيا ويا هجن ،ته جيئن ڳائڻ جي گهرج پوري ٿي سگهي .

معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ سلسلي جون اهڙيون ائين ٻيون ڪوششون به هر وقت ٿينديون پئي رهيون آهن، جن ۾ ويدن جا اصلوڪا الفاظ هر زماني ۾ ڊانوان ڊول ٿيندا پئي رهيا آهن، جيسين انهن جي جهيل وڃي ڪا تسلي بخش صورت وٺي بيهي. اهڙيءَ طرح ـــ ”ويدڪ رچائن يا منترن جا اصلي الفاظ ڇانٽڻ، ترڪ ڪرڻ، دهرائڻ، وڌائڻ، مرورڻ ۽ ڦيرائڻ ڪري ،اهي مورڳو سڃاڻپ کان ئي ٻهر ٿي ويا !... هيءَ تمام حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه آهي ته پاڪ ڌرمي ڪتابن ۾ اهڙي ڇنڊڇاڻ، گيهل، دهرائن ۽ گم ڪرڻ کي، بجاءِ اعتراض جوڳي ۽ ناجائز هٿ چراند ٺهرائڻ جي، هٿئون اهڙيءَ حرڪت کي ڳائڻ خاطر ضروري سمجهيو ويو“. مطلب ته ويدن جي ٻوليءَ ۾ اهڙو مونجهارو سام   ويد سوڌو نه رڳو جاري رهيو، پر اهو ويتر وڌندو به رهيو . ويچارن ويدن سان اهڙي لاڳيتي ويڌن چالو رهڻ ڪري ، ڪن منترن ۾ ته سواءِ سرسان اچارڻ جي ،نه ٻي ڪا معنى هئي ۽ نه وري انهن جو ڪو مفهوم ئي رهيو ! سام ويد جي زماني تائين سنسڪرت جي شروعاتي شاعريءَ  جو ڪهڙو معيار هو؟ انهيءَ جو اندازو به انهن اُهڃاڻن مان ڪري سگهبو . 

هتي سوم يگيه جي سڄي ڪارروائي ۽ پوري ڪارگذاري کولي سمجهائڻ ، جيتوڻيڪ بي موقع نه آهي، پر مقالي جو ميدان ايڏيءَ ٽنگ پکيڙ لاءِ ڪجهه ڪوتاهه آهي. وڌ ۾ وڌ، سامن، ڳائڻ جي طرز طريقي جو مختصر خاڪو، نموني خاطر ڏيئي سگهبو. اڳي بيان ٿي آيو آهي ته اهي سريلا سامن، جيڪي منتخب منتر هئا، سي ڀريءَ ڪچهريءَ ۾ ڳاهن وانگر واري وٽيءَ تي ڳائيندا هئا. اهڙي واري ورهائڻ ڪري، هر هڪ سامن ۾ ٻه ـ چار ڄڻا ڀاڱي  ڀائيوار ٿي سگهندا هئا. ـــــ ” پهريون ڳائڻو فقط ’هنڪار‘ (Himkar) ڪندو هو. ٻيو سگهڙ مکيه تُڪ (Udgita) شروع ڪندو هو. ٽيون ڳهير وري انهيءَ تڪ جي ٻيهر جهونگار (Prastva) ڪندو هو . چوٿون وينجهار (Pratihar) وري به ساڳيءَ تڪ کي دهرائيندو هو، ۽ نڌان ۾ سڀيئي گڏجي ’پرانوا‘ يعني ڊگهي هونگار (Omkara) ڪندا هئا“. آرنو لڊبيڪ (Arnold bake) وري پوءِ جو منظر وڌيڪ چٽو ڪري لکيو آهي ته “ سامن ڳائڻ لاءِ پوءِ ٽي پر وهت هوندا هئا، جيڪي هڪڙي ئي سامن  جا ست انگ ڪري، واري واري سان ڳائيندا هئا يا ڀائيوار ٿي ڳائيندا هئا . مکه پروهت، جيڪو گويا سامنب جو سائين هوندو هو، سو ’ادگاتر‘هو. انهيءَ سان گڏ سندس ٻه سيکڙاٽ  ٻالڪا، هرهڪ ’پرستوتر‘ ۽ انهيءَ جي پٺيان ’پرتي هر‘ وري سر جهلائو ٿي ويهندا هئا. شروعات يعني ’هونگار‘ (اومڪارhumkara =) ٽيئي گڏجي ڪندا هئا . پوءِ پهرئين ٻالڪي پرستوتر جو وارو ايندو هو، جيڪو اول’پرستو‘ (ٿلهه) چوريندو هو . هاڻي مکيه مصرع يعني خاص تُڪ (ڪيَلي) وڏو پروهت (ادگيتا) پاڻ سر تنواريندو هو. پوءِ ننڍو چيلو (پرتي هر) اها ساڳي ڪلي دهرائيندو هو. وري به مکه ڳائڻو پنهنجي تڪ پڙهندو هو . آخر ۾ ’نڌان‘  پويون پد ٽيئي گڏجي ڪڇندا هئا . پڇاڙيءَ جو سڀ جا سڀ گڏجي ، پران يعني اوم ساڳئي سر (chorus)۾ هونگاريندا هئا ۽ سامن ختم ٿيندو هو“ (واه سائين واه!) ” سامن ۾ لئي رکن لاءِ جهولندا هئا ۽ ڪنڌ به ڌوڻيندا رهندا هئا ته تال قائم رهي“ (1) . سام ويد کان گهڻو پوءِ ــ ”مهاڀارت واري زماني (ٽين صدي ق. م .) ۾ وري لئي تال کي  پورو بيهارڻ لاءِ  تاڙيون وڄائيندا هئا“. انهيءَ جي معنى ته سامن سان گڏ ساز وڄائڻ اڃا  اُهي نه سکيا هئا . ڊمبرو ۽ ويڻا وغيره ، سامن سان پوءِ شامل ڪيا ويا. ــــ ”ادگاتر پاڻ خود ويڻه وڄائي نه ڄائيدو هو . تندن کي ڇهى .... ٻئي ڪنهن کي مضراب کڻي ڏيندو هو ۽ کيس وڄائن لاءِ  چوندو هو“. مٿين سڀني حقيقتن مان جيڪو نتيجو نڪري ٿو، سو پروفيسر گوسواميءَ هن طرح لکيو آهي : 

”اسان جي ڳيت ـ سنگيت جي شروعات اجها اهڙي سڌي سادي آهي - جنهن ۾ پوءِ سڌارو ۽ واڌارو ٿيندو رهيو آهي . منڍ کان وٺي جيئن اڳتي وڌجي ٿو ته اسان کي پوءِ ڪٿي به ’ڌرمي ‘ سامن جي ڳائڻ واري مشابهت وري مشڪل سان ئي نظر اچي ٿي . پر اسان جا قديم توڙي جديد مصنف ، تڏهن به ، هيءَ ڳالهه لاڳيتو دهرائڻ ۾ نه ٿڪا آهن . ته ’ڳائڻ ــ وڄائڻ ۽ ڳيت ــ سنگيت جو سارو هنر سام ويد  منجهان ئي نڪتو آهي .‘اهڙيءَ غلط بيانيءَ جو سبب هيءُ آهي . ته جئين ٻئي هرهڪ هنر، فن ۽ فڪر لاءِ ِ فرض ڪيل آهي ته ’هو ويدن مان نڪتو آهي،‘ تيئن ڳائڻ يا ڳيت جو بڻ بڻياد  به، جرتو ۽ وهمي ڏندڪٿائن جي آڌار تي، ڇڪيتاڻي وڃي ويد سان ڳنڍيو ويو آهي . سو فقط آرين جي فرض ڪيل ملوڪت ۽ سگهڙپائيءَ کي مٿانهون مڃڻ لاءِ اهڙا افواهه اٿاريا ويا آهن . آرين جي سر تي اڻ آرين جو اخلاقي ، تهذيبي، تمدني ۽ فني، جيڪو به قرض چڙهيل هو، انهيءَ کان آسانيءَ سان الي وڃڻ ، فقط اهڙين منگهڙت ڪهاوتن دوران ئي ممڪن هو“.

“Such is the development of Indian music from its humble beginnings .as we proceed further we hardly find in it any semblance of the  liturgical music of saman, though our musicologists, both ancient and Modern have never failed to repeat that the Saman is the source of all Indian music. The reason for such a statement is that like ‘all other systematized thought, music too by a fictions genealogy traced its descent from the Vedas only for maintaing the fiction of the superiority of Aryan thought’By This fiction alone it was possible to forget conveniently the debt the Aryans owed to the non for their musical knowledge and practice.

پنڊت مهراج گوسواميءَ جي هن هيٺ ايندڙ  اقتباس منجهان اڃا به اصلي حقيقت کلي ظاهر ٿيندي. ــ پاڪستان جي جهڙيءَ طرح ٻين سڀني تهذيبي ۽ تمدني ڳالهين ۾، اڻ آريائي ڏات ۽ ڏاهپ  جون سونهري تندون، آريائي معاشري جي تاڃي ــ پيٽي ۾ آرپار اُڻيل آهن؛ تهڙيءَ طرح شعر ۽ موسيقيءَ جي معاملي ۾ ته اها اڻت اڃا به اڳري آهي. پر انهيءَ اڻت ۽ ميلاپ ۾ پڻ انهيءَ جو ڊول ۽ ڍنگ اڃا به الٽ پلٽ ڪيو ويو آهي. بنيادي ڳالهيون (سر، تار، ڇند ۽ پد وغيره) جيڪي سڀ اڻ آرين کان حاصل ڪيون ويون، انهن کي آريائي ٻوجهه سان ڀچائي بيهارڻ، لاءِ، اڪثر ايڏو ته هيٺ مٿي ڪيو ويو، جو انهن کي پوءِ ڌڻي به نه سڃاڻي سگهن! اهڙي چبي ڪيل وٿ اڳو پوءِ ڦٻائڻ لاءِ، ان جي مٿان پوءِ آريائي رنگ اهڙيءَ طرح ٿڦيو ويو، جو اها اصل آرين جي ئي تخليق ڏسڻ ۾ اچي. شعر ۽ موسيقيءَ جي تاريخ، انهيءَ  ڪري آريه لوڪن جي اچڻ کان وٺي، ويندي اسان جي قريبي زماني تائين به، انهيءَ چب، ڦٻائڻ ۽ هضم ڪرڻ جو ئي داستان آهي، جنهن ۾ ڪئين صديون لڳي ويون آهن.“

“As in the case of other branches of Indian Culture in music too non Aryan threads have been interwoven with the woof of Aryan genius. This assimilation and harmonization have taken defferent shapes and froms. Often the elements borrowed have been re_shaped beyond recognition to fit into the Aryan Culture –pattern: to make the  usurpation complete Aryan colour was given to them in such a manner as to seem original Aryan contribution. The history of Indian music from Aryan invasion to our days is thus the history of this assimilation, appropriation and Indianisation through the long centuries”

        سام ويد ۽ سوم سنگيت کان سواءِ، وري وياڪرڻ وغيره تي به آڳاٽن ويد ودوانن جو اول ئي ڌيان رهيو آهي. هتي هيءَ ڳالهه به سوچڻ جهڙي آهي ته سڄيءَ دنيا ۾ گرامر جو علم، اول هندستان  ۾ ئي چالو ٿيو! ۽ هندستان ۾  وري ٻين سڀني علمن کان اڳي، گرامر جو ئي علم اسريو، تنهن جو ڪارڻ ڪهڙو؟ خود يونان، جيڪو قديم دنيا جو اوائلي علمي مرڪز هو، اتي به هيءُ علم گهڻو دير سان يعني پنج ـ ست صديون پوءِ، عيسوي سن شروع ٿيڻ سان چالو ٿيو. پر انهيءَ جي شروعات لاءِ به ته لازمي سبب هئا. ايران جي عظيم الشان سلطنت ۽ متمدن مملڪت سان، صدين تائين سندن سياسي ٽڪراءُ ۽  جنگي مقابلو هليو. سندن اهڙوئي پلو رومي شهنشاهت سان به اٽڪيو. اهڙن مخالف ۽ مقابل ملڪن مان، ڪثير تعداد جنگي قيدين ۽ گڏ ڪيل غلامن جو انتظام ڪرڻ، جاسوسن ۽ راڄڌوتن جو مناسب بندوبست رکڻ، حريفن سان صلحناما ۽ عهدناما ڪرڻ ۽ سفارت توڙي تجارت وغيره جي لاءِ مخالف قوم جي زبان سمجهڻ، هنن لاءِ سياسي مصلحت کان اشد ضروري امر بڻجي پيو. حريف جي ٻوليءَ جو منهن مهانڊو جاچڻ ۽ انهيءَ جو ڊول ڍانچو پنهنجي ٻوليءَ سان ڀيٽڻ ڪري اول آزمائشي قسم جا ابتدائي اصول اُسريا. گرامر جي اهڙيءَ اوسر لاءِ سياسي سببن کان سواءِ مذهبي معاملو به مُک محرڪ بڻيو. يونان ۽ اٽليءَ ۾ عيسائي مذهب جي اچڻ، ۽ عبرانيءَ يا سريانيءَ  جي بجاءِ، اٽالين ۽ يوناني  ٻوليءَ ۾ انجيل جي اشاعت ٿيڻ ڪري، ڪن ڪليسائي عالمن جو پڻ ٻوليءَ جي اڀياس ڏانهن، علمي طرح سان به توجهه ٿيو. اهڙيءَ طرح رومي لوڪن به، پوءِ پنجين ــ ستين صدي عيسوي ڌاري، يونانين  جي ريس تي، عبراني، سرياني ۽ يوناني  ٻولين سان خود پنهنجي ٻوليءَ جو سانچو ـ ڍانچو ڀيٽيندي، ڪي بنيادي قواعد ۽ قانون ڳولي ورتا. مطلب ته غير زبانن جي سمجهڻ ۽ سکڻ لاءِ، انهن جي درميان علميءَ طرح ڀيٽان ڀيٽي ڪرڻ سان، گرامر جا قانون ۽ اصول نروار ٿيا. گرامر جي حقيقي ضرورت آهي ئي انهيءَ ڪارڻ لاءِ، يعني هڪڙي ٻوليءَ جي قانون ۽ قواعد جي آڌار تي، ٻي ٻولي سمجهڻ، سکڻ ۽ سيکارڻ.


(1)  شري ڌرمانند ڪوُسمجي: ”ٻڌ ڀڳوان“، ص 294.

(2)  شري ڌرمانند ڪوُسمجي: ”ٻڌ ڀڳوان“، ص 297

(1)  شري ڌرمانند ڪوُسمجي: ”ٻڌ ڀڳوان“، ص 295.

(2)  Rig Ved. Prof: Adolf Kaegi. P. 32 and foot note No: 1I0. P. 128.

(3)  ڀيرومل: ”قديم سنڌ“ ص 189.

(1)  Prof: O. Gosvami: The story of Indian Music. PP. 11, 12.

(2)  ڀيرومل: ”قديم سنڌ“ ص 467.

(1)  Prof: O. Gosvami: The story of Indian music. P. 5.

(2)  Swami Prajnanananda: Historical development of Idian music. P. 72.

(1) Prof: O. Gosvami: The story of Indian music. P. 16.

(2) Prof: O. Gosvami: The story of Indian music. P. 17.

(1) Prof: O. Gosvami: The story of Indian music. P.5

(1) Swami prajnananada: Historical Development of Indian Music P.64

(2) Swami prajnananada: Historical Development of Indian Music P.67

(1) Prof: O. Gosvami: The story of Indian music. P.14.

(2) Prof: O. Gosvami: The story of Indian music. P.21.

(1) Prof: O. Gosvami: The story of Indian music. PP. 15,16.

(1) Prof: O. Gosvami: The story of Indian music. P.14.

(1)  Prajnanananda: Historical development of Indian Music, pp. 72,73.

(1)  Swami Prajnanananda: Historical development of Indian Music, p. 418

(2) Swami Prajnanananda: Historical development of Indian Music, p.339

(3) Swami Prajnanananda: Historical development of Indian Music, p.372

(1)  Prof: O. Gosvami: “The Story of Indian music” P. 78

(1) Prof: O. Gosvami: “The Story of Indian music” P.69.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com